چوٿون حصو: شڪاري شڪار ٿئي ٿو
”نواب لنڊن ۾ آهي. ۽ اوهان کي معلوم آهي ته هيءُ ڪهڙي مقصد سان آيو آهي.“ پروفيسر وئن هيلسنگ ڏکائتي نوع ۾ اسان ڏي نهاري چيو. ان وقت آئون، مينا، ڊاڪٽر سيوارڊ ۽ آرٿر هُوموڊ ڊاڪٽر سيوارڊ جي گھر ۾ ويٺا هُئاسون. ”هيءُ نواب وڏو فاتح هو ۽ چار سوء سال اڳ هو جيئرو هو. هُو عام ماڻهو وانگيان مُئو ڪونهي. هو پنهنجي قبر مان جاڳي پيو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ دهشت مچائي ڇڏيائين. هي اڄ به خطرناڪ ارادا رکي ٿو، جيئن هو پنهنجي زندگيءَ ۾ رکندو هو. هو چالاڪ ۽ ڄمي بيهندڙ آهي. پنهنجي تباهه حال قلعي ۾ هن اڀياس ڪري رٿا بند ڪئي آهي. هن پاڻ کي بيحد پوئتي پيل علائقن مان دنيا جي عظيم ترين شهر ۾ آندو آهي. توهان ڇا ٿا سمجھو ته هن جو ڇا مقصد هوندو؟“
”اهو سوچي ڪنبڻي وٺيو وڃي.“ مينا ڀڻڪيو، ”هو هن شهر ۾ پنهنجا شڪار ڳوليندو ۽ جڏهن اهي مرندا ته ليوسي وانگر اهي به شيطان بنجي ويندا ۽ ٻين کي شڪار ڪندا. ائين نواب جي دهشتناڪ سلطنت انهن امئل ماڻهن جي واڌ سان ويجھندي رهندي.“
”نه“ آرٿر رڙ ڪئي، ”ٻين جو منهن جي ليوسي جھڙو انجام نه ٿيڻ گھرجي.“
”نواب کي ڪنهن به طرح روڪيو وڃي.“ مون چيو، ”۽ آئون انهيءَ لاءِ پنهنجي جان به گھوري ڇڏيندس.“ مينا منهنجو هٿ پڪڙي هاڪار ۾ ڪنڌ ڀيڙيو.
”۽ آئون به ائين ئي ڪندس.“ ڊاڪٽر سيوارڊ چيو.
”سٺو.“ پروفيسر چيو، ”اسان سڀ سهمت آهيون. هاڻي اسان جو اهوئي مکيه ڪم آهي، ڇو ته ڪو ٻيو ان ڳالهه تي اعتبار به نه ڪندو. اچو ته خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي وچن واريون، ته پنهنجي پوري سگھ سان، جيڪا الله تعاليٰ اسان کي بخشي آهي، انهيءَ شيطانيت کي هن دنيا مان ختم ڪنداسون. خدا اسان تي پنهنجورحمتون نازل ڪندو.“
ائين اسان سڀني هٿ هٿن ۾ ملائي اهو قسم واريو. ان بعد اسان کي پاڻ ۾ نئين همت ۽ قوت جو انوکو احساس جاڳيو.
”هاڻي پنهنجي ڪم ڏانهن اچجي.“ پروفيسر وئن هيلسنگ چيو، ”اسان جي دشمن جي ڪمزوري اها آهي ته هو ڏينهن جي روشنيءَ ۾ لازمي مٽيءَ واري پيتي ۾ سمهندو آهي. پر هن اهڙيون پنجاهه پيتيون لنڊن آنديون آهن، جيئن جوناٿن ٻڌايو آهي. اهي ڏينهن جي وقت هن جون پناهه گاهون آهن. جيڪر اسان هن کي ستل حالت ۾ ڳولي ورتو ته پوءِ اسان هن جي دل ۾ سوراخ ڪري، سندس مٿو ڪٽي وٺنداسون. پر اسان هنکي ڪيئن ڳولينداسون؟“
”مون وٽ سندس گھر جي ائڊريس آهي. جيڪو اسان کيس وٺرائي ڏنو هو. اسان وٽ ان جي ڪنجي به آهي.“ مون چيو.
”ته پوءِ اچو ته هلون.“ وئن هيلسنگ چيو. اسان ان جاءِ تي پهتاسون. اها جاءِ ڀرندڙ پر وڏي عمارت هئي. مون در کوليو. اندر هر جاءِ مٽي ۽ خالي پڻو نظر آيو. اتي اسانکي 14 مٽي ڀريل پيتيون هال ۾ رکيل نظر آيون.
”اُهي ته پنجاهه پيتيون هيون! هن ڪجھ ٻئي پاسي موڪليون آهن.“ آرٿر چيو.
”اسان اُهي به ڳولينداسون. پر پهريائين هنن کي اڪلائڻ گھرجي.“ وئن هيلسنگ چيو.
اسان هڪ هڪ ڪري سڀ پيتيون کوليون. هر پيتي کي مظبوطيءَ سان شيخون هڻي بند ڪيو ويو هو. وئن هيلسنگ هر پيتيءَ ۾ مقدس ٽڪي جو ٽڪرو وڌو. هاڻي شيطان هنن پيتين کي استعمالي نه سگھندو.
ان بعد اسان ٻين جي ڳولا ڪئي. ڊاڪٽر سيوارڊ ۽ آرٿر ٻاهر وڃي سامان ڍوئيندڙن کان پڇا ڪئي، جن نواب جي مدد ڪئي هوندي. مون خط لکي معلوم ڪيو ته هن وڌيڪ ڪهڙا ٻيا گھر ورتا آهن.
صبح تائين اسان کي معلوم ٿيو ته هن ٽي ٻيا گھر به لنڊن جي مختلف علائقن ۾ ورتا آهن.
”هو عظيم جنرلن جيان پنهنجي قوت کي چڱي طرح ڦهلائي ٿو.“ وئن هيلسنگ چيو. هر گھر ۾ هن پيتيون اماڻيون آهن. پهريون گھر تمام ويجھو هو.
”اسان وٽ ڪنجيون نه آهن، سو اسانکي ڀتيون ٽپي اندر وڃڻو پوندو.“ مون چيو.
”ائين اسان پوليس هٿان گرفتار ٿينداسون.“ آرٿر چيو. ”نه مون وٽ در کولڻ جو هڪ ٻيو نسخو آهي.“ ۽ هو لوهار وٽ ويو ۽ کيس ٻڌايائين ته هيءُ هن گھر جو مالڪ آهي، پر هن ڪنجي ڪٿي وڃائي ڇڏي آهي. لوهار پنهنجا اوزار آندا، ۽ مهاڙ واري در آڏو ڪنجيون ٺاهيون، ۽انهيءَ دوران آرٿر هن وٽ بيهي، هر ايندڙ پوليس واري کي کيڪاريندو رهيو. آخرڪار در کوليو ويو. لوهار کي رقم ملي ۽ هو ويندو رهيو. گھر اندر 13 پيتيون مليون، جن ۾ اسان مقدس ٽڪي وڌي. اُتي اسان کي ٻين گھرن جون ڪنجيون به مليون. شام تائين اسان اهي گھر به ڳولي لڌا، جن مان هڪ ۾ پندرنهن ۽ ٻئي ۾ ست پيتيون هيون.
اسان رات جي کاڌي تي ملياسون. ڊنر بعد، مينا، جيڪا سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان بعد ٿڪجي پئي هُئي، سو مٿي پنهنجي ڪمري ۾ ويئي هلي. ۽ ڊاڪٽر سيوارڊ پنهنجي مريضن کي تپاسڻ لاءِ ٻاهر ويو. باقي اسان ڳالهائيندا رهياسون.
”اسان صرف 49 پيتيون لڌيون آهن.“ وئن هيلسنگ چيو، ”۽ انهن کي ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيو آهي، پر اڃان هڪ آخري پيتي گم آهي. اسان کي خبر آهي ته هو بيحد سگهارو آهي ۽ اڪيلي سر هو پيتي کڻي سگھي ٿو. خبر نه آهي ته هو ڪيڏانهن ويو؟“
”جيڪر اسان کان هڪڙي پيتي رهجي ٿي ته...“ مون چوڻ شروع ڪيو ته ان وقت ڊاڪٽر سيوارڊ تڪڙو تڪڙو اندر آيو.
”هارڪر! توهان جي گھر واري ڪٿي آهي. مون وڏي چمڙي جهڙي شيءِ سندس ڪمري جي دري ڏانهن اڏامندي ڏٺي آهي.“
اسان ڊوڙي مٿي پهتاسون. بيڊ روم جو در بند هو. اسان اهو ٽوڙي اندر داخل ٿياسون. اُتي عجيب منظر نظر آيو. نواب مينا جي بستري ڀر ۾ مينا کي پنهنجي ٻانهن ۾ ڀڪوڙي بيٺو هو. هن جي منهن تي رت لڳل هو. هن جي قميص کليل هُئي ۽ هن جي اگھاڙي ڇاتي جي زخم مان رت وهي رهيو هو. هن مينا جي چهري کي ان زخم سان ملايو، ته جيئن مينا جا چپ هن جي رت سان لڳي وڃن.
هن جيئن ئي اسان کي ڏٺو ته اسان تي خونخوار جانور جيان حملو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. پر وئن هيلسنگ صليب اڳيان ڪيو. نواب ان کان ڊڄي ويو ۽ دري جي ڦوٽ وٽ وڃي بيٺو.
”چئبو ته اوهان ئي منهنجي ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ هٿ پير پيا هڻو.“ هن غصي ۾ ڀرجي چيو، ”توهان مونکي هتان نيڪالي ڏيڻ ٿا گھرو. ۽ پنهنجي ڪمزور قوت سان مون سان مقابلو ڪرڻ ٿا گھرو. پر وقت ئي منهنجو انتقام وٺندو. هيءَ عورت هاڻي منهنجي بنجي ويئي آهي ۽ اها هاڻي اوهان جو شڪار ڪندي ۽ هن وسيلي اوهان منهنجا نوڪر بنبائو.“ هن دهشتناڪ ٽهڪ ڏنو. کن پلڪ ۾ هو ڪوهيڙو بنجي غائب ٿي ويو.
مون مينا کي پنهنجي ٻانهن ۾ پڪڙيو. ٻه ننڍا زخم سندس نڙي تي هُئا. هُو روئندي رهي ۽ ڳالهائيندي رهي. ”هو منهنجي نڙي تي جھڪيو. آئون چري به نٿي سگھيس. مون پنهنجي سگھ ختم ٿيندي محسوس ڪئي، جڏهن هن منهنجو رت چوسڻ شروع ڪيو، پوءِ هن چيو ته هاڻي آئون توکي پنهنجو حصو بنائڻ ٿو گھران. ائين هن پنهنجي ڇاتي کي چيهڪ ڏئي منهنجي چهري کي پنهنجي زخم سان ملايو. هن جو خون منهنجي وات ۾ آيو. آئون ساهه به کڻي نٿي سگھيس. او الله ! الله ! مون اهو خون ڳڙڪائي وڌو.“
جيئن مينا ڳالهايو پئي، منهن جو ڪرڀ ويو وڌنڌو. وئن هيلسنگ اسان تي رحمدلانه نظر وڌي. هن مقدس ٽڪي هٿن ۾ کنئي ۽ مينا جي نراڙ تي لڳائي. لڳائڻ شرط مينا کان رڙ نڪري ويئي ۽ سندس نرڙ جي ٽڪي واري جاءِ سڙي ويئي.
”آئون ته ناپاڪ ٿي ويئي آهيان، جو ڪابه پاڪ ۽ مقدس شيءِ مونکي نٿي ڇهي، خدا پاڪ به مون کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. آئون شيطان ٿي ويئي آهيان.“
مون پنهنجيون مٺيون ڀڪوڙيندي چيو. ”لعنت هجي انهيءَ نواب تي. آئون هن کي نه ڇڏيندس. کيس جھنم ڀيڙو ڪندس.“
اهو ٻڌي مينا منهنجا هٿ پڪڙيندي چيو: ”جوناٿن! صبر ڪر، پنهنجي دل کي ڪروڌ ۽ نفرت سان زهريلو نه ڪر. اسان تي اڳ ۾ ئي مشڪلاتون گھڻيون آهن. نواب به دکي روح آهي. جنهن کي آزادگيءَ لاءِ انساني ڪهل جي ضرورت آهي.، جيڪر تون مون تي رحم ڪرين ٿو ته هن لاءِ به رحم ڌار.“
مون پنهنجو مٿو هن جي ڇاتي تي لاڙي ڇڏيو. منهنجي دل ذري گھٽ ٽٽڻ تي هُئي. وئن هيلسنگ چيو. ”ڪير آهي جيڪو تنهنجا اهي لفظ ٻڌي ۽ پوءِ به اهو شڪ ڏيکاري ته توکي جنت ۾ جاءِ نه ملندي. مادام مينا، آئون ٿو چوان ته خدا توتي شيطان کي غالب ٿيڻ نه ڏيندو. هن جون رحمتون اسان ساڻ آهن ۽ اسان انهيءَ وڏي شيطان کي ڳولي وٺنداسون. ۽ جڏهن هن جي سگھ ختم ٿيندي ته تنهنجا زخم مٽجي ويندا. انشاءالله تعاليٰ، اهو منهنجو واعدو آهي.“
وئن هيلسنگ جي ڳالهين اسان کي هلڪي اميد ڏياري. اسان جا دوست مونکي ۽ مينا کي ڇڏي هليا ويا.
پرهه ڦٽيءَ کان ٿورو اڳ مينا مونکي جاڳائي چيو ته ”پروفيسر کي جھٽ ۾ گھراءِ ۽ کيس چئه ته هو مونکي هپناٽرم جي مدد سان وجد ۾ آڻي، ته جيئن آئون ڪجھ کيس ٻڌائي سگھان.“
وئن هپناٽرم جو به ماهر هو. هن هٿ جي اشارن ۽ ڀڻ ڀڻ ڪندي مينا کي وجد ۾ آندو.
”تون ڪٿي آهين“ هن مينا کان پڇيو، ”۽ ڇا پئي ڏسين؟“
”مون کي خبر نه آهي.“ هن خوابي لهجي ۾ چيو. ”آئون سوڙهي جاءِ ۾ پيل آهيان هر طرف ڪاراڻ آهي. مونکي ڪجھ به نظر نٿو اچي.“
”تو ڇا پئي ٻڌي؟“
”آئون پاڻيءَ ۾ ٿاڦوڙا پئي ٻڌا ۽ ڳالهائڻ جا آواز به اچن ٿا.“ پوءِ هن غير ملڪي لفظ ڳالهايا. ”هاڻي منهنجي مٿان هلڻ جا آواز پئي ٻڌان. هاڻي وري رسن ۽ سڙهه جي ڦڙ ڦڙ جا آواز.“
جيئن سج چڙهيو ته مينا خاموش ٿي. ۽ پروفيسر هن کي جاڳايو.
”مادام! اوهان تمام ڀلو ڪيو جو مون کي گھرايو. توهان وجد ۾ نواب جو ذهن پڙهيو. هُن ته تنهجي ذريعي اسان کي مارڻ جو سوچيو هو، پر ان بجاءِ اسان سندس متعلق تو وٽان ڄاڻ ورتي. جڏهن اسان وٽ ڪاٻي راهه نه بچي هُئي. هيءُ انهيءَ پيتي ۾ آهي، جيڪا سمنڊ جي ڪناري تي هلندڙ جهاز ۾ آهي، ۽ مٿي روسي ٻولي پيا ڳالهائين. چون پيا ته ڪاري سمنڊ جي ڪناري تي پهچڻ وارا آهيون.“
ائين اسان نواب جو پيڇو ڪيو ۽ وڃي يورپ جي وچ۾ پهتاسون. وئن هيلسنگ مينا کي هر سج لٿي ۽ سج چڙهئي مهل هپناٽرم ڪري وجد ۾ ٿي آندو ۽ ان ذريعي اهو معلوم ڪيو ته هو ٽرانسلوانيه ڏانهن وڃي رهيو هو. اسان جهاز جي پويان وياسون ۽ ٽرين ذريعي بوڊاسپٽ پهتاسون. اُتي اسان سخت سرديءَ ۾ سفر ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪيو. اسان اُتي هر هڪ لاءِ گھوڙو ڪرائي تي ورتو ۽ گرم ان وارا ڪپڙا ورتا. کاڌي پيتي جو بندوبست ڪيو ويو. هر هڪ کي رائيفل ۽ وڏو چاقو پاڻ سان ڏنو ويو. ان کان پوءِ مينا وسيلي نواب جي چرپر جي ڄاڻ رکندا رهياسون. اسان ڪارپٿين ٽڪرين ڏي وڌياسون. آخرڪار هڪ ڏينهن مون وري انهيءَ ڊريڪولا جي قلعي جا گنبذ ٻيهر ڏٺا.
اسان نواب جي پهچڻ کان اڳ ئي سندس گھر پهچي وياسون. هو به پري ڪونه هو. اسان هن جو انتظار ڪيو. اسان کي پنهنجو مشن پورو ڪرڻو هو. آرٿر، وئن هيلسنگ ۽ ڊاڪٽر سيوارڊ وٽ هٿيار، ٿوم، ۽ نوڪدار ڪاٺ جا تاڪ هُئا. هو اندر ويا ۽ ٽن ڏائڻ عورتن جي ٺڪاڻن جي تلاش ڪرڻ لڳا. مينا ۽ آئون ٻاهر ترسياسون.
پهاڙين ۾ بگھڙ جي اوناڙين جا آواز ٻري رهيا هُئا. آئون رائيفل تاڻيو، مينا تي نظر رکيو ويٺو هوس. هُوءَ ستي پيئي هُئي. هاڻي هُوءَ ڏينهن جو گھڻو ٿي سُتي ۽ رات جو جاڳندي ٿي رهي. کيس بک به نٿي لڳي. مون کي اها پريشاني هُئي ته ان هوندي به هن جا چپ سرخ ۽ هُوءَ صحت مند هُئي. سندس نراڙ تي سڙڻ وارو نشان پڌرو هو. ڇا هن جا ڏند تکا ۽ ڊگھا نظر اچن ٿا. مون وڏي آواز ۾ ائين چيو ۽ سوچيو ته مينا به انهي ڏائڻ عورت جيان نه بنجي ويئي هجي.
سج لهي رهيو هو. مينا اکيون کوليون ۽ قلعي کي ڏٺو ”هيءَ ته خوفناڪ جاءِ آهي“ هن چيو، ”جوناٿن تو وٽ حفاظتي شيون آهن.“
”ها مون وٽ مقدس ٽڪي ۽ صليب آهن.“ مون اُهي هٿ ۾ جھليون ۽ کيس ڏيکاريون. مينا پنهنجو منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو، ڄڻ انهن شين سندس اکين تي اثر ٿي ڪيو. مون انهن کي پاسي تي رکيو.
”مون تي اڃان به شيطاني نشان آهي.“ هن خاموشيءَ سان زخم کي ڇهندي چيو، ”منهنجا مڙس! آئون سمجھان ٿي ته پڄاڻي ويجھي آهي. مونکي صرف هڪ ڳالهه چئڻي آهي ته تون جڏهن منهنجي چهري ۾ ڏائڻ واريون نشانيون ڏسين ۽ توکي پڪ ٿئي ته منهنجو انجام اهو ٿيو آهي ته پوءِ بنا دير جي اهو نوڪدار ڪان منهنجي دل ۾ هڻجان ۽ ڪوبه رحم وغيره نه ڪجانءِ. ۽ ائين مونکي آزاد ڪجانءِ.“
”آئون واعدو ٿو ڪريان“ مون ڀڻڪيو ۽ لڙڪ منهنجي اکين ۾ لڙي پيا ۽ آواز ويهي ويو. مينا منهنجي هٿن کي پڪوڙيو ۽ اڇا وار ڇهيا.
ٻيا ساٿي محل مان ٿڪل ۽ زردا ٿي موٽيا. انهن ٽي مايون ستل لڌيون ۽ کين ٺڪاڻي لڳايو. اسان ماني کاڌي ۽ ڪجھ وقت انتظار ۾ گذريو. آخرڪار اسان کي خانه بندوشن جو گروهه نظر آيو. اُهي قلعي ڏانهن هڪ گاڏو کڻي پئي آيا، جنهن ۾ پيتي رکيل هُئي.
”نواب“ مون چيو
”سج ڏي ڏسو، هو لهڻ وارو آهي. ۽ هينئر هن کي ٺڪاڻي لڳائڻ گھرجي.“ آرٿر چيو.
آئون، آرٿر، ڊاڪٽر سيوارڊ گھوڙن کي ڊوڙائي خانه بندوشن ڏانهن وڌياسون ۽ پروفيسر مينا ساڻ آهستي آهستي اچڻ لڳو. ”بيهي رهو.“ آرٿر رڙ ڪري چيو. پر اهي پنهنجا هنٽر هلائيندا ۽ جانورن وانگي اڳتي وڌندا رهيا. هنن جي اڳواڻ کي سونيون واليون پيل هُيون. هن پنهنجو چاقو ڏيکاري اسان تي الر ڪئي.
اسان کي کين روڪڻو هو. اسان ڌار ڌار ٿياسون. ڊاڪٽر ۽ آئون ساڄي کان هلياسون ۽ آرٿر کاٻي کان. اسان پنهنجا چاقو ڪڍيا. اسان ڪهڙي به طرح انهن کي روڪڻ ٿي گھريو، ڇو ته سج لهي رهيو هو. اسان سندن وچ ۾ ڪاهي وياسون سندن وارن کان پاڻ بچائيندا، گاڏي ڏي وڌياسون. مون گاڏي ۾ ٽپو ڏئي ۽ هڪ غير معمولي سگھ سان پيتي کي هيٺ اڇليو. هيٺ لهي، چاقو سان انکي کولڻ شروع ڪيو. آرٿر به ان ۾ مدد لاءِ پهتو. ان جي پاسي ۾ گھري زخم مان رت وهي رهيو. ٻيا ساٿي به پهچي ويا. ڊاڪٽر ۽ پروفيسر خانه بندوشن تي رائيفلون تاڻي، کين پري بيهاري بيٺا. سح صفا لهي چڪو هو ۽ اونداهه ڇانئجي رهي هُئي.
آخر ڍڪ لٿو. نواب پيتي ۾ پيل هو. جيئن اونداهه ٿي هُئي، هن اکيون کوليون ۽ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ مان اُٿي کڙو ٿيو. پر انهيءَ پلڪ مون پوري سگھ سان چاقو سندس نڙي ۾ گھيڙيو ۽ آرٿر سندس دل ۾ پيهي وڌو. هيءُ ڪري پيو. اسان جي اکين آڏو، سندس جسم زمين ۾ ڪريو ۽ مٽي ٿي ويو. اهو جڏهن مٽي پي ٿيو ته سندس چهري تي اهڙو اطمينان نظر آيو، جيڪو مون ڪڏهن به نه ڏٺو هو.
آرٿر زمين تي ڪري پيو. مينا وٽس ڊوڙي ويئي. جڏهن سندس نظر هن جي گھري گھاءَ تي پيئي ته هوءَ روئي ويٺي. پر آرٿر هن جو هٿ ورتو ۽ مرڪيو. اوچتو هن رڙ ڪئي. ”ڏسو! ڏسو!“ هُن مينا جي نراڙ ڏانهن اشارو ڪيو، جتان زخم جو نشان غائب هو. ”هاڻي مرڻ سجايو ٿيو.“ هن آهستگيءَ سان چيو. هن جو نراڙ پاڪ ۽ بي نشان آهن ۽ پليتي ختم ٿي چڪي آهي.“
اهو چئي اسانجو دوست گذاري ويو. اسان هن کي اُتي ئي ڊريڪولا جي قلعي جي سايي ۾ دفنايو، جتي هاڻ مُردا ابدي آرام ۾ آهن.
(23 ۽ 24 جنوري 2002 تي فيئر ڪيو ويو. ۽ محترم ذوالفقارعلي ابڙي هن کي ڪمپوز ڪيو. 13 سيپٽيمبر 2005 تي ان جي پهرئين پڙهڻي مڪمل ٿي. ٻي پڙهڻي 15 سيپٽمبر 2005 تي مڪمل ڪئي.)