ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران عباس ڪوريجي جي لکيل مضمونن جو ڪتاب ” ادب ۽ انتھاپسندي“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. 
ھي ڪتاب تحقيقي، تنقيدي ۽ معلوماتي مضمونن تي ٻڌل آهي. عباس جي لکڻ جو انداز ڀلو هوندو آهي. هو گهڻي ڊيگهه بجاءِ معلومات، تفريح ۽ ڪم جي ڳالھ تي وڃي پھچندو آهي. ڪتاب جو شروعاتي مضمون ئي دبئيءَ بابت آهي، جنھن جو موضوع آهي" دبئي: جتي خيال وڪامن ۽ خواب اگهامن ٿا". هڪ زبردست معلوماتي ۽ تجزياتي مضمون آهي. سندس ڪتاب ۾ وائيءَ بابت هڪ اهم مضمون "وائي: ڪلاسيڪيت کان جديديت تائين" پڻ شامل آھي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي عوامي شاعر ڪشنچند تيرٿداس " بيوس" کتري بابت مضمون "جديد سنڌي شاعريءَ جو وليم ورڊس ورٿ" پڻ شامل آھي. ھن دور جي اهم عنوان بابت شامل مضمون "ادب ۽ انتھاپسندي" پڻ پڙهڻ وٽان آهي، جنھن ۾ انتھاپسندي جي مختلف قسمن سان گڏ اديب جي ڪردار ۽ انتھاپسندي جي جمود کي ٽوڙڻ ۾ ادب جي ڪردار تي لکيو آهي.
ھي ڪتاب 2022ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ڪنول پبليڪيشن ۽ عباس ڪوريجي جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ