انگريزي يا پٽمئن شارٽ هئنڊ ڇا آهي؟
شارٽ هئنڊ انگريزي ٻولي کي لکڻ جو هڪ ٻيو طريقو آهي، جنهنکي سر آئزڪ پٽمئن ايجاد ڪيو. هن لکڻ جي طريقي کي Phonography به چوندا آهن. ان جي معنيٰ آهي Writing by sound. يعني آواز روءِ يا اچار موجب لکڻ. ان حساب سان هن لکتي طريقي جي اهم خصوصيت اها آهي ته هن ۾ اهو آواز لکبو آهي، جيڪو اچاريو ويندو. يعني ساڪن يا Silent اکر کي شارٽ هئنڊ ۾ ڪو نه لکبو. هن سسٽم جي ٻي خوبي اها آهي ته هن ۾ هر بنيادي آواز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ نشاني آهي.
انگريزي ٻوليءَ ۾ 36 بنيادي آواز آهن. انهن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ عام رواجي لکتي طريقي يعني لانگ هئنڊ ۾ 26 نشانيون آهن.
انهن بنيادي آوازن جا ٻه قسم آهن. 24 آواز ڪانسونينٽس آهن، ۽ 12 واولز آهن. ان کان علاوه چار آواز ڊفٿانگ آهن. ڊفٿانگ ٻٽا واول هوندا آهن.
اهي آواز جڏهن زبان مان نڪرن ته ان جي نتيجي ۾ چپ ملن يا ڪا رڪاوٽ ٿئي، تن کي حروف صحيح Consonant سڏيو ويندو آهي.
۽ اهي آواز جڏهن زبان مان نڪرن، تڏهن چپ کليل رهن يا ڪا اٽڪ نه ٿئي، تن کي حروف علت Vowles سڏبو آهي.
هر لفظ ۾ لازمن حرف علت به هوندو ته حرف صحيح به هوندو آهي. يعني ٻنهي جي ميلاپ سان لفظ ٺهندو آهي. البت ائين ٿي سگھي ٿو. ڪنهن لفظ ۾ حروف صحيح وڌيڪ هجن ۽ حروف علت گھٽ هجن يا ان جي ابتڙ هجي.
ڪانسونينٽس Consonants
ڪانسونينٽس کي ظاهر ڪرڻ لاءِ لڪيرون Lines (سڌيون Straight يا ڏنگيون Curve) آهن. اڪثر لڪيرون هيٺ ڏانهن Downward لکبيون آهن. انهن هيٺ ڏانهن لکيل ڪانسونينٽس جي نشانين کي ڊائون اسٽروڪ Downstorke چوندا آهن. پنجن ڪانسونينٽس جون نشانيون کاٻي کان ساڄي زمين جي سڌ ۾ يعني Horizontal لکبيون آهن. تن کي هاريزنٽل اسٽروڪس چيو ويندو آهي. باقي ٿوريون نشانيون مٿي ڏانهن upward لکبيون آهن، جن کي اپ اسٽروڪ Upstroke سڏجي ٿو. 24 ڪانسونينٽس مان 22 جي هڪ هڪ نشاني آهي، البت ٻن ڪانسونينٽس جون ٻه ٻه نشانيون آهن. ان حساب 24 ڪانسونينٽس کي ظاهر ڪرڻ لاءِ 26 نشانيون يا اسٽروڪس storkes آهن.
آواز هڪڙا ڀاري آهن، ته ٻيا هلڪا آهن. ڀاري ڪانسونينٽس لاءِ گھريون لڪيرون آهن، ۽ هلڪن ڪانسونينٽس لاءِ هلڪيون لڪيرون آهن. هلڪي لڪير تمام هلڪي لکي وڃي ۽ گھري لڪير کي ايترو گھرو ڪيو وڃي جو اها هلڪي لڪير کان ممتاز نظر اچي. يعني گھريءَ کي هرڀرو گھرو يا ٿلهو ڪري لکڻ جي ضرورت ڪانهي.
واولز Vowles
ٻارنهن واولز مان ڇهه واولز ڊگھا آهن، جن کي اچارڻ ۾ وڌيڪ زور لڳندو آهي، ۽ ڇهه وري ننڍا آهن، جن کي اچاريندي گھٽ زور لڳندو آهي. پر واولز کي هڪ ٻي حساب سان ٽن گروهن ۾ ورهايو وڃي ٿو. ڪانسونينٽ جي شروع ۾ لڳندڙ چار واولز کي فرسٽ پليس واولز First Place Vowels، وچ تي لڳندڙ واولز کي Second place Vowels، ۽ آخر ۾ لڳندڙ چئن واولز کي Third place Vowels سڏيو وڃي ٿو.
انهن ٻارنهن واولز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻه نشانيون آهن: ٽٻڪو يعني ڊاٽ dot ۽ ليڪ يعني ڊئش dash. ڊگھن واولز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ گھرو ٽٻڪو heavy dot يا ڊئش Heavy dash ۽ ننڍن واولز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ light dash ۽ light dot.
هرجاءِ تي هلڪو ٽٻڪو، گھرو ٽٻڪو، هلڪو ڊئش ۽ گھرو ڊئش استعمال ٿئي ٿو، پر هر جاءِ تي اهي الڳ واولز کي ظاهر ڪن ٿا. پر هتي اهو ٻڌائجي ته اڳتي هلي اسان رڳو ضروري حالتن ۾ واولز جون نشانيون لڳائيندا آهيون.
اصل ۾ اسان واولز جي حساب سان لفظ جي پهرئين ڊائون اسٽروڪ يا اپ اسٽروڪ کي لائين تي، لائين کان مٿي يا لائين جي وچان through لکندا آهيون. ان عمل کي Position writing سڏبو آهي. اها هن لکتي نظام جي اهم ترين خصوصيت آهي.
محمد حبيب سنائي
انچارج پرنسپل
گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن ان ڪمرشل پريڪٽس
هالا