ٻاراڻو ادب

معلومات جو خزانو

ھي ڪتاب خاص طور نون کان ارڙهن سالن تائين جي ٻارن جي لاءِ معلومات جو خزانو آھي. ھي ڪتاب پنجن بابن ۾ ورھايل آھي: ”باب پھريون: دين جي معلومات“، ”باب ٻيو: دنيا جي معلومات“، ”باب ٽيون: پاڪستان جي معلومات“، ”باب چوٿون: سنڌ جي معلومات“ ۽ ”باب پنجون: سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي معلومات“.    

Title Cover of book Maloomat Jo Khazano

ٻہ اکر

پيارا ٻارو! علم جي ڄاڻ هر ننڍي وڏي جي لاءِ ضروري آهي، علم هڪ اٿاھہ سمنڊ آهي، جنھن مان ڪي ٿورو بہ ڪمائتو جيڪڏهن ڪنھن کي نصيب ٿيئي ٿو تہ هُو خوشنصيبن ۾ شمار ٿيئي ٿو، پياري نبيءَ صہ جو فرمان آهي تہ، ” علم اختيار ڪرڻ جو رستو جنت جو رستو اختيار ڪرڻ آهي“ ۽ اهو بہ فرمايو اٿن تہ، ” علم هڪ وڏي نعمت ۽ ﷲ تعاليٰ طرفان عطا ڪيل تحفو آهي“
تعليم تي سڀني جو هڪ جيترو حق آهي، چاهي اهو غريب هجي يا امير، ڳوٺ جو هجي يا شھر جو، عورت هجي يا مرد، ننڍو هجي يا وڏو، علم ڪنھن بہ عمر ۾ حاصل ڪرڻ عيب ڪونھي، بلڪہ احسن آهي، پر اها بہ تحقيقت آهي تہ جيڪي ننڍپڻ لاڪون ٻارجي ذهن ۾ ويھندو آهي انھيءَ تي ئي سندس شخصيت جي تعمير ٿيئي ٿي.
اڄ جيڪي بہ وڏا ناليوارا ماڻھو جن پنھنجي حياتيءَ ۾ اهم ڪارناما سرانجام ڏناسي ننڍپڻ کان ئي محنت، شوق ۽ جذبي سان علم حاصل ڪري اڳيان وڌيا، ڪيترائي عالم، اديب ۽ شاعر آهن جن پنھنجي ننڍپڻ ۾ ڪتابن جي مطالعي کي حياتيءَ جو اهم حصو بنايو ۽ ڪيترن هِن ڏِسَ ۾ پنھنجي ايندڙ نسل جي نوجوانن لاءِ پڻ لکيو تہ جيئن اهو سلسلو هلندو رهي روشنيءَ مان روشنيءَ جو سفر قائم رهندو اچي.
ٻالڪ ادب ۾ لکڻ لاءِ ڪي خاص پابنديون نہ هوندي بہ هڪ اهم پابندي اها آهي تہ لکڻ واري کي ٻارن جي تعليم، ذهني سطح، طبي عمر ۽ ماحول مطابق لکڻو هجي ٿو.
ارڙهن سالن جي عمر تائين جي ٻارن لاءِ لکيل ادب ٻالڪ ادب شمار ٿيئي ٿو. ارڙهن سالن جو جوان وڏن لاءِ لکيل ادب کي پڙهڻ ترجيحي طور پسند ڪندو آهي جيڪو صحيح طريقو بہ آهي.
ڇھن ستن سالن جا ٻار سَوِلا ڪتاب خاص طور تصويري يا ننڍي نظم يا شعر تي مشتمل ۾ دلچسپي وٺندا آهن، اٺن سالن کان ٻارهن سالن تائين جي ٻار جي لاءِ لکيل ادب آکاڻين ۽ ڪھاڻين تي مشتمل هئڻ سان گڏ هڪ ئي وقت خيالي تہ ساڳئي وقت حقيقي ڳالھين تي بہ مبني هجن ٿا، هن عمر ۾ ٻار ذميدار ٿيڻ شروع ٿين ٿا، اسڪولن ۾ تعليم سان گڏ غير نصابي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندڙ هجن ٿا تہ گهرو ڪم ڪار ۽ ڪٽنب سان بہ لھہ وچڙ ۾ اچن ٿا، هيءَ عمر سندن لاءِ آس پاس جي ماڻھن جي ڪردار کي ڏسڻ تہ پنھنجي ڪردار جي تشڪيل تي ڌيان ڏيڻ جي آهي، هيءَ سکڻ ۽ سمجهڻ جي هڪ بھترين عمر آهي هن عمر ۾ ٻارڙن جي لاءِ حقيقي ڪھاڻين جي گهڻي ضرورت آهي، ٻارهن کان مٿي عمر يعني ارڙهن سالن تائين پھچندڙ ٻار هڪ سٺي شھري ۽ گهر ڀاتي ٿيڻ جي لاءِ تيار ٿيندڙ هجي ٿو. هو زماني جي حقيقتن کي سمجهڻ ۽ سچ ۽ ڪوڙ، خراب ۽ سٺي جي فرق کي سمجهڻ جي شعوري واٽ ڏي هلڻ لاءِ تيار ٿيندڙ هجي ٿو، جنھن لاءِ کيس تعليم سان گڏ ادب جي سمجهہ ڏيڻ ۽ پڙهڻ لاءِ تيار ڪرڻ ضروري آهي، جو هيءُ وقت سندس شخصيت، مزاج، عادتن، اٿي ويٺي ۽ ڪردار جي جوڙجڪ جو آهي، هن دور ۾ کيس شاعري، اخلاقي ادب، دين، ڪٽنب ۽ قبيلي جي اهميت ۽ ان بابت هدايت جي ضرورت آهي، جنھن لاءِ کيس هڪ وڏي معلومات ڏيڻ گهرجي.
پيارا ٻارو ڪتاب وڏي سوغات آهي، انھن جو هڪٻئي کي تحفي طور ۾ ڏيڻ پڻ تعليم يافتہ هئڻ جو هڪ لحاظ کان شڪرانو آهي، ڪتاب جي وڏي عمر هجي ٿي ماڻھوءَ جي طبعي عمر انھيءَ کان گهڻو گهٽ آهي، ماڻھوءَ جي مري وڃڻ کان پوءِ سندس ڪتاب ئي کيس زنده رکن ٿا ٻي ڳالھہ تہ ڪتاب پڙهڻ سان ماڻھوءَ جو شعور وڌي ٿو ۽ جيڪڏهن پوءِ اهو پڙهندڙ ليکڪ ٿو ٿي وڃي تہ پوءِ هُو اهو حاصل ڪيل شعور ۽ مطالعي مان پرايل سگهہ پڙهندڙن تائين پھچائي ٿو، انھيءَ ڪري توهان جي لاءِ صلاح آهي تہ پنھنجي مطالعي کي وڌايو ۽ وقت ڪڍي ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن موضوع تي لکڻ لاءِ بہ ڪوشش ڪريو ۽ ان کي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپايو، جيڪڏهن توهان جون لکڻيون معياري هونديون تہ انھن کي جڳھہ ضرور ملندي پنھنجو لکيل ڇپيل صورت ۾ ڏسي توهان جو اُتساھہ وڌندو، اهڙيءَ ريت اڳتي هلي توهان ٻالڪ ادب جا ليکڪ ٿي ويندا، يقين ڄاڻو تہ انھيءَ ننڍپڻ جي لکڻ جي شوق کي جي توهان جاري رکيو تہ پوءِ ڪير بہ توهان کي وڏو اديب ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهي، توهان ڏسندا تہ اسان جي ڪيترن ئي وڏن اديبن ننڍپڻ کان ئي مطالعي جو شوق رکيو ۽ ننڍيءَ عمر کان لکڻ شروع ڪيو، وڏن وڏن ليکڪن جي سالن جي محنت ۽ نور نچويل پورهئي کان پوءِ ڪتاب توهان جي هٿن ۾ اچن ٿا.
ڏسو! جڏهن توهين ڪنھن ليکڪ جو ڪتاب پڙهو ٿا تہ ڄڻ ان سان شريڪ حال آهيو، اهي ڪتاب توهان کي حال کان باخبر، ماضيءَ کان روشناس ڪرائيندڙ ۽ مستقبل جي لاءِ اُتساهيندڙ هجن ٿا، ٻالڪ ادب جا سٺا ڪتاب نہ فقط توهان جي ذهني صلاحيتن کي وڌائيندا پر روحاني طور مضبوط ڪندا، زماني سان گڏوگڏ هلڻ سيکاريندا، وقت جي تقاضائن جو ادراڪ ڏيندا، پارا ٻارو! ڪتاب وفادار ساٿي آهن، حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ دوکو نہ ڏيندا، توهان جي خيالن م هڪمنائي پيدا ٿيندي، خيال جي طاقت ايٽم بم جي طاقت کان بہ وڌيڪ طاقتور آهي، جيڪڏهن خيال تعميري آهن تہ انسان وڏين اوچاين تي پھچي سگهي ٿو. ارادي جي پڪي هئڻ ڪري سندس عمل جي قوت وڌي ٿي، اهو ڄاڻي ڇڏيو تہ جنھن ڏينھن توهان ڪجهہ نہ پڙهيو تہ ڄڻ توهان سڄو ڏينھن ضايع ڪيو.
آئون هتي توهان کي پنھنجي باري ۾ ٻڌائيندي هلان مون ٽئي درجي کان ٻالڪ ادب پڙهڻ شروع ڪيو ويندي انٽر ميڊئيٽ تائين بہ مون کي ٻارن جا ڪتاب تمام گهڻو پسند ايندا هئا، اهي رسالا ۽ اخبارون بہ خاص گهرائيندي هيس جن ۾ ٻارن جي لاءِ ڪھاڻيون ۽ شاعري ۽ ٻيو مواد هوندو هو.
ٻالڪ ادب جي انھيءَ لاڳيتي مطالعي مون کي لکڻ جي همٿ ڏني ۽ مون 1973ع ۾ پھريون دفعو پنھنجي لکڻي کي ”هلال پاڪستان، اخبار معرفت شايع ڪرايو، جا هڪ ڪھاڻي /افسانو هو پر پوءِ آهستي آهستي مضمون ۽ ٻيو مواد لکندي رهيس، اڄ! الحمد ﷲ پنجاھہ سالن جو عرصو مون کي لکندي ٿيو آهي، ٽيھارو کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن تہ ايترائي تڪميل جي مرحلن ۾ آهن، سوين مضمون، مقالا، ڪالم، ڪھاڻيون لکيم پر مون کي وڏي خوشي ٻارن لاءِ لکندي ملي آهي، اهو سڀ توهان جي ڏنل موٽ ڪري ٿيو آهي، منھنجي ڪتابن ”اخلاقي قدر“ (مضمون-ٽي ڇاپا)، ”ٽي تحفا“ (ٻالڪ ڪھاڻيون)، ”شرارتي جن“ (ٻالڪ ڪھاڻيون)، ”پوپٽ ۽ گلاب“ (ٻالڪ ڪھاڻيون)، ”ثاقب جي آئيسڪريم“ (ٻالڪ ڪھاڻيون)، ”شھزادي ماھہ نور“ (ٻالڪ ڪھاڻيون)، ”سھڻا سخن“ (قول، چوڻيون، ٻارن لاءِ)، ”انوکو رازو“ (ٻالڪ ڪھاڻيون)، ”سائنسي ميلو، (ٻالڪ ڪھاڻيون)، ”امر انسان“ (مضمون) جي بي مثال ڪاميابيءَ کانپوءِ هي معلوماتي ڪتاب توهان جي لاءِ پيش ڪري رهي آهيان.
آئون خاص طور نون کان ارڙهن سالن تائين جي ٻارن لاءِ لکندڙ رهي آهيان هيءُ ڪتاب ”معلومات جو خزانو“ مون خاص انھيءَ لاءِ تيار ڪيو آهي، ٻالڪ ادب ۾ هن قسم جي ڪتاب جي کوٽ ڏٺم ۽ ٻيو چاهيم تہ منھنجي سونھاريءَ سنڌ جي ٻارن کي دين، دنيا، پنھنجي ملڪ پاڪستان ۽ خاص سنڌ صوبي، سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت ضروري معلومات ڏيان، اميد تہ پسند ايندو.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ
رابطو: 03332766564