ٻاراڻو ادب

معلومات جو خزانو

ھي ڪتاب خاص طور نون کان ارڙهن سالن تائين جي ٻارن جي لاءِ معلومات جو خزانو آھي. ھي ڪتاب پنجن بابن ۾ ورھايل آھي: ”باب پھريون: دين جي معلومات“، ”باب ٻيو: دنيا جي معلومات“، ”باب ٽيون: پاڪستان جي معلومات“، ”باب چوٿون: سنڌ جي معلومات“ ۽ ”باب پنجون: سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي معلومات“.    

Title Cover of book Maloomat Jo Khazano

باب ٽيون: پاڪستان جي معلومات

 پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع تي الڳ ملڪ جي حيثيت سان قائم ٿيو،
 23 مارچ اهو ڏينھن آهي جنھن تي پاڪستان جو ٺھراءُ منظور ٿيو. جنھن کي ”قرارداد پاڪستان“ سڏيو ويو آهي. انھيءَ هنڌ تي لاهور ۾ ”مينار پاڪستان“ ٺھيل آهي.
 پاڪستان اسلام جي نالي تي قائم ڪيل،”اسلامي جمھوريہ پاڪستان“ جي نالي سڏيو وڃي ٿو.
 پاڪستان جي شھر ڪراچيءَ کي اهو اعزاز حاصل آهي جو مسلم ليگ جو پھريون اجلاس 1907ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيو.
 پاڪستان جو هڪ حصو 1971ع جي هندوستان ۽ پاڪستان جي جنگ دوران اوڀرپاڪستان مان ”بنگلاديش“ جي نالي تي جدا ٿي دنيا ۾ هڪ الڳ ملڪ جي حيثيت ۾ قائم ٿيو آهي.
 هندوستان ۽ پاڪستان ٻہ پاڙيسري ملڪ هوندي بہ ڪجهہ مسئلن تي پاڻ ۾ سخت اختلاف رکندڙ آهن. جن جي وچ ۾ ٻہ جنگيون 1965ع ۽ 1971ع ۾ لڳي چڪيون آهن.
 پاڪستان جي سرحدن کي چين، ايران، افغانستان ۽ هندوستان جا ملڪ ويجها آهن.
 پاڪستان جو سڀ کان وڏو ريگستان ٿر پارڪر سنڌ ۾ آهي.
 پاڪستان جا چار صوبا، سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد( ڪي پي ڪي/خيبر پختونخواھہ) آهن.
 دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪوبہ دريا ڪونھي پاڪستان هڪ خوشقسمت ملڪ آهي جنھن ۾ انيڪ دريا، نديون،چشما ۽ ڍنڍون آهن.
 ڪينجهر ايشيا جي عظيم ڍنڍ پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ موجود آهي.
 ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ائٽمي پاور ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
 دنيا ۾ ائٽمي پاور جي لحاظ کان پاڪستان جي اهميت آهي.
 پاڪستان جو پھريون ائٽمي بجلي گهر ڪراچيءَ ۾ ٺاهيو ويو.
 آباديءَ جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو يارهون نمبر ملڪ آهي.
 پاڪستان ۾ پھرين آدمشماري 9 فيبروريءَ کان 28 فيبروري 1951ع تي ٿي هئي.
 پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو پھريون ٽيسٽ مئچ 1955ع ۾ کيڏيو ويو.
 پاڪستان ۾ ٻہ ڀيرا مارشل لا لڳو آهي.
 پاڪستان پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ۽ تحريڪ انصاف، پاڪستان جون قومي ليول تي وڏيون سياسي پارٽيون رهيون آهن.
 پاڪستان ۾ ڪڻڪ، ڪپھہ، چانور ۽ ڪمند جام ٿيندا آهن. جڏهن تہ دنيا جي 45 ملڪن ۾ اهي شيون پيدا ڪونہ ٿيون ٿين.
 پاڪستان هڪ زرعي ملڪ. ۽ معدني دولتن سان مالا مال ملڪ آهي.هن ملڪ ۾ قدرتي گئس جا وڏا ذخيرا آهن. جڏهن تہ دنيا جي 77 ملڪن ۾ قدرتي گئس ڪونھي.
 پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڊگهي سرنگ ”کوجڪ“ آهي.
 پاڪستان جو سڀ کان ڊگهو مينار ”مينارِ پاڪستان“ آهي.
 پاڪستان جو سڀ کان وڏو جهنگ ” ڇانگا مانگا“ آهي.
 پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ ڊگهو دريا ” سنڌو دريا“ آهي.
 پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ پھريون گورنر غلام حسين هدايت ﷲ هو.
 پاڪستان جي قائم ٿيڻ کي جڏهن 1997ع ۾ پنجاھہ سال پورا ٿيا تڏهن سيد قاسم محمود” انسائيڪلوپيڊيا پاڪستانيڪا“ جو ضخيم جلد تيار ڪيو. جنھن جي لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اهو پاڪستان جي باري ۾ پھريون معلوماتي انسائيڪلوپيڊيا تيار ٿيو.
 پاڪستان جو جهنڊو امير الدين قدوائي ڊيزائين ڪيو.
 پاڪستان جو وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع کان 1977ع تائين ان عھدي تي رهيو سندس نياڻي محترمہ شھيد بينظير ڀٽو 1988ع کان 1990ع تائين وزير اعظم رهي ۽ ٻيو دفعو 1993ع کان 1996ع تائين وزير اعظم رهي. کيس اسلامي دنيا جي پھرين عورت وزير اعظم ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي.
 پيءُ ۽ ڌيءَ جي وزير اعظم ٿيڻ جو هڪ مثال هندستان جو بہ آهي جتي جواهر لال نھرو 1947ع کان 1964ع تائين وزير اعظم رهيو. سندس ڌيءَ مسز اندرا گانڌي 1966ع کان 1977 ع تائين وزير اعظم رهي ۽ وري ٻيو دفعو 1980ع کان 1986ع تائين وزير اعظم رهي.
 ساڳيءَ ريت اهڙو هڪ ٻيو مثال سريلنڪا جو پڻ آهي
 پاڪستان جي ملڪ کي سڀ کان پھرين ايران تسليم ڪيو.
 پاڪستان جو پھريون صدر سڪندر مرزا هو.
 فيلڊ مارشل جو عھدو فوج جي آفيسرن ۾ سڀ کان اعليٰ عھدو آهي. جنھن کي ڪي پي ڪي جي هزاره ڊويزن جي ضلعي هري پور جي ڳوٺ ريحانہ ۾ 1907ع ۾ جنم وٺندڙ جنرل محمد ايوب خان حاصل ڪيو، هو پاڪستان جو صدر رهيو، سندس دور ۾ 1965ع ۾ هندوستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ لڳي صدر ايوب خان جي وفات 1974ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿي.
 انگريزي اخبار ”ڊان“ڪراچيءَ مان 15 آگسٽ 1947ع تي جاري ٿي.
 پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ جو آغاز قائدِ اعظم محمد علي جناح ڪراچيءَ مان 15 آگسٽ تي ڪيو.
 9 فيبروري 1948ع تي ڪراچيءَ کي پاڪستان جو پھريون گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ويو.
 پاڪستان جو قومي ترانو پھريون دفعو 13 آگسٽ 1954ع تي نشر ڪيو ويو.
 پھرين جولاءِ 1948ع تي قائد اعظم اسٽيٽ بئنڪ جو افتتاح ڪراچيءَ ۾ ڪيو.
 پاڪستان ۾ 1950ع ۾ ايران جي بادشاھہ جي پاڪستان اچڻ مھل قومي تراني جي موجودگي نہ هئڻ جي ڪري فقط موسيقيءَ جي ڌن کي هلائي استقبال ڪيو ويو. اها ڌن مشھور سنڌي موسيقار غلام علي چاڳلا ٺاهي.
 غلام علي چاڳلا جي ٺاهيل موسيقيءَ تي حفيظ جالنڌري موجودہ قومي ترانو لکيو.
 پاڪستان ۾ پھريون دفعو 1964ع ۾ ٽي وي جي نشريات جي شروعات ٿي، جڏهن تہ دنيا ۾ 1926ع ۾ ئي آغاز ٿي چڪو هو.
 پاڪستان ٽيليويزن تي رنگين نشريات جي شروعات 30 ڊسمبر 1976ع تي ٿي.
 1961ع ۾ جاپان جي ماهرن پاڪستان ۾ ٽيليويزن جي قائم ٿيڻ جي ڪم جو جائزو ورتو. 29 آڪٽوبر 1963ع تي ملڪ جي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ٽي وي اسٽيشن جي قائم ٿيڻ جي منظوري ڏني پھرين ٽي اسٽيشنون ڪراچي، لاهور ۽ ڍاڪا ۾ قائم ٿيون. جاپان جي اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ اين اي سي (NEC) پنھنجي خرچ تي پاڪستان ۾ تجرباتي بنياد تي ٽي وي اسٽيشن قائم ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي ۽ ايئن 26 نومبر 1964ع تي پاڪستان ٽيليوزن جي نشريات جو افتتاح ڪيو ويو.
 پاڪستان جو سڀ کان وڏو ٽيلي ويزن اسٽيشن ڪراچيءَ ۾ آهي.
 علامہ محمد اقبال پاڪستان ٺاهڻ جو تصور پيش ڪيو هن کي قومي شاعر جو درجو حاصل آهي.
 علامہ اقبال پاڪستان جو قومي شاعر سڏجي ٿو.
 علامہ اقبال کي ”سر“ جو لقب انگريز سرڪار 1922ع ۾ ڏنو.
 پاڪستان جو پھريون وزيراعظم لياقت علي خان هو.
 پاڪستان جو پھريون ريڊيو اسٽيشن لاهور ۾ آهي
 پاڪستان جي سڀ کان وڏي بندرگاھہ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿي.
 پاڪستان جي سڀ کان وڏي لوڻ جي کاڻ جهلم ۾ آهي.
 پاڪستان جي ٿر جي علائقي سارڻ ۾ پڻ لوڻ جي وڏي کاڻ موجود آهي.
 پاڪستان جي ٻي وڏي ڪوئلي جي کاڻ ڪوئيٽا بلوچستان ۾ آهي.
 پاڪستان جو پھريون گاديءَ جو هنڌ ڪراچي ۽ موجودہ وقت اسلام آباد پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
 پاڪستان جو پھريون سِڪو 3 جنوري 1948ع تي جاري ٿيو.
 پاڪستان جو سڀ کان وڏو ضلعو خضدار بلوچستان ۾ آهي.
 پاڪستان ۾ سڀ کان گهڻي گرمي سبي ۽ جيڪب آباد جي شھرن ۾ هجي ٿي، جتي 50 سينٽي گريڊ تائين گرمي پد هجي ٿو.
 پاڪستان جي سڀ کان پھرين ٽپال ٽڪلي 4 جولاءِ 1948ع تي جاري ٿي.
 قائدِ اعظم محمد علي جناح جي مزار جو نقشو تعميري فن جي ماهر يحييٰ ٺاهيو. جنھن جي اڏاوت 15 جنوري 1971ع تي مڪمل ٿي.
 ”حياتِ محمد علي جناح“ رئيس احمد جعفريءَ جو ڪتاب آهي.
 دنيا جي بلند ترين جبل جي چوٽي مائونٽ ايوريسٽ تي پاڪستان جو جهنڊو 17 مئي 2000ع تي ڦڙڪايو ويو.
 پاڪستان جي خلائي تحقيقي اداري ”سپارڪو“ جو بنياد 1961ع ۾ رکيو ويو.
 پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڊيم ”تربيلا ڊيم، آهي.
 ريڊيو پاڪستان جو مونوگرام مشھور مصور عبدالرحمان چغتائيءَ ٺاهيو.
 جون 1958ع ۾ همدرد يونيورسٽي ڪراچيءَ جو بنياد پيو.
 مشھور حڪيم محمد سعيد همدرد فائونڊيشن جي سربراھہ جي نياڻي سعديہ راشد همدرد فائونڊيشن جي صدر 1998ع ۾ مقرر ٿي.
 ملاله يوسف زئي پاڪستان جي نامور شخصيت آهي جا گڏيل قومن جي اداري معرفت نيويارڪ ۾ وڏي عھدي تي ڪم ڪندي آهي سندس تعلق ڪي پي ڪي خيبر پختونخواھہ سان آهي.
 چنبيليءَ جي گل کي 15 جولاءِ 1961ع تي پاڪستان جو قومي گل قرار ڏنو ويو.
 ڪھوٽا ايٽمي پلانٽ جو نالو جنرل ضياء الحق بدلائي عبدالقدير خان ريسرچ ليبارٽريز پھرين جنوري 1984ع تي رکڻ جي منظوري ڏني.
 1972ع ۾مشھور اخبار (DAWN) ڊان پنھنجي سلور جوبلي ملھائي.
 سکن جي مشھور عبادتگاھہ ”پنجہ صاحب“ پاڪستان جي شھر حسن ابدال ۾ آهي.
 ”فيصل مسجد“ اسلام آباد جو بنياد سعودي حڪمران شاھہ خالد بن عبدالعزيز رکيو ۽ ان تي آرائشي ڪم آرٽسٽ گل جي آغا ڪيو.
 حضرت خواجہ غلام فريد جي مزار پاڪستان جي شھر مٺن ڪوٽ ۾ آهي.
 حضرت داتا گنج بخش جو مزار لاهور ۾ آهي.
 حضرت لعل شھباز قلندر جو مزار سيوهڻ ۾ آهي.
 حضرت عبدﷲ شاھہ غازيءَ جو مزار ڪراچي ۾ آهي.
 حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مزار ڀٽ شاھہ هالا ۾ آهي.
 مشھور شاعر فيض احمد فيض جي وفات 22 نومبر 1984ع تي ٿي.
 پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان پھرين جيڪا روزاني اردو اخبار جاري ٿي انھيءَ جو نالو ”امروز“ آهي.
 پاڪستان جي قديم مسجد ڀنڀور جي مسجد آهي.
 مغل بادشاھہ جھانگير جي راڻي نور جھان جو مقبرو لاهور ۾ آهي.
 ننڍي کنڊ ايشيا ۾ 1857ع جي انگريزن خلاف ٿيل آزاديءَ جي جنگ کي انگريزن ”غدر“ جو نالو ڏنو.
 پاڪستان ٺهڻ کان اڳ اسان جو ملڪ گڏيل هندوستان ۾ شامل هو. ان وقت ننڍي کنڊ تي انگريزن جي حڪومت قائم هئي.
 سر سيد احمد خان 1857ع جي آزاديءَ جي جنگ بابت ڪتاب ”اسبابِ بغاوت هند“ لکي انگريزن کي ڄاڻايو تہ جنگ جا اصل ذميوار مسلمان نہ پر انگريز ۽ هندو آهن.
 هن علي ڳڙھہ مدرسي کي قائم ڪيو جو اڳيان هلي ” علي ڳڙھہ يونيورسٽي“، ٿيو ۽ پاڪستان جي آزاديءَ ۾ انھيءَ يونيورسٽيءَ جو اهم ڪردار آهي.
 سنڌ جو، سر سيد ”حسن علي آفنديءَ“ کي سڏيو وڃي ٿو ، جنھن 1885ع ۾ ”سنڌ مدرسةالسلام“ مدرسي جو بنياد وڌو جنھن مان قائدِ اعظم محمد علي جناح سميت ڪيترن ناليوارن شخصيتن علم پرايو ۽ اڄ اهو مدرسو يونيورسٽيءَ جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي.
 ”ستارہ امتياز“ ۽ ”تمغہ امتياز“ حاصل ڪيل صادقين جو شمار پاڪستان جي عظيم مصور ۽ خطاطيءَ جي ماهر طور ٿئي ٿو.هُو 20 جون 1930ع تي پيدا ٿيو.
 سيد صادقين احمد نقوي جي ٺاهيل تصويرن جي پھرين نمائش 1954ع تي ڪوئيٽا ۾ ٿي.
 پاڪستان کانسواءِ دنيا جي ڪيترن وڏن ملڪن ۾ هن پنھنجي فن جي نمائش ڪئي. صادقين رباعيءَ جو وڏو شاعر هو ڏيڍ هزار رباعيون چيائين.
 قرآن پاڪ جي آيتن جي اثرائتي خطاطيءَ سبب سندس نالو ڏيھان ڏور مشھور ٿي ويو. خاص طور سورة ”الرحمٰن“ جي آيتن جي خطاطيءَ هن کي گهڻي مقبوليت عطا ڪئي.
 پاڪستان جي وڏين عمارتن جيئن اسٽيٽ بئنڪ، لاهور ميوزيم، فيصل مسجد ۽ ٻين جڳھين تي هن ديوارن تي وڻندڙ خطاطي ۽ مصوري ڪئي آهي.
 فريئر هال ڪراچيءَ ۾ ڀت تي خطاطي ڪندي هُو ڪري پيو. 10 فيبروري 1987ع تي وفات ڪيائين.
 پاڪستان جي پھرين عورت وزير اعظم شھيد محترمہ بينظير ڀٽو 1988ع ۾ مقرر ٿي، جا ٻہ دفعا وزير اعظم رهي.
 پاڪستان جي پھرين وائيس چانسلر عورت ڊاڪٽر ڪنيز فاطمہ يوسف اسلام آباد فيڊرل يونيورسٽيءَ ۾ 1972ع جي 16 آڪٽوبر تي مقرر ٿي.
 پاڪستان جي پھرين گورنر عورت بيگم رعنا لياقت علي 13 فيبروري 1973ع تي گورنر مقرر ٿي.
 اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي پھرين عورت گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر رهي.
 پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ وڏي سياسي جماعت طور ذوالفقار علي ڀٽو قائم ڪئي . هو 1928ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. 14 آگسٽ 1973ع تي ملڪ جو وزير اعظم بڻيو ۽ 5 جولاءِ 1977ع تائين وزير اعظم جي عھدي تي رهيو. هن 1978ع جي 04 اپريل تي هڪ نہ ڪيل ڏوھہ ۾ شھادت ماڻي.
 پاڪستان جو موجودہ آئين 10 اپريل 1973ع تي منظور ٿيو. جنھن جي تياريءَ ۽ منظوريءَ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو هٿ هو.
 ڪراچيءَ ۾ پاڪستان اسٽيل مل جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو.
 ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ موجود سپر هاءِ وي جي تعمير جو افتتاح صدر يحييٰ خان 28 اپريل 1970ع تي ڪيو.
 حبيب بئنڪ پلازه ڪراچيءَ جو بنياد 4 سيپٽمبر 1971ع تي پيو.
 گوادر 1958ع ۾ پاڪستان جو حصو بڻيو.
 گوادر پورٽ دنيا جي وڏن ساحلن ۾ شمار ٿئي ٿو.
 پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي ڍنڍون آهن.
 سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر ڍنڍ آهي.
 مھو ڍنڍ سوات ۾ موجود آهي. هتي ويجهو هڪ چشمو آهي جنھن کي ”شفا جو چشمو“ چوندا آهن. جنھن جي پاڻي پيئڻ سان بيمارين ۾ شفا ملندي آهي. سوات، ڪالام، چترال هڪٻئي کي ويجها ۽ چين کان ٻہ سئو ڪلوميٽر جي فاصلي تي پاڪستان اندر گهمڻ جا هنڌ آهن.
 پاڪستان جي آباديءَ جو 56 کان 62 سيڪڙو حصو ٻھراڙي ۾ رهي ٿو. تہ هندوستان جي آباديءَ جو 61 کان 82 سيڪڙو حصو ٻھراڙين ۾ رهي ٿو.
 ملڪ جي آباديءَ ۾ عورتن جو حصو اڌ کان مٿي آهي.