ٻاراڻو ادب

معلومات جو خزانو

ھي ڪتاب خاص طور نون کان ارڙهن سالن تائين جي ٻارن جي لاءِ معلومات جو خزانو آھي. ھي ڪتاب پنجن بابن ۾ ورھايل آھي: ”باب پھريون: دين جي معلومات“، ”باب ٻيو: دنيا جي معلومات“، ”باب ٽيون: پاڪستان جي معلومات“، ”باب چوٿون: سنڌ جي معلومات“ ۽ ”باب پنجون: سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي معلومات“.    

Title Cover of book Maloomat Jo Khazano

باب چوٿون: سنڌ جي معلومات

 سنڌ دنيا جو هڪ قديم خطو آهي. جنھن جي قدامت جي ساک”موهن جي دڙي“ ۽ ”هڙپا“ جي هزارين سال اڳ ٺھيل آثارن مان پوي ٿي.
 پنجاب کان پوءِ سنڌ پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو صوبو آهي. جنھن ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا شھر ۽ ڳوٺ آباد آهن.
 ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
 قائدِ اعظم جو مقبرو ڪراچيءَ ۾ آهي.
 سنڌ جو وڏو وزير ۽ ٻيا وڏا عملدار ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا.
 سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جون عمارتون ڪراچيءَ ۾ موجود آهن
 سنڌ جو وڏو اهم دريا ” سنڌو دريا“ آهي
 سنڌ جي مشھور ڍنڍن ۾ ”ڪينجهر“، ”هالاڻي“ ۽ ”منڇر“ آهن.
 سنڌ جي آبھوا گرم آهي، ٿر جو ريگستان جو علائقو سنڌ ۾ اچي ٿو. وڏن شھرن ۾ ڪراچي، سکر، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، خيرپور ۽ نوابشاھہ آهن.
 سنڌ جي ثقافت جو اهڃاڻ سنڌي ٽوپي، اجرڪ، رليون، کيس، ۽ جنڊيءَ جو سامان سنڌي علم ۽ ادب آهن. ڊسمبر جي مھيني جي پھرين هفتي جي آچر تي سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو سنڌ سان گڏ موجودہ وقت پوريءَ دنيا جي وڏن ملڪن ۾ موجود سنڌي قوم ملھائي رهي آهي، جيئن آمريڪا، لنڊن، ڪئناڊا، دبئي ۽ ٻيا ملڪ آهن.
 سانا (سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا) هڪ سرگرم سنڌي گروپ آهي، جنھن جون گڏجاڻيون آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ٿين ٿيون، جتي سڀ گڏجي سنڌي ثقافت، علم ۽ ادب جي پٺڀرائي ڪن ٿا.
 انگلينڊ ۾ ”ورلڊ سنڌي ڪانگريس جون گڏجاڻيون ٿين ٿيون، جنھن ۾ سنڌي ماڻھو شرڪت ڪن ٿا، سنڌ جي مسئلن تي ڳالھہ ٻولھہ ٿئي ٿي، ثقافتي ڏهاڙا ملھائين ٿا.
 ثقافت جو ڏينھن گڏيل عرب امارات ۾ خاص طور دبئي ۾ اهتمام سان ملھايو وڃي ٿو.
 سنڌ جي شھر حيدرآباد جو اصل نالو ”نيرون ڪوٽ“ هو جنھن کي پوءِ حيدرآباد سڏيو ويو. غلام شاھہ ڪلھوڙي حڪمران هن شھر جو بنياد 1768ع ۾ رکيو.
 حيدرآباد جون راتيون ٿڌيون وڻندڙ ۽ ڏينھن گرم آهن.
 يونيورسٽين جو شھر ڄامشورو حيدرآباد جي ويجهو آهي. ڄامشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ (لمس) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي موجود آهن.
 سنڌو دريا کي ”دريا مھراڻ“ بہ سڏيو ويندو آهي. سنڌ جو هيءُ قديم دريا 2700 ڪلوميٽر جي ڊيگهہ رکي ٿو.
 سنڌ جو شھر ميرپورخاص پوريءَ دنيا ۾ انب جي ميوي جي ڪري گهڻو مشھور آهي.
 سنڌ جي ميون ۾ انب پوريءَ دنيا ۾ ايڪسپورٽ ٿيئي ٿو، ميرپور جو سنڌڙي انب پوريءَ دنيا ۾ مقبول آهي.
 سنڌڙيءَ کان سواءِ ٻيا پڻ ڪيترائي انبن جا قسم سنڌ ۾ عام جام آهن. جي پڻ کائڻ ۾ لذيذ ۽ اهم آهن، جيئن ”لنگڙو“، ”ڪليڪٽر“، ” دُسيري“، ”چوسو“، ”انور رتول“، ”بيگن پلي“ ”ديسي“ ۽ ٻيا آهن.
 سنڌ جو پھريون گورنر 1947ع کان پوءِ غلام حسين هدايت ﷲ هو.
 سنڌ جو پھريون نقشو 1870ع ۾ ڇاپيو ويو.
 سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيتريون ئي اخبارون روزاني ۽ ڪجهہ ماهوار رسالا ڇپجن ٿا. اخبارن ۾ سنڌ جي ئي حالتن بابت وڌيڪ خبرچار هجي ٿي. اهڙين اخبارن ۾ ”هلال پاڪستان“ ”ڪاوش“، ”عبرت“، ”سوڀ“، ”سنڌ ايڪسپريس“ ”پنھنجي اخبار“ ۽ ٻيون آهن.
 اهي اخبارون انٽرنيٽ تي پڻ پوري دنيا ۾ پڙهڻ لاءِ موجود آهن.
 سنڌ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي هن دور ۾ چند اهم ٽي وي چئنلز ”ڪي ٽي اين“ ”ڪشش“، ”ڌرتي“ ”ٽائيم“، ”آواز“ ۽ ”مھراڻ“ کانسواءِ ڪافي يوٽيوب چئنلز پڻ موجود آهن. جن تان ادبي ۽ تفريح جا پروگرام پيش ڪيا وڃن ٿا.