باب پنجون: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي معلومات
هيءَ هڪ سڌريل ۽ شانائتي ٻولي آهي.
سنڌي ٻولي سنڌ ۽ پاڪستان کانسواءِ دنيا جي انيڪ ملڪن جيئن ابوظھبي، دبئي، سعودي عرب، ڪئناڊا، آمريڪا، لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ جتي سنڌي آباد آهن، ڳالھائي وڃي ٿي.
سنڌي ٻوليءَ بابت ڪم ڪندڙن ۾ انگريز دور جي عالمن کان سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج ميمڻ ۽ ٻيا آهن.
لفظ ”ادب“ جي معنيٰ آهي طريقو، شائستگي ۽ سليقو.
ادب لطيف فن آهي، ان جي لطافت جو ڪارڻ اثر انگيزي آهي.
دنيا جو هر ادب نثر ۽ نظم ۾ هجي ٿو.
سنڌي لوڪ ادب جي نثري حصي ۾ لوڪ ڪھاڻيون ۽ داستان آهن تہ نظمي حصي ۾ لوڪ شاعري آهي.
ادبي دورن ۾ عربن جو دور، سومرن جو دور، سمن جو دور، ارغون، ترخان ۽ مغل دور، ڪلھوڙون جو دور، ٽالپر جو دور، انگريزن جو دور ۽ موجودہ دور آهن.
سنڌي ٻولي پھرين کاٻي کان ساڄي طرف گجراتي ۽ انگريزي جيان لکي ويندي هئي. جا ديو ناگري سنڌي هئي.
موجودہ وقت عربي، سنڌي الف ب جي نموني سان سنڌي ساڄي کان کاٻي طرف لکي وڃي ٿي. جنھن جي شروعات ابوالحسن ڪئي.
انگريز حڪومت صورتخطيءَ جي مقرر ڪرڻ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري جي ڪمن ۾ پرنٽنگ پريس (ڇاپخانا) قائم ڪيا اخبارون جاري ڪيون، اسڪول کوليا. نصاب مقرر ڪري ڪتاب شايع ڪرايا. ٽالپر دور جي هٿ اکر لکيل ڪيترن نسخن کي ڇپايو.نثر جو عروج انگريز دور ۾ آيو.
سنڌي نثر جو پھريون مثال جو موجود صورت ۾ ملي ٿو، سو آخوند عزيز ﷲ جو قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو آهي. جو ٽالپر دور ۾ ترجمو ڪيو ويو.
قرآن شريف جي سنڌي مترجمن ۾ مولانا سيد تاج محمد امروٽي، عبدﷲ تنيو ۽ ٻيا آهن.
حضرت مولانا سيد تاج محمد امروٽي جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو، سندن وفات 1929ع ۾ ٿي.
سنڌي الفا بيٽ ۾ 52 اکر آهن. جن ۾ اصلوڪن سنڌي اکرن سان گڏ فارسي ۽ عربيءَ جا اکر پڻ موجود آهن.
هلندڙ سنڌي صورتخطي انگريز دور ۾ 1853ع ۾ لاڳو ٿي.
پھريون درسي ڪتاب ”باب نامو“ لکيو ويو.
”سنڌي پھاڪا“ ديوان ڪوڙومل ۽ ”گل شڪر“ ڪيولرام سلامت راءِ شروع دورجا پھاڪن جا اهم ڪتاب آهن.
شاھہ عبدالطيف شاعرن جو سرتاج شاعر سنڌي ادب جو وڏي ۾ وڏو شاعر شمار ٿيئي ٿو. جو ڪلھوڙن جي دور جو شاعر هو.
شاھہ عبدالطيف جو جنم شاھہ حبيب جي گهر ڀٽ شاھہ جي ويجهو هالا حويليءَ ۾ ٿيو.
”شاھہ جو رسالو“، شاھہ لطيف جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
شاھہ جو رسالو”گنج“ جي قلمي نسخي جي صورت ۾ محفوظ هو.
انگريز حڪومت جي دور ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ شاھہ جي رسالي کي سڀ کان پھرين جرمنيءَ جي شھر ”لپزگ“ مان شايع ڪيو ان کانپوءِ ٻيا رسالا ڇاپي جي صورت ۾ هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڇپيا آهن.
شاھہ جي رسالي ۾ زندگيءَ جي انيڪ موضوعن تي بي شمار بيت سنڌي قوم جي رهنمائي لاءِ موجود آهن.
مشھور لوڪ داستانن کي شاھہ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ آندو.
هن شاعريءَ ۾ بيت ۽ وايون آهن. هيءُ هڪ شاهڪار شاعري شمار ٿيئي ٿي.
پاڻ سڄي سنڌ گهميو ۽ پنھنجي قوم جا ڏک سور، خوشيون غميون بيتن معرفت ڄاڻايائين.
شاھہ لطيف جي رسالي ۾ سنڌ جي ثقافت، تھذيب ۽ تمدن جي بھترين ڄاڻ موجود آهي.
ڀٽ شاھہ تي هر سال 14 صفر تي ٽي ڏينھن لطيف سرڪار جي وفات جي تاريخ تي ميلو لڳندو آهي. سوين زائرين ايندا آهن.
ادبي ڪانفرنس ٿيندي آهي ۽ لطيف تي علمي ۽ ادبي ڪم ڪندڙ اديبن ۽ شاعرن کي ايوارڊ ڏنا ويندا آهن.
شاھہ لطيف کان اڳ قاضي قاضن ۽ شاھہ ڪريم مشھور شاعر ٿي گذريا آهن.
شاھہ کانپوءِ سنڌ جي شاعرن ۾ سچل سرمت شيخ اياز، استاد بخاري، مخدوم طالب الموليٰ ۽ ٻيا آهن.
سنڌي نثر جو وڏو نالو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو آهي. هن سنڌي ادب ۾ سوين ڪتاب لکيا.
کين ”سنڌي نثر جو ابو“ سڏيو وڃي ٿو.
ٻين نثر نگارن ۾ علامہ دائود پوٽو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مھر چند، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ٻيا نالا آهن.
نثر جون اهم صنفون، ناول، ناٽڪ، افسانو /ڪھاڻي، آتم ڪھاڻي، مضمون، سفر نامو ۽ ٻيون آهن جن ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن.
سنڌيءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات 1860ع ۾ ٿي.
قانون جي موضوع تي پھريون ڪتاب 1863ع ۾ لکيو ويو.
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 1872ع ۾ سنڌيءَ ۾ گرامر جو ڪتاب لکيو.
پھريون مضمونن جو ڪتاب ”گل ڦل“ آهي جنھن ۾ اهي مختصر مضمون آهن جي ”جوت“ اخبار ۾ شايع ٿيا، انھي ڪتاب کي پرمانند ميوارام جوڙيو.
”مقالات الحڪمت“ مرزا قليچ جو پھريون ترجمو ڪيل مضمونن جو مجموعو آهي.
پھريون سنڌي ترجمو ڪيل ناول”راسيلاس“ آهي، پھريون سنڌي طبعزاد ناول ”دلا رام“ آهي.
انٽرنيٽ تي سنڌي ڪتابن جي موجودگيءَ جو وڏو ادارو ”سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهر“ آهي جنھن تي ڪيترائي ڪتاب اپ لوڊ ٿيل آهن.(منھنجا گهڻا ڪتاب سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهر تي پڙهڻ لاءِ موجود آهن)
ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ ڄامشورو پاران پڻ سنڌي ڪتاب آن لائين رکيا وڃن ٿا.
سنڌي ٻولي ۽ ادب کي دورن ۾ ورهائي ادبي تاريخن ۾ هر دور جي اديبن ۽ عالمن ۽ ان دور جي علمي ۽ ادبي سرمايي جو احوال ڏنو ويو آهي.
پھرين سنڌي ۽ فارسي گاڏڙ اخبار ”فوائد الاخبار“ آهي.
صحافت ۾”الوحيد“ اخبار ۽ ”توحيد“ رسالو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ سنڌيءَ ۾ اهم شمار ٿين ٿا.
مشھور شاعر شيخ اياز جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي آهي.
شاعر نثار بزميءَ جو اصل نالو قلندر بخش آهي.
شاعر سليم ڳاڙهويءَ جو اصل نالو الھورايو مھر آهي.
مشھور شاعر استاد بخاريءَ جو اصل نالو احمد شاھہ آهي.
ٻالڪ ادب جي شروعات انگريز دور ۾ سنڌ صورتخطيءَ مقرر ٿيڻ کانپوءِ ٿي، ديوان ننديرام سيوهاڻي ٻارن جي اسڪول واسطي ”باب نامو“ جوڙيو ۽”ايسپ جون آکاڻيون“ ترجمو ڪيون.
ورهاڱي کان اڳ ٻارن جي ادب لاءِ لکندڙ ليکڪن ۾ ميان غلام حسين قريشي، سيد ميران محمد شاھہ، منشي اڌا رام ٿانورداس مير چنداڻي، ڪيولرام سلامت راءِ، آخوند عبدالرحيم وفا عباسي، پرمانند ميورام، شيوڪ پوڄراج، محمد صديق مسافر، نارائڻ داس ملڪاڻي، حاجي امام بخش خادم، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مھر چند آڏواڻي، هري دلگير، ڪشنچند بيوس ۽ ٻيا نالا آهن.
ورهاڱي کانپوءِ جي ٻالڪ ادب جي ليکڪن جا نالا گرداس واڌواڻي، ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، وليرام ولڀ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، قمر ميمڻ، خالد ڀٽي، انور ابڙو، اياز پاٽولي، ولي محمد طاهر زادو، خليل عارف سومرو، اسرار شام، محمد بخش جوهر، ، استاد بخاري، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، محمود مغل، يوسف سنڌي، ذوالفقار سيال، عبدالحئي ڀٽو، پروانو سيوهاڻي، غلام محمد غازي، نصير مرزا، نياز پنھور، طارق قريشي، استاد دايو، پريل دايو، ياسر قاضي، سعيد چانڊيو، اويس ڀٽو، قاضي منظر حيات، مختيار ملڪ، الطاف شيخ، ادل سومرو، اياز گل، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، مريم مجيدي، بيخود بلوچ، فھميدہ چنا، اختر درگاهي، وحيد محسن، غلام محمد ڀٽي، علي محمد درد سولنگي، امداد جسڪاڻي، راز شاهاڻي، اويس ڀٽو، ياسين ڪنڀر، علي دوست ”عاجز“، سرمد عباسي، عيسيٰ ميمڻ، شگفتہ شاھہ، زيب نظاماڻي، قربان منگي، امر اقبال، وفا موليٰ بخش، فقير محمد سنڌي، نور احمد ڏهوٽ، عابده گهانگهرو، غلام مصطفيٰ سولنگي، مشتاق بخاري، غفار سومرو، الطاف ملڪاڻي ۽ ٻيا آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ انگريز دور ۾ ٻارن جا نڪرندڙ رسالا ” گلستان“، ”گل ڦل“ ۽ ٻيا آهن.
ورهاڱي کانپوءِ ٻارن جي لاءِ نڪرندڙ رسالا ”گل ڦل“، ”ٻارن جي ٻاري“، ”ساٿي“، ”گلن جھڙا ٻارڙا“، ”سنگتي“ ”گلزار“، ”روشن دنيا“، ”ٻالڪ رنگ“، ”چڻنگ“، ”مرڪ“ ۽ ٻيا آهن.
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ سنڌ جي نصاب سازيءَ جو ادارو آهي.
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان پھرين درجي کان ٻارهين درجي تائين جا اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهايا ويندڙ ڪتاب تيار ٿيندا آهن. جن ۾ سنڌي، اردو، انگريزي، اسلاميات، حساب، فزڪس، ڪيمسٽري، بائيولاجي ۽ ٻين مضمونن جا ڪتاب ڇپجن ٿا. سنڌيءَ جي نصابي ڪتابن ۾ ٻارن جي لاءِ شاعري ۽ نثر ۾ مختلف موضوعن تي لکيو وڃي ٿو.
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ 1916ع کان 1921ع تائين چئن ڀاڱن ۾ گرامر جو ڪتاب لکيو جي پھرين الڳ الڳ ڇپيا موجودہ وقت سنڌي ادبي بورڊ طرفان گڏيل ڪتاب شايع ٿيل آهي. جو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان ٻارهين ڪلاس جي نصاب جي مطالعي لاءِ پڻ رکيو ويو آهي.
ورهاڱي کانپوءِ پھريون سنڌي سفر نامو ”سفر يورپ جي ڊائري“ آهي جو قاضي عبدالمجيد عابد لکيو.
مشھور سفر نامانگار الطاف شيخ هڪ سئو کان مٿي سفر ناما لکيا آهن، ٻين سنڌي سفر ناما لکندڙن ۾ عبدالحئي پليجو، تنوير عباسي، محبوب شيخ، ماهتاب محبوب ۽ ٻيا آهن.
پھريون سنڌي ناٽڪ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ”ليليٰ مجنون“ عنوان سان لکيو، ٻين ناٽڪ نويسن ۾ محمد اسماعل عرساڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، ممتاز مرزا، شيخ اياز، قمر شھباز، آغا سليم ۽ ٻيا آهن.
سنڌي ادب جا اهم ناول نگار محمد عثمان ڏيپلائي، غلام نبي مغل، طارق عالم ابڙو، علي بابا ۽ ٻيا آهن.
سنڌي افسانو ورهاڱي کان ااڳ لکيو ويو، چند مجموعا ڇپيا هئا.
1947ع کان پوءِ سنڌي افسانا نگارن ۾ جمال ابڙو، امر جليل، نجم عباسي، نسيم کرل ۽ ٻيا آهن.
عورت افسانا نگارن ۾ ثميره زرين، خير النساء جعفري، ماهتاب محبوب، سيما عباسي، سيما ابڙو، شبنم گل، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ۽ ٻيون آهن.
شبنم گل جو اصل نالو رضيہ سلطانہ آهي.
علي بابا جو اصل نالو علي محمد آهي.
سنڌي سوانح نگاريءَ ۾ سڀ کان پھرين مرزا قليچ جا ڪتاب ملن ٿا.
”تذڪرہ مشاهير سنڌ“، دين محمد وفائي جو اهم ڪتاب آهي.
سوانحي مضمونن ۾ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو ڪتاب ”امر انسان“ اهميت رکي ٿو.
پھاڪي ۾ وڏو سچ لڪيل هوندو آهي.
پھاڪا، اصطلاح ۽ چوڻيون ٻوليءَ جو شان آهن.
ٻارن جي لاءِ موجودہ دور ۾ گهڻو لکندڙ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جا چوڏهن ڪتاب ڇپجي ويا آهن، جيڪي ڪھاڻين، مضمونن، قولن ۽ چوڻين ۽ حڪايتن تي مشتمل آهن.