پروفيسر صاحب جا تنقيدي مضمون
اسان جي سڄاڻ اديبَ، پروفيسر نذير احمد سومري به سنڌي ادب ۾ تنقيد کي ان مقصد لاءِ ئي ڪَتب آڻڻ چاهيو. هُنَ ان سلسلي ۾ خاص ڪوشش اها ڪئي، ته ڪتابن ۾ جيڪي غلط يا اختلافي ڳالهيون لکيون ويون آهن، تن جي نشاندهي ڪجي ۽ درست ڳالهه به ٻڌائجي. ان مقصد هيٺ هن مختلف ڪتابن بابت تنقيدي مضمون لکيا، جيڪي اوهان جي هٿن ۾ موجود ڪتاب ”تنقيدون ۽ تجزيا“ ۾، انجنيئر عبدالوهاب سَهتي سهيڙيا آهن.
هِنن محدود سٽن ۾، انهن مضمونن بابت تفصيلي راءِ ڏيڻ جي گنجائش ناهي. البت اهو محسوس ٿئي ٿو ته پروفيسر صاحب جون تحريرون ڪنهن به مصلحت کان انڪاري آهن ۽ اهي صرف سچ جو اظهار ڪرڻ چاهن ٿيون. پر، مون کي مضمونن جي مطالعي مان احساس ٿيو ته انهن ۾ طنز ۽ ٽوڪَ به چڱي مقدار ۾ آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته اها ڪوڙِي باداميءَ وانگر به بڻجي ٿي پوي. جيڪڏهن پروفيسر صاحب طنـز ۽ ٽوڪ کي ڇڏي، اصلاحي انداز اختيار ڪري ها، ته هنن مضمونن جي نوعيت ڪجهه ٻيءَ طرح ۽ وڌيڪ علمي هجي ها ۽ انهن کي گھڻو پسند به ڪيو وڃي ها.
بهرحال، ضرورت هئي ته انهن مضمونن کي سهيڙجي ها، پر اها پڻ ضرورت هئي ته انهن کي ايڊٽ به ڪجي ها. شايد اهو ڪم سهتي صاحب ان ڪري نه ڪيو هجي ته نذير صاحب جي تحريرن کي جيئن جو تيئن ئي شايع ڪجي، ڇاڪاڻ ته هو اسان وٽ جسماني طور موجود ناهي.
اميد اٿم، ته هن ڪتاب کي تعميري نظر سان پڙهيو ۽ پرجهيو ويندو.
رياضت ٻرڙو
21 ڊسمبر 2012، لاڙڪاڻو