سفرناما

آمريڪا ۽ ڪيناڊا

محمد جمن ڄامڙي دنيا جي ٻن عظيم شاهوڪار ملڪن آمريڪا ۽ ڪيناڊا جو سفر ڪيو ۽ اتان جي حَسين شھرن ۽ خوبصورت ماڳن ۽ ماڻھن جا نظارا ڪيا آهن، جيڪي هن سفرنامي ۾ نھايت سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان لکيا آهن. هن سفر ۾ محمد جمن ڄامڙي سنڌ جي هڏ ڏوکي دوستن سان پڻ ڀرپور ملاقاتون ڪيون ۽ انھن سان سنڌ متعلق حال احوال اوريا ۽ ويچار ونڊيا آهن. جيڪي ڏاڍا لاڀائتا آهن ۽ ڪتاب ۾ شامل آھن. 

Title Cover of book آمريڪا ۽ ڪيناڊا

ڪيناڊا جي وزير اعظم جو گهر

ڪيناڊا جي وزير اعظم جو گهر

فالو فيلڊ اسٽيشن (Fallowfield Station) کان اسين سائين سليم ڄام سان گڏ سندس گهر وڃون پيا ته اهو وقت شام جو اٺ لڳي ڪجهه منٽ ٿيا هيا ۽ روزي جي افطاري ۾ اڃان منو ڪلاڪ کن هيو. سليم سائين جيئن ته آٽوا شهر کان ٻاهر پنجويهه کان ستاويهه منٽن جي فاصلي تي ٻهراڙي واري علائقي ۾ پيا رهن پر مون ڏٺو ته جيئن اسان جي ملڪ جو ڪو وي آءِ پي ڪنهن علائقي ۾ ايندو آهي ته روڊن ۽ رستن تي ميونسپل جي صفائي واريون گاڏيون صفائي ڪنديون آهن، اهڙيءَ طرح ٻهراڙي جي عام رستن کي صاف ڪرڻ واري گاڏي پنهنجي ڪم ۾ محو لڳل هئي. مان پنهنجي خيال ۾ گم ٿي ويس ته هتي بارشن جي سبب مٽي جي دز به نظر نٿي اچي، پوءِ به هو روڊ کي هلندڙ گاڏي وسيلي ڇنڪار ڪندي ۽ پوچو ڏيندي صاف ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جڏهن ته روڊ بلڪل صاف چلڪيدار نظر پيو اچي. اها گاڏي صفائي ڪري پئي ۽ اسانجو اتان گذرڻ ٿيو ته مون جڏهن روڊ تي نظر وڌي ته سڄو آسمان جُهڙ سميت مون کي روڊ ۾ نظر اچڻ لڳو.
سليم سائين چيو ته ”ميڊي سائين تسان ڪٿي گم ٿي گئي او؟“ مون چيو ته ”سائين روڊ صاف لڳو پيو آهي، پوءِ به هي گاڏي صفائي پئي ڪري؟ چيائين ته ”سائين اهو صفائي جو ڪم سڄو ميونسپل ڪرائيندي آهي ۽ هتي اهو اصول آهي، روڊ ۽ رستن جي صفائي تي خاص خيال ڏيندا آهن ته جيئن هلندڙ گاڏين جي وسيلي گندگي نه ٿئي، تنهن ڪري روڊ ايترا صاف هوندا آهن جو هلندڙ گاڏي تي به مٽي لڳل نظر نه اچي جو متان انهي وسيلي آب و هوا تي خراب اثر پوي. ٻيو ته جڏهن برفباري ٿيندي آهي ته روڊ جي مٿان لوڻ جو استعمال گهڻو ٿيندو آهي ته جيئن روڊ تي ٽريفڪ روان دوان رهي ۽ برف کي هٽائڻ ۾ آساني ٿئي. جڏهن برفباري جي موسم ختم ٿي ويندي آهي ته روڊ کي ويڪيوم (Vacum Cleaner) سان صاف ڪندا آهن ته جيئن روڊن جي جيڪڏهن ڪٿي مرمت ڪرڻي هوندي ته ان کان اڳ صفائي ٿي وڃي.“
هلندي جڏهن اسين ڳوٺ جي اندر داخل ٿيڻ لڳاسين ته سليم سائين جي چوڻ مطابق ته هي اسانجو ڳوٺ آهي. ڪيناڊا جي ڳوٺ جي اهڙي صفائي ۽ سهولتون ته ڪراچي جي ڪلفٽن ۽ ڊفينس، لاهور جي گلبرگ، بحريه ٽائون ۽ اسلام آباد جي ڪنهن به علائقي ۾ ڪونه هونديون آهن. مثلاً: هر گهر جي اڳيان هڪجهڙي سر سبز لان، هر گهر جي اڳيان وڻ پوکيل، هر گهر لاءِ بجلي، گئس، ٽيليفون ۽ در تائين رستو ٺهيل، هر گهر جي اڳيان پنڌ گهمڻ لاءِ پڪو ڪنڪريٽ سان رستو ٺهيل، هر گهر جنهن ۾ ٻار اسڪول وڃڻ جهڙو آهي ته اسڪول بس اچي اتان ٻار کي کڻندي ۽ پهچائيندي، هر گهر جي اڳيان ڪچري اڇلڻ لاءِ ٽن قسمن جا دٻا بلو، سائو ۽ ڪارو رکيل آهن. جنهن ۾ ڪچري اڇلڻ لاءِ مخصوص رنگ واري دٻي ۾ مخصوص قسم جي ڪچري کي اڇلڻو آهي. جيئن ڪي ڪاغذ وغيره آهن ته انهن کي الڳ رنگ واري دٻي ۾ اڇلڻو آهي ته جيئن اهو ٻيهر ريسائيڪل ٿي ڪاغذ وغيره ٺهڻ جي ڪم اچي.
اهڙي طرح ڪچن اندر ٿيل ڪچري کي به الڳ الڳ ڪري هر دٻي ۾ وجهڻو آهي، مثلاً گوشت جو ٻوڙ کاڌو، ان مان جيڪي هڏا نڪرندا، انهن کي الڳ دٻي ۾ اڇلڻو آهي. سبزي کي ڪٽڻ وقت جيڪي ڪچرو ٿئي، اهو الڳ دٻي ۾ وجهڻو آهي. پلاسٽڪ وغيره جي ٿيلهين کي الڳ دٻي ۾ وجهندا ۽ ريسائيڪلنگ لاءِ استعمال ڪندا آهن.
انهن دٻن ۾ اڇلايل ڪچري کي ڪٿي زمين تي ڪنهن کڏ ۾ وڃي ناهن اڇلائيندا، بلڪه انهن دٻن ۾ اڇلايل ڪاغذن کي ٻيهر ڪاغذ ٺاهڻ واري ڪارخاني ۾ ٻيهر پيپر ٺاهڻ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. پلاسٽڪ واري ڪچري کي پڻ ٻيهر ڪارخاني ڏانهن موڪلي ڇڏيندا آهن.
ڪچن جي کاڌي پيتي واري بچيل ڪچري کي انهن ڪارخانن کي ڪچرو ڏيندا آهن، جيڪي ڪتن، ٻلن، ڪڪڙن ۽ پاڻي جي مخلوقات جي خوراڪ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. مطلب ته ٽنهي قسم جي ڪچري کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان استعمال ڪندا آهن ۽ ماحول کي خراب ڪونه ڪرڻ ڏيندا آهن.
آبادي جي حساب سان هر ڳوٺ ۾ اسڪول، راند کيڏڻ لاءِ وسيع گرائونڊ، جم، لائبريري، اسپتال، وسيع پارڪ ۽ شاپنگ سينٽر ۽ ٻيون جديد قسم جون سڀ ضروري سهولتون آهن، جيئن اُتان جي رهائشي عوام کي ٻين شهرن ڏانهن وڃڻ جي ضرورت نه پوي.
انهيءَ سان گڏ هر ڳوٺ يا محلي ۾ رهندڙن لاءِ به ڪجهه قانون آهن، مثلاً ڪنهن گهر جي اڳيان دٻي کان ٻاهر رکيل ڪچرو نظر آيو ته ڏنڊ ڀريندو.
برفباري بعد گهر جي اڳيان پنڌ گهمڻ واري رستي تان برف کي هٽائي ماڻهو جي گهمڻ لاءِ رستو صاف ڪري رکڻو آهي. جيڪڏهن برف رڪجي وئي ۽ برف پنهنجي گهر جي سامهون واري حصي تان نه هٽائي وئي ته ٽڪيٽ معنيٰ جرمانو لاڳو ٿي ويندو، پنهنجي گهر اندر ايترو وڏو شور شرابو ناهي ڪرڻو جو پاڙي وارو تنگ ٿئي.
ڪيناڊا جي پوري ملڪ ۾ اسڪول بسون هڪجهڙيون ۽ ڦِڪي (Yellow) رنگ واريون آهن.
اسڪول بس جنهن به جاءِ بيٺل هوندي ۽ سائيڊ سان اسٽاپ جو نشان لڳل هوندو ته سڀ گاڏيون اسڪول بس کان اڳ يا پٺ واريون اتي بيهي رهنديون، جيستائين اسڪول بس اسٽاپ جي نشان کي بند ڪري. انهيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ڪير وي وي آءِ پي به اچي ويا ته اهي سڀ به بيهي رهندا، ڪنهن جي مجال ناهي ته اسڪول بس بيٺي هجي ۽ ٻار بس تي چڙهندا يا لهندا هجن ته ڪير اڳتي وڌڻ جي جرئت ڪري.
جيڪڏهن اسڪول بس اسٽاپ جو نشان لڳايو آهي، پوءِ به جيڪڏهن ڪا گاڏي گذري ته ان تي تمام گهڻو جرمانو پوندو آهي ۽ ڊرائيور تي ڇهه ڊي ميرٽ پوائٽس (Six Demrit Points) ۽ چار هزار ڊالر تائين جرمانو لاڳو ٿي ويندو.
جيڪڏهن ٻيو دفعو ساڳيءَ طرح ڊرائيور غلطي ڪئي ته چار هزار ڊالر جرمانو ۽ ڇهه مهينا جيل به ٿي سگهي ٿو ۽ انهيءَ کان علاوه ٻيون ڇهه ڊي ميرٽ پوائنٽس ٿيندس.
ڪيناڊا ۾ ڊرائيور لاءِ ڪل 15 ميرٽ پوائنٽس رکيل آهن، انهيءَ جو مطلب ته ڊرائيور جو ڊرائيونگ لائسنس معطل ٿي ويندو ۽ ڪيناڊا ۾ ڪابه گاڏي هلائي ڪونه سگهندو.
جيڪڏهن اسڪول بس اچي بيٺي ۽ اسٽاپ جو نشان ٻاهر ڪڍيو ته پوءِ ٽن قسمن جي گاڏين ايمبولينس، فائربرگيڊ ۽ پوليس جي گاڏين کي به بيهي رهڻو آهي يا ون وي کي ٽوڙي ٻئي پاسي واري رستي سان وڃڻو آهي پر جيڪڏهن انهيءَ ساڳي رستي تان وڃڻو اٿن ته اسڪول جي ٻارن کي پهريان گاڏي ۾ ويهاري دروازا بند ڪري پوءِ اسٽاپ جي نشان کي اندر ڪيو ويندو ۽ پوءِ ئي اُهي ٽئي گاڏيون گذري سگهن ٿيون، باقي ٻي ڪابه گاڏي نٿي گذري سگهي، پوءِ ڀلي اُها وزيراعظم جي گاڏي ڇو نه هجي.
پروگرام مطابق اسان صبح جو آٽوا (Ottawa) شهر گهمڻ خاطر نڪري وياسين. اڄ تائين مونکي صرف اها خبر هئي ته ڪيناڊا جي گاديءَ جو هنڌ آٽوا صرف هڪ شهر آهي پر گهمڻ کان پوءِ خبر پئي ته
آٽوا (Ottawa) ملڪ جي گادي جو هنڌ آهي پر راولپنڊي ۽ اسلام آباد وانگر هتي ٻه هر شهر آهن: (1) آٽوا (Ottawa) ۽ (2) گيٽنو (Gatineau).
آٽوا انگلش ڳالهائڻ وارن جو شهر ۽ اونٽاريو (Ontario) صوبي جو شهر آهي، جنهن جي آبادي تقريباً 8-9 لک ٿيندي. گيٽنو (Gatineau) شهر فرينچ ڳالهائڻ وارن جو شهر آهي، جيڪو قيوبيڪ (Queabec) صوبي جو شهر آهي، رهائش وغيره لاءِ گيٽنو شهر سستو آهي، جيئن راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي مهانگائي ۾ فرق هوندو آهي، باقي شهر جي آبادي تقريباً 7-8 لک ٿيندي.
ڪيناڊا جي آبادي جي لحاظ کان اونٽاريو صوبو سڀني صوبن کان گهڻو آهي پر ايراضي جي پکيڙ مطابق قيوبيڪ صوبو سڀني صوبن کان وڌيڪ آهي ۽ آبادي جي لحاظ کان اونٽاريو کان بعد ٻيو نمبر قيوبيڪ صوبوآهي. قيوبيڪ جي سرڪاري زبان فرينچ آهي، تنهن ڪري ڪيناڊا جون سرڪاري زبانون ٻه آهن: انگريزي ۽ فرينچ.
آٽوا شهر جي بزنس لاءِ نوڪري انهن ماڻهن کي ڏيندا آهن جيڪي انگلش ۽ فرينچ ڳالهائي سگهن ٿا. تنهنڪري ٻاهرين ملڪن مان جيڪي ماڻهو آٽوا ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ايندا آهن، تن کي ٻنهي زبانن تي مهارت حاصل ڪرڻ ضروري هوندي آهي، تنهنڪري گهڻا پاڪستاني ٽورنٽو يا ٻئي پاسي وڃڻ کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ ڪجهه پاڪستاني ٻنهي زبانن تي مهارت حاصل ڪري وٺن ٿا، تنهنڪري آٽوا ۽ قيوبيڪ صوبي جي علائقي ۾ نوڪري يا ڌنڌو ڪن ٿا.
آٽوا شهر خوبصورتي سان گڏ ملڪ جو صدرمقام آهي، تنهن ڪري سرڪاري آفيسون وغيره سڀ هتي آهن، باقي ڪمرشل هيڊڪواٽر ٽورنٽو آهي، جيئن ڪراچي ۽ اسلام آباد پاڪستان ۾ آهن.
ڪيناڊا جي وزيراعظم جو سرڪاري گهر هڪ عام روڊ تي تقريباً چار پنج ايڪڙن تي مشتمل آهي. وزير اعظم هائوس جي در تي بيٺل صرف هڪ سپاهي نظر آيو ۽ گهر پري کان مونکي ڊي سي ميرپور خاص جي گهر جهڙو پئي لڳو. ٻئي پاسي ٿوري اڳتي ملڪه ايلزبيٿ جو نمائندو يعني گورنر جنرل جو گهر ۽ آفيس آهي، جنهن جي ايراضي تقريباً 70-80 ايڪڙ جي قريب نظر آئي پئي.
ڪيناڊا ۾ سرڪاري وهنوار سڀ وزيراعظم پارليامينٽ جي ذريعي هلائيندو آهي، باقي جڏهن ڪوئي پارليامينٽ قانون پاس ڪندي آهي، اهو صرف گورنرجنرل جي دستخط کان بعد لاڳو ٿيندو آهي. سو قانون ۾ اڃان برطانيه جي موجودگي آهي. ڇو ته گورنر جنرل برطانيه جي راڻي جو نمائندو هوندو آهي، اهڙي طرح ڊپٽي گورنر هر صوبي ۾ هوندا آهن، جيڪي سرڪار جي نمائندگي ڪندا آهن.

ll