جَرَ ڏيئا جهمڪن
منهنجا خدا! مون کي معاف ڪجانءِ. منهنجي عبادت رڳو منهنجي شاعريءَ ۾ ئي آهي. منهنجي شاعري انهيءَ ٻڪرار جي گفتگو وانگر آهي، جنهن کي موسيٰ عليه السلام جي موجودگيءَ جو احساس نه هو.
اي خدا! جيئن تو اسان کي ديد ڏني آهي ته شفق ۾ سج جا پويان پاڇاوان ڏسي سگهون ۽ جيئن اسان کي گل جي خوشبو جو احساس ڏنو آهي، ائين تو اسان ۾ چڱائيءَ لاءِ پيار به ڪيو آهي، چڱائي جا اسان جي اندر مان اُڀري ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي انڌا آهن، ڪن جون ناسون ٻُٽجي ويون آهن ۽ ڪن جي سيني ۾ برائي ڪانڊيرن جي جهنگ وانگر اُڀري آئي آهي. ائين ڇو آهي اي خدا! جڏهن هر شيءَ جو خالق تون آهين؟
اي خدا! مون سڄي عمر تنهنجي وجود تي غور ڪيو آهي. هاڻي جي مان چوان ٿو ته تون آهين ته تون ضرور هوندين! هي ليار جا ڳاڙها گل، تنهنجا اکين ڏٺا شاهد آهن. بسنت جي هير توکي ڇُهي ڏٺو آهي ۽ اُهي نرم رخسار جيڪي آسمان ۾ ڪڪر ٿي وڃن ٿا، تنهنجا ئي آهن. توکي ڪائي شڪل صورت نه آهي۽ پوءِ به هيءَ ڪائنات تنهنجو آئينو آهي، آئينو جو ٽُٽي نه ٿو ٽٽي ۽ جنهن تي ڪنهن به دهرئي جا پٿر پهچي نٿا پهچن!
اي خدا! هي ڪِئلي جا ٻِرَ ڏانهن ڊوڙي رهي آهي، اِن کي ڪيئن خبر پئي ته بادل وسڻ وارا آهن؟
اي خدا! تنهنجي صراحي منهنجي اڳيان سارو ڏينهن ڀريل رکي رهي، پر مون اُن مان ڍُڪ به نه پيتو! هاڻي جڏهن سج لهي رهيو آهي، مون کي ڪيڏي نه اُڃ لڳي آهي؟
اي خدا! مون کي ڌڪار کان ڌڪار ڏي، مون کي بڇان کان بڇان ڏي، جيئن مان پوري انسانيت کي ڀاڪر ۾ ڀَري اُن کي چميون ڏيان ۽ اُن کان ڪڏهن نه ڇرڪان جيئن عيسيٰ کي ڪنهن به ڪوڙهئي کان ڪِرڀ نه ايندي هئي.
اي خدا! تون ساري ڪائنات به آهين ۽ ٻيو ڪجهه به آهين، جنهن لاءِ عين اليقين ضروري آهي، پر اهو هر ڪنهن جي حصي ۾ نٿو اچي!
اي خدا منهنجي دشمن جي روح ۾ چڱائي وِجهه، هن کي سمجهه ڏي ۽ هن کي پنهنجي رحم کان محروم نه ڪر!
اي خدا! تون منهنجو اکيون آهين! توسان مان اهي ڳالهيون ڏسي سگهان ٿو جي ٻيا انسان ڏسي نه ٿا سگهن. مان تو سان اهي ڳالهيون ٻڌي سگهان ٿو، جي ٻيا انسان ٻڌي نه ٿا سگهن. تو ئي ته مون کي قلم گهڙڻ سيکاريو آهي ۽ منهنجي هر تحرير مان ليئو پائي ان کي ڏسي رهيو آهين ۽ پنهنجي حقير شاگرد جي مٿي تي هٿ ڦيري رهيو آهين.
اي خدا! مان تنهنجيءَ تربيت جو زنده ثبوت آهيان.
آءُ توکي خدا ڏيکاريان؟
ڇا اُن جاءِ تي
بيهي سگهندين
جتي
موسيٰ بيهوش ٿي ويو هو
۽ جتي ڪوهِه طور
پاش پاش ٿي چُڪو هو؟
تون پڇين ٿو ته ‘خدا ڇا آهي؟’ ۽ مان پڇان ٿو ته ’خدا ڇا نه آهي؟‘ ٿي سگهي ٿو ته اسان ٻئي ساڳيا سوال پڇندا هجون، ٿي سگهي ٿو ته اهي ٻه الڳ سوال هجن.
تون دهريو آهين، توکي ان تي غصو ٿو اچي ته مان وحدانيت ۾ اعتبار ڇو ٿو ڪيان! مان ته رڳو اهو سوچي رهيو آهيان ته ڪاٺ ڪُٽي کي، جنهن جا رنگ شفق کان سهڻا آهن، خدا کان سواءِ ٻيو ڪير بنائي ٿو سگهي؟
چون ٿا ته نه رڳو ماڻهو سمنڊ ۾ ترندو آهي
پر سمنڊ به ماڻهوءَ ۾ ترندو آهي،
۽ ٻڏندا به ٻئي هڪ ٻئي ۾ آهن.
جي تون هن ڪائنات تي
سوچيندين
ته توکي
اها ڳالهه
سمجهه کان مٿي نه لڳندي.
تون ڪير آهين، جو منهنجي جاڳ کي
جهنجهوڙي رهيو آهين
۽ چئي رهيو آهين
ته توکي نيٺ ننڊ اچي ويندي،
۽ توکي وجهه نه ملندو
وري وجهه نه ملندو.
ماڻهو ڪيڏو نه نِرڄو آهي! هو چنگيز ۽ هلاڪوءَ جي موت کان پوءِ به نه سمجهي سگهيو آهي ته هر ڪنهن جو انت ساڳي کَڏ آهي! جڏهن هو انڌ جي گهوڙي تي سوار آهي ته هُن جون اکيون ڌرتيءَ ڏانهن هيٺ نه ٿيون ڏسن!
جي تون موت جي حقيقت نه سمجهي سگهيو آهين ته زندگيءَ جي حقيقت ڪيئن سمجهي سگهندين؟
توکي موت ٻِلي وانگر گهوري رهيو آهي ۽ تون ڪبوتر وانگر اکيون ٻوٽي ويٺو آهين!
مون جڏهن به ڪُتي کي مانيءَ ٽڪر ڦٽي ڪيو آهي، تڏهن هن جي اکين ۾ به احسان جي لهر ڏٺي آهي. اي اشرف المخلوقات جا پُٽ! تون ڪُتي کان به پري آهين!
تون خدا کان ته نه ٿو ڊڄين، اُنهيءَ جهنم کان ته ڊڄ جو تو ۾ ٻري رهيو آهي!
هي ٻار جو تنهنجي جهوليءَ ۾ ڪُڏڪيون کائي رهيو آهي، ان کان وڌيڪ خدا جي ثابتي توکي ڪهڙي گهرجي؟
خدا ته ٿر کان گهڻو وشال آهي، پوءِ به واريءَ جي هر ڪَڻي ۾ آهي!
جيڪو آهي به ڪونه، ان کي نه مڃرائڻ لاءِ تون ايڏي محنت ڇو ٿو ڪرين؟
هي ساري ڪائنات فنا جي مُٺ ۾ ئي ته آهي! تون ڪڏهن اها مُٺ کولي ڏٺي آهي؟
خدا جو شڪر ڪر ته توکي مال منال ۾ نه، مِٽيءَ ۾ پوريو ويو آهي.
تو ڇا سمجهيو آهي ته موت توکي ملاقات لاءِ وزيٽنگ ڪارڊ موڪليندو؟!
جي بهشت دلاسو ۽ دوزخ دڙڪو آهي ته پوءِ چڱائي عبث آهي.
خدا کي ڪڍي وڃ ته ڪائنات ۾ معنيٰ ئي ڪهڙي؟
نِٽشي مري ويو، خدا اتي ئي آهي.
جي خدا توسان گڏ آهي ته توکي ڪهڙي ڪَسُ آهي؟
پنهنجي جنم جي ڏينهن تي، پنهنجي مرڻ جو ڏينهن ملهاءِ، ڇو ته تنهنجيءَ زندگيءَ مان هڪ سال ٻيو به گهٽيو.
ڇا تون موت کي وساري، اهو ٿو سمجهين ته موت به توکي وساري ڇڏيو آهي؟
موت جي ياد پيغمبريءَ جي صفت آهي.
تون ڪير جو اسرار الاهي ڄاڻڻ چاهين ٿو؟ تون ته هن ڪئليءَ کي به پوري طرح سمجهي نه سگهيو آهين؟
توکي منهنجيءَ زندگيءَ تي چِڙ آهي، پر توکي مُنهنجي موت تي وڌيڪ چِڙ ايندي، ڇو ته موت مون کي اُهو ڪجهه ڏيندو جو مون کي زندگي نه ڏئي سگهي ۽ جنهن جو مان حقدار آهيان.
دُشمن رهزن! تنهنجيءَ زندگيءَ جي مشاهدي ته مون ۾ خدا دوستي پيدا ڪئي! مان تنهنجو ٿورائتو آهيان!
ڪُتو ڀؤنڪي نه ته هُن جو هانءُ ڦاٽي پوي!
جي تون گوهي نه ڪرين ته تنهنجي گڏهه هجڻ تي مون کي اعتراض نه آهي.
چِٻَ کان ڪنهن پڇيو ته، “ڪويل ڏٺِي اٿئي؟” جواب ڏنائين: “ڏٺي ته ڪانه اٿم. هوندي ڪا مون جهڙي.”
ڀٽائي! مان خدا سان رُٺو هوس، جي رُسان نه ها ته هن وقت تائين سوَ رسالا لکي وڃان ها.
مان ‘ڀٽائي جو رسالو’ ڪجهه اڳتي لکي رهيو آهيان. تون مون کي نه ٿو سمجهي سگهين، اها ٻي ڳالهه آهي.
ادب فقط ادب آهي. ان کي سياست جي ڪشڪول ۾ وجهين ته تون ’وس وارو‘ آهين، پر اهو ڄاڻي ڇڏي ته ادب فقط پينوءَ جي پاند لاءِ نه آهي. ادب ذريعو نه آهي. ادب مقصد آهي، ائين جيئن خدا ذريعو نه آهي پر مقصد آهي. خدا کان تون ’ سنڌ سُڪار‘ جي دعا گهرين ته مون کي اعتراض نه آهي، پر جنهن کان اها دعا گهري رهيو آهين، اهو ادب جو موضوع نه آهي ڇا؟ نظريا زندان نه بڻاءِ! انهن مان نڪري آءُ! ٻاهر کليل هوا آهي ۽ آسمان ۾ چنڊ وڃي رهيو آهي.
ڇا هي منهنجو تهجد آهي جو مان صبح جو چئين بجي کان اڳ ۾ اٿي ٿو لکان؟ جي ها ته اي خدا! منهنجي عبادت جي انفراديت تي غصو نه ڪجانءِ!
ڇا ڪبوتر کي اڏامندو ڏسي، توکي هن تي رشڪ نه ايندو آهي؟
تنقيد جڏهن گڏهه ڪندو آهي، تڏهن اِٽَ هڻندو آهي.
الله جميل و يُحب الجمال
۽
کُل نفس ذائقة الموت
توهان اهي سٽون ٻڌيون آهن؟
ڇا اهي ادب جو موضوع ٿي سگهن ٿيون؟؟
توکي ڪهڙو نظريو چڱو ٿو لڳي:
“ادب براءِ زندگي ‘يا’ زندگي براءِ ادب”
اي مصور! تون خدا جي تصوير ٺاهڻ ٿو چاهين؟ تو سانوڻ جي سانجهيءَ ۾ شفق جو رنگ ڏٺو آهي؟
منهنجي شاعري سنڌ لاءِ ديوار چين وانگر آهي. ان کي ڪوئي مٽائي نٿو سگهي. تنهنجي سرحد جو تحفظ تنهنجي سياست نه، ثقافت ڪري سگهندي.
مون اوهان کي شاعريءَ ۾ ڀٽائي، سچل، سامي به ڏنو آهي ته اڪويهين صدي به ڏني آهي.
“اِنَا اللہ وَاِنا اِلَیْہِ رَاجِعُوْنَ” جهڙي مترنم ۾ معنيٰ خيز سٽ نه مون شاعريءَ ۾ ڏٺي آهي، نه فلسفي ۾، نه ادب ۾.
سڀاڻي جو ٺيڪو توکي ڪنهن ڏنو آهي؟ تون سڀاڻي لاءِ اڄ کي ڇو ٿو ضايع ڪرين؟
شاهجهان! مان نئون تاج محل ٺاهي رهيو آهيان، ان لاءِ مون کي ڪنهن ممتاز محل جي ضرورت نه آهي.
ڪنهن جي مٿي تي هٿ گهمائي ڏس! ساري ڪائنات تنهنجي هٿ ۾ اچي ويندي.
عشق توکي نيون اکيون، نوان ڪَن ۽ نئين زبان ڏيندو، تون ڪنهن سان عشق ڪري ته ڏس!
راڌا مون وٽ ڪيتريون گوپيون ٿيون اچن، پر منهنجي بنسري توکي ڳولي رهي آهي.
ڪنوار! گهونگهٽ هَٽاءِ ته ڏسان تون ڪيتري خوبصورت آهين؟ ماڻهو توکي ٻي دنيا چون ٿا!
غصي کي ڇڏي! موٽي آءُ! ڏِسُ سِج سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو آهي؟
جي مان چوان ته جهرڪيءَ کي آکيرو ٺاهڻ خدا سيکاريو آهي ته ان ڳالهه جي ان کان وڌيڪ ڪهڙي سولي سمجهاڻي ٿي سگهي ٿي!
نه رڳو گهوڙي کي موت جي اڳواٽ خبر پوندي آهي پر ٻي هر جاندار کي به اڳواٽ پتو پئجي ويندو آهي، رڳو انسان کي خبر نه پوندي آهي، جو اِنَ ڏس ۾ احقرالمخلوقات آهي يا انسان کي به...؟
ڏنگڻ نانگ جي فطرت آهي، کير پيارڻ منهنجي فطرت آهي.
تون موت جي خيال کي دل مان تڙي ڪڍيو آهي، ڄڻ ته ائين ڪرڻ سان تون نه مرندين! پاڳل! جي چوويهه ڪلاڪ اسٽالن کي اهو احساس هجي ها ته ماڻهو ڪڏهن به مري سگهي ٿو ته هو ايڏا ظلم نه ڪري ها ۽ يو- ايس- ايس آر نه ڊهي ها! موت جو احساس ئي ماڻهوءَ ۾ چڱائيءَ جي پيڙهه پختي ڪري ٿو.
نه وڇونءَ جي اولاد سان گڏ ڇپر چڱو آهي نه واڳونءَ جي اولاد سان گڏ ڪَپر.
مومل! ايڏي عشق جي انڌ! تو ڏٺو ئي نه ته راڻو ڪاڻو آهي!
مان توکي پڃري ۾ وجهي وڻ ۾ لٽڪايان ته ڇا تون ائين سمجهندين ته تون وڻ جي ٽاريءَ تي لُڏي رهيو آهين؟
تون انسانذات سان محبت ۽ انسان سان نفرت ڪرين ٿو. دهريت اِهو ئي ته سيکاريندي آهي!
هڪ دهريو تيستائين انسان دوست آهي، جيستائين هُن کي اقتدار نه مليو آهي.
ڇا تاريخ مان ڪوئي مثال ڏئي سگهندين ته فلاڻو خدا دشمن! انسان دشمن نه هو؟
تون پاڻ ته انگ اگهاڙو آهين. تو کي رڳو اُن تي فخر آهي ته دنيا ۾ سڀ کان اڳ ۾ تنهنجن وڏن آڏاڻو ٺاهيو هو!
سوچي سوچي ڳالهاءِ! هر لفظ هڪ تلوار آهي جا توتي ڪري سگهندي آهي.
سچ ڳالهائي اُس ۾ ڀلي ويهه، ڇانوَ ۾ ويهڻ لاءِ ڪوڙ نه ڳالهاءِ!
اعتبار؟ خدا کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن ڳالهه ۾ اعتبار ڪهڙيءَ چڙيا جو نالو آهي؟
وِڇُون پنهنجيءَ فطرت کان باز آيو ته ڪائنات بدلجي ويندي!
شينهن پنهنجو حصو کڻندو، پوءِ شينهن آمر هجي يا جمهوري نمائندو.
دوستيءَ جو پکي فقط هڪ پَرَ تي اڏامندو آهي، ٻي پَر جو فقط ڏسندڙ کي گمان هوندو آهي.
مان هڪ ننڍي قوم جو فرد آهيان، توڙي مون کي پنهنجي انفراديت، ثقافت، معاشي مسئلا، مطلب ته پنهنجي الڳ قوميت آهي. تون ڏاڍو آهين ۽ منهنجي قوميت کان انڪار ڪري رهيو آهين ۽ مان اُن وقت جو انتظار ڪري رهيو آهيان، جڏهن تنهنجي پنهنجي قوم ابابيل ٿي اُڀرندي ۽ توکي پٿريون هڻي پورو ڪري ڇڏيندي ۽ تنهنجي اکين ۾ ايتريون ته ڪڪريون پئجي ويندون جو تون اهي مون ڏانهن کڻي به نه سگهندين!
ڪامياب سياستدان اُهو آهي، جو مُنهن تي ڪوڙ ڳالهائي ۽ ڦِڪو نه ڏئي.
صحيح معنيٰ ۾ ڪميونسٽ اُهو آهي جو پنهنجي گريبان ۾ مُنهن وجهي نه ڏسي ۽ رڳو ٻئي جو چاڪ گريبان ڏسي.
هُن ساري زندگي اهو سوچيو ته هُن سان هِينئن ۽ هِن سان هونءَ پلئه ڪندس. هُن اِهو ڪڏهن نه سوچيو ته موت سان پلئه ڪيئن ڪندس!
سنڌي ماڻهوءَ جو وڏي ۾ وڏو مرض ڪچهري آهي، جا سندس سنڌ سُڪائي ٿي وجهي.
اي ويهين صدي! تو ۾ نوانوي فيصد جانور هيا ۽ هڪ فيصد انسان هيا، پر مان ڀانيان ٿو ته اهو چئي مان انسانذات جي خوشامد ڪري رهيو آهيان!
ٻُڌ ٻڌ! ڪارونجهر مان آواز اچي رهيا آهن، جي اهو ڦاٽو ته تون ساري جو سارو جلي ويندين!
منهنجا سياسي آدرش! مون تنهنجو ايترو انتظار ڪيو آهي، جيترو جيڪڏهن خدا جو ڪيان ها ته ڪيئي ملڪ فَلڪ پٺتي ڇڏي وڃان ها! تون ڪڏهن ايندين؟
تون پڙهيو نه آهين، رڳو ڪَڙهيو آهين تيل جي ڪڙهائيءَ وانگر ۽ هاڻي پنهنجا جلائي رهيو آهين!
ڪنهن چيو ته، “تنهنجا دوست توتي ڪاوڙيا آهن.” مون جواب ڏنو: “هو ڪاوڙيا ته پنهنجي غلطيءَ تي آهن، رڳو مان اُن جي نشاندهي ڪيان ٿو ته هو مون تي ڪاوڙ ڇنڊن ٿا.”
علامه اقبال نِيل جي ساحل کان ڪاشغر جي خاڪ تائين ڇا ڏسي رهيو آهي؟ مون کي ته هڪ ويران رستي تي لُٽيل قافلو نظر اچي رهيو آهي، جنهن جا قافلي سالار سڀ مري چُڪا آهن.
ڪيڏو ساڙ رکيو اٿئي؟ پنهنجي دوزخ جي باهه ۾ ته اڳيئي ٿو پڄرين! مان پنهنجون ٻه ڪاٺيون اُن ۾ ڇا لاءِ وجهان؟
اي خدا! منهنجون جهوليون پنهنجي پيار سان ايتريون ڀر جو مان اُهي ساري انسانذات کي ڏيان ته اُهي نه کُٽن، مون کي اُن لاءِ اهو هُد هُد بڻاءِ جو سليمان جا سبا کي پيغام پهچائيندو هو.
مان چوان ٿو ته، “تون آهين، تون آهين، تو آهين.” اهو منهنجو پويون نعرو آهي ۽ منهنجي آخري آزاديءَ جي علامت آهي.
خدا جي سامهون سربسجود ٿي ۽ انهيءَ هر پَل کي نيڪالي ڏي جو تو دنيا سان گڏ گذاريو آهي.
ڇا تون منهنجو رب آهين؟ پر تون ته منهنجي در تي ڪيتري ئي وقت کان بيٺو هُئين! رڳو مون نه سڃاتو.
ڇا ڪوئي انسان هڪ تِر جيترو جيت به خلقي سگهيو آهي؟ ڇا هڪ تِر جيترو جيت ڄاڻي سگهي ٿو ته آڪاس، جنهن ۾ اکٽ ستارا آهن، ڪٿي ٿو کُٽي؟ مان مڃان ٿو ته اهو جيت پپل جي چوٽيءَ تي پڄي سگهي ٿو، پر ان جي حقيقت ئي ڪهڙي آهي؟ ڇا اُنهيءَ ستاري جهڙي آهي، جو هن آڪاس جي اتاهين وڻ ۾ پوئين پن جيان آهي. ڇا ان جيت جي انا کي ان مان تسلي ملندي ته هو پپل جي پوئين پن تي پهچي چُڪو آهي؟ ڇا ان کان اُهو ڪيڙو ماڪوڙو چڱو نه آهي، جو اُنهيءَ جي جڙ تائين پهتو آهي ۽ پاڻ کي هر واچوڙي کان محفوظ سمجهي ٿو؟
اي تِر جيترا جيت! تون هن ڪائنات جي حقيقت کي ڇو ٿو سمجهڻ چاهين؟ ائين نه ٿئي ته واءُ جو جهوٽو توکي بولاٽيون کارائيندو اُڏائي وڃي! انهيءَ تي قانع ٿي ته تون وڻ جي چوٽيءَ تي پهچي چڪو آهين. ان کان مٿي جو وڻ آهي، تنهن ۾ ڪَتين جون ٽاريون ڏسي، پنهنجي وِت کان وڌيڪ ٽپو نه ڏي! حيرت تي قناعت ڪر! اُهو اسرار جو نه کُلي سگهي، ان تي حيرت کان سواءِ ٻيو چارو ڪهڙو آهي!
جنهن انسان خدا کي آپي ۾ نه ڏٺو آهي، اُهو هن کي ڇاپي ۾ ڇا سمجهي سگهندو؟
معافي خدا جي وصف آهي. تون پاڻ ۾ جيترو اُها وصف پيدا ڪندين، خدا جي ويجهو ٿيندين.
خدا کان سواءِ تون يتيم آهين، هن ڪائنات ۾ ڇورو ڇنو ٻار، جنهن جي پرورش وارو ڪوئي نه آهي.