5
اسان جي جهاز جي هلڻ جي مٺڙي زناني آواز ۾ انگريزي ۽ عربيءَ ۾ انائونسمينٽ ٿي ته اسان جو جهاز به رن وي تي آهستي آهستي هلڻ لڳو ۽ ڏسندي ڏسندي اسان کان لنڊن جا نظارا به گم ٿي ويا. صرف ڪڪر ئي ڪڪر نظر اچڻ لڳا. جن منجهان جهاز اڳتي هلي رهيو هو ۽ ڪافي دير کان پوءِ ڪڪرن جي انهيءَ قافلي کان ڌار ٿي تمام مٿي هليو ويو ۽ ڪڪر هيٺ ئي هيٺ، مٿي اڏامندڙ هن جهاز کي ڏسندا رهيا ۽ اسان وري هيٺ ڪڪرن کي ڏسندا رهياسين. هيٺ سفيد ڪڪرن کانسواءِ ٻي ڪا به شيءِ نظر ڪا نه ٿي آئي. جڏهن جهاز ڪڪرن کان ٻاهر نڪري پنهنجي صحيح رُخ تي آيو ته سيٽ بيلٽ کولڻ جو آواز ٿيو ۽ اسان انهن کي کولي آرامي ٿي ويٺاسين. پٺيان ٽرالي ريڙهڻ جي آواز سان گڏوگڏ سنهو مٺو آواز به ڪن کي ڇهڻ لڳو. هوائي جهاز يا ڪنهن به اهڙي هنڌ ماڻهو ڪنڌ پٺيان ورائي ته ڪو نه ٿو سگهي ڇو ته اهو سخت ناگواره ٿو لڳي سو انهيءَ آواز جي انتظار ۾ ڪافي وقت لڳي ويو. ڇو ته هر مسافر کان پهرئين پنهنجي پسند پڇڻ يعني ڪافي. چانهه، سافٽ ڊرنڪ يا جوس پوءِ برف يا بغير برف، باقي کير ۽ کنڊ ته هونئن به جدا ڏين سو انهيءَ جي پڇڻ جو ته سوال ئي ڪو نه ٿو پيدا ٿئي. انهيءَ پڇ پڇان ۾ ڪافي وقت لڳيو وڃي. وري جي ڪو ٻار هجي ته هو ذري ذري پيو پنهنجي راءِ بدلائي ۽ ايترن سوالن جوابن ۾ ته دير ٿئي ٿي. ٻيو ته عورت سان ڳالهائيندي به ته دل ڪا نه ٿي ڀرجي. ايئن انتظار ڪندي اسان جو به وارو آيو. منا هميشه جيان آرينج جوس پيتو ۽ مون اڄ انناس جوس جي جڳهه تي چانهه پيتي ۽ فرخ ڪافي پيتي ايئن جوس چانهه پيئندي، ماني کائيندي، فلمون ۽ ٻيا پروگرام وڏي اسڪرين تي ڏسندي ڏسندي ڏينهن مان رات ۽ رات مان پرڀات ٿي وئي ۽ اسان لنڊن کان دبئي پهچي وياسين. جهاز جي رفتار ۽ وقت جي ابتڙ هلندي وقت گذرندي ويرم ئي ڪا نه ٿي لڳي اسان صبح جو سوير دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي وياسين. هت ڪافي مسافر ۽ انهن جو سامان لهڻو هو. تنهن ڪري اسان کي به چيائون ته توهان ڀلي دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ڊيوٽي فري شاپ مان ٿي اچو، پر مڙيئي جلدي دبئي ايئرپورٽ ۽ دبئي منهنجو اڳ به ڪافي ڀيرا ڏٺل هو. تنهنڪري ڪنهن به قسم جي تڪليف محسوس ڪا نه ٿي. ڄڻ ته آئون منا ۽ فرخ جو گائيڊ ٿي پيس. دبئي ايئرپورٽ ڊيوٽي فري سان گڏ ٻين ڪافي سهوليتن سان سينگاريل ۽ سنواريل آهي. جنهن ۾ خريداري تي انعام وسيلي نئين مرسڊيز ڪار کٽڻ جي سهوليت به آهي. اها مرسڊيز ڪار ڊيوٽي فري دڪانن جي وچ ۾ ايئن انتظار ڪري رهي آهي، ڄڻ ڪنوار سيج تي سُتي پئي آهي. مسافرڪار کي ايئن ڏسي جيئن اليڪشن جي ڏينهن اميدوار ووٽر کي ڏسي مشڪي.
انهن انعامن سان گڏ ٻيا پڻ هزارين انعام رکيل آهن. انهيءَ ڪري ايئرپورٽ اندر ڄڻ ته ميلو لڳيو وڃي. دبئي ايئرپورٽ تي ڪراچي ايئرپورٽ، جده ايئرپورٽ يا بمبئي ايئرپورٽ کان وڌيڪ رش ٿئي. امير ماڻهن جي موجودگيءَ ڪري وڌيڪ سونهن، سوڀيا ۽ سرُهاڻ محسوس ٿئي. ايئرپورٽ جو اسٽاف پڻ ڌاڍي شائستگيءَ سان پيش اچي. اچڻ وڃڻ ۾ ڪا به بوريت محسوس ڪا نه ٿئي.
مون ٽوڪيو کان وٺي سئن فرانسسڪو تائين دنيا جا ڪئين ايئر پورٽ ڏٺا آهن پر مون جده ايئرپورٽ جهڙي مسافرن سان خراب روش دنيا جي ڪنهن به ايئرپورٽ تي ڪا نه ڏٺي. اڇي چمڙيءَ وارن کانسواءِ باقي هر مسافر لاءِ اهو سمجهندا آهن ته هي اسان وٽ پنڻ آيو آهي. ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪو نه آهن. سعودي ايئرلائين اسٽاف کانسواءِ ٻي ايئر لائين جي اسٽاف سان به هنن جو رويو ٺيڪ نه هوندو آهي. باقي پي آءِ اي اسٽاف کي ته مسافرن وانگر ئي ڊيل ڪن.
پاڻ اچون ٿا پنهنجي منزل دبئي جي احوال تي جيڪو اڄڪلهه سڄي دنيا جي توجهه جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. دبئي اصل عرب مڇيرن جو هڪڙو ڳوٺ هو. لوا (Liwa) نالي نخلستان ۾ رهندڙ بني ياس Bani yas جي هڪ خاندان سن 1830ع ۾ دبئي تي راڄ ڪرڻ شروع ڪيو. حڪمران اڃا تائين ساڳيو خاندان آهي. دبئي جي رهواسين جي گذر جا اصل وسيلا مڇي مارڻ، رڍون ۽ ٻڪريون چارڻ ۽ ڪجهه قدر کجيءَ جا باغ پوکڻ هئا، پر پوءِ هنن تجارت کي مکيه ڌنڌي طور اختيار ڪيو. انهيءَ ۾ آهستي آهستي وڌندي اڄڪلهه ڪمال جي ترقي حاصل ڪئي اٿن. شهر جي فقط هڪ تجارتي علائقي (Deira) ڊيرا ۾ به 350 کان وڌيڪ گهڻ ملڪي تجارتي ڪمپنين جا مرڪز موجود آهن.
اها ترقي فقط حڪمرانن جي آزاد تجارت واري سٺي پاليسي اختيار ڪرڻ سبب ٿي سگهي آهي. انهيءَ ڪري اول هندستاني پاڪستاني، ۽ ايراني واپاري هتي ڪاروبار ڪرڻ لڳا. انهيءَ عرصي دوران دبئي سياسي طور برطانيا جي تسلط هيٺ هڪ پروٽيڪٽوريٽ Protectorate يعني ڪمزور ۽ طفيلي رياست جي حيثيت ۾ برطانيا جي پناهه ۾ رهندڙ وچ اوڀر وارين رياستن مان هڪڙي هئي. جيئن 1947ع کان اڳ پنهنجو ملڪ پاڪستان هو.
دبئي سن 1971ع ۾ برطانيا کان آزاد ٿيڻ کان پوءِ عرب رياستن جي اتحاد متحده عرب امارات ۾ شامل ٿيو. انهيءَ اتحاد ۾ ابوظهبي، شارجه، اجمان. امه القوئين ۽ فيوجائراه رياستون شامل هيون. اهو اتحاد هن عرب علائقي ۾ سن 1966ع ۾ تيل لڀڻ کان پوءِ ترت عمل ۾ آيو. جنهن هنن عرب عمارتن جي زندگيءَ ۾ تمام وڏي تاريخي تبديلي آندي.
دبئي جي هن غير معموليءَ ترقيءَ جو سهرو اڳوڻي حڪمران هز هائينس شيخ راشد جي سر تي آهي، جنهن تيل جي ڪمائي ملڪي ترقي لاءِ ڪم آندي. شيخ راشد جي شروع ڪيل منصوبن کي موجود. حڪمران شيخ مڪتوم بن راشد ۽ سندس ڀائر پايئه تڪميل تي رسائڻ لاءِ برقرار رکيو اچن. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو جديد بنيادي شين جهڙوڪ مواصلات، صحت، تعليم ۽ سياحت جا زبردست منصوبا تڪميل تي پهچڻ وارا آهن ۽ سمورو سماجي نظام جديد زاوين تي قائم آهي. انهي ترقيءَ جو مدار آزاد تجارت تي قائم آهي. تعليم جي معيار جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو، جو آڪسفورڊ ۽ هارورڊ ۾ پڙهيل بينظير ڀٽو صاحبه به پنهنجا ٻار پڙهائي لاءِ انگلينڊ ۽ آمريڪا بدران دبئي ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيا هئا پر هاڻ U. K ۾ پڙهندا آهن. سمورين عرب عمارتن وانگر دبئي جي آبهوا پڻ نيم خط استوائي خشڪ قسم جي آهي. هتي برسات ٿوري ۽ ڪڏهن ڪڏهن پوندي آهي ۽ گهڻو ڪري سياري ۾ ٿيندي آهي. گرميءَ جو درجو سراسري گهٽ ۾ گهٽ 10 ڊگريون سيلسيئس Celsius ۽ وڌ ۾ وڌ 48 ڊگريون سيلسيئس تائين ٿيندو آهي.
دبئي جي سرڪاري ٻولي عربي آهي. انگريزي ٻولي پڻ هتي سمجهي وڃي ٿي ۽ عام استعمال ۾ آهي.
دبئي رياست جا ڪيترين عالمي تنظيمن سان تعلقات قائم آهن. مثلاً اهو متحده عرب امارات جي ميمبر طور سن 1971ع ۾ اقوام متحده ۽ عرب ليگ جو ميمبر ٿيو. تنهن کان پوءِ اهو تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ OPEC جو ميمبر ٿيو. انهيءَ کان پوءِ آءِ ايم ايف I.M.F جو ميمبر ٿيو. انهيءَ کانسواءِ اهو عالمي تجارتي تنظيم W.T.O جو ميمبر پڻ آهي. ان کان سواءِ هي عرب ملڪن جي ٻي تنظيم A.G.C.C جو ميمبر پڻ آهي. انهيءَ تنظيم جا ٻيا ميمبر ملڪ آهن: سعودي عربيه، عمان، قطر، بحرين ۽ ڪوويت. دبئي UAE اتحاد جي ميمبر طور غير جانبدار خارجه پاليسيءَ جو حامل هئڻ سان گڏ عرب اتحاد جو پڻ گهڻو خواهان آهي.
دبئي رياست جي پکيڙ 3885 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ متحده عرب امارات ۾ ايراضيءَ جي لحاظ کان ٻيو نمبر وڏي رياست آهي دبئي امارت دبئي کاري جي ڪنارن تي مشتمل رياست آهي. اها دبئي کاري نارعدن مان نڪرندڙ هڪ کاري آهي. دبئي شهر انهيءَ کاري جي ٻنهي ڪنارن تي اهڙي طرح آباد آهي جنهن موجب شهر جو هڪڙو ڀاڱو انهيءَ کاري جي اترئين ڪپ تي آباد ۽ ٻيو ڀاڱو انهيءَ جي ڏاکڻئين ڪناري تي آباد آهي. دبئي شهر عرب امارات جو هڪ مکيه بندر ۽ تجارتي مرڪز آهي.
دبئي رياست کي هڪ سئو ڪلوميٽرڊگهو سامونڊي علائقو آهي. دبئي جي حاڪم جو محل به سامونڊي ڪناري تي آهي جتان هو محل مان ويهي سامونڊي جهازن جي چرپر ڏسندو آهي. هي محل ارڙهين عيسوي صدي ۾ ٺهيل آهي پر هاڻ هن کي وڏي پئماني تي جديد بڻايو ويو آهي. دبئي جي سامونڊي ڪناري کي پڻ ڏاڍو سنواريو سينگاريو ويو آهي.
متحده عرب امارات جي وفاقي حڪومت جو صدر ابو ظهبيءَ جو حڪمران شيخ زيد بن سلطان النهيان جو پٽ آهي. نائب صدر دبئي جو حڪمران شيخ مڪتوم بن راشد آهي. شيخ زيد بن سلطان مون ننڍي هوندي محمد يوسف چانڊيي جي ڳوٺ ڏٺو هو. جت پاڻ شڪار تي آيو هو. ساڻس گڏ لبنان جو صدر پڻ هو.
عرب امارات جي سپريم ڪائونسل جا ست ميمبر آهن. جيڪي واسطيدار امارات جا حڪمران آهن.
مواصلات ۽ اطلاعات، تعليم، دفاع، ترقيات، قانون ۽ خارجه تعلقات جا شعبا انهيءَ وفاقي سپريم ڪائونسل جي حوالي آهن. ڪيبينيٽ فيڊرل ڪائونسل آف منسٽرس سڏجي ٿي. جيڪا سپريم ڪائونسل جي تشڪيل ڪيل آهي ۽ انهيءَ ڏانهن جوابده آهي. هڪڙي مجلس شوريٰ پڻ آهي. جنهن ۾ چاليهه ميمبر آهن. جيڪي حصي رسيءَ موجب هر ميمبر امارت مقرر ڪندي آهي. انهيءَ شوريٰ جو مدو ٻه سال آهي. اها تجويزون ڏئي سگهي ٿي. باقي ويٽو پاور نه ٿي رکي.
متحده عرب امارات جي راڄڌاني ابوظهبي آهي پر ڪجهه وزيرن جون آفيسون دبئي ۾ پڻ آهن. خارجي پاليسي ۽ دفاع کانسواءِ باقي عوامل ۾ هر ميمبر امارت آزاد آهي. اهڙي طرح دبئي رياست آزاد تجارتي پاليسي اختيار ڪئي آهي جنهن تحت ٻاهران ايندڙ مال تي محصول يا ڪسٽم في معاف آهي. تنهن ڪري پرڏيهي سيڙپڪاري جا موقعا هتي هميشه موجود آهن.
دبئي حڪومت جي تجارتي پاليسي جا چند هيٺيان اصول بيان ڪجن ٿا.
1- سڌي تجارت Direct Trade جنهن تحت ڏيهي ۽ پرڏيهي تجارتي ڪمپنيون هڪٻئي سان سڌو واپار ڪري سگهن ٿيون.
2- Commercial agency arrengements
هن قانون تحت پرڏيهي ڪمپني پنهنجو دبئي ۾ نمائندو، دبئي جو شهزادو مقرر ڪندي ۽ اهڙو عهد نامو واپار واري وزارت وٽ رجسٽر ڪرائبو.
3- دبئي شهر ۾ پرڏيهي ڪمپني پنهنجي آفيس قائم ڪري سگهي ٿي. تنهن لاءِ کيس ايڪانامڪ ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ کان لائسنس وٺڻو پوندو. انهيءَ کانسواءِ اسپيشل انويسٽمينٽ اسڪيم تحت ۽ ايئرپورٽ فري زون ۾ تجارت قائم ڪرڻ لاءِ پرڏيهي ڪمپنين کي هيٺيون سهوليتون ڏنل آهن.
1- سئو سيڪڙو پرڏيهي ملڪيت جي اجازت
2- 15 سالن تائين ٽيڪس جي معافيءَ جي ضمانت
3- ڪسٽم بلڪل مفت
4- لچڪدار سيڙپ جا موقعا
5- نقل و حمل ۽ ورهاست جون بهترين سهوليتون
6- انتظامي ۽ افرادي امداد
انهيءَ کانسواءِ هيٺيون سهوليتون پڻ ميسر آهن. جهڙوڪ:
1- آزاد ڪمپني نظام
2- ٽرانسپورٽ جو اعليٰ انتظام
3- اطلاعات جو جديد نظام
4- جديد مالياتي ۽ سروس جو شعبو
5- اعليٰ عالمي نمائش ۽ ڪانفرنس ڪرڻ جو بندوبست
6- بهترين قسم جي آفيسن ۽ رهائش جو بندوبست
7- موزون توانائي ۽ ٻين شين جي موجودگي
8- فرسٽ ڪلاس هوٽلن، اسپتالن، اسڪولن ۽ تجارتي مرڪزن جي موجودگي
9- جديد عالمي معيار جي شهري سماج جي موجودگي.
پرڏيهي ڪمپنين لاءِ مٿي بيان ڪيل سهوليتن کانسواءِ هيٺيون سهوليتون پڻ موجود آهن.
1- ڪارپوريٽ ٽيڪس معاف
2- انڪم ٽيڪس معاف
3- فارين ايڪسچينج تي ڪو به ڪنٽرول ڪونهي
4- ڪجهه شين تي جزوي محصول
5- مناسب مزوري
6- مناسب قيمتون
7- مناسب مسواڙ
8- آزاد تجارت
دبئي دنيا جي وڏي واپاري منڊي آهي. هتي هر سال 17 بلين ڊالرن جو آمدني واپار ٿئي ٿو.
دبئي ۾ 170 بحري جهازن واريون ڪمپنيون ۽ 86 هوائي ڪمپنيون مسافر ۽ مال آڻين ۽ نين ٿيون.
پاڻ وٽ افغانستان جي جنگي حالتن ڪري ڪيترين ئي هوائي ڪمپنين پاڪستان اچڻ ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ انهن ڪراچي جي جڳهه تي دبئي کي پنهنجو بيس بڻايو آهي. جنهن ڪري دبئي جي اڃا به تجارتي اهميت وڌي وئي آهي. جيڪا هاڻ ڏينهون ڏينهن وڃي وڌندي.
منا دبئي ايئرپورٽ اندر داخل ٿي، پهريائين سڄي ايئرپورٽ جو جائزو ورتو، پوءِ هر هڪ شاپ جو جائزو وٺندي اڳتي هلندي رهي. تان جو اچي هڪ اليڪٽرانڪ جي شاپ تي بيٺي، جتان پاڻ ڪجهه اليڪٽرانڪ ۽ ڪافي ٻيو سامان پڻ خريد ڪيائين. مون ٻه ٽي پرفيوم ۽ هڪ ڪئميرا خريد ڪئي. باقي رڳو ٽي چار ڪلاڪ چڪر لڳائيندا رهياسين ۽ هر فلائيٽ جي ايندڙ ويندڙ مسافر کي ڏسندا رهياسين.هڪ ريسٽورانٽ تي ڪجهه دير ويهي برگر کاڌاسين ۽ ڪوڪ پڻ پيتي سين. جده ايئرپورٽ جي مقابلي ۾ هت يورپين ماڻهو زياده نظر آيا ۽ شاپنگ جي خيال کان به دبئي، جده ايئرپورٽ کان بهتر آهي. ٿوريءَ دير ۾ اسان جي فلائيٽ جي انائونسمينٽ ٿي ۽ اسان بس ۾ چڙهي هوائي جهاز ڏانهن روانا ٿياسين. بس اچڻ مهل مسافرن سان ڀري پئي هئي پر هينئر به ڪافي مسافر هئا. ڪي هتان دبئي مان ڪراچي لاءِ چڙهيا هئا ۽ ٿوري دير کان پوءِ هوائي جهاز ڪراچي ڏانهن اڏام ڪئي. سج جي روشنين ۾ هيٺ هر شيءِ نظر اچي رهي هئي. جنهن ۾ گهڻو ڪري سمنڊ نظر اچي رهيو هو. لنڊن کان ايندي يورپين مسفار وڏي تعداد ۾ جهاز ۾ هئا پر هينئر هڪ به نطر نه آيو. گهڻو ڪري سڀ پاڪستاني مسافر هئا. جن جي سامان ۾ هڪ ٽيپ رڪارڊر، هڪ بلانڪيٽ، هڪ وڏو ٿيلهو جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ۽ شيشي جا ٿانوَ ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا. سندن ٻار وڏي واڪ ڳالهائي ۽ رڙيون ڪري رهيا هئا. پاڻ ٿڪل ۽ هيسيل پر ڳوٺ وڃڻ جي خوشيءَ ۾ مرڪي رهيا هئا. سندن زالون مردن کان ڪجهه وڌيڪ خوش لڳي رهيون هيون. جن کي ملڪ کان وڌيڪ پنهنجي مٽن مائٽن سان ملڻ جي خوشي ۽ سندن دماغ ۾ ڪئين خوشيون ۽ سوچون ۽ انهيءَ جو انتظار ته ڪڏهن ٿا گهر پهچون. الائي ايئرپورٽ تي ڪو مٽ مائٽ آيو به هوندو يا نه، ڪراچي ايئرپورٽ جا سور، پنهنجن سان ملڻ جون خوشيون بهرحال ڪيئن انومان دل ۾ اوريندي اوريندي ماڻهو ڪراچي پهچيو وڃي.
ڪراچيءَ کي ويجهي ۾ ويجهو ايئرپورٽ دبئي، تنهن کان پوءِ بمبئي ۽ لاهور آهي، پر پرائي ملڪ ۽ هٿ ۾ پاسپورٽ هئڻ ڪري ويجها به ڏور ٿيو پون سپرين. هڪ سنهي سريلي ۽ مٺڙي آواز تي خبر پئي ته جهاز ڪراچي ۾ لهڻ وارو آهي ۽ سڀ مسافر جهاز اندر مٿان ڪٻٽن ۾ رکيل پنهنجو پنهنجو سامان ڪڍي هيٺ رکڻ ۽ هٿن ۾ جهلڻ لڳا. جهاز اڃان هوائن ۾ تري رهيو هو تنهن ڪري اسان اهو بهتر سمجهيو ته جهاز لينڊ ڪري پوءِ ٿا سامان کڻون. سو ويهي انهن مسافرن جو مزو ڏسڻ لڳاسين. ته جهاز به پنهنجي بي Bay تي هيٺ لهي هلڻ لڳو ۽ اسان چيلهه وارو پٽو زور سان ڇڪي ويهي رهياسين. تان جو جهاز ٿوريءَ دير ۾ آهستي آهستي هلندو اچي پنهنجي مقرر گيٽ سان ايئرپورٽ بلڊنگ وٽ بيٺو ٿوريءَ دير کان پوءِ جهاز جو دروازو کليو اسان پنهنجو پنهنجو سامان کڻي هوائي جهاز کان ٻاهر نڪري ايئرپورٽ ٽرمينل بلڊنگ ۾ داخل ٿياسين. جت پري کان ٻگهئي ڪسٽم آفيسر سلام ڪيو. انهيءَ سان ڳالهائيندي ۽ دعا سلام ڪندي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري آياسين.