3
بس ڊيل وانگر هلندي لنڊن کي ويجهو ٿيندي وڃي. لنڊن ۾ پهچڻ کان پوءِ به بس کي ٽوئر آفيس پهچڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويندو آهي. چوطرف خوبصورت منظر لڳو پيو آهي. آسمان ۾ ڪڪرن تي سج جي تيز روشني پوڻ ڪري ڪڪر ڏاڍا خوبصورت لڳي رهيا آهن. آئون کين ڏسي رهيو آهيان ته ڪڪر بيٺا آهن يا آسمان ۾ اڳتي وڃي رهيا آهن پر تمام آهستي آهستي ڪجهه وڻ آمريءَ جهڙا نظر آيم ڌيان سان ڏٺم پر آمريءَ جا وڻ ڪو نه هئا. يورپ ۾ وڻن ڏسڻ جو مزو جرمنيءَ ۾ آهي. جتي ڪرسمس ٽريءَ جا ٻيلا ڏاڍا دلفريب ۽ وڻندڙ ٿا لڳن. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهن مان لنگهندي به دل ڪا نه ٿي ڀرجي. سڄي يورپ جي سڀني ملڪن ۾ سوين سال بادشاهت رهي جن ۾ فرانس-اٽلي-جرمني ۽ روس ۾ بادشاهت ختم ٿي وئي پر بيلجم-هالينڊ-سوئيڊن-موناڪو-لگزمبرگ ۽ انگلينڊ ۾ اڃا تائين نالي ماتر بادشاهت قائم آهي، جيتوڻيڪ انگلينڊ جي بادشاهت به اڄڪلهه لوڏن ۾ آهي پر تنهن هوندي به ملڪ جي وڏي اڪثريت اڄ به بادشاهن ۽ موجوده راڻيءَ سان جذباتي طرح پيار ڪري ٿي ۽ هو چاهين ٿا ته بڪگهم پيلس ۽ منجهس رهندڙ شل سدائين خوش رهن. جيتوڻيڪ شهزادي چارلس جي ڪردار مان برطانيا جي وڏي اڪثريت خوش ناهي. مون ڪيترا ڀيرا انهيءَ باري ۾ انگلينڊ جي اخبارن ۾ پڙهيو ۽ مختلف انگريز شهرين سان انهيءَ تي بحث ٿيا جن جا رايا سندن راڻيءَ جي باري ۾ ڪجهه هن ريت آهن ته:
هيءَ بادشاهت برطانوي نه پر جرمنيءَ وارن کان اُڌاري ورتل آهي ۽ نه وري اها حقيقي بادشاهت آهي. شاهي اختيار ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ Ten downing street وٽ آهن. اهي اختيار پارليامينٽ نه پر وزيراعظم سان واسطو رکن ٿا.
اهڙيءَ صورت ۾ وزيراعظم سموري جمهوري عمل ۾ اعليٰ حيثيت جو مالڪ آهي. جيتوڻيڪ وزيراعظم کي سمورا اختيار حاصل آهن. تنهن هوندي به شاهي خاندان سياسي طور تي غير جانبدار ڪونهي. غير سياسي تاجدار جي تابعداريءَ جو مطلب آهي ته سياستدانن کي حاصل اختيار ڪلي ناهن، سياستدان رياستي مشينري آهن ۽ مختيار ڪل حاڪم ڪو نه آهن.
مٿئين ڳالهه پڻ حقيقت تي مبني ڪانهي ڇو ته بادشاهه کي سياستدانن کي روڪڻ جو اختيار نه رهيو آهي ۽ الٽو سياستدانن کي اهي اختيار حاصل آهن. جنهن جي احتساب کان اهي آجا آهن. مون کي يقين آهي ته منهنجي ماءُ اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ها جيئن ڪا راڻي، عوام جي خواهشن کي پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو يعني ووٽ جو حق آهي. بادشاهن ۾ اها توقع رکي نٿي سگهجي ته اهي عوام جي پاران عوام لاءِ ڪو عمل ڪن. البته صدر جي حيثيت ۾ اها ڳالهه سندس ڪمن ۾ شامل آهي.
گهڻا ماڻهو صدر جي ڀيٽ ۾ غير سياسي بادشاهه کي وڌيڪ فوقيت ڏين ٿا. بااختيار صدر جي لاءِ اهڙي حمايت نظر نه ٿي اچي جهڙي طرح فرانس ۽ آمريڪا جي سياسي نظام جي تشڪيل ۾ برطانوي خيالات کي اهميت حاصل هئي. جيڪڏهن ملڪ ۾ بادشاهي نظام قائم آهي ته اهو نسل وراثت جي بنياد تي برقرار رهندو ۽ برطانوي عوام انهيءَ کي تبديل ڪرڻ نه ٿو گهري، هڪڙي تازي جائزي موجب ٽن ماڻهن مان هڪڙي ماڻهوءَ جي خواهش عوامي جمهوريت واري آهي. اها خصيص اقليت واري سوچ چئبي.
جڏهن ته ماڻهو عام طور تي بادشاهت جي موجوده صورتحال کان خوش ڪو نه آهن ۽ شهزادي چارلس جي ولي عهد واري وراثتي حق کي رد ڪرڻ گهرن ٿا. سندن گهر آهي ته ايندڙ بادشاهه شهزادو وليئم ٿئي. ايتري قدر جو انهيءَ لاءِ ٽي وي مباحثن دوران به لکن جي تعداد ۾ اهڙي راءِ ڏين ٿا. اهي چون ٿا ته بادشاهي هجي پر سندن عمل ۾ اها ڳالهه ظاهر آهي ته هو انهيءَ لاءِ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ گهرن ٿا. ۽ بادشاهت کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائڻ گهرن ٿا. ظاهر ٿيو ته اهي پنهنجن عملن موجب بادشاهي نه پر صدارتي نظام آڻڻ گهرن ٿا.
فرانس جي صدارتي نظام جي جديد تاريخ کي برطانوي بادشاهت طرفان عوام کي گمراهه ڪرڻ وارين ڪوششن سان ڀيٽڻ گهرجي. اهو ادارو جيڪو اختيار لڪائڻ گهرندو هجي. ۽ اهو فرد جيڪو عوام ڏانهن ذميوار هجي انهن جي پڻ ڀيٽ ٿيڻ گهرجي. باصلاحيت ماڻهن کان سواءِ بادشاهي قومي اخلاق ڪيرايو وجهي، ڪليسائي ذميواري توڙي مڙيئي نالي ۾ اڳواڻن جي حيثيت ۾ برطانوي شاهي خاندان پنهنجي قدر قيمت جي ڏيوالپڻي واري خطري جي منهن ۾ آهي ڇو ته سندس شاهي طلسم ٽٽي پيو آهي. گهڻن ماڻهن کي اڃا تائين اها ڳالهه وڌيڪ وڻندي هوندي ته ڪو اهڙو ٺاهه ٿئي جنهن ۾ خالص برطانوي ڳالهيون گهڻيون هجن. پر بدقسمتيءَ سان هن نئين پيدا ٿيل وچئين صورتحال ۾ اهڙن خيالن جي اڻاٺ آهي. جتي تبديلي اچڻ جو امڪان موجود آهي.
تنهن ڪري اهڙي بنيادي حل لاءِ غور ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ بادشاهي جي روايتي تجديد ٿئي ۽ بادشاهي شان ۾ ڪوتاهيءَ سبب پيدا ٿيل ناراضگي ختم ٿئي. برطانوي تاريخ ۾ هن کان اڳي پڻ اهڙي قسم جو حل اختيار ڪيو ويو هو، جڏهن سياسي طاقت ۽ بادشاهي اختيار هڪٻئي جي خلاف داءُ تي لڳل هئا. هينئر ته فقط روايتي شان داءُ تي لڳل آهي. تڏهن گهربل تبديلي ڪيتري نه آسان هئڻ گهرجي. جڏهن کان شاهي خاندان اڪثر گهوٽالن جو شڪار ٿيڻ سبب ٻين ملڪن جي شاهي خاندانن مان ماڻهو اڌاريا آهن، انهن مان ڪن ننڍي عمر جي ماڻهن کي سير ڪرائڻ جي بهاني اغوا به ڪيو ويو ته هاڻي ڪو فرد اُڌارو ڇو نٿو وٺي سگهجي. بادشاهي ادارو ته برقرار رکڻو پوندو پر انهيءَ اداري ۾ رهندڙ ماڻهن کي تبديل ڪرڻو پوندو.
ايندڙ هزاريءَ واسطي قوت برداشت جو حامل ۽ ترقي يافته سماج مثبت علامت طور سامهون ايندو تنهن ڪري ڊچ ۽ سوئيڊش فردن تي مشتمل نئين بادشاهت جي قيام جي حمايت ڪرڻ گهرجي. هي قدم شاهي خاندان طرفان ويهين صديءَ جي آخر ۾ وچئين دور وارين پڌري پٽ خطرناڪ ۽ بي مزي ٿيندڙ ڪوششن ۾ واضح ۽ عاليشان تبديليون آڻيندو. يورپ ۾ هن وقت مثالي شاهي خاندان خير ڪي آهن. برطانوي شاهي خاندان ۾ موجود فرد بلڪل بيڪما ۽ سدائين واندا، هميشه پنهنجي شريڪن سان عيش ڪوشي ۾ مشغول رهڻ سبب شاهي ذميوارين جو احساس فنا ٿي ويو آهي. گهڻا ماڻهو شاهي خاندان جي اندروني ڪشمڪش کي طلاقن جو سبب ڄاڻائين ٿا. انهيءَ جي بچاءُ بدران غور انهيءَ ڳالهه تي ڪرڻ گهرجي ته شاهي خاندان ۾ موجود اندروني ڪشمڪش پڻ مدي خارج آهي.
مٿئين وچئين طبقي وانگر جن سان امير خاندانن جي غيرحاضري دوران رلي ملي ويندڙ شاهي خاندان جي افراد ۾ طلاق بازي جي گهڻي رجهان جي توقع رکي پئي سگهجي. تازو هاڻي ڊچيس آف يارڪ جنهن طريقي سان تذليل جو شڪار ٿي انهن سببن بابت ٿيندڙ ڳالهيون بي وزن آهن.
شاهي خاندان جي چڱائين ۽ مدائين تي بحث ڪرڻ ته انهيءَ کي تبديل ڪري سگهون ٿا، يا ٻاهرئين دٻاءُ کانسواءِ پنهنجي اندروني خلفشار سبب اهو ازخود فنا ٿي ويندو وغيره هاڻي فضول آهي. شاهي خاندان خود پاڻ بادشاهت ۽ جمهوريت جي وچ واري غير ترقي يافته منزل مقصود تي سڀني ڌرين کان اڳي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري پيو. اها اڳين منزل وچ ٿرائي واري آهي. منهنجي خيال ۾ شاهي خاندان کي امير طبقي ۽ مٿئين وچئين طبقي ۾ ضرور اهڙي اميد رکڻ گهرجي ۽ انهيءَ ڳالهه تي حيرت آهي ته شاهي خاندان پنهنجي پيسي مان لطف اندزو ڇو نه ٿو ٿي سگهي ۽ اڻکٽ مشغولين جو اهتمام ڪري سگهي. اها وچين منزل پنهنجي شاني شريڪ خاندان ۽ اميرن سان گڏجي عيش عشرت ۾ مشغول رهڻ ئي هوندي ۽ وري ڏيک اهڙو پيو ڏيندو ڄڻ ته ترقي پسند ٿيڻ ۾ ڪوشان آهي. اهڙي ريت هي شاهي خاندان ٻنهي طريقن سان بازي کٽڻ جي ڪوشش ۾ آهي.
ليڊي ڊائنا جي سندس بواءِ فرينڊ دودي الفائد سان پئرس ۾ ڪار ايڪسيڊنٽ ۾ موت جي وقت شاهي خاندان تي برطانيا جي عوام ڏاڍي رنج جو اظهار ڪيو. خاص ڪري انگلينڊ جي اخبارن شاهي خاندان تي ايڏي ته نڪته چيني ڪئي جو راڻي ايلز بيٿ کي نه چاهيندي به انگلينڊ جي عوام کي ريڊيو ۽ ٽي وي تي خطاب ڪري پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻي پئي. جنهن کان پوءِ وڃي برطانوي عوام جي ڪجهه ڪاوڙ گهٽي نه ته برطانيا جو عوام راڻي ايلزبيٿ سان ڏاڍو پيار ڪندو آهي.پرنسيس ڊائنا جي مرڻ وقت برطانيا جي عوام کي پرنسيس ڊائنا سان ڏاڍي همدردي هئي. چوندا آهن ته پٿر پرايو ڏک سڀ ڪنهن جا پنهنجا، پر ڊائنا جي موت وقت برطانوي عوام ڏاڍو جذباتي نظر آيو، پر چون ٿا ته هاڻ سندس ورسي جي موقعي تي ماڻهو نه هئڻ جي برابر ايندا آهن ۽ اها ڳالهه نه رهي آهي.
اسان جي بس لنڊن شهر جي گهٽين، چوڪن مان هلندي هلندي اچي پنهنجي ڪاسموس ٽوئر وارن جي آخري منزل تي پهتي جت اسان بس مان لهي قطار ٺاهي بيٺاسين ته هر هڪ جو سامان کڻي انهيءَ سيل جي اڳيان رکيائون ۽ ايئن هر سياح پنهنجو پنهنجو سامان کڻي هڪ ٻئي کان موڪلائيندو وڃي ٽئڪسي ۾ ويٺو ۽ اسان به ڪاري ٽيڪسي ڪري لنڊن جي شاهراهن تان گهمندا ڦرندا اڳتي پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ لڳاسين. لنڊن ڪيترا ڀيرا اچڻ ڪري ۽ هينئر به يورپ جو ٽوئر لنڊن مان شروع ڪرڻ ڪري اڄ لنڊن پرايو نه پر جهڙو ڪر پنهنجو شهر ڪراچي نظر اچي رهيو آهي. مون دنيا ڏٺي آهي پر جيڪي شهر گهڻي ۾ گهڻو گهميا آهن انهن ۾ هڪ بئنڪاڪ ۽ ٻيو لنڊن آهي. جيڪي مون پاڪستان جي شهرن لاهور ۽ اسلام آباد کان به وڌيڪ دفعا ڏٺا ۽ وڌيڪ گهميو ڦريو آهيان. اسلام آباد ته ننڍو شهر آهي پر آئون لاهور ۾ شايد ڀُلجي پوان پر لنڊن ۽ بئنڪاڪ ۾ گهمندي ڦرندي ڀُلجڻ جو ته سوال ئي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي.
جوانيءَ ۾ هر سال يا ته ڪڏهن سال ۾ ٻه دفعا به بئنڪاڪ وڃڻ ٿيندو هو. پهرئين ته بئنڪاڪ ۾ هوٽلن ۾ رهڻ ٿيندو هو پرپوءِ آخر ۾ انهيءَ دوست جي گهر رهبو هو جنهن جي ڪري بئنڪاڪ وڃڻ ٿيندو هو، ڪڏهن ته ايئر پورٽ کان سڌو انهيءَ جي گهر ڏهه يا ٻارهن ڏينهن صرف انهيءَ هڪ گهر تائين محدود واپسيءَ ۾ بئگ هٿ ۾ سڌو ايئرپورٽ ۽ جتان واپس ڪراچي. صرف هڪ ڀيرو اسان ٻئي گڏجي سينگاپور وياسين. اهو ٻيو ماڻهو هو ڪيسرا سينگڪسم جاد جنهن ڪري ايترا دفعا بئنڪاڪ ويس. انهيءَ ڳالهه کي به ڪيترائي سال ٿي ويا آهن. هاڻي ته نيو ييئر جو ڪارڊ به هڪٻئي ڏانهن ڪو نه موڪليون. آخري خط 1998ع ۾ لکيائين جنهن ۾ لکيائين ته منهنجي شادي ٿي وئي آهي ۽ پنهنجي نئين گهر جي ائڊريس ۽ فون نبر به موڪليائين ۽ چيائين ته جڏهن به بئنڪاڪ اچين ته مونسان ضرور ملجان. آئون توکي پنهنجي گهوٽ سان به ملائينديس. انهيءَ کان پوءِ صرف هڪ دفعو نيوييئر جو ڪارڊ مليو جنهن کان پوءِ وري نه آئون بئنڪاڪ ويس ۽ نه ڪو رابطو ٿيو. پنهنجي دل تي هي شعر لکي ڇڏيم ته
اب کے ہم بچھڑے تو شاید خوابوں میں ملیں
جس طرح سوکھے ہوئے پھول کتابوں میں ملیں۔
۽ ايئن پراڻين يادن ۾ گم سم ويٺو هوس ته انگريز ڊرائيور ٽئڪسيءَ جي دري کولي اسان جي لهڻ واري ائڊريس جو پڇيو ۽ مون صرف هي لفظ کيس ٻڌايا ته endlshom 96 balham پاڻ انگريز لنڊن ۾ ڄائو هو پر تڏهن به ٽئڪسي بيهاري لنڊن A.To.z جو نقشو ڏسي پڻ ڀڻ ڪري پوءِ اڳتي هلڻ لڳو ۽ ٿوريءَ دير ۾ اچي ڀوراڻي جي گهر جي اڳيان بيٺو جنهن تي 96 نمبر ڏسي اسين به ٽئڪسي مان هيٺ لٿاسين. ڀاڙو ڏيئي پنهنجو سامان کڻي اچي در تي گهنٽي وڄائي سين ته ڀوراڻي دروازو کولي اسان کي ڀليڪار ڪئي. آئون ۽ مِنا مٿي ماڙ تي پنهنجي بيڊ روم ڏانهن هليا وياسين نور ۽ فرخ ڀوراڻي سان ڪچهريءَ ۾ لڳي ويا. جيڪو ڪافي وقت اڪيلو رهڻ ڪري هنن سان ڪچهريءَ ۾ شامل ٿي ويو ۽ اسان به هاٽ شاور وٺي ٿوري دير آرام لاءِ ليٽياسين ته نور فون ڪري پڇيو ته توهان لاءِ چانهه موڪليان. مون چيس ته اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ۽ ايئن اسان اڌ ڪلاڪ ۾ ٿورو ريسٽ ڪري ورتو ته چانهه به پهچي وئي. مون مِنا کان پُڇيو ته شام ٽاڻي گهمڻ لاءِ ڪيڏانهن هلبو پاڻ، چيائين ته پندرهن ڏينهن جو ٿڪ آهي اڄ گهر ۾ ئي آرام ڪبو.
مٿي بورچي خاني ۾ آئون دال ڀت ٿي رڌيان سو کائي سمهي رهبو. نور کي چئو ته ڌنؤرو ٻاهران گهرائي وٺي. مون کيس ٻڌايو ته ڀوراڻي ٻاهرBar. B.Q ٺاهڻ هينئر ئي شروع ٿي ويو آهي. سو تو وارو ڀت هلي ٻني ۾ کائينداسين. باقي هت لنڊن آيا ئي گهمڻ آهيون. سو جي آرام ڪيوسين ته پوءِ روز روز لنڊن ته ماڻهو ڪونه ٿو اچي. ٻيو نه ته به ڪلاڪ اڌ هت بالم جي گهٽين ۾ چڪر هڻي آياسين ته وري لنڊن وارا ٿي وينداسين پاڻ چيائين ته صرف بالم گهمڻ هلبو ته پوءِ بهتر آهي. مون فون ڪري نور ۽ فرخ کان پڇيو انهن چيو ته اسان ڀوراڻي سان گڏجي درياءَ ٿيمس گهمڻ ٿا وڃون سو رات جو دير سان گهر اينداسين اسان به کين پنهنجو پروگرام ٻڌايو ته اسان ڪلاڪ اڌ بالم مان چڪر لڳائي واپس جڳهه تي پهچي وينداسين توهان ڀلي اطمينان سان گهمي ڦري اچجو. اسان سڀ گڏجي نڪتاسين هي ڀرسان ئي ٽيوب ۾ چڙهي هليا ويا. اسان پهرئين هڪ بوڪ اسٽال تان جنگ اخبار جيڪا هتان روزانو لنڊن مان شايع ٿئي ۽ ٻيا پڻ ڪجهه رسالا خريد ڪري بالم جي رستن تي اوڀر طرف هلندا ڪافي اڳتي نڪري وياسين. واپسيءَ ۾ منا سيف ويز Safe ways سپر مارڪيٽ مان باقي هفته کن رهڻ جي لاءِ ڪافي خريد ڪئي. اسان سامان کڻي واپس ڀوراڻيءَ جي گهر آياسين جيڪو انهيءَ سپر مارڪيٽ کان گهڻو پري ڪو نه هو. منا پنهنجي هٿ سان دال ٺاهي ۽ ٻيو ڀوراڻي جو تيار ڪيل ڪجهه Bar B.q کائي ٻارن سان ڪراچيءَ فون تي ڳالهائي سمهي پياسين. منا فجر مهل معمول مطابق قرآن پاڪ جو دور ڪيو. جنهن کان پوءِ اسان واڪ تي وياسين ۽ ناشتو به ٻاهر هڪ بنگاليءَ جي هوٽل تي دال پورين ۽ حلوي سان ڪري پوءِ گهر آياسين ته سواءِ ڀوراڻيءَ جي ٻيا يعني نور ۽ فرخ اڃا تائين سُتا پيا هئا.
ڀوراڻي اسان کي ڪلهه جي دريا ٿيمس جي سير ۽ ٻي جنگ عظيم جي هڪ جهاز جيڪو هاڻ هنن درياءَ ٿيمس ۾ سياحن لاءِ بيهاري ڇڏيو آهي. هن ٽوئر جو سربستو حال احوال ٻڌايو ۽ اسان کي مشورو ڏنائين ته توهان به اهو درياءَ ٿيمس جو ٽوئر ڪري اچو. اهو ٽوئر لنڊن جي خاص سوکڙي ۽ يادگار آهي. جيڪو لنڊن اچڻ واري هر سياح کي ضرور سير ڪرڻ گهرجي. اسان به نور ۽ فرخ کي سُتل ڇڏي ٽئڪسي ڪري انهيءَ حسين يادگار ٽوئر جي لاءِ روانا ٿي وياسين. جيڪو واقعي اسان جي زندگي جي يادگار لمحن مان هڪ هو. لنڊن گهمڻ جو واقعي اڌ مزو صرف هن هڪ ٽوئر ۾ سمايل آهي پر هن ٽوئر ۾ ماڻهو سان پيارو ساٿي ساڻ شامل ضرور هجي. ٿيمس جي انهن هلندڙ سڀني ٻيڙين (بوٽس) ۾ بار روم آهن. سو بوتل کڻي وڃڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي. اهي بار رومز تمام مهانگا آهن. آئون جڏهن پيئندو هوس ته به زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڏينهن جو ڪو نه پيتم. هاڻ ته ڪافي وقت ٿيو آهي جو پيئڻ ڇڏي ڏنو اٿم. جيتوڻيڪ منهنجي دل وارو ڊاڪٽر چئي ٿو ته جيڪر هر روز ٻه پئگ پيئن ته سٺو پر هاڻ جي پيئڻ ڇڏي ڏنو اٿئي ته وري نه پيجان. مون کيس چيو ته قسم ڪو نه کنيو اٿم ته پاڻ کلي پيو. ڊاڪٽر حق ڊاڪٽر سان گڏ هڪ درويش صفت انسان پڻ هو. اسان جي ٽئڪسي اچي درياءَ ٿيمس جي سفر جي شروعات واري جڳهه وٽ بيٺي جيڪا ويسٽ پل جي ڀرسان آهي. هت ڪافي سياح بس مان لهي رهيا آهن. هيٺ به ڪافي سياح بيٺا آهن. جيڪي ڏاڍو خوش نظر اچي رهيا آهن. هيٺ جهاز ۾ چڙهڻ واري جڳهه لاءِ وڏا وڏا ٿلها ٺاهي ڇڏيا اٿن. جن تي ٿوري دير انتظار ڪندي ئي سياح وڃيو بوٽس ۾ چڙهن. ڇو ته بوٽس جي ڪا به کوٽ ڪونهي. هڪڙي ٿي ڀرجي اڳيان نڪري ته پٺيان بيٺل اچيو اڳئين جي جڳهه وٺي ۽ سلسلو جاري آهي. اسان به پنهنجي واري تي هڪ بوٽ ۾ چڙهي پياسين. جيڪا اسان کي کڻي اڳتي رواني ٿي وئي. اسان به بوٽ جي آخري ماڙ تي چرهي لنڊن جي هن حسين منظر کي ڏسڻ لڳاسين. بوٽ هاڻي درياءَ جي بلڪل وچ ۾ پئي هلي، درياءَ جا ڪپر پري ٿي ويا آهن. پر انهن تي لنڊن جون ڊگهيون ڊگهيون جڳهيون پري کان ڏاڍيون خوبصورت لڳي رهيون آهن. ٿيمس نديءَ ۾ پاڻي گهڻو هئڻ ڪري ڪپرن تائين ڀري پئي آهي پر پئرس ۾ درياءَ سين بلڪل هيٺ وهڻ ڪري منجهس گهمڻ دوران اهو مزو نٿو اچي جيڪو لنڊن جي درياءَ ٿيمس ۾ گهمڻ ۾ آهي. هت هر جڳهه ۽ شيءِ صاف ۽ چٽي نظر اچي رهي آهي. جيڪا ڳالهه پئرس ۾ سين نديءَ ۾ گهمندي ڪانهين. سين تمام هيٺ ٿي وهي جنهن ڪري ڪپرن تي ڪجهه به نظر نٿو اچي. ٻيون به ڪيتريون بوٽس ٿيمس ۾ گهمي ڦري رهيون آهن. جيڪي سڀ جون سڀ سياحن سان ڀريون پيون آهن.
لنڊن شهر مان وهندڙ ٽيمس ندي ۾ ٻيڙين ذريعي سير ڪرڻ لاءِ توهان کي سڄو ڏينهن هزارين سياح ملندا، هڪڙا پيا ٻيڙين ۾ چڙهندا ته ٻيا پيا لهندا. هن نديءَ جي ڪنارن ۽ آسپاس ۾ سير جي خيال کان نهايت پرڪش نظارا ۽ جڳهيون موجود آهن. جتي بيحد لطف حاصل ٿئي ٿو. لنڊن شهر جي تاريخ ۽ ترقي جي هن نديءَ سان نهايت گهڻي وابستگي آهي. لنڊن شهر کي هي درياهه سمنڊ سان به ڳنڍيندڙ آهي. جنهن وسيلي ماضي ۾ شهر دولت ۽ طاقت حاصل ڪئي. هي درياءَ لنڊن شهر جي واپار جو مکيه ذريعو ۽ سلطنت جي واحد شاهراهه هئي. ٻيڙين ۾ هرڪو سرڪاري جلوس هن درياءَ مان وڏي ڌام ڌوم سان ڪڍيو ويندو هو. اهي ٻيڙيون هن وقت گرين وچ ميري ٽائيم ميوزم ۾ ڏسڻ ۾ اينديون.
سمورن مکيه سياسي قيدين کي درياءَ جي رستي لنڊن ٽاور آندو ويندو هو. جيئن سندن ساٿين کي کين ڇڏائڻ جو امڪان باقي نه رهي. جيڪو خشڪي وارن رستن تي موجود هوندو هو.
جڏهن لنڊن شهر جون گهٽيون وڌيڪ ڪشاديون ڪيون ويون ته درياءَ تي تجارتي ٽرئفڪ جي رش گهٽجي وئي ۽ شهر ۾ گهوڙي گاڏيون ۽ ٽانگا هلڻ لڳا.
درياءَ ۾ ٻيڙين ذريعي سير ڪرڻ سان جيڪو لطف حاصل ٿئي ٿو، سو خشڪيءَ تي سير ڪرڻ سان هرگز حاصل ٿي نٿو سگهي. ٻيڙين ذريعي سير ڪرڻ ۾ معلوم ٿيندو ته درياءَ جي ڪناري ۽ ان جي آسپاس شهر ڪنئين وڌيو ۽ ويجهيو شهر جا ڪيترائي يادگار ماڳ ۽ ميدان هن درياءَ جي ڪناري تي قائم آهن.
هتي ڪافي اهڙيون ڪمپنيون آهن جيڪي ٿيمس درياءَ ۾ سير ڪرڻ لاءِ موٽر لانچون هلائينديون آهن. اهي لانچون ويسٽ منسٽر پل وٽ ٺهيل ٿلهين Piers کان پوري شهر ۾ درياءَ جو سير ڪرائين ٿيون.
ويسٽ منسٽر کان گرين وچ تائين هلندڙ ٿيمس پئسنجر بوٽ سروس، ويسٽ منسٽر پيئر يعني ٿلهي کان ٿئي ٿي ۽ اپريل، مئي، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهينن ۾ ساڍي ڏهين بجي صبح کان هر اڌ ڪلاڪ ۾ ساڍي چار بجي شام تائين جاري رهندي آهي. جون ۽ آگسٽ مهينن ۾ روزانو ساڍي ڏهين بجي صبح کان ساڳئي وقفي سان پنج بجه شام تائين چالو هوندي آهي.
بالغن لاءِ هڪ طرفو ڀاڙو 4.80 پائونڊ يعني 7.70 ڊالر ۽ سورهن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن لاءِ هڪ طرفو ڀاڙو 2.40 پائونڊ يعني 3.85 ڊالر آهي.
ٻن بالغن ۽ ٽن ٻارن تائين فيملي ٽڪيٽ 12.50 پائونڊ يا ويهه ڊالر هڪ ۽ پندرهن پائونڊ يا چوويهه ڊالر اوٽ موٽ ڀاڙو آهي.
ويسٽ منسٽر پئسنجر ايسوسيئيشن لميٽيڊ طرفان اوڀاري وهڪرن ۾ هلندڙ لانچون ويسٽ منسٽر پيئرن کان هلي ڪيو هيمپٽن ڪورٽ تائين وڃن ٿيون. هنن لانچن ۾ بارون پڻ آهن. هيءَ سروس ايسٽر واري تهوار کان اڳ ۾ ايندڙ سومر کان شروع ٿئي ٿي ۽ آڪٽوبر جي آخر تائين روزانو چالو رهندي آهي. هن سروس ۾ ويسٽ منسٽر ٿلهين کان ڪيو تائين اڍائي کان چار ڪلاڪ کن وقت لڳيو وڃي. انهيءَ جو دارومدار وير جي اوتار ۽ چاڙهه تي هوندو آهي. هي لانچون روزانو ساڍا ڏهه بجي صبح سوا يارهن بجي منجهند ۽ 12 بجي منجهند تڙ تان ڇڙنديون آهن.
بالغن لاءِ اوٽ موٽ ٽڪيٽ اٺن کان ٻارهن پائونڊ، چئن کان چوڏهن سالن جي ٻارن لاءِ چار کان ست پائونڊ آهي.
مئي کان سيپٽمبر تائين هتان شام جو پڻ لانچون هلنديون آهن. اهي روزانو ساڍي ستين ۽ ساڍي اٺين بجي شام جو هلنديون آهن. اهي لانچون خاص آرڊر تي رات جو ساڍي نوين بجي پڻ هلايون وينديون آهن. انهن جو هڪ طرفو ڀاڙو بالغن لاءِ پنج پائونڊ ۽ ٻارن لاءِ 3.50 پائونڊ آهي.
ٿيمس نديءَ تي شهر جي حدن اندر ڪيتريون ئي عاليشان پليون تعمير ٿيل آهن. انهن ۾ هڪڙي پُل جو نالو لنڊن برج آهي. هيءَ پل جيتوڻيڪ ڪڏهن به ڪري يا ڊٺي ڪانهي پر انهيءَ کي ڪافي دفعا نئين سر تعمير ڪيو ويو آهي. هن پُل جي اڳوڻي پڃري کي سن 1960ع ۾ اکوڙي هاواسو ڍنڍ ڏانهن موڪليو ويو ۽ هتي وري نئون ڍانچو تعمير ڪيو ويو.
هن لنڊن برج جي اوڀر طرف درياهه تي ٺهيل ٻي پل جو نالو ٽاور برج آهي. هيءَ ٽاور برج لنڊن برج کان وڌيڪ سهڻي ٺهيل آهي. شايد پوري دنيا ۾ هن پل جا گهڻي ۾ گهڻا فوٽا ۽ تصويرون پينٽ ڪيون ويون آهن. هن پل جي وچئين دروازي جي ڍانچي کي ڊاهي سن 1994ع ۾ انهيءَ کي نئين سر تعمير ڪيو ويو.
سن 1993ع ۾ هن پُل جي سالياني جشن طور هن پل اندر قائم ايوان ۾ هڪڙي نمائش منعقد ڪئي وئي هئي. هن پل جي ٽاورن جي چوٽيءَ تي ٺهيل پڃري وٽان شهر جو نهايت وڻندڙ نظارو ڏسڻ وٽان آهي. هتان ٽاور آف لنڊن، پارليامينٽ هائوس ۽ سينٽ پال چرچ وارا عاليشان منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
هن پل جي ڏاکڻي ٽاور هيٺ هڪڙو انجڻ روم آهي جتي پل جي رستن کي هيٺ لاهڻ ۽ مٿي چاڙهڻ لاءِ ڪم ايندڙ مشينون نصب ٿيل آهن. هن پل کي جديد ڪاريگري سان ٺاهيو ۽آ راسته ڪيو ويو آهي. هتي وڊيو ۽ ڪمپيوٽر پڻ نمائش لاءِ رکيل آهن. جن وسيلي پل جي تاريخ ۽ ٻي سائنسي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. سير ڪرڻ وارن لاءِ هيءَ پل اپريل کان آڪٽوبر تائين روزانو ڏهه بجي صبح کان ساڍا ڇهه بجي شام تائين ۽ نومبر کان مارچ تائين روزانو ساڍا نوَ صبح کان ڇهه بجي شام تائين کليل رهندي آهي.
بالغن لاءِ ٽڪيٽ 5.70 پائونڊ ٻارن لاءِ 3.90 پائونڊ آهي. ايڇ ايم ايس بيلفاسٽ بحري جهاز H.M.S Belfast ساڍا يارهن هزار ٽن وزني آهي. اڄڪلهه شاهي بحريه جي ترندڙ نمائش طور استعمال پيو ٿئي. هي جهاز ٻي عالمي لڙائي دوران شاهي بحري فوج وٽ هو. هن وقت هي غراب ٿيمس نديءَ تي ٺهيل ٽاور برج ۽ نئين لنڊن برج جي وچ ۾ لنگرانداز آهي روسي يلغار دوران ۽ پوءِ واري جنگي دور ۾ هن جهاز نمايان خدمت سرانجام ڏني. ڪوريا سان جنگ دوران هن جهاز کي سڌو حملو ڪندڙ جهاز سڏڻ لڳا. هن جهاز جو هر هڪ حصو گهمي سگهجي ٿو. انهيءَ مان پتو پوندو ته گذريل پنجاهه سالن دوران هن جهاز جا فوجي ڪهڙي نه جان فشائيءَ سان دشمن سان وڙهندا رهيا. گهمڻ واسطي هي جهاز اونهاري ۾ روزانو ڏهين بجي صبح کان پنج بجي شام ۽ سياري ۾ روزانو ڏهين بجي صبح کان سوا چار بجي شام تائين کليل هوندو آهي. بالغن لاءِ 4.40 پائونڊ ۽ ٻارن لاءِ 2.20 پائونڊ ٽڪيٽ آهي. ٽاور واري تڙ کان جهاز تائين پهچائيندڙ پتڻ واري لانچ جو ڀاڙو 50 پينس آهي.
هن جهاز اندر هوٽل ۾ بار روم به آهي. پر بل مهانگو اٿس اسان هت ڪا به شيءِ استعمال ڪا نه ڪئي. هي بحري جهاز عام بحري جهازن جهڙو آهي. اسان پئرس کان لنڊن تائين جنهن بحري جهاز ۾ آياسين انهيءَ کان هي جهاز ننڍو آهي. پر جيئن ته هن کي خاص سياحت لاءِ هت بيهاريو ويو آهي. انهيءَ ڪري هن کي هنن تفريح گاهه ٺاهڻ ۾ ڪافي دولت خرچ ڪئي آهي. مون ۽ منا هت ۽ سڄي هن ٿيمس نديءَ جي سير ۾ هڪٻئي جا ڪافي فوٽا ڪڍيا ۽ هتي هن جهاز ۾ به ٻين سياحن وانگر اسان به ڪافي فوٽا ڪڍيا ۽ ڏاڍو افسوس ٿيو ته مووي ڪئميرا ڪو نه کڻي آياسين. ڏينهن به روشن لڳو پيو آهي. مووي ڏاڍي سٺي ڀرجي ها. اسان هت چار ڪلاڪ کن ٿيمس ندي جو سير ڪري ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي ٽرافلگر اسڪوائر ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ نئشنل گئلري ۽ سينٽ مارٽن وارو چرچ ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. لنڊن ۽ يورپ جو هر ماڻهو مرد توڙي عورت ڪم ڪري. تنهنڪري گهر کان ٻاهر نڪري ڪنهن نه ڪنهن سواريءَ تي سوار ٿي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿئي. پر تڏهن به پنهنجي ملڪ جي وڏن شهرن واري رش نظر نه ٿي اچي. ڇو ته هنن قومن پنهنجي ملڪ جي ماڻهن لاءِ ايڏيون ته سهوليتون مهيا ڪيون آهن جو عام ماڻهو به انهن سهوليتن مان فيضياب ٿي رهيو آهي. لنڊن ۾ سرڪيولر ريلوي ۽ انڊر گرائونڊ ٽيوب جي ايڏي ته سهوليت آهي جو ماڻهو پنهنجون گاڏيون به استعمال ڪو نه ڪن. سواءِ پري جي مسافري ۽ موڪلن تي وڃڻ لاءِ باقي هر ننڍو وڏو ماڻهو زياده تر انهن سوارين کي استعمال ڪري سو توهان جڏهن ٽئڪسي ۾ چڙهندا ته توهان کي پاڻ وانگر ڪلاڪن جا ڪلاڪ لنڊن جي روڊن تي بيهڻ جي تڪليف کي منهن ڏيڻو ڪو نه پوندو. اسان کي ٽئڪسي گهمائي ڦيرائي آڻي ٽرافلگر اسڪوائر جي ڀرسان لاٿو. منا هت ٻاهر ڪبوترن جي چاري واري دڪانن تان ڪبوترن لاءِ چارو ورتو ۽ مون ڪئميرا لاءِ سيل ورتا. لنڊن جي هن علائقي ۾ ٻين سياحتي مرڪزن وانگر هميشه سياحن ۽ سيلانين جي رش لڳي پئي هوندي آهي.
اٽڪل ست ملين آباديءَ وارو لنڊن شهر يورپ ۾ پکيڙ ۾ وڏي ۾ وڏو شهر آهي. هن جي پکيڙ پندرهن سئو چورس ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ ٿيندي جنهن جو مرڪز ٿيمس ندي آهي. ملڪ ۾ دولت توڙي واءُ سواءُ جو مرڪز پڻ هتي آهي. جيتري قدر شهر جي باشندن جو تعلق آهي. ته صوبائي زندگي آربيٽل موٽروي جي سرڪٽ کان پري يا ٻاهر شروع ٿئي ٿي. لنڊن جي شهرين جي وڌيڪ مهذب هئڻ علائقائي سطح تي منفي توڙي مثبت اثر پيدا ڪيا آهن پر لنڊن جي بيمثال خصوصيت ۽ اعليٰ لياقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. جيڪو سندس ولولي ۽ ڪاميابيءَ جو سبب آهي. هنن خصوصيتن جي قطع نظر لنڊن يورپ ۾ واحد راڄڌاني آهي. جنهن کي پنهنجي ذاتي نگران تنظيم حاصل ناهي جنهن جو ثبوت مکيه ضروريات بابت ڏهاڪو کن سالن کان سياسي تعطل برقرار آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي ته شهر ۾ خانگي ملڪيت جي نمائش ۽ وري سڌاريل علائقن ۾ شراب ۽ شباب عروج تي آهي. ٻئي طرف ماڻهن ۾ گدلاڻ ۽ بدحالي به وڌي پئي . رات جي وقت ۾ لنڊن جي ويسٽ اينڊ علائقي جي گهرن جا رستا شهري بي گهر ماڻهن لاءِ سمهڻ جي جاين ۾ تبديل ٿيو پون ۽ ڏينهن جو ڪم تي ويندڙ مسافر پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام سان محاذ آرائي ۾ مبتلا رهن ٿا.
لنڊن کي موجوده صورتحال کان ته بهتر ٿيڻ کپي پر اهو اڃا به جلوه افروز آهي. مرڪزي کليل شاهي رستن تي ڪنئين شاهي عمارتون پکڙيل آهن ۽ سندن سوڙهن گذر گاهن ۽ ڦاٽڪن کي جانچيندي ۽ گهمندي رات جي وقت ۾ ماڻهن جي ڀڻ ڀڻ جاري ۽ ساري آهي. توقع جي برخلاف شهر ۾ تمام گهڻي ساوڪ ۽ شادابي آهي، منجهس تمام گهڻا ۽وڏا پارڪ ۽ باغيچا پوکيل آهن.
شهر ۾ عجائب گهر ۽ گئلريون به تمام گهڻيون ۽ مختلف قسمن جي نواردات سان ڀريل ۽ سجايل آهن. نواردات جي گهڻائي پنهنجي بادشاهت واري دور ۾ پنهنجي غلام ڪالونين ۾ ڦرلٽ جي دولت سان گڏ ڪئي وئي اُتي هنن ڪا به شيءِ ڪا نه ڇڏي. ويندي ويندي لاش به پاڻ سان گڏ کڻي ويا يعني احرام مصر مان مصرين جون مميون ڪي قدر هنن کي سوکڙي طور يا عطيي جي صورت ۾ مليل آهن. بلاشبه شهر پنهنجي شاندار ماضيءَ جنهن ۾ قديم رومي آثارن کان وٺي برطانوي سلطنت جي مرڪز واري حيثيت وارن گهڻن يادگارن جو مرڪز پڻ آهي.
قديم رومي حاڪمن لنڊنيئم شهر ٿيمس ندي جي اترئين ڪناري تي سن 43 عيسوي ۾ اڏيو. پر حقيقت ڪري انهيءَ ۾ ڪو واڌارو يا سڌارو يارهين صدي عيسويءَ تائين ڪو نه ٿيو. يارهين صدي عيسوي ۾ نارمنڊي واري ڊيوڪ وليئم ثاني آخري ڪامياب حمله آور جي حيثيت سان لنڊن شهر کي پنهنجي ر اڄڌاني بڻايو. وليئم ثاني انگلينڊ جو پهريون بادشاهه هو. جنهن جي تاجپوشي ويسٽ منسٽر ايبيءَ ۾ ٿي. هن بادشاهه ٽاور آف لنڊن واري مکيه ۽ مرڪزي حيثيت جي حامل عمارت وائيٽ هال جي چوڌاري پنهنجي عظمت جا نشان ڇڏيا هئا پر سن 1666ع ۾ لنڊن شهر کي لڳيل زبردست باهه سبب شهر جون گهڻيون بهترين عمارتون، اٽڪل تيرهن هزار گهر ۽ تقريباً نوي گرجا گهر سڙي رَک ٿي ويا. اهڙي طرح گذريل مهامري سان شروع ٿيل تباهي جي چڪر جو انت انهيءَ باهه تي پورو ٿيو. هن باهه مان اتفاقاً فائدو حاصل ڪندڙ سر ڪرسٽوفر رين هو. جنهن کي تباهه ٿيل عمارتن جي جڳهه تي نيون عمارتون تعمير ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو. جنهن ۾ گرين وچ ۾ تعمير ٿيندڙ بحري فوج واري اسپتال ۽ سينٽ پال واري ڪيٿيڊرل (شاهي گرجا) جي تعمير شامل هئي.
بدقسمتيءَ سان انهيءَ باهه کان پوءِ وارين عطيم عمارتن جو پڻ ٿورو تعداد وڃي بچيوآهي. سن 41-1940ع ۾ جرمنيءَ جي بمباريءَ سان گهڻيون عمارتون تباهه ٿي ويون. ٻيون جديد تعميرات سبب ڦٽيون جنهن لنڊن کي جديد ڪاٻاڙي بڻائي ڇڏيو آهي. لنڊن جي اصلي خصوصيت جاين جڳهين ۾ نه پر اها لنڊن جي شهرين ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. گهٽ م گهٽ سترهين صدي عيسوي کان وٺي شهر ڪنئين مختلف ثقافتن جو آماجگاهه ٿي پيوآهي. جڏهن کان دنيا جي هر طرف ۽ ملڪ کان ماڻهو هتي اچي رهڻ لڳا. جن ۾ هندستاني پاڪستاني بنگالي، ڪيربيئن ،رومي سمنڊ جي ڪنارن تي رهندڙ ۽ ڏور اوڀر وارن ملڪن جا هزارين ماڻهو شامل هئا. آباديءَ جي انهيءَ يلغار شهر ۾ وسعت آڻي منجهس ميٽرو پولس يعني شاهي شهر جا آثار پيدا ڪيا.
ٽرافلگر اسڪوائر واري علائقي ۾ تمام گهڻي ٽرئفڪ هوندي آهي. هن اسڪوائر وٽ 185 فوٽ اوچو پلر ٺهيل آهي. جنهن تي عظيم بحري سالار ايڊمرل هوريٽيو نيلسن جو مجسمو آويزان آهي. جيڪو 1805ع ۾ ٽرافلگر واري فرينچ نيوي هٿان مليل شڪست واري جنگ ۾ مري ويو. راڻي وڪٽوريا جي دور جي پينٽر ايڊون سيئر انهيءَ پلر جي بنياد وٽ چار شينهن محافظن وانگر ڊزائين ڪيا آهن. پاسي کان ٻه ڦوهارا لڳل آهن. جيڪي اونهاري ۾ گرميءَ کان عاجز سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا.
سنڌ جي فاتح سر چارلس نيپئر جو مجسمو به هت رکيل آهي. جيڪو حڪومت نه پر سندس ذاتي دوستن ٺهرايو آهي. هت بي شمار سياح سڄو ڏينهن ايندا ويندا رهندا آهن. جيڪي شينهن تي ويهي ۽ ڪبوترن کي چارو کارائي فوٽا ڪڍڻ ۾ ڏاڍو لطف اندوز ٿيندا آهن. اسان به ڪافي فوٽا ڪڍيا ۽ اڳي ڪڍيل فوٽن کي ياد ڪري نئين انداز سان هڪ ٻئي جا فوٽا ڪڍياسين.
ٽرافلگر اسڪوائر جي ڏکڻ طرف هڪڙو ٽڪنڊو يا ٽه واٽو آهي. اتي چارلس اول جو مجسمو لڳل آهي. اهو هنڌ چارنگ ڪراس (نشان) وارو اصل ماڳ آهي. جتان لنڊن کان مختلف طرفن ۽ شهرن ڏانهن ويندڙ رستن جي ماپ ڪئي ويندي آهي. هن هنڌ تي اهو نالو يعني چارنگ ڪراس ايڊورڊ اول پنهنجي زال ايليئز جي جنازي جي جلوس واري رستي تي لڳل يادگار نشانن مان آخري نشان طور مقرر ڪيو هو. اهو يادگار نشان اڃا تائين چارنگ ڪراس ٽرين اسٽيشن جي اڳيان اوڀر طرف موجود آهي.
اسان هتان کان پوءِ ٽرافلگر اسڪوائر جي اترئين پاسي نئشنل گئلريءَ طرف وياسين. جتي دنيا جي عظيم فن پارن جو زبردست ذخيرو موجود آهي برطانيا ڪي پنهنجا وڏا فنڪار پيدا ڪيا. ۽ ڪن روشن خيال فنڪارن جي پذيرائي به ڪئي پر هن ملڪ دنيا جي فني شاهڪارن کي گڏ ڪرڻ وارن شوقينن جو چڱو تعداد پيدا ڪيو جن خاص طور تي ارڙهين صديءَ دوران اعليٰ ثقافتي فني شاهڪار ۽ نواردات حاصل ڪرڻ لاءِ پوري يورپ جو سير سفر ڪيو . جنهن ڪري لنڊن ۾ پوري يورپ جي سمورن مکيه فني اسڪولن ۽ فنڪارن جا ايترا ته گهڻا شاهڪار موجود آهن جيترا سندن اصل ملڪن ۾ به مس موجود هوندا. مثلاً فقط اٽليءَ جي فني شاهڪارن جي تعداد تي نظر وجهڻ سان اٽليءَ جي تقريباً سڀني وڏن فنڪارن جهڙوڪ پيرو ڊيلا فرانسيسيڪا، رافائيل، بوٽيسيلي، بوسلو، مائيڪل اينجلو، ڪارا واگيو، ٽائيٽيئن، پائولو، ويرونيز ۽ مانٽيگنا وغيره جا هزارين فني نوادارات گئلريءَ جو سينگار آهن. اسپين جي عظيم فنڪارن جا سدا جڳ مڳائيندڙ زرين فني شهپارا هتي سونهن جي سامان ۾ شامل آهن. مثلاً ويلاسڪيئز وارو ”راڪيبي وينس“ شاهڪار ايل گريڪو گويا ۽ ٻين ڪمال جي صاحبن جا فني جواهرات ڪثرت سان موجود آهن. انگلينڊ کان هيٺ وارن ملڪن جي پڻ ڪمال جي ڪاريگرن جهڙوڪ ميملنڪ، وان آئيڪ جو فني ڪارنامو، ارنالفني ميرئيج، وان ڊرويڊن رُبنس ۽ ٻين جي مصوري جو پڻ وڏو ذخيرو موجود آهي. هتي ريمبرانٽ جي پرُتجسس تصويرن جي ترتيب جو پڻ عجيب نماءُ آهي.
پوسين، لورين، واٽيو ۽ ڊيوڊ وارين تصويرن جو مجموعو ملڪ ۾ موجود ويهين صديءَ جي فرانسيسي فني شاهڪارن جو هتي پهتل اوائلي حصوآهي. تنهن کانسواءِ مونيٽ جو شاهڪار ”واٽر لليز“ توڙي سيزاني ۽ سيوريٽ جون تصويري ڪاوشون پڻ هتي آويزان آهن.
جيڪڏهن توهان هن فن جو تاريخي جائزو وٺڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان کي گئلري وٽ بلڪل جديد طرز واري 1991ع ۾ کلندڙ سينسبري عمارت ۾ انهيءَ جي شروعات ڪرڻي پوندي. منجهند جي وقت ڪمرن ۾ خصوصاً آچر تي پيهه سبب هتي تصويرن کي گهرائي سان ته ڏسڻ ئي ناممڪن ٿيو پوي. ليونارڊو جو ڪارٽون ڏسڻ وارن جي هميشه تمام گهڻي رش هوندي آهي. اهو ڪارٽون سندس زبردست شاهڪار ”ورجن آف دي راڪس“ جي پويان، هتي قائم هڪڙي چيپل يعني ننڍڙي عبادت گاهه، جنهن تي گولين جي ڌڪ جو اثر به نه ٿو ٿئي ۾ سجايل آهي.
روشن خياليءَ واري ۽ ان کان پوءِ واري دور جا فن پارا ته اڳوڻي مکيه عمارت ۾ زير نمائش آهن. پر هيءَ نئين سينسبري بلڊنگ پڻ، گئلريءَ ۾ سمورين تصورن جي نمائش لاءِ گهربل جڳهه مهيا ڪرڻ کان قاصر آهي. انهيءَ جي باوجود هتي وارين هيٺين گئلرين ۾ سجايل بهترين تصويرن جي عاليشان مجموعي جي مشاهدي ۾ نظر چُڪ نه ڪندا.
ٽرافلگر اسڪوائر جي اولهه طرف جيمس گبس طرفان ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ اڏيل ”سينٽ مارٽن ان دي فيلڊس“ وارو چرچ قائم آهي. جنهن ۾ ڪيترائي قديم طرز جا ڪالم ۽ هڪ غير رواجي طرز جي مناري سان مهاڙي ٺهيل آهي. نئشنل گئلري جي ڀر سان سينٽ مارٽن واري جڳهه ۾ عظيم انسانن جي تصويرن جي پڻ هڪ الڳ قومي نمائش قائم ڪئي وئي آهي. جنهن کي ”نيشنل پورٽريٽ گئلري“ سڏين ٿا. هيءَ نماش سومر کان ڇنڇر تائين صبح 10 بجي کان شام 6 بجي تائين ۽ آچر تي منجهند 12 بجي کان شام 6 بجي تائين مفت ڏيکاري وڃي ٿي. هيءَ گئلري سن 1856ع ۾ قائم ڪئي وئي. هتي موجود نوادرات ۾ هڪڙي هينري اٺين جي ماڻهو جي قد کان به وڏي تصوير آهي. جيڪا هينس هولبين جي ٺهيل آهي. بيشڪ هي ميوزم تصويرن جي مختلف فني قسمن جو تاريخي مجموعو به پيش ڪري ٿو ته ٻئي طرف برطانيا جي مشهور هستين جو تعارف پڻ پيش ڪري ٿو. ٽيو ڊور گهراڻي ۽ دور سان واسطو رکندڙ شخصيتن جون تصويرون مٿيئن ماڙ تي سجايل آهن. وچين ماڙ تي وڪٽورين دور وارن ماڻهن جون تصويرون رکيل آهن. بلڪل هيٺئين طبقي گرائونڊ فلور تي ويهين صديءَ جي مشهور ماڻهن جهڙوڪ پوپ ايڪٽرن، رانديگرن، سياستدانن ۽ شاهي گهراڻي جي شخصيتن جون تصويرون سجايل آهن. هن عمارت جي هڪڙي حصي ۾ وقت بوقت خصوصي نمائشون پڻ لڳايون وينديون آهن. جن ۾ فوٽوگرافي جون بهترين نمائشون به شامل آهن.
هن چرچ ڏسڻ کان پوءِ اسان پنڌئي پنڌ لنڊن جي روڊن تي گهمندا ڦرندا اڳتي وڃي رهيا آهيون. ڊبل ڊيڪربس جنهن جي ڇت ڪانهي تنهن ۾ سياح مٿي ويٺا ڪچهريون ڪري رهيا آهن. هتي سڄي انگيلنڊ ۾ اهڙيون بسون جام هلن. توهان هڪڙيءَ ٽڪيٽ ۾ بس، زير زمين ٽيوب ۽ ٽرين ۾ چڙهي گهمي ڦري سگهو ٿا. انهن ۾ گهمڻ لاءِ هڪ ڏينهن هڪ هفتي ۽ سيزن ٽڪيٽ ٿين جيڪي توهان کي انهن جي اڏن تان ملي ويندا. ٽڪيٽ جو مدو جيئن وڌيڪ تئين ڊسڪائونٽ زياده. اسان اڄ سڄو ڏينهن گهميا ڦريا آهيون. ۽ هينئر به ڪافي وقت پنڌ ئي پنڌ لنڊن جا چڪر لڳاياسين سو هاڻ هڪ ٽئڪسي ڪري واپس پنهنجي رهائش واري جڳهه ڏانهن وڃي رهيا آهيون. شام جي وقت ۾ ڪافي ماڻهو فوٽ پاٿن تي گهمي ڦري رهيا آهن. اسان کي ٽئڪسي واري آڻي پنهنجي جڳهه ڀيڙو ڪيو. ڀوراڻي ٻڌايو ته فرخ ۽ نور به ٻاهر گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري ويا آهن. اسان ڪپڙا بدلائي ريسٽ لاءِ بيڊ تي ليٽي پاسين.
ٿورو آرام ڪري چانهه پي ٻاهر ٽهلڻ لاءِ نڪري پياسين. اسان جو گهر جيڪو Endlsham روڊ تي آهي. تنهنجي هڪ ڇيڙي تي اسڪول آهي. جنهن ۾ صبح جو ٻار اسڪول ويندا آهن. تنهن مهل اهي راند ڪندا ٺينگ ٽپا ڏيندا رهندا آهن ۽ سندن کلڻ، ڳالهائڻ صاف ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. ننڍو ٻار ۽ پاليل جانور انسان کي انهيءَ ڪري وڻندا آهن، جو انهن جو ڪو به مطلب مفاد ڪو نه هوندو آهي. هو صرف پيار ئي پيار ۽ معصوميت جو اهڃاڻ هوندا آهن. آئون لنڊن ڪيترا دفعا آيو آهيان. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ وڃڻ ٿيو آهي ۽ گهرن ۾ هتي پڙهيل ڪافي شاگردن سان ملاقات ٿي آهي پر ڪراچي جي بيسڪ ايڊيو ڪيشن به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هتي اسڪولن ۾ ٻار ڏاڍا صحتمند ۽ خوش نظر ايندا آهن.
هي رات جو ٽائيم آهي هن وقت هت هميشه خاموشي هوندي آهي، هت اسڪول ٽائيم کان پوءِ مون ڪو به چوڪيدار يا گارڊ ڪو نه ڏٺو. جيئن ڪراچي جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ هوندو آهي پر اڄ اندر ماڻهو نظر اچي رهيا آهن. شايد ڪا تقريب اهي. اسان اسڪول جي پاسي مان لنگهي اڳتي وڃي رهيا آهيون. ييلو ڪيب وارن جي آفيس، ڪپڙن ڌوئڻ جو دُڪان جت ماڻهو شام جي وقت پنهنجا پنهنجا ڪپڙا کڻي اچي خودبخود ڌوئن ۽ جيسين ڪپڙا مشين ۾ ڌوپجي تيار ٿي ۽ سُڪي به وڃن تيسين هي ويٺا اخبارون ۽ رسالا پڙهن ۽ هڪ ٻئي سان بلڪل ڪو نه ڳالهائين. پنهنجو ڪم لاهي چپ چاپ هليا وڃن پر هڪ ٻئي سان هڪ لفظ به ڪو نه ڳالهائين. ان جي ابتڙ پاڻ جيڪر بس، ريل، هوائي جهاز يا ڪنهن سُپر مارڪيٽ ۾ پنهنجي ڀرسان ويٺل ماڻهو کي ڏسون ته ضرور به پڇون ته توهان ڪير آهيو، ڪٿي ويٺا آهيو، ڇا ڪندا آهيو. پوءِ جي ڀر واري چيس ته آئون ڪجهه ڪو نه ڪريان، غريب مسڪين آهيان ته ڳالهه ٿي پوري پر جي ان چيس ته آئون اسيمبلي ميمبر آهيان ٻه ڇوڙائڻ ۽ ٻه ٻڌائڻ منهنجو محبوب مشغلو آهي يا راشي کاتي ۾ وڏو رشوتي ڪامورو آهيان ته پوءِ توهان جي خوشامد ڪرڻ ۾ ڪا به گهٽٽائي ڪا نه ٿيندي. اها به اسان جي غلام هئڻ جي هڪ نشاني آهي ته حاڪم ڪٿي به ملي ته سندس خوشامد ڪرڻ اسان جي فرض ۾ شامل آهي. اسان اڳتي مين روڊ تي پهتا آهيون. سامهون مڪڊونلڊس وارن جو دُڪان آهي ڀرسان سپر اسٽور آهي جنهن طرف اسان وڃي رهيا آهيون. ان طرف وائين شاپ ۽ ٻيا به ڪيترن قسمن جا دڪان آهن. اسان آهستي وڃي رهيا آهيون. منا چيو ته رات جي ماني ٻاهر ڪنهن پاڪستاني هوٽل تي کائون. مون چيس ته پوءِ پاڻ کي گهر ڀوراڻيءَ کي ٻڌائي اچڻ گهرجي ها. هو ته ماني ٺاهي ڇڏيندو سو اڄ نه سڀاڻي رات جو ٻاهر ماني کائينداسين. اڄ واڪ ڪري گهر ٿا هلون سڄو ڏينهن ٿيو آهي جو نور ۽ فرخ سان به ڪو نه گڏيا آهيون. سو مانيءَ تي انهن سان ڪچهري به ٿي ويندي. ايئن واڪ به ڪندا وڃون ۽ ڪچهري به ڪندا وڃون. رستي تي هڪ پب آهي جنهن ۾ اندر درين جي شيشي مان سڀ ڪجهه نظر اچي رهيو آهي. اندر ڪافي رش آهي پر اسان هلندا وڃون.
ٻي جنگ عظيم ۾ جڏهن جرمنيءَ فرانس فتح ڪيو ته ڊيگال ۽ ٻيا ڪيترا يورپ جي ملڪن جا سربراهه پنهنجا پنهنجا ملڪ ڇڏي اچي لنڊن ڀيڙا ٿيا ۽ هي ريڊيو اسٽيشن ذريعي پنهنجي قومن کي حوصلو ۽ همت ڏيئي رهيا هئا تنهن دوران خود برطانيا جا ماڻهو به جنگ جي خوف ڪري ڏاڍا هراسيل هئا. ننڍا وڏا شهر سُنسان لڳا پيا هئا، پر انهيءَ دوران به حڪومت اهو حڪم جاري ڪيو ته سڄي انگلينڊ جا پب کليل رکيا وڃن ته جيئن ماڻهو اُت ايندا رهن ۽ زندگي روان دوان رهي ۽ ماڻهو همت نه هارين. واقعي ڪڏهن ڪڏهن ننڍيون ننڍيون ڳالهيون وڏا ڪم ڪريو ڇڏين.
اسان اڳتي وڃي رهيا آهيون منا چيو ته پُل کان پوءِ واپس ورنداسين اسان صبح جو به واڪ تي انهيءَ پل تائين ايندا آهيون. رات ٿي وئي هئي پر هنن ملڪن ۾ ڊپ ۽ خوف جي ته ڪا ڳالهه ئي ڪانهي. سو اسان پنهنجو چڪر پورو ڪري پوءِ واپس ٿينداسين. عام ماڻهوءَ کي ته ڊپ ڪونهي پر هنن ملڪن جي بادشاهن، صدرن ۽ وزيراعظم کي به تر برابر به پنهنجي ملڪ جي عوام کان خوف خطرو ڪونهي. انهيءَ جو مثال 10 ڊائونگ اسٽريٽ آهي. جت ملڪ جي وزيراعظم جي آفيس ۽ رهائشگاهه آهي. وزيراعظم هائوس جو در هڪ عام فٽ پاٿ تي کلندو آهي. جت سڄو ڏينهن عام ماڻهو ايندا ۽ ويندا رهندا آهن. حڪومت انهيءَ فٽ پاٿ کي عام پبلڪ لاءِ بند نه ڪيو آهي. هن فٽ پاٿ تي هلندڙ هڪ عام واٽهڙو آساني سان ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
اسان پنهنجو رائونڊ پُل تائين مڪمل ڪري واپس گهر ڏانهن وڃي رهيا آهيون. ڪافي دڪان بند پيا آهن. ماڻهن ۽ ٽرئفڪ جي رش نظر ڪا نه ٿي اچي. اسان بالم جي عام شاهراهه نه پر سيف وي Safe way واري پٺئين روڊ کان گهر ڏانهن مڙيا آهيون. انهيءَ رستي سبب ڪافي شارٽ ٿيو وڃي. گهر جي دروازي تي پهچي بيل وڄايم ته نور دروازو کوليو پاڻ خير سان گهمي ڦري اچي ويا هئا.ا سان مٿئين ماڙ تي پنهنجي بيڊ روم ڏانهن روانا ٿياسين ٿوري دير ۾ دستور مطابق نور اسان لاءِ ماني کڻي آيو جيڪا کائي سمهي پياسين. سڄي ڏينهن جو ٿڪ هو ۽ سڀاڻي به وري سڄو ڏينهن گهمڻو ڦرڻو هو.
صبح جو اٿي تيار ٿي منا ۽ مون ناشتو ڪيو. نور ۽ فرخ اڃان سُتا پيا هئا. اسان گهر کان ٻاهر نڪري پهرئين اردو اخبار جنگ ۽ انگريزي اخبار خريد ڪري اڄ جي پنهنجي گهمڻ جي پوائنٽ ٽاور آف لنڊن لاءِ ٽئڪسي ڪري روانا ٿياسين.
ٽاور آف لنڊن وڃڻ لاءِ ٻين لنڊن جي اهم جڳهين وانگر ٽيوب سروس پڻ هلندي آهي پر اسان ٽئڪسي ڪري اوڏانهن وياسين، صبح سوير آهي ڪا گهڻي رش ڪانهي. ٽئڪسي واري اسانکي لنڊن جو سير ڪرائي لنڊن برج مٿان ڦيرائي آڻي ٽاور آف لنڊن جي اڳيان لاٿو، ٽاور آف لنڊن ٿيمس نديءَ جي بلڪل ڪپ تي آهي ۽ ڏاڍي پرڪشش جڳهه تي ٺهيل آهي. هت ٿيمس نديءَ جي ٻنهي ڪپرن تي لنڊن جون اهم جڳهيون ٺهيل آهن. جت سياح وڏي تعداد ۾ گهمڻ اچن ٿا جن ۾:
1- ٽاور آف لنڊن
2- لندن برج
3- سائوٿ وارڪ ڪيٿيڊرل
4- شيڪسپيئر گلوب ٿيٽر
5- لائيڊ بلڊنگ
6- ڪئنسين اسٽريٽ
7- بئنڪ آف انگلينڊ
8- مينشن هائوس
۽ ٻيون کوڙ ساريون جڳهيون آهن. لنڊن ٽاور جي ڀرسان ڪي ايف سي وارن جي هڪ بهترين ريسٽورانٽ آهي جت هر وقت رش لڳي پئي آهي. انهيءَ کانسواءِ ٻيا به ڪيترا شاپس آهن. خاص ڪري هتان ئي ٿيمس ندي جي سير لاءِ توهان کي بيشمار بوٽس ملنديون جن ۾ چڙهي گهمي ڦري واپس هتي اچي لهو. يا ڪنهن ٻئي هنڌ اها توهان جي مرضي، مطلب ته هر وقت هن جڳهه تي رونق ۽ چهچٽو لڳو پيو آهي. هتي هزارن جي تعداد ۾ سياح پيا اچن ۽ وڃن، ٽاور آف لنڊن جي به اندر ۽ ڀرسان تمام وڏا گهاٽا وڻ بيٺل آهن. جن جي هيٺيان بيشمار ڪاٺ جون بئنچون پيون آهن. انهن تي ويهي سياح ٿيمس نديءَ ۾ هلندڙ لانچون ڏسي لطف اندوز ٿي رهيا آهن. ٽاور آف لنڊن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏيون وڏيون قطارون لڳيون پيون آهن. اسان به هڪ قطار ۾ بيهي رهيا سين. برٽش ميوزم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪا به في ڪانهي پر هت ٽاور آف لنڊن ۾ داخلا في آهي ۽ انهيءَ جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ اسان قطار ۾ بيٺا آهيون. پنهنجي واري تي اسان کي به ٽڪيٽ ملي جيڪا هٿ ۾ کڻي ٽاور آف لنڊن جي اندر داخل ٿيڻ لاءِ مين گيٽ تي اچي بيٺاسين گيٽ بند آهي. ٽاور آف لنڊن جي اندر جو سير پاڻ مرادو نه پر سڄو سير گائيڊ گروپ جي شڪل ۾ ڪرائيندا آهن. تنهنڪري جيئن جيئن گائيڊ واندا ٿين. تيئن تيئن ماڻهو اندر داخل ٿين ۽ انهن کي اول کان آخر تائين گهمائي ڦيرائي ٻاهر روانو ڪن.
فرانس جي لوور عجائب گهر ۾ يورپ جا سياح گهڻي تعداد ۾ انهيءَ ڪري وڃن جو انهيءَ ۾ مونا ليزا جي تصوير رکيل آهي ۽ ٽاور آف لنڊن ۾ هندستاني، پاڪستاني ۽ بنگلاديشي وڏي تعداد ۾ انهيءَ ڪري وڃن جو هت هندستان جو مشهور هيرو ڪوهه نور رکيل آهي. جيڪو ماڻهو ٽاور آف لنڊن گهمي ڏسي سگهي ٿو. تنهن ڪري هت هندستان ۽ پاڪستان جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ اچن، اهڙي طرح سان ٽيپو سلطان جي تلوار وري اسڪاٽ لينڊ جي تاريخي قلعي ڪئيسل آف ايڊنبرگ ۾ رکيل آهي. اسان سان گڏ ننڍڙن ٻارن جو هڪ گروپ به شامل آهي. جنهن کي سندن ماسترياڻي هر هڪ ڳالهه سمجهائي رهي آهي.
ڪيڏا نه پيارا ٻارڙا آهن. پنهنجي استاد جي هر ڳالهه ڌيان سان ٻڌي رهيا آهن ۽ معصوم زبان ۾ پنهنجي استاد کان سوال ڪري رهيا آهن. منا تمام ڌيان سان کين ڏسي رهي آهي ۽ مون کي ٻڌائي رهي آهي. هت اسان کي هڪ سنڌي فئملي به گڏي جيڪي حيدرآباد جا آهن. اسان جو گائيڊ اسان کي هر هڪ شيءِ جي باري ۾ اهڙي ته سهڻي نموني سان سمجهائي رهيو آهي. ڄڻ ته هر هڪ شيءِ جي اسان جي اڳيان تصوير ڇڪجي وئي. پاڻ هر هڪ ڳالهه تمام وڏي آواز ۽ تقرير جي انداز ۾ ٻڌائي ۽ سمجهائي رهيو آهي. سلسلو اول کان آخر تائين جاري رهيو. ٽاور آف لنڊن ٽوڪيو ٽاور ۽ ايفل ٽاور وانگر صرف ٽاور نه پر هڪ قلعي نما محل آهي جنهن جي هڪ وڏي تاريخ آهي جيڪا سون سالن تي محيط آهي پر انهيءَ جي مقابلي ۾ ٽوڪيو ۽ پئرس وارا ٽاور جديد دور جي ٽاورن جي عڪاسي ڪن ٿا. ٻنهي جي پنهنجي پنهنجي جدا ۽ منفرد حيثيت آهي. ٻنهي کي هر روز سڄي دنيا جا ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ ڏسن ٿا. اسان ٽاور جي ٻاهران ٽاور جي باري ۾ هڪ ڪتاب خريد ڪيو آهي. جنهن کي آهستي آهستي پڙهندا گائيڊ کي ٻڌندا، فوٽو ڪڍندا اڳتي وڌي رهيا آهيون.
ٽاور تي لڳل جهنڊي ڏانهن اشارو ڪري منا پڇيو ته هي ڇا جو جهنڊو آهي، مون کيس ٻڌايو ته هي برطانيا جو قومي جهنڊو آهي.
لنڊن ٽاور، شهر تي نوَ سئو سالن کان وڌيڪ وقت حڪمراني ڪئي آهي ۽ اڄ پڻ اهو راڄڌانيءَ جو سڀ کان وڌيڪ اهم علامت وارو ۽ سياحن لاءِ جڳ مشهور ۽ پرڪشش آهي.
پنهنجي طويل تاريخ دوران هي ٽاور شاهي محل، قلعو، قيد خانو، ڦاسي گهاٽ، اسلحي گاهه، ڪارخانو، ضرب خانو، چڙيا گهر ان سان گڏ شاهي جواهرات، نوادرات ۽ هٿيارن جو نمائش گهر به رهيو آهي. اڄ اهو ٽاور برطانوي تاريخ جي طاقتور ترين علامتن يعني قديم شاهي غلامن، لنڊن جي ڪانگن جيڪي بلڪل ٿر جي ڪانگن جهڙا ڪارا ۽ وڏا ڪانگا آهن ۽ شاهي هيرن جواهرن جو گهر آهي. لنڊن ٽاور حقيقت ۾ هڪ نه پر گهڻن ئي ٽاورن، محلن، قلعن ۽ متفرڪ جڳهين جو مجموعو آهي. جن کي پسڻ ۽ پروڙڻ سان متاثر ڪندڙ ڄاڻ ۽ لطف حاصل ٿئي ٿو. هيٺ انهيءَ جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
[b]الهندو شاهي دروازو ۽ آبي رستو
[/b]هي علائقو لنڊن ٽاور جي سياحن لاءِ مقرر ڪيل مکيه دروازي کان وٺي آبي رستي جي دنگ وٽ ڪريڊل ٽاور تائين مشتمل آهي. هي ماڳ ٽاور وٽ پهچڻ شرط يا ته موٽندي ٽاور ڇڏڻ وقت گهمي سگهجي ٿو.
[b]الهندو لنگهه
[/b]ايڊورڊ پهرئين جي وقت کان وٺي (1272ع کان 1307ع) محل ۾ وڃڻ جو مکيه زميني رستو ڪيترن ٽاورن ۽ لچڪدار پلين مان گذرندو هو جيڪو پوءِ ٿيندڙ ڪيترين ئي ترميمن سبب، اڄ اها اصلي صورت وڃائي ويٺو آهي. ايڊورڊ اول طرفان قلعي ۾ ٿيل توسيع ۾ نئين ٻاهرئين پناهه ديوار ۽ شهر ۽ نديءَ وارا مکيه دروازا شامل آهن. شهر جي طرف وارو نئون شاهي دروازو 1275ع کان 1281ع جي وچ ۾ اڏيو جنهن ۾ ٽي ٽاور (1) لائين ٽاور (2) مڊل ٽاور ۽ (3) باءِ وارڊ ٽاور جوڙيا ويا. لائين ٽاور بعد ۾ ڊاٺو ويو. هن وقت جديد ڪنڪريٽ پُل، ٽاور هل کان مڊل ٽاور تائين وڃي ٿي. جديد پُل تان قديم لچڪدار پُل جا آثار ۽ لائين ٽاور جي ٻاهرين ديوار ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جنهن جا پٿر ٽاور شاپ جي اڳيان ٺهيل پٽڙيءَ ۾ لڳل نظر ايندا.
هن ٽاور ۾ شاهي چڙيا گهر قائم هو. جنهن ۾ شينهن به هوندا هئا. تنهن ڪري هن ٽاور جو نالو ”لائين ٽاور“ رکيو ويو. شاهي چڙيا گهر 1834 ۾ موجوده لنڊن زو ڏانهن منتقل ڪري لائين ٽاور کي ڊاهي انهيءَ هنڌ پمپ هائوس اڏيو ۽ ان کي ٽاور شاپ طور استعمال ڪجي ٿو.
[b]مڊل ٽاور
[/b]لائين ٽاور کان مڊل ٽاور ڏانهن هڪڙي لچڪدار ننڍي پُل هئي سا هاڻي ڦٽي وئي آهي. 1717ع ۾ جارج اول مڊل ٽاور ۾ ترميم ۽ ڪجهه سڌارو ڪري گيٽ تي هٿيار وغيره چاڙهيا. هي ٽاور هن وقت يئومين گارڊ (قديم غلام محافظ) جي رهائشگاهه آهي. ٽاور جو بچاءُ حقيقتاً گيٽ وٽ لوهي سيخن جي ٺهيل ٻن تاقن کي زمين ۾ لڳل کانچن ۾ لڳائي ڦاٽڪ بند ڪرڻ سان ٿيندو هو. اهي کانچا اڄ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
[b]باءِ وارڊ ٽاور
[/b]مڊل ٽاور ۽ باءِ وارڊ ٽاور جي وچ ۾ هڪ ننڍو رستو هوندو هو جنهن ۾ اصل کان هڪ لچڪدار پُل هوندي هئي. ياد رکڻ گهرجي ته انهيءَ هنڌ موجود کاهيءَ ۾ 1843ع تائين پاڻي ڀريل هوندو هو. هي گيٽ هائوس ايڊورڊ اول جي ٺهرايل ٻن گول ٽاورن سميت اڃا تائين گهڻن ئي اصل مهانڊن جو حامل آهي. مڊل ٽاور وانگر باءِ وارڊ ٽاور پڻ لوهي سيخن جي ٺهيل ٻن تاقن سان ڦاٽڪ بند ڪري محفوظ رکيو ويندو هو. ڦاٽڪ وٽان لنگهندي اهو سيخدار تاقن ۽ خوني سوراخن جو سلسلو ڏسڻ ۾ ايندو جيڪي سوراخ شايد حمله آور دشمنن طرفان گيٽ کي باهه سان ساڙڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا هئا. ڦاٽڪ جي اڳئين پاسي ساڄي طرف تير اندازيءَ لاءِ ٺهيل اصلي سوراخ آهي. جيڪو ڦاٽڪ جي حفاظت لاءِ استعمال ٿيندو هو.
ڦاٽڪ جي ٿورو پويان ساڄي طرف هڪ ننڍو خانگي لنگهه آهي. جيڪو گهاٽ کان ٽاور ڏانهن ويندڙ هو ۽ شاهي خاندان پاران پندرهين ۽ سورهين صدين دوران استعمال هيٺ هو. انهيءَ لنگهه تي ننڍڙي ڦاٽڪ ۽ گهاٽ واري پاسي کان لچڪدار پُل پڻ ڏسي سگهجي ٿي. اهو پوسٽرن گيٽ اصل ۾ ايڊورڊ اول ٺهرايو هو. پر سندس موجوده صورت پندرهين صديءَ کان شمار ڪجي ٿي.
[b]واٽرلين يا آبي رستو
[/b]باءِ وارڊ ٽاور جي هيٺان لنگهڻ کان پوءِ اوهان انهيءَ هنڌ پهچندا جتي اوهان جي کاٻي هٿ تي اتر طرف ويندڙ ضرب خاني واري گهٽي آهي ۽ اڳيان اَٿوَ- واٽر لين. اهو هنڌ ايڊورڊ اول جي دور وارو آئوٽر وارڊ يعني خارجي ميدان آهي. اهو وارڊ ايڊورڊ اول طرفان لنڊن ٽاور جي توسيع دوران ان وقت قائم ڪيو ويو، جڏهن 1275ع کان 1282ع جي وچ ۾ محل جي اولهه، اتر ۽ اوڀر، طرفن کان هڪ نئين ٻاهرين بچاءُ واري اضافي ديوار (آئوٽر ڪرٽين وال) تعمير ڪئي وئي ندي سان لڳو لڳ موجود واٽرلين وارو سمورو علائقو آئوٽر وارڊ قرار ڏنو ويو ۽ ٿيمس ندي جي ڪناري سان لڳو لڳ ٽاورن تي مشتمل بچاءُ جي شاهي ديوار تعمير ڪئي وئي انهيءَ کان اڳ اندروني پناهه واري ديوار تي اڏيل سمورا ٽاور ندي جي ڪپ تي قائم هئا. تنهن ڪري انهيءَ هنڌ جو نالو واٽرلين سڏيو ويو. اندرين ۽ ٻاهرين بچاءَ جي ديوارن جي وچ واري بيل ٽاور کان وٺي سالٽ ٽاور تائين واري ايراضيءَ جو تمام وڏو حصو واقعتاً شاهي ضرب خاني وارن جي ورڪشاپ آفيسن ۽ گهرن جي قبضي هيٺ هو جيڪي ملڪي ناڻي جا سڪا تيار ڪندا هئا. بيل ٽاور جو اتريون ڀاڱو اڃا تائين منٽ اسٽريٽ طور ڄاتو وڃي ٿو.
منٽ اسٽريٽ لڳ، اڳيان نهارڻ سان ٻاهرين بچاءَءُ واري ديوار جي پويان چبوترن تي ٺهيل ارڙهين صديءَ وارن گهرڙن جي قطار نطر ايندي جتي يئومين وارڊر پنهنجن ڪٽنبن سميت رهن ٿا.
[b]بيل ٽاور
[/b]بيل ٽاور، منٽ اسٽريٽ ۽ واٽر لين واري ڪنڊ تي ٺهيل آهي ۽ وائيٽ ٽاور کانسواءِ محل جي سمورن ٽاورن ۾ پراڻو آهي. بيل ٽاور ۽ ساڻس ملندڙ ڪريٽن وال جيڪا واٽر لين سان لڳو لڳ وڌندي بلڊي ٽاور سان ملي ٿي. لنڊن ٽاور ۾ 1190ع واري اوائلي توسيع ۾ شمار ڪجن ٿا جنهن وقت اهي درياءَ جي ڪپ تي موجود هئا. بيل ٽاور جي بنياد وارا بلاڪ ان جي ڀرسان موجود هڪ کڏي مان ندي جي ڪپ تي موجود ڏسي سگهن ٿا. ٽاور جي بناوت مان اندازو آهي ته شايد اهو ٻن مرحلن ۾ تعمير ٿيل آهي. مٿين ٻي ماڙ جيڪا گول آهي سا هيٺئين پنج ڪنڊي طبقي مٿان پوئين مرحلي ۾ اڏيل ڀانئجي ٿي.
جيتوڻيڪ موجوده بيل ٽاور 1651ع کان موجود ڄاڻايو وڃي ٿو پر ڪرفيو جو گهنڊ هن ٽاور مان گهٽ ۾ گهٽ 5 سئو سالن کان وڄندو رهي ٿو. لنڊن ٽاور جي تاريخ ۾ ڪانسٽيبل جي رهائش گاهه بيل ٽاور سان گهڻو اڳ ڳنڍي وئي.
ٽيوڊور بادشاهن جي زير حڪومت جڏهن محل جي محافظ اعليٰ ڪانسٽيبل جي نائب يعني ليفٽيننٽ جنهن کي ريزيڊنٽ ڊپٽي به سڏبو هو. ان جي ڊيوٽي ۾ قيدين جي سلامتي شامل هئي. ان وقت بيل ٽاور تمام مکيه حيثيت وارن قيدين جي رهائش گاهه بڻجي ويو. جهڙوڪ سرٿامس مور ۽ شهزادي ايلزبيٿ جيڪا راڻي ايلزبيٿ اول هئي. واٽر لين سان گڏ اڳيان وڌڻ سان مٿي کاٻي طرف موجوده راڻي جي رهائش جو پويون حصو ڏسڻ ۾ ايندو. جتي ٽاور جو گورنر اڃا تائين رهندو آهي. ٿورو اڳتي توهان جي ساڄي طرف تي ميڊيئيول پيليس جو گيٽ آهي. ۽ ٿورو پوئتي ٽرائيٽرس گيٽ آهي. بلڊي ٽاور جو رستو مخالف رُخ ۾ انروارڊ ڏانهن وڃي ٿو.
[b]ٽرائيٽرس گيٽ
[/b]سينٽ ٿامس جو ٽاور بادشاهه جي رهائش لاءِ بادشاهه ايڊورڊ اول سن 1275ع جي وچ ۾ اڏايو. بلڊي ٽاور واري آبي رستي بجاءِ هن ٽاور لاءِ الڳ هڪ نئون آبي رستو پڻ جوڙايو ويو. انهيءَ نهر کان ايندڙ آبي ڦاٽڪ کي ٽرائيٽرس گيٽ سڏجي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ڪيترائي حڪومت جا غدار ماڻهو انهيءَ ڦاٽڪ مان داخل ٿيا هئا. مثلاً راڻي ايني بولين ۽ سرٿامس مور، سندن اهو سفر آخري ٿيڻو هو. وائيٽ ٽاور جي ڇت تي ٺهيل ٽانڪيءَ ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ ٽرائيٽرس گيٽ جي پويان هڪڙي پول ۾ مشين استعمال ٿيندي هئي. مشين اصل ۾ پاڻيءَ جي زور تي يا وري گهوڙي جي طاقت سان ڪم ڪندي هئي ۽ ٻاڦ تي هلائي ويندي هئي. سن 26-1724ع ۾ مشين بندوقن جي نالين ۾ سوراخ ڪرڻ لاءِ ڪم ايندڙ مشينون هلائڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي 1860ع ۾ ان کي هٽايو ويو.
[b]هينري ٽئين وارو گيٽ ۽ لوئر ويڪ فيلڊ ٽاور
[/b]واٽر لين سان اڳتي وڌندي، اوڻويهين صديءَ واري پل هيٺيان هينري ٽئين واري ذاتي آبي ڦاٽڪ جا آثار نظر ايندا. ڄاڻايل پل سينٽ ٿامس واري ٽاور ۽ ويڪ فيلڊ ٽاور کي ملائي ٿي. اهو آبي ڦاٽڪ اصل ۾ نهر کان سڌو ويڪ فيلڊ ٽاور جي هيٺئين طبق ۾ داخل ٿيندو هوندو. ويڪ فيلڊ ٽاور جي هيٺئين طبق ۾ محافظن لاءِ هڪڙو ڪمرو هو. واٽر گيٽ تي چوڪي ڏيندڙ سپاهيءَ انهيءَ ڪمري ۾ رهندا هئا. اهي سپاهي لڳ ڀڳ 1280ع تائين تير بازيءَ جي ڳڙکين وسيلي نهر تي چوڪي ڏيندا آيا. جڏهن نهر جي صفا لڳ ڪپ سان هڪڙي نئين ٻاهرئين بچاءُ واري ٽاورن تي مشتمل ڀت اڏي آئوٽر وارڊ قائم ڪيو ويو، تڏهن انهيءَ هيٺئين طبق جون تير اندازيءَ واريون ڳڙکيون بند ڪري، فرش کي ٻاهرئين زمين جي ليول مطابق مٿي ڪيو ويو هو پر پوءِ اها ڀرائي وري خارج ڪرائي وئي جيئن ته استن جي پٿرن تي ٿيل ڪم کي اصل حالت ۾ ڏيکاري سگهجي. اصلي حالت کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مٿئين ڪمري ۾ ڪاٺ جو فرش نئين سر اصلي نموني مطابق تعمير ڪيو ويو آهي. انگلينڊ ۾ گهڻيون جڳهيون اڄ به ڪاٺ جون ٺهيل آهن. ڪاٺ جي جڳهين ۾ سردي گهٽ لڳي. اڄڪلهه ته هر شيءِ سينٽرلي هيٽيڊ آهي پر تڏهن به هت گهرڪاٺ جا ٺاهين. جنهن گهر ۾ اسان رهيل آهيون. اهو به ڪاٺ جو ٺهيل آهي. ويڪ فيلڊ ٽاور جو مٿيون طبق وچئين دور جي محل جي هڪ ڀاڱي طور عوام لاءِ نمائش خاطر کليل آهي.
ويڪ فيلڊ جي هيٺئين طبق مان نڪري کاٻي طرف مڙي بلڊي ٽاور جي ڦاٽڪ مان لنگهي واپس اچي واٽر لين ۾ داخل ٿيندئو.
[b]ڪريڊل ٽاور
[/b]واٽر لين تي اڃا وڌيڪ اڳتي ڪريڊل ٽاور ٺهيل آهي. جيڪو بادشاهه ايڊورڊ ٽئين (1377ع-1327ع) پنهنجي رهائشگاهه لاءِ ذاتي استعمال واري هڪ نئين آبي ڦاٽڪ طور تعمير ڪرايو هو. بادشاهه جي رهائش ان وقت لينٿرن ٽاور ۽ ان جي آسپاس جاين تي مشتمل هئي.
ڦاٽڪ اندر لوهي سيخن واري دروازي جي جهل لاءِ فرش ۾ ٺهيل کانچا اڃا تائين ڏسجن پيا. پٿر جي ٺهيل سهڻي گولائي واري ڇت پڻ قابل توجهه آهي.
ڪريڊل ٽاور بعد ۾ قيد خاني طور استعمال ٿيو. سن 1599ع ۾ ٻن قيدين هر هڪ نالي
1- فادر جان گيرارڊ ۽ 2- جان آرڊرن
ٽاور مان ڀڄڻ جو بندوبست ڪيو. اهي ٽاور مان رسي ذريعي نڪري هيٺ پاڻيءَ سان ڀريل کاهي ۾ سندن ساٿين پاران تيار بيٺل ٻيڙيءَ تي چڙهي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
ڪريڊل ٽاور جي سامهون راڻي ايلزبيٿ ثانيءَ وارو آرچ ڦاٽڪ آهي. جيڪو انروارڊ ڏانهن وڃي ٿو. هت ڪافي سياحن فوٽا ڪڍيا جنهن کان پوءِ اسان جو هي قافلو اڳتي وڌيو.
[b]ميڊِيئيوَل محل
[/b]ميڊيئيول محل ۾ داخل ٿيڻ جو رستو واٽرلين ۾ ٽرائيٽرس گيٽ جي ڀرسان آهي. لنڊن ٽاور جي عمارتن جو اهو تعداد جن کي بادشاهه شهر ۾ موجودگيءَ دوران رهائش طور استعمال ڪندا هئا، انهن جڳهين جو گڏيل نالو ميڊيئيول محل رکيو ويو. انهن مان به مکيه حصي کي انموسٽ وارڊ چئجي ٿو. تنهن حصي ۾ سير ڪندي وال واڪ جي ڏکڻ کان ۽ ويڪ فيلڊ ۽ لينٿرن ٽاورن وچان به ڏسي سگهبو.