لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

آواز اخلاق سنڌي پهاڪا

سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (176) ”آواز اخلاق : سنڌي پهاڪا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ڪوڙومل چندن مل کلناڻي جو لکيل آهي جيڪو ورهاڱي کان اڳ ڇپيو.
Title Cover of book آواز اخلاق سنڌي پهاڪا

پھرئين ڇاپي جو مقدمو : ڪوڙومل چندنمل کلناڻي

اصل ھر ھڪ پھاڪو ڪِئن چوڻ ۾ آيو ۽ ڪھڙي وقت ۽ ڪِئن ڪم آڻجي تنھنجي لاءِ بيان ڏيڻ جو ارادو ھوم. ائين ڪجي ھا ته ننڍي وڏي سڀڪنھن کي اُنھن جي ڪم آڻڻ جي پوري سڌ پئجي وڃي ھا ۽ جئن ڪي ڪي ماڻھو پوري مطلب نه سمجھڻ ڪري بي موقع يا اڻ ٺھندو پھاڪو لکي يا چئي وھندا آھن تيئن نه ڪن ھا پر ائين ڪجي ھا ته ڪتاب اھڙو وڏو ٿي پوي ھا جو غريب غربو يا ڇوڪر ٻاڪر وٺي ڪين سگھي ھا. ۽ ھنن پھاڪن کي ڇپائي پڌري ڪرڻ جو جيڪو مطلب آھي سو ھٿ ڪين اچي ھا. تنھنڪري رڳا پھاڪا لکيا اٿم ۽ انھن جي معنيٰ سمجھڻ ۾ ڪجھ سولائي ٿئي تنھن لاءِ اوکن لفظن جي معنيٰ به ڏني اٿم. مگر انھن کي ڪِئن ڪم آڻجي تنھن لاءِ سڀڪو پنھنجي خيال ۽ ھوش تي ھلي.
اڳي به ھڪڙو ننڍڙو پھاڪن جو ڪتاب ڇپيل آھي. ان ۾ پھاڪا ٿورڙا آھن ۽ ٻيو ھڪڙو پھاڪن جو ڪتاب به ٺھيل آھي پر اُھو اڃان ڇپيو ڪين آھي ۽ اُن ۾ به پھاڪا ٿورا آھن. مون اٺ سؤ پھاڪا گڏ ڪري ھن ڪتاب ۾ لکيا آھن. سڀڪو ھي ڪتاب وٺي سگھي تنھن لاءِ رڳو خرچ ساري ان جي تمام ھلڪي قيمت ٺھرائي ويئي آھي.
ڪي پھاڪا جيڪس اُگھاڙا ڏسڻ ۾ ايندا، فحش يعني لفظ ڪَجوڙا يا نا شائستا ڏسڻ ۾ ايندا پر جڏھن پھاڪن جو اھو مطلب آھي ته جنھن ملڪ ۾ اُھي چوڻ ۾ اچن ٿا تنھن جي ماڻھن جي حالت ۽ سڌارو اِنھن مان معلوم ڪجي تڏھين جيئن پڌرا آھن تئن ڇو نه لکجن. اياڻو چوي سياڻو ويڃائي. انھن وانگر سياڻا ۽ سمجھو ماڻھون اِنھن مان صاف داڻا ڪڍي تُھَ کڻي ڦٽا ڪندا.
پھاڪن جي چونڊ ۽ سٽ ۾ مون پنھنجي وس آھر گھٽتائي ڪا نه ڪئي آھي. پر تنھن ڪندي به ھن ۾ پڙھندڙن کي ڪي عيب ڏسڻ ۾ اچن ته وڙ ڪري معاف ڪن ۽ انھن کي سنواري ڇڏين ڇو ته انسان نيٺ خطا جو گھر آھي.


ڪ چ ک