حصو پهريون: ٽرانسلوانيه ۾ هڪ قلعو
(31 جون، 1897 تي جوناٿن هارڪر پاران لکيل احوال)
آئون جوناٿن هارڪر جڏهن هيءُ داستان لکي رهيو آهيان، تڏهن موت کان به وڌيڪ ڀوائتي ۽ اڄاتي نصيب جي خوف ۾ ورتل آهيان. مينا، منهنجي زال، جيڪڏهن تون هي قصو پڙهي سگھين ته منهنجي روح لاءِ دعائون ڪجانءِ.
ٽي هفته اڳ آئون ٽرانسلوانيه جي پهاڙي ۽ جھنگلي ملڪ ۾ آيو هوس. آئون لنڊن شهر مان هڪ ٽرين ۾ چڙهيو هوس، جيڪا بڊاپسٽ شهر مان ٿيندي، بسٽرز اسٽيشن تي پهتي هُئي. اُتان آئون گھوڙا گاڏي ذريعي مرڪزي يورپ جي تمام پرانهين ۽ اندرين علائقي ۾ ويس: هن علائقي کي هتان جا رهواسي ”وچين ڌرتي“ ڪري ڪوٺين ٿا. هيءُ علائقو واقعي به بيحد خوبصورت آهي. جيڏانهن کڻي نهار، تيڏانهن ننڍيون ننڍيون ٽڪريون ۽ ڪارسرا وڻ نظر چڙهندا. وري انهن جي پويان ”ڪارپٿين“ پهاڙي سلسلو نظر ايندو، ان جون چوٽيون برف سان ڍڪيل هيون.
مون ساڻ انهيءَ گاڏي ۾ رنگ برنگي ڪپڙن ۾ ملبوس هاري به ويٺل هُئا. هو اڻپڙهيل هُئا ۽ وهمي ٿي ڀاسيا. جيئن جيئن رات ٿيندي ويئي، ته ائين ٿي لڳو ڄڻ هو اونداهه کان ڊڄي رهيا هجن. جڏهن کين مون ٻڌايو ته ٿوري دير کانپوءِ آئون هن ٽانگي مان لهي، ڪنهن ٻئي گاڏي ۾ چڙهندس، تڏهن اهو ٻڌي دهلجي ويا. هڪ مائي دعائون پڙهڻ شروع ڪيون ۽ پنهنجو صليب لاهي منهنجي ڳچي ۾ تحفي طور وڌو. ٻاهر هڪ دانهن ٻڌڻ ۾ آئي. هڪ ٻيو گاڏو، جنهن کي چار ڪارا گھوڙا ڪاهي رهيا هُئا، اسان جي گاڏي کي اچي پهتو. ان جي ڊرائيور اسان جي گاڏي کي رڪجڻ لاءِ چيو. هڪ ڊگھي ڪوچوان منهنجا ٿيلها کڻي انهي نئين گاڏي ۾ رکيا، آئون به اچي ان ۾ چڙهيس. جھٽ پٽ ۾ اهو گاڏو اوندهه ۾ گم ٿي ويو.
تمام پري کان پهاڙين مان بگھڙن جي اوناڙن جو آواز پئي آيو. آهسستي آهستي اهي آواز ويجھا پوندا ويا. ۽ مون اکيان اهي ڀورا ۽ مٽي ۾ ڀڀوت جانور ڏٺا، جيڪي ڄڀون ڪڍيو، ٽانگي پٺيان ڊوڙي رهيا هُئا. ڪوچوان يڪدم ٽانگو بيهاري، پوئتي ويو. جانور ڊپ ۾ پوئتي هٽ ويا. هن شخص بگھڙن تي الرون ڪندي، حڪمي لفظ واتان ڪڍيا. منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن اهي بگھڙ پوئتي وريا ۽ ڀڄي ويا. ڪوچوان اچي ٽانگي ۾ ويٺو ۽ پنهنجي چهبڪ کي هوا ۾ ڦيرائي آواز ڪڍيائين. ائين پهاڙن تي ٺهيل هن اکٽ رستي تي وري سفر شروع ٿيو. هلندي هلندي، جڏهن رات کٽڻ تي هُئي، اهي گھوڙا ڍرا ٿيا. مون ٻاهر چوڌاري نهاريو. ٽانگو هڪ وسيع ۽ ويڪري قلعي جي اڱڻ ۾ اچي رڪيو هو. ان قلعي جي درين مان ڪابه روشني نٿي آئي. قلعي جون ڀڳل ٽٽل ڪونگريون، آسمان آڏو، نوڪدار قطار جيان پئي لڳيون.
مون پاڻ کي هڪ وڏي در، جيڪو لوهي شيخن سان واڙيو پيو هو، سامهون بيٺل محسوس ڪيو. ڪوچوان منهنجا ٿيلها ۽ صندوقون منهنجي پويان ڇڏي رمندو رهيو. آئون اڪيلو ۽ منجھيو بيٺو هوس. بهرحال جلدي اهو در کليو. هڪ ڊگھو ۽ پوڙهو ماڻهو اُتي بيٺو هو، سندس لباس ڪارو هو ۽ چهرو پيلو هوس. هو اهڙي شانائتي نموني جھڪيو، جو مون سمجھي ورتو ته هيءُ ئي منهنجو ميزبان آهي.
”شام بخير! منهنجا دوست. آئون نواب ڊريڪولا آهيان. ۽ اوهان انگريز وڪيل هارڪر آهيو. ڊريڪولا قلعي ۾ ڀلي ڪري آيا. قلعي ۾ پنهنجي آزاديءَ ۽ خوشيءَ سان داخل ٿيو!“ جڏهن آئون اندر پئي آيس ته هن منهنجي ڪابه مدد نه ڪئي، پر جيئن ئي آئون اندر پهتس ته هن منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ ان کي چڱي پر هلايو. جيتوڻيڪ هنجو هٿ ايترو سگهارو پئي لڳو، جو هوند اهو منهنجي هٿ کي ڦهي وجھي ها، پر اهو ايترو ٿڌو پئي لڳو، ڄڻ ڪو لاشو هجي. مونکي حيرت ٿي جڏهن هن منهنجا ٿيلها کنيا ۽ چيو ته ”منهنجا نوڪر ستا پيا آهن. تنهن ڪري آئون پاڻ اوهان جي سار سنڀال ٿو ڪريان.“ مٿي ماڙيءَ تي هڪ ڪمري ۾ اڳ ۾ ئي ماني لڳي پئي هُئي. آئون ماني کائي رهيو هوس ته نواب منهنجي ڀر ۾ ويٺو رهيو ۽ مونکان نرمائي سان سفر جا احوال وٺندو رهيو.
نواب جو منهن زردو ۽ سنهو هو، سندس ڊگھي نڪ مٿان، ٻئي ڀرون پاڻ ۾ ڳتيل ٿي لڳا. هن جون اکيون ڪاريون ۽ کپندڙ هُيون. سندس وار ۽ مڇون اڇيون هيون. جيتوڻيڪ سندس ڳل بيحد زردا هُئا، پر چپ صحتمند ۽ ڳاڙها هُئا. هن جا ڏند غير معمولي طور تکا ۽ ڊگھا ٿي لڳا. سندس اطوار اميراڻو هو ۽ هن انگريزي روانيءَ سان ٿي ڳالهائي، پر لهجو مختلف هو.
”چئبو ته مسٽر هارڪر! اوهان انگلنڊ کان ڪهي آيا آهيو ته جيئن اوهان قانوني مامرن ۽ لنڊن ۾ ملڪيت جي خريداري ۾ منهنجي سهائتا ڪريو. آئون انهيءَ لاءِ اوهان جو ٿورائتو آهيان. ها، پر اڄ رات پاڻ ڪاروباري گفتگو نه ڪنداسون.“
هو مونکي هڪ ٻئي ڪمري ۾ وٺي ويو، جيڪو انگريزي ڪتابن - انگلينڊ جي تاريخ، قانون ۽ سماجي رسمن متعلق ڪتابن - ساڻ سٿيو پيو هو. ”لڳي ٿو ته اوهان انگلنڊ جي متعلق ڪافي ڪجھه پڙهيو آهي.“ مون کيس چيو.
”هائو، جيئن ته آئون اوهان جي ديس ڏي اچڻ لاءِ ڪافي وقت کان رٿي رهيو آهيان ته جيئن جديد عجوبا ۽ ڳتيل شهر ڏسان.“
ان کان پوءِ هو وڏي دلچسپيءَ سان انگلنڊ جي زندگي متعلق سوال ڪندو رهيو. اسان صبح تائين ڳالهائيندا رهياسون. جيئن ئي سج اڀرڻ لڳو ته مون کي سمهڻ واري ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ مونکي اتي ڇڏيائين ته آئون سمهي رهان.
ٻئي ڏينهن آئون ڪافي دير کان پوءِ ننڊ مان جاڳيس. مونکي پنهنجي آسپاس ڪوبه نظر نه آيو. جيتوڻيڪ کاڌو اڳئي رکيو ويو هو. شام ڌاري مون پنهنجي ٿيلهي مان ننڍي آرسي ڪڍي ۽ شيو ڪرڻ لڳس. اوچتو نواب جو آواز ٻڌم: ”شام بخير“ آئون مڙيس ۽ حيرانيءَ ۾ وٺجي ويس: هو منهنجي تمام ويجھو بيٺو هو، پر مون آرسيءَ ۾ پنهنجي چهري ساڻ هن جو مُنهن نه ڏٺو هو. مون آرسيءَ ۾ ٻيهر نهاريو، نواب آرسيءَ ۾ نظر نٿي آيو!
نواب منهنجي ڳچيءَ کي گھوري رهيو هو، جيڪا مون ريذر سان گھائي وڌي هُئي ۽ ان مان رت جا چند ڦڙا ڳڙي پيا هُئا. نواب پنهنجا ڳاڙها چپ چٽيا، ۽ پنهنجي ڊگھن ننهن وارو هٿ مون ڏانهن وڌايو، پر سندس آڱرين منهنجي ڳچي ۾ پيل هڪ هاري زائفان پاران ڏنل صليب کي مس ڇهيو ته سندس هٿ پوئتي هٽي ويو.
”تون زخمي ٿي پيو آهين. هن رانديڪي جي ڪري، جيڪو ڪوڙو ڏيک آهي. هن ئي مان جند ڇڏاءِ.“ هن هڪ ئي ڌڪ سان پنهنجي سگھارن هٿن سان وڏي دري کولي ۽ مون کان آرسي ڦري ٻاهر اڇلائي ڇڏي. آئون انهيءَ عمل تي جيئن کيس ڏک، حيرانگي ۽ ڪاوڙ مان تڪڻ لڳس، تڏهن نواب شائستگيءَ سان جھڪيو ۽ رات ماني کائڻ جي دعوت ڏني. آئون ٻيو ڪجھه نه ڪري سگھيس، خاموشيءَ سان هن جي پويان لڳس.
نواب اڳ ۾ ئي کاڌو کائي چڪو هو، سو مون اڪيلي سر ماني کاڌي. ان بعد مون کيس سندس پاران انگلنڊ جي قانوني فرم کي سونپيل ڪم ڪار متعلق ضروري ڄاڻ ڏني.
”اسان اوهانجي هدايتن پٽاندڙ اوهان لاءِ گھر ورتو آهي،“ مون چيو، ”اهو ڪافي پراڻو آهي ۽ ڪافي وقت کان خالي رهيو آهي.“
”اهو مون لاءِ مناسب رهندو“ هن جواب ۾ چيو، ”هن قديم قلعي کان پوءِ مون کي روشن ۽ نون گھرن جي ڀيٽ ۾ اهو وڌيڪ مزو ڏيندو.“
مون ان سودي جي قانوني پهلوئن جي وضاحت ڪئي، جن کي هو آسانيءَ سان سمجھي ويو. ان بعد هن مونکان پڇيو ته هُو لنڊن شيون موڪلڻ لاءِ ڇا ڪري. مون کيس ٻڌايو ته ڪهڙا دستاويز ۽ اجازت ناما وٺڻا پوندا ۽ ڪيئن ادائيگي ڪبي. هن ڀيري به هن انهن منجھيل تفصيلن کي سمجھڻ ۾ تيز ڏاهپ جو مظاهرو ڪيو.
انهيءَ کان پوءِ منهنجي ميزبان مون کي ٻڌايو ته چار سو سال اڳ سندس خاندان جي هڪ عظيم نواب اهو قلعو جوڙايو هو. هن جڏهن پنهنجي وڏڙن جي همت ۽ وحشت جو ذڪر ٿي ڪيو يا انهن زمينن جو، جيڪي انهن فتح ڪيون هُيون يا انهن غلامن جو، جيڪي قبضي ۾ ورتا ويا هُئا، ته ائين ٿي لڳو، ڄڻ هو پنهنجي فتحن ۽ ڪامرانين جو ذڪر پيو ڪري. هن جي انداز گفتگو ۾ فخر هو ۽ هن جي اکين ۾ وڏي چمڪ هُئي. هڪ ڀيرو ٻيهر اسر اچي ٿيو ۽ آئون وڃي سُتس.
ائين ڪافي ڏهاڙا گذري ويا. انهيءَ دوران سج نڪتي مهل مون نواب کي نه ڏٺو ۽ نه ئي کيس کاڌو کائيندي ڏٺو. مون هيڪلائيءَ ۾ قلعي کي ڦولهڻ شروع ڪيو. اُتي ڪوبه نوڪر نه هو. مون ڄاتو ته نواب پاڻ پنهنجي سر سڀ ڪم ڪري ٿو ۽ هُو ئي ٽانگو هلائيندڙ ڪوچوان هو. منهنجي استعمال هيٺ چند ڪمرن کانسواءِ ٻيا مڙيئي خالي هُئا ۽ دوڙ ٿيا پيا هُئا. لڳو ٿي ته ڪوبه انهن ۾ نٿو رهي. آئون هيٺ قلعي جي شاهي در تائين ويس، ان کي به قلف لڳل هو. هاڻي آئون قيدي هئس ۽ قلعي ۾، سواءِ انهيءَ پراسرار نواب جي، اڪيلو هُئس.
ان مرحلي تي آئون پنهنجي مستقبل جي حوالي سان ڊپ ۾ وڪوڙجي ويس. مون انهيءَ صليب کي پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ سنڀالي رکڻ جو فيصلو ڪيو. اڳ ۾ ته مون اهڙين ڳالهين ۾ اعتبار نه ٿي آندو، پر هاڻي مون کي اهو احساس ٿيو هو ته هيستائين انهيءَ صليب مون کي پئي بچايو آهي.
هڪڙي شام نواب مسڪرائيندي مون کي چيو: ”معاف ڪجو! اڄ رات آئون اوهان کي اڪيلو ڇڏي ويندس. اصل ۾ آئون ڪنهن خانگي ڪم جي سانگي سان مصروف آهيان. تنهن ڪري اڄ انهيءَ پاڻ واري روزانه جي گفتگو کان محروم رهندس.“
آئون اهو ٻڌي دل ئي دل ۾ خوش ٿيس، ڇو ته سندس ساٿ مون لاءِ نفرت جوڳو بنجي ويو هو. مون چيو: ”مونکي افسوس آهي ته منهنجو رهڻ هتي اينگھجي پيو آهي، انهيءَ ڪري اوهانجي روزانه وهنوار ۾ روڪ پئجي ويئي آهي. سو منهنجو خيال آهي ته هاڻي مون کي هتان جلد وڃڻ گھرجي.“
”او منهنجا پيارا مهمان! آئون توکي ايترو جلد نه ڇڏيندس.“ نواب کلندي چيو. انهيءَ کل دوران سندس تکا اڇا ڏند پڌرا هئا. مون سمجھي ورتو ته هن نواب جي مدد کانسواءِ آئون هن جھنگلي علائقي مان ماڳهين نڪري نه سگھندس، ڇو ته بگھڙ به هن جي حڪم جا تابع آهن.
رات جو دير سان آئون پنهنجي ڪمري جي دريءَ وٽ بيٺو هوس. چانڊوڪي ۾ هيٺيون علائقو نظر پئي آيو. اوچتو مون هڪ دري کلندي ڏٺي، جيڪا مون کان هيٺ، پر زمين کان ڪافي مٿي هئي. پهريان ان مان نواب جو منهن نڪتو، پوءِ ڪلها ٻاهر نڪتا، ۽ ائين سڄو جسم نڪري آيو. هو منهن هيٺ ڪري سانڊي جيان زمين ڏانهن ڀت تي رڙهڻ لڳو. هن جي هيٺ لهڻ تائين آئون کيس دهشت مان تڪيندو رهيس.
رات ڪافي گرم هُئي. آئون ڪوٽ لاهي بستري تي ليٽي پيس ۽ چانڊوڪي ڏسڻ لڳس ۽ گڏوگڏ اهو ويچاريندو رهيس ته ڪهڙي نموني هتان ڀڃان. اها ڳڻتي اچي ٿيم ته الائي مهنجي زال مينا سان ملاقات ٿيندي يا نه. ائين ننڊ وٺي ويم. ٿورو ئي ستو هوندس ته مون کي جاڳ ٿي ۽ ڏٺم ته ٽي خوبصورت عورتون مهنجي ڪمري ۾ موجود هيون. انهن جا وار سونهري هئا ۽ اکيون چمڪندڙ ۽ چپ ڳاڙها هئا. هنن جا ڏند غير معمولي طرح اڇا، ڊگھا ۽ نوڪدار هئا. مٿائن چنڊ جي روشني پئجي رهي هئي، پر سندن پاڇولو نه هو. هو منهنجي ويجھو آيون. مون کي ڄڻ هپناٽائيز ڪيو ويو هو، جو آئون چري پري نه ٿي سگھيس.
”اچو ته هن کي چمي ڏيون.“ اهو چئي هنن ٽهڪ ڏنا. مٺا ۽ وڏا ٽهڪ، پر اهي بي دليان ۽ وحشي ٽهڪ ٿي لڳا. سڀ کان سهڻي ڇوڪري گوڏن ڀر رڙندي، منهنجي ڀر ۾ آئي، ۽ چپ چٽڻ لڳي. هن پنهنجو منهن، مهنجي ڳچيءَ ڏي موڙيو، پوءِ به آئون نه چريس. مون کي پنهنجي نڙيءَ تي هنن جي ڏندن ۽ چپن جو ڇهاءُ محسوس ٿيو.
اوچتو ڪاوڙ ڀري دانهن ڪنين پيم. نواب ظاهر ٿيو. غصي ڪري ناسون ڦونڊيل هئس ۽ اکيون ٽانڊا بنيل هئس. هن انهيءَ ڇوڪريءَ کي ڇڪي پري ڪيو.
”اڃان نه.“ هن ڪروڌ ۾ چيو،” توهان ڇا منهنجي رٿائن کي ڊانوان ڊول ڪنديون. منهنجي اجازت کان اڳ ۾ ئي اوهان هن کي هٿ لاهينديون؟“
”اڙي تون ته خودغرض آهين. تون ته هرشيءِ پاڻ لاءِ ٿو رکين.“ ڇوڪريءَ جواب ۾ چيو ۽ وري اڳتي وڌي هڪ وحشي ٽهڪ ڏنو.
”اڃان اصل وقت نه آيو آهي.“ نواب وراڻيو، ”جڏهن هيءُ منهنجو ڪم ختم ڪندو، تڏهن توهان هن کي چمجائو ۽ جشن ملهائجائو. هاڻي ڀڄو.“
ٽي مايون ڪوهيڙي وانگيان چانڊوڪي ۾ الوپ ٿي ويون. نواب منهنجي نراڙ کي ڇهيو، ۽ آئون بي هوش ٿي ويس يا سمهي پيس.
دير سان رات جو نواب مونکي اچي اٿاريو. هن هدايت ڪئي ته سندس پاران ٽرانسپورٽ ڪمپني وارن کي خط لکي چوان ته هو ڪجھ صندوقون ٽرانسلوانيه مان لنڊن پهچائڻ جو بندوبست ڪن. ان کان پوءِ هن چيو ته هو منهنجي واپسيءَ ۾ مدد ڪندو. پر مون کي هن تي اعتبار نه رهيو هو.
جيئن ڏينهن ٿيو ۽ نواب مون کي اڪيلو ڇڏيو. مون فيصلو ڪيو ته ڪنهن به نموني هتان نڪرڻ جو ڪو رستو ڳولي وٺان. آئون چاڙهيءَ تان هيٺ لهي قلعي جي اندرئين پاسي واري کليل ميدان ۾ آيس. اتي قبرستان هو، جنهن ۾ ماربل پٿر سان جڙيل تربتون هرجاءِ پکڙيون پيون هيون. ويجھو ئي هڪ ننڍو چرچ هو. جنهن ۾ وڏيون ڪاٺ جون صندوقون پيون هُيون. هر صندوق ست فوٽ ڊگھي، ٻه فوٽ اونهي ۽ ٻه فوٽ ويڪري هئي. ڪي خالي هُيون ته ڪي وري اڌوگابريون مٽيءَ سان ڀريل هُيون. ڪن تي ڪاٺ جا ڍڪ مظبوطيءَ سان بند پيل هئا، ۽ ڪن جا ڍڪ ڀر ۾ رکيل هئا.
آئون ان وقت وڏي ڊپ ۽ هيبت ۾ وڪوڙجي ويس، جڏهن مون نواب کي هڪ پيتيءَ مٿان ستل ڏٺو. ڇا هو مئل هو. هن جو کليل اکيون، بغير ڪنهن شيءِ کي ڏسندي تڪي رهيون هيون ۽ هن ساهه به نه ٿي کنيو. هن جي چمڙي ٿڌي هئي. هو صحتمند ٿي لڳو ۽ سندس چپ ڳاڙها هُئا.
مون پاڻ کي زوريان تيار ڪري هنجي جسم کي ڇهيو ۽ هن جا کيسا کولي ڏٺا ته جيئن قلعي جي درن جي چاٻي لڀان. مون کي ڪجھ نه مليو. اوچتو مون ڏٺو ته هن جون اکيون ڦريون ۽ مون کي تڪڻ لڳيون. مون کي اچي ڊپ ورايو، سو وٺي ڀڳس.
ان ڏينهن پوءِ مونکي ڪجھ انساني آواز ٻاهران ٻڌڻ ۾ آيا. اهي کل ۽ ڳائڻ جا هئا. مون ڏٺو ته تمام پريان کان ماڻهن جو جٿو قلعي ڏانهن اچي رهيو هو. انهن جي اڳواڻ کي ڪنن ۾ واليون پهريل هيون ۽ سندس ڪپڙا شوخ رنگ جا هئا. هٿن ۾ وڏا چاقو هئا. هي خانه بدوش هئا، جيڪي جھرجھنگ پيا رلندا هئا. هنن سان گڏ ڏهه کن خالي گاڏا هئا، جيڪي گھوڙا ڇڪي رهيا هئا. جيئن هو ويجھو پهتا ته مون مٿان کان رڙيون وٺي ڪيون. پر افسوس ته هو ٻڌي نه سگهيا.
هڪ ڏينهن گذريو. ٻي رات ٽاڻي نواب مون وٽ موڪلائڻ آيو. هن چيو ته ”سڀاڻي آئون انگلنڊ پيو وڃان. منجھند جو منهنجو ڊرائيور توهان وٽ ايندو، ۽ توهان کي واپس بسٽرز شهر پهچائيندو.“ مونکي مٿس اعتبار نٿي آيو. جيئن هو منهنجي ڪمري مان نڪتو، مون ٽي عورتون ڪوهيڙي جي شڪل ۾ ڏٺيون، ۽ سندس هلڪا ٽهڪ ڪنين پيا. ”سڀاڻي رات.“ نواب چيو پئي، ”هي سڀاڻي اوهانجي حوالي هوندو.“
سڄي رات هڪ جاءِ ويهي مون هيءُ داستان لکيو آهي. جيڪر مري وڃان ته اميد اٿم ته هيءُ احوال مينا کي پهچندو. مون فيصلو ڪيو آهي ته ڪهڙي به نموني ڀت ٽپي ٻاهر نڪران. جيئن نواب چڙهي سگهي ٿو، ته آئون به ڪوشش ڪري ڏسان. ڀتين وچ ۾ ڏار آهن، جن ۾ ماڻهوءَ جو هٿ ڦٻي سگھي ٿو. اگر هيٺ پهچي ويس ته رقم ۽ پاسپورٽ سهاري وڃي متان گھر پهچان.
رات اچي پوري ٿي آهي. سج اڀرندي ئي خانه بدوش جٿو قلعي مان نڪتو. سندن گاڏن ۾ باقي بچيل صندوقون پيل هُيون. نواب وڃي چڪو آهي. آئون قلعي ۾ انهن ڏائڻ عورتن سان اڪيلو آهيان. پر آئون نه ترسندس.
ڏينهن جي روشني مون کي همت ڏياري ٿي. قلعي جي ڀت ڪافي اُتاهين آهي. انهن عورتن جو کاڄ بنجڻ کان بهتر آهي ته ڪري مران! هڪ آخري جملو: مينا مون کي توسان پيار آهي. هاڻي آئون وڃان ٿو.
وقفو: جنن وارو جهاز:
سيپٽيمبر جي هڪ طوفاني شام جو هڪ جهاز ڏٺو ويو، جيڪو انگلنڊ جي اوڀر واري ڪناري تي قائم ننڍي شهر وٽبي ڏانهن اچي رهيو هو. هن جي هاڪارڻ جو انداز عجيب هو. ڪڏهن ڪنهن پاسي ته ڪڏهن ٻئي پاسي ڏي ٿي مڙيو. ”ڪئپٽن يا ته چريو آهي يا پيتل آهي.“ ڏسندڙ ماڻهن راءِ ٿي ڏني. پر طوفان وڌندو رهيو، ۽ ننڍي جھاز کي، جيڪو ڪوهيڙي ۾ وڪوڙيل هو، ڪاهيندو اچي ڪناري تي ڦٽو ڪيو. کيس ڪا مناسب لنگر هڻڻ جي جاءِ نه ملي، سو اندر تائين ڌڪجندو واريءَ واري ڪناري سان اچي لڳو. هن جا کوها اوچتا ڦاٽي پيا، ۽ سڙهه ڪٿي ڦاسي پيا، ۽ ائين جھاز ٽٽي هڪ جاءِ بيهي رهيو.
شهر واسي انهيءَ ٽٽل جھاز ڏي وڌي ويا، هو جيئن ويجھو رسيا ته جهاز جي ڊيڪ تان چميئڙي جھڙو ڪو عجيب پکي اتان وٺي اڏاڻو.
ماڻهو جيڪي مٿي چڙهيا، سي دهشت ۾ وٺجي ويا. کين رڳو هڪ ئي ماڻهو جهاز تي نظر آيو جيڪو اسٽيئر سان ٻڌو مئو پيو هو. ان هوندي به هنجو جسم ڊيوٽي واري نموني بيٺل تي لڳو ۽ ڪنهن نامعلوم شيءِ کي ڊپ مان تڪي رهيو هو. هڪ صليب کيس ويڙهيل رسن ۾ لٽڪي رهيو هو.
ڇا ٿيو؟ جهاز جي عملي جا ٻيا ماڻهو ڪٿي آهن؟ جهاز جي ڪتاب ۾ سندس هڪ سٽ لکيل هئي: ”هن هرهڪ کي هڪ هڪ ڪري ماريو آهي.“ انهي سٽ اڃان به قصي کي پراسرار ۽ معمو بنائي ڇڏيو. ڪوبه جيئرو نه بچيو هو، جيڪو اصل ڳالهه ٻڌائي ها.
جهاز جي ڪئپٽن لاءِ ماتمي جلوس ۾ شريڪ هرهڪ هن جي دکدائڪ قسمت تي رحم کائي رهيو هو. جهاز اندر ڪارگو، جيڪو پنجاهه وڏين پيتين تي منحصر هو، محفوظ رکيو هو. انهن جهاز جي پيتين تي لنڊن جي هڪ ٽرانسپورٽ ڪمپنيءَ جو پتو درج هو. هنن پيتين ۾ رڳو ڪاري آلي مٽي پيل هئي. جلدي ماڻهن جو جٿو آيو، ۽ سامان کڻي روانو ٿيو.