جراح نقاد
”ملنديون مڃتائون، جي هيءَ رهي سنڌڙي.“
(امداد حسيني)
هر انسان کي زندگي عجيب لقاءَ ڏيکاري، ڪجھ نه ڪجھ سوچرائي ۽ ڪرائي ٿي.
پروفيسر نذير احمد سومري به آخري عمر ۾، ڪنهن جذبي تحت لکڻ شروع ڪيو. هو جيڪڏهن جيئرو هجي ها ته مان ڪڏهن به نه لکان ها. هميشه هُن کي ۽ محمد ايوب قادريءَ کي چوندو هيس ته؛ لکڻ منهنجي وس جي ڳالھ نه آهي. اوهان لکو ٿا، ڄڻ مان لکان ٿو.
هر نفس کي، ھڪ نه ھڪ ڏينھن ھيءَ دنيا ڇڏڻي آهي. سومرو مرحوم به، دنيا ڇڏي ويو پر، پنهنجي لکڻين ۾ زنده رهندو. هُن، لکڻ ۽ ڇپجڻ جي ڪري، دوست ۽ مخالف پيدا ڪيا. دوست، هُن کي هميشه ساريندا رهن ٿا. هي مجموعو ان جو ثبوت آهي. شل! رب پاڪ، هر اديب ۽ دانشور جا ڀاڳ ڀلا ڪري، جو دوست يار، مُئي کان پوءِ کيس، يادگيرين جي ڀيٽا ڏيندا رهن.
انسان ٿي، هن ڌرتيءَ تي جيئڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. حضرت ابن عمر به ڪنهن بيوسي، درد، ڏک ۽ پيڙا کان مجبور ٿي چيو هوندو: ”ڪاش! مان ڪنهن وڻ جو سُڪل پَنُ هجان ها، جنهن کي هوا پهاڙن تان ڪيرائيندي رهي ها.“ انسان کي، انسان جو اونو هئڻ گهرجي. جڏهن ماڻهو بيوس ۽ لاچار ٿي، ذميواريون پوريون نه ٿو ڪري سگهي ته پوءِ خدا کي ٻاڏائڻ کان سواءِ، ٻيو ڪو چارو ڪو نه ٿو رهي.
”هوا جي سامهون هلندا رهياسين،
”ڀڀڙ ٿي ڀڙڪندا، جلندا رهياسين.“ (امداد)
هر حساس ماڻهو، مٿئين شعر وارو نمونو ٿئي ٿو. پروفيسر مرحوم به ڏاڍو نفيس ۽ حساس هيو. هُن چار پنج سؤ صفحا لکيا ۽ ڇپرايا، جيڪي ڪاوش اخبار، ڪينجهر رسالي ۽ ٻين مئگزينن اندر، مضمونن جي صورت ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. انجنئير عبدالوهاب سهتي صاحب ڪجھ گڏ ڪيا آهن. هيءُ مجموعو انھن تنقيدي مضمونن تي مشتمل آھي، جيڪي ڪن مڪمل ڪتابن مٿان لکيا ويا آھن. اڳتي به، ٻين ڪتاب ڇپرائڻ ۾، اگر اللهﷻ ائين مهرباني ڪندو ته ڪا ڏکيائي ڪو نه ٿيندي.
روايت آهي ته؛ سهتا، ستن نانگن جا کاڌل آهن. مون کي ان ڪهاوت ۾ ٿورو نه، پر گهڻو شڪ آهي. انجنيئر عبدالوهاب سهتو جو نالو انگريزيءَ ۾ لکي، انٽرنيٽ تي ڪِلڪ ڪيو ته مختلف موضوعن وارا بلاگ جھڙوڪ ”سنڌي شخصيتون، سنڌي سفرناما، پهاڪا ۽ چوڻيون، سنڌي ڪھاڻيون ۽ لاڙڪاڻو لک لھي“ وغيرھ کلي ايندا، جيڪي ھن مسلسل محنت سان ڪٺا ڪري جوڙيا آھن ۽ ڏينھون ڏينھن منجھن واڌاري لاءِ جدوجھد ۾ لڳل آھي. ايڏو ڪم ڪنھن نانگن-کاڌي جو ٿي سگھي ٿو!؟
اڄ ساري سنڌ، سورن ۾ ورتي پئي آھي ۽ سندس سور ڪير به سانڍڻ ۽ سلجھائڻ لاءِ تيار ناھي. اھڙي گُھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾، مرحوم پروفيسر جهڙي قلمڪار جي کوٽ، شدت سان محسوس ٿي رهي آهي.
اللهﷻ کيس جنت ۾ جايون ڏئي. آمين.
عاشق منگي
نئون ديرو
۰۱ ڊسمبر ۲۰۱۲ع