تھذيبون ۽ دقيانوسي آبپاشي نظام
هاڻي شيون ابتيون آهن، پاڻي مڪمل طور تهذيبن ۽ آبادين جي چوڌاري خاص ڪري پنھنجن علائقن ۾ گھيرو ڪيو بيٺو آھي. انتظاميا، فني ڄاڻ، ٽيڪنالاجي، ڪرپشن ۽ طبقاتي ڍانچا ان صورتحال تي وائڙا لڳا پيا آھن. ٽيڪنالاجيءَ ابتو ڪم ڪيو آهي، اجگر درياهن تي ڊيم اڏي، بيابانن ۽ رڻ پٽن کي مٿين طبقن لاءِ سيراب ڪري، بئراجون ڪڍي، ٻوڏن جا بند ٻڌي، لنڪ ڪئنالون ٺاهيون ويون آهن وهندڙ دريائن کي بندن جو قيدي بڻائي ڇڏيو آھي. جيڪو درياهه چاليھه ڪروڙ سالن کان وھندو رهيو آهي، ٻوڏن کي روڪڻ جي ھينئر تائين ڪو به جرئت ناهي ڪري سگھيو. ان حقيقت جي باوجود ته درياهه تي ٻه ٽي وڏا ڊيم ٺهيل آهن، پر اهي ڊيم ٻوڏن کي روڪڻ واريون اڏاوتون نه آهن ۽ شايد مشڪل سان ڪجهه ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪري سگهن ٿيون. رڳو مون سون ۾ ساليانو پنجھٺ کان پنجھتر سيڪڙو پاڻي وھي ٿو توڻي روڪڻ جا ڍانچا نه آهن نه ئي ڪو زلزلا پروف اسٽرڪچر آهن. فرض به ڪجي ڊيمون پاڻيءَ سان ڀرجي به وڃن ته به درياهه ٻوڏون پيدا ڪندو. 1992ع ۾ ٻوڏن دوران منگلا ڊيم جي اڏاوت کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ دروازا سواءِ ڪنهن الرٽ جي کوليا ويا ھئا، جنهن سبب هڪ هزار ماڻهو موت جو شڪار ۽ چاليھه لک ماڻهو متاثر ٿيا ھئا. 2010ع ۾ ٽوڙھي بند کي ھٿراڌو گھارو، سکر بئراج کي بچائڻ هو. ڊيمن جا فائدا ھجن ھان ته عقلمند دنيا وارا انهن وڏين اڏاوتن کي ڀلا ھٿ وٺي ڇو ڊاهن ھا؟ گذريل ويھه سالن ۾ رڳو آمريڪا ۾ لڳ ڀڳ يارھن سو ڊيمن کي پراڻيون ۽ غير محفوظ اڏاوتون سمجھي ڊاٿو ويو آھي. ڊيمن جا نقصان پنهنجي جاءِ تي پر اھي ٻوڏن ۽ زلزلن کان پاڻ بچائي نٿيون سگهن الٽو اهي ٻين آبادين لاءِ خطرناڪ ٿي وڃن ٿيون. جڏهن ته ڊيمن ۾ تيزيءَ سان واري ڀرجڻ ڪري پنهنجي گنجائش ۽ صلاحيت تيزيءَ سان گھٽائين ٿيون. ڊيمون، بئراجون يا ٻوڏ روڪڻ جا بند قدرتي ڍورن ۽ ڍنڍن، ننڍن وڏن جيوتن ۽ جھنگن کي زمين جي مٺي پاڻيءَ جي قدرتي ۽ فطري نظام کي متاثر ڪن ٿيون. پاڻيءَ جو فطرتي نظام اونهاري ۾ پاڻي جذب ڪري ۽ خشڪ مھينن ۽ سالن ۾ استعمال ڪرڻ لائق بڻائي ٿو. پاڻيءَ جو اهڙو نظام ٻوڏن، سخت مينهن ۽ بارشن کي جذب ڪرڻ جو فطرتي نظام آهي گذريل ٻه سو سالن جي ٿوري عرصي لاءِ پاڻيءَ جا ڊيم ڪئنالون ۽ بئراجون ٺاھي ندين جي آسپاس زمين کي خشڪ رکي پاڻي ڦيرائي فصل پيدا ڪرڻ چڱو پيداواري عمل ليکيو ويندو رھيو آهي، هيٺاهينءَ وارن علائقن ۾ ٻوڏ جا بند ۽ ٻيو اسٽرڪچر ٺاھڻ پڻ چڱو ڪم سمجھو ويندو رھيو آهي. پر ڊگهي عرصي ۾ چاليھه ڪروڙ سالن کان وهندڙ درياهه کي محدود ڪرڻ فطرتي تباهيءَ کي دعوت ڏيڻ آهي ندين جي اندر واري ڀرجي وهڪري جي صلاحيت کي متاثر ڪري ٿي. درياهن جي پيٽن ۾ انساني آبادڪاريون پڻ وهڪري جي صلاحيت کي گهٽ ڪري ٻوڏن کي منهن ڏيڻ يا پاڻي جذب ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي ويهن ٿيون. درياهن جا پيٽ، واريءَ سان ڀرجي وڃڻ ڪري بئراجن ذريعي پاڻي ڦيرائي چينلن ۽ ڪئنالن جا وهڪرا متاثر ڪري نتيجي ۾ عام رواجي ٻوڏون بند ٽوڙي وڃن ٿيون. هر ايندڙ ٻوڏ (1720ع، 1976ع، 2010ع ۽ 2022ع) پنهنجن نتيجن ۾ مختلف آهي. هن ڀيري ٻوڏ گهڻي عرصي ۾ بهار جي موسم ۾ پيدا ٿيندڙ گهڻي گرميءَ جي ڪري سامونڊي پٽيءَ ۾ ٿي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ گرميءَ جي لهر ۾ اضافو ٿيو، بادل ٺهڻ ۽ ساحلي علائقن ۾ برسات پئي، جنهنڪري ڪناري جي ساڄي پاسي ٻوڏ آئي. يقيناً بلوچستان مان وهندڙ پاڻيءَ جي وڏي دٻاءَ کي روڪڻ لاءِ اڏيل بند ۽ ڍنڊون ناڪافي هئا.
حڪمرانن کي نه ڪو تاريخ جو شعور آهي ۽ نه ئي انهن ڪڏهن جاگرافيءَ کي سمجهڻ جي زحمت ڪئي آهي نه ئي وري بيٺڪي زماني جي آبپاشي نظام کي ٻيهر جاچڻ جي ضرورت محسوس ڪئي آهي.
ٽيڪنالاجي، ٻاهرين امدادن ناڻن ۽ ترقين جي بيڪار عوام دشمن ماڊلن نالي ۾ درياهن سان جيڪا جُٺ ڪئي آهي، اها عبرت لائق آهي. فطرتي طور رڻ رڻ آھي، پٽَ پٽَ آھن نديون نديون ۽ درياهه درياهه ٿيندا آھن. ڇاڪاڻ ته پاڻي رڻ پٽن کان ڏور وھندو آهي درياهن ۾ ئي وهندي چڱو لڳندو آهي. رڻ پٽن ۾ رهندڙ آبادين جا مزاج پاڻيءَ جي غير موجودگيءَ ۾ ۽ ندين جي آسپاس ويٺلن ۾ مختلف ۽ نرالا ھوندا آهن. درياهن ۽ ندين جي آسپاس ويٺل ھينئر ٻڏل آهن، اهي اپريل، مئي، جون جي مھينن ۾ خشڪ سالين جو شڪار ھئا، ڪينجهر، منڇر ۽ هاليجي ربيع ۾ سڪا پيا ھئا. ھينئر آفتن جو شڪار آهن، بارشن جو پاڻي سمنڊ ڏانهن ويو. غريبن وٽ جيڪو ڪجهه هو، سو لڙھي ويو. ٻوڏن کين تباهه نه ڪيو پر نهري نظام، سم نالن، انتهائي بيڪار ۽ دقيانوسي بندن ۽ حڪمرانين ۽ طبقاتي رياست سندن لاھه ڪڍي ڇڏيا. پاڻي ورائڻ، بند ٻڌڻ ۽ فطرت تي ڪنٽرول ڪرڻ جا نتيجا اھي نڪرڻا ھئا. حقيقتن کي تسليم ڪرڻ گھرجي، اھا وقت جي تقاضا آھي، آهستي آهستي ان مطابق پاڻ کي بدلائڻ ۽ فطرتي تبديلين کي هڪ ربط سان منهن ڏيڻ ئي بهتر رستو آهي.
موهن جو دڙو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ڪيئن آبادين فطرتي حقيقتن کي تسليم ڪري بدلجندڙ حالتن جو مقابلو ڪيو. هينئر پاڻيءَ کي فطرتي وھندڙ درياهن مان روڪي، ڊيم ٺاهي، کين خشڪ ڪري، زراعت ۽ آبپاشيءَ لاءِ لاغرضيءَ سان استعمال ڪيو ويو آھي. زرعي معيشت ۾ پاڻيءَ جي طلب ٻين انساني ۽ صنعتي ضرورتن ۾ اڻ کٽ آهي. پيداواري طريقا ۽ پوکي روايتي طور جھجھي پاڻيءَ کپت تي ٻڌل آهن، ڍنڍن ڍورن ۽ جهنگلن ۾ پاڻي کوٽ فطري توازن کي بگاڙي ڇڏيو آهي. پاڻيءَ کان معافي وٺي درياهن ۾ واپس وجهڻو پوندو، زراعت، مستقبل جي خوراڪ جي ضرورتن ۽ آبادين جي پاڻيءَ جي ضرورتن جو خيال ڪري درياھه سان غير ضروري ھٿ چراند بند ڪرڻي پوندي. جديد آبپاشي عمل کي انساني شڪل ڏيڻي پوند ي، اهو ڪيئن ٿيندو؟
1947ع کان پاڻيءَ تي بيوروڪريٽ عملدارن ۽ رياستي طاقت مڙهي وسيلن تي ڪنٽرول رکيو ويو آھي پر عوام جو ان ۾ ڪو عمل دخل نه آهي. پاڻي زراعت، صحت ۽ انساني زندگين ۾ توازن لاءِ تمام اھم وسيلو آهي. پاڻيءَ جي انتظام ۽ رياستي طاقت ۾ هڪ تعلق آهي، جيڪو خاص طبقن جي مفادن لاءِ ڪم ڪري ٿو، ان جو فائدو به انهن کي آهي. معاشي ڍانچن پيداواري عملن ۽ تعلقن، زمين جي نجي ملڪيت، اشرافيه جي حڪمراني ۾ تبديلي آڻي ٻين شين ۽ شعبن تي ڀاڙڻو پوندو. هو ڪم عوام دوست سياسي پارٽيون ئي ڪري سگھن ٿيون، اها بدقسمتي آهي ته سياسي پارٽيون حقيقي ڪم ڇڏي ٻي ڪم تي لڳل آھن.