سنڌ شناسي

سنڌ جا سُورمَا (ڀاڱو پھريون)

ڪتاب ”سنڌ جا سورما“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري قومپرست رهنما، ليکڪ ۽ ڏاهي ڏات ڌڻي سائين جي ايم سيد جو لکيل آهي. سنڌ جي تاريخ سنڌ جي بهادر سورمن سان ڀري پئي آهي جن مختلف دورن ۾ سنڌ تان پاڻ کي قربان ڪري امر ٿي ويا۔ اهڙن ئي ڪردارن تي لکيل سائين جي ايم سيد جو هي ڪتاب ”سنڌ جا سورما“ هڪ مڪمل ڄاڻ وارو ڪتاب آهي۔ هن ڪتاب ۾ راجا ڏاهر، دودي سومري، دولهه دريا خان، مخدوم شاهه بلاول سمون ۽ شاهه عنايت شهيد جو ذڪر ڪيل آهي۔
  • 4.5/5.0
  • 6156
  • 1879
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جا سُورمَا (ڀاڱو پھريون)

دودو بن خفيف سومرو سوم

چار تراريون چيلھ سين، ٻڌئين ٻه پاڳون،
اڳين جون آگون، ڪانڌ قلعي ۾ موکيون.
(شاھه)
...........................

سنڌ تي راجا ڏاھر کان پوءِ جڏھين ڌارين جو قبضو ٿيو ته اھو دور 340 ورھيه ھليو. ان کان پوءِ سنڌ جي اصل رھاڪو سومري خاندان وري 1051ع سنڌ تي سندن تسلط قائم ڪيو، جن جي حڪومت اٽڪل ٽي سئو کن ورھيه ھلي.
سومري قبيلي لاءِ ٻه روايتون مشھور آھن، ھڪ محض جذباتي آھي جنھن موجب ھن کي علوي خاندان جي عربي نسل مان شمار ڪيو وڃي ٿو.
ھتي ڪجھ وقت کان عام دستور ٿي ويو ھو ته سڀڪو ماڻھو پاڻ کي زور مس ڪري وڃي عربن مان شمار ڪري، ان لاءِ ٻه ڪارڻ جوابدار ھئا. ھڪ ته عرب گھڻو وقت حاڪم رھيا ھئا، ٻيو ته ھاڻ ماڻھن جي اڪثريت مسلمان ٿي ويئي ھئي. ان ڪري مذھبي جذبي ھيٺ عرب سڏائڻ کي ھو فخر سمجھندا ھئا، ھنن کي ڪھڙي خبر ته عربن جا وڏا بدوي ۽ بت پرست ھئا. سندن وڏا آريه نسل مان راجپوت ۽ مھذب ھئا، پر مذھبي جنون سڀ ڪم ڪرايا ٿي. اسلام نسلن جا فرق مِٽائڻ آيو ھو نه ڪِن کي ڀلو ۽ ڪِن کي ڍلو بڻائڻ آيو ھو.
رسول مقبول جو چوڻ ھو ته جنھن کي سندس عملن پوئتي ڌڪيو آھي ان کي سندس نسل اڳتي ڪري نٿو سگھي.
ان ڪري مڪاني ماڻھن مان سومرن، سمن، بلوچن ۽ پٺاڻن سڀني تاريخ جي صحيح حقيقتن خلاف پاڻ کي عرب نسل مان سڏائڻ شروع ڪيو، اھو ڏوھه نه صرف رواجي ماڻھن کان سرزد ٿيو، پر سيد، پير، عالم ۽ مکيه قبيلا به انھيءَ جرم جا مرتڪب ٿيا.
ٻي روايت آھي ته سومرا آريا نسل جي راجپوت شاخ مان ھئا. سندن قديم نالا، رسم رواج پوئين نظريه جي حمايت ڪن ٿا.
ھنن جو دور حڪومت سنڌ لاءِ امن امان، تھذيب ۽ تمدن جو سبب بڻيو. سندن تخت گاھه محمد طور نزديڪ شاھه ڪپور جا تعلقه ميرپور بٺوري ۾ ميلن تائين نشان عظمت جو زندہ ثبوت ڏين ٿا.بدقسمتيءَ سان سنڌ جي انھيءَ سونھري دور جي پوري طرح تاريخ نه لکجي سگھي آھي. مختلف تاريخن جا چند ٽڪرا گڏي ڪجھ احوال معلوم ڪري سگھجي ٿو. ليڪن ھن ڳالھ جي ازحد ضرورت آھي ته ڪي محب وطن ان سموري مسئلي تي تفتيش (کوجنا) ڪري ان دور جي مڪمل تاريخ لکن. ان لاءِ وگھيه ڪوٽ، محمد طور ۽ ٻين سومرن جي دور وارن ڦِٽل شھرن جي کوٽائي، مختلف تاريخن جي مطالع، ڏند ڪٿائن، رسم رواج، رومانوي افسانن ۽ سماجي دستورن مان گھڻي معلومات ھٿ ڪري سگھجي ٿي.
اھا حقيقت آھي ته سسئي پنھون، مومل راڻي، ليلان چنيسر ۽ عمر مارئيءَ جا قصا انھيءَ دور جا واقعا آھن. جن تي شاعرن خاص طرح شاھه عبدالطيف عليه رحمت سندس شعر ۾ انھن وسريل ڪھاڻين کي زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اھو عام دستور ھوندو آھي ته شاعر اڪثري سندن ملڪ جي بھترين دور جي روايات زندہ رکڻ لاءِ چند مثالن کي وٺي طبع آزمائي ڪندا آھن.
ھن قبيلي جي حب الوطني، ھمت غيرت ۽ قومي ڪردار جون روايتون زبان زد عام آھن. انھيءَ مان دودي ٽئين جي جوان مرديءَ، ھمت ۽ وطن دوستيءَ ھن قبيلي جو نالو روز روشن وانگر زندہ جاويد بڻائي ڇڏيو آھي. جنھن بابت چچ نامي جي لکڻ موجب ھن حاڪم 1331ع کان 1356ع تائين حڪومت ڪئي. ان جي دور حڪومت ۾ خانداني اختلافن ڪري ٻاھرين حاڪمن کي دست اندازي ڪري حمله آور ٿيڻ جو موقعو مليو.
ان اختلاف جي ڪارڻ بابت ڏند ڪٿائن مان عام طرح ھيٺين آکاڻي مشھور آھي.
چون ٿا ته دودي جي والد خفيف جي وفات بعد سندس ٻه فرزند گاديءَ لاءِ دعويدار ھئا. جن ۾ وڏو چنيسر ۽ ننڍو دودو ھو. چنيسر ڌارين عورت مان ھو ۽ دودو ڏاڏي پوٽيءَ مان ھو، ان ڪري سومرن سردارن گڏ ٿي وڏي پُٽ جو حق ريٽي دودي کي گاديءَ تي وھاريو.
ان فيصلي تان چنيسر ناراض ٿي دھليءَ جي حاڪم وٽ ويو. عام مشھور اھو آھي ته ان وقت دھليءَ تي علاوء الدين خلجيءَ جي حڪومت ھئي. ان ھن جي دانھن ٻڌي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي خيال کان سندس سپھ سالار، سالار خان جي ھٿ ھيٺ ھڪ وڏو ڪٽڪ سنڌ تي چاڙھي موڪليو.
سنڌ جي حڪومت جي بنسبت دھليءَ جي حاڪمن جي معمولي حيثيت ھئي. انھن جي وڏي لشڪر سان چڙھائي ڪافي خوف پيدا ڪندڙ ھئي. دھليءَ جي سپھ سالار ويجھو اچڻ بعد سنڌ جي حاڪم دودي کي ٻه شرط وڌا، جن جي مڃڻ تي ھن جي جان آزاد ٿي سگھي ٿَي.
پھريون شرط:- اھو ھو ته دھليءَ جي حاڪم جو حڪم مڃي وڏي ڀاءُ کي گاديءَ تي وھاريو وڃي.
ٻيو شرط:- اھو ھو ته سندس ڀيڻ ٻاگھيءَ جو بادشاھه لاءِ سَڱ ڏنو وڃي.
ان تي ھن جمله سومرن سردارن کي گڏ ڪري احوال پيش ڪيو. جن صلاح مشوري بعد گڏ ٿي اھو فيصلو ڪيو ته اُھي شرط مڃڻ سنڌ جي آزادي، ناموس ۽ قبيلي جي روايتن جي خلاف ھئا. جڏھين انھن اھو فيصلو ڪيو ته کين نتيجن جو پورو پتو ھو. ھو صرف لاڙ سنڌ جي ٽڪري جا حاڪم ھئا، جن وٽ ڪو مقرر ٿيل لشڪر ڪونه ھو. گھڻي ۾ گھڻو چار- پنج ھزار ماڻھو لڙائيءَ لاءِ گڏ ڪري سگھيا ٿي، جن کي ھٿيار مھيا ڪري ڏيڻ به ڏکيو ڪم ھون. ھوڏانھن دھليءَ جي حڪومت جي ويھ ھزار لشڪر گھوڙن، سٺن ھٿيارن ۽ تربيت يافته سپاھين سان مقابلو ڪرڻو ھو. اھا غير مساوي طاقتن جي لڙائي ھئي، کَٽڻ جو ڪوبه امڪان ڪونه ھو، ان ڪري ھنن پنھنجا ٻار ٻچا زالون ڪڇَ ۾ اَبل ابڙي سمي ڏي ڏياري موڪليون، پاڻ مڙس ٿي مقابلي لاءِ تيار ٿيا. ھاڻ سوال اٿندو ته ھنن حالتن مان واقف ھوندي به ڄاڻي واڻي ڇو موت منھن ڏيڻ قبوليو. ان جي جواب کي صرف اُھي ماڻھو سمجھي سگھندا جي قومن جي قومي ڪردار (Character) مان واقفيت رکندا ھوندا. ان وقت سنڌي ڪردار ۾ ڪي خاص خصوصيتون پيدا ٿي ويل ھيون، جھڙوڪ: 1- حب الوطني 2- قومي روايات جو لحاظ 3- غيرت 4- آزاديءَ جي ھوا 5- انصاف.
انھيءَ جا مثال انھيءَ زماني جي آکاڻين مان ملي سگھن ٿا، جن کي شاھه لطيف عليه الرحمة ۽ ٻين شاعرن اسان تائين پھچائي ڇڏيو آھي، امر سومري، امر ڪوٽ جي حاڪم مارو قبيلي جي عورت مارئي زوريءَ آڻي ڪوٽ ۾ بند ڪري ھن کي راضي ڪرڻ لاءِ گھڻا حيلا ھلايا پر ھن نه وطن وساريو نه مارن جي پريت ڇڏي. امر سومري کيس راضي ڪرڻ لاءِ طرح طرح جا طعام آڇيا، ريشم ۽ زريءَ جا وڳا ڏيڻا ڪيا، محلن ۽ ماڙين ۾ رھايو. پر ھن جو روح نه ريجھيو، چي، “حيف تنين کي ھوءِ، وطن جن وساريو”؛ “مارو ڪيئن وھان مان وساري، عمر مرم مارن جو ٿو ماري”؛ “اي نه مارن ريت، جو سيڻ مَٽائن سون تي”. ھن وٽ ماڙين ۽ محلن کان پراڻا پکڙا وڌيڪ ھئا. ست رڇين طعامن کان ڏٿ ۽ ڏونرا زيادہ پيارا ٿي لڳا. سسئيءَ جي پنھونءَ لاءِ جبل جھاڳڻ، مومل جو راڻي لاءِ راتيون وھائي ڏينھن ڪرڻ، ليلان جو چنيسر کي ليلائي رضامند ڪرڻ جا قصا اُن زماني جي سنڌي ڪردار جي ساک ڀرين ٿا. امر سومري جو انصاف به مشھور آھي ته باوجود مارئي ڪيتري وقت تائين وٽس نظربند ھئي پر ھي سندس رضامنديءَ کان سواءِ ان جي ويجھو نه ويو، نيٺ موٽائي ملڪ موڪليائينس.

جنھن قوم جي مَردن ۽ عورتن جو اھڙو ڪردار ھجي انھن کي خوف ۽ لالچ سندن ستيا ۽ سير کان مٽائي نٿا سگھن. سومرن جي اھا حالت ھئي جي سَنڱ ڏيئي جان ٿي آزاد ڪرايائون ته سَتن پيڙھين کي ٿي لڄايائون. جي ڌارين حاڪمن جي حُڪم تي پنھنجي پسنديدہ حاڪم کي گاديءَ تان لاٿائون ٿي ته سندن غيرت ۽ ھمت جي اھا ڳالھ خلاف ھئي، ان ڪري ھنن وطن جي عزت، آزادي، روايات جي برقرار رکڻ خاطر سر ڏيئي سرھو ٿيڻ کي ترجيح ڏني ۽ گيديءَ جي حياتيءَ کان عزت واري موت کي پسند ڪيو.

امام حسين عليه السلام جي ساڳئي حالت ھئي، سندس طرف 70 ماڻھو زالن ٻارن سميت ھئا ۽ يزيد طرف ھزارھا لشڪر ھو.

پر “سر داد نه داد دست بر دست يزيد”
معنيٰ - سر ڏيڻ وڌيڪ پسند ڪيائين بنسبت ناحق اڳيان بيعت ڪرڻ جي.
ھنن به سُنت حسينيءَ تي ھلندي فنا ٿي وڃڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو. اھڙيءَ طرح ھنن سنڌين جي روايتن، غيرت ۽ حُب الوطنيءَ جي زندہ رکڻ لاءِ پاڻ کي قربان ڪرڻ پسند ڪيو. جيئن اسلامي تعليم کي زندہ ڪرڻ لاءِ امام حسين عليه السلام سر ڏنو تيئن سنڌي روايتن جي لڄ رکڻ لاءِ دودي سومري جي گروھه پاڻ موکيو. سومرن مان اڪثر مَرد ميدان تي مارجي ويا. سندن رھيل عورتن لاءِ چوڻ آھي ته دشمن جي ھٿ ھيٺ اچڻ کان راجپوتي دستور مطابق پاڻ جلائي ڇڏيائون. ڪن جو چوڻ آھي ته زمين ڦاٽي پيئي ان ۾ گھڙي ويون. ان جاءِ کي اڃا تائين ستين جو آستان سڏيو وڃي ٿو.
ھوڏانھن ابڙي وٽ پھتل عورتن به جڏھين ڏٺو دھليءَ جو لشڪر ڪڇ ڏي ڪاھيندو ٿي آيو ته انھن پاڻ مارائي ڇڏيو.
ان حڪايت بابت تاريخدانن جا مختلف رايا آھن، ڪن جو چوڻ آھي ته علاوالدين ۽ دودو سومرو ساڳي زماني ۾ نه ھئا وغيرہ. جيئن ته ھن گھراڻي جي دور حڪومت جي مستند تاريخ لکي نه ويئي آھي، ان ڪري تاريخي نقطه نگاھه کان ان بابت پوري حقيقت معلوم ڪرڻ ذرا مشڪل نظر پيو اچي. ليڪن ھيءَ ڳالھ پايه ثبوت تي پھتل آھي ته ٻاھرين دھليءَ جي لشڪر سان لڙندي دودي سومري خاندان ۽ قبيلي سميت قرباني ڏني. سندس تخت گاھه اجاڙ ٿي ويو. سندس اُن قربانيءَ سنڌ وارن جي دلين تي اھڙو اثر وھاريو جو اڄ تائين ڳوٺن ۾ ڀان ۽ ڀٽ ان واقعي جي آکاڻي ڳائيندا رھن ٿا. شاھه صاحب چيو آھي ته:-
پنھون ڪارڻ پٻ ۾، مر مٿو ڏيئي،
ته سرتيون سڀيئي، واکاڻئين ويٺيون.
ان وانگر ھنن مقصدن خاطر سر ڏيئي پاڻ کي زندہ جاويد بنائي ڇڏيو. سنڌ جي شعر ۾ اھا پھرين رجزيه ۽ مرثيه واري شعر جي آکاڻي آھي.
قومن جي اڪثريت ھميشہ بزدل، بي غيرت، ابن الوقت ماڻھن جي ٿئي ٿي. ليڪن ان ۾ ڪجھ اھڙا ماڻھو به پيدا ٿين ٿا جي ڏسي وائسي صرف مقصدن ۽ روايتن خاطر قربان ٿيو وڃن، شاھه سائين اھڙيءَ حالت لاءِ چوي ٿو:-
ته ڪر ڪيئن مئي، جي سير نه گھڙي سھڻي،
ھتي حياتيءَ ڏينھڙا، ھڏھين تان نه ھڻي،
ھوئين ھوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
(شاھه)
ھھڙن با ھمت، با غيرت، ملڪ جي عزت ۽ ناموس، آزادي ۽ قومي روايتن جي حفاظت لاءِ لڙي پاڻ قربان ڪندڙن تي سنڌين کي واقعي فخر ڪرڻ ۽ انھن جي يادگار ملھائڻ جو حق آھي.
پر چوڻي آھي ته صحيح راءِ ۽ حق تي ھلڻ ته جدا ڳالھ آھي پر انھن ماڻھن جي سڃاڻپ ۽ قدرداني به ٿورن ماڻھن کي ٿئي ٿي. دنيا جي چاليھ ڪروڙ مسلمانن مان پنج سيڪڙو به امام حسين عليه السلام جو يادگار مس ملھائيندا آھن.
ھن وقت جڏھين اسان تاريخ جي نھايت مشڪل دور مان لنگھي رھيا آھيون. اسان جي سياسي آزادي ختم ڪئي ويئي آھي، اقتصادي حالت تي اثرانداز ٿيڻ کان رھي نه سگھي آھي. اسان جي ڪلچر ۽ زبان تي وار ٿي رھيا آھن. ان وقت اھڙي قسم جي سپوت ۽ سورھين جا قصا ۽ ڪھاڻيون عوام تائين پھچائڻ ۽ سندن ياد تازي ڪرڻ ، قومي غيرت، ھمت ۽ جذبه آزاديءَ کي زندہ ڪرڻ جي برابر آھي.
دودو سومرو ۽ اُن جو قبيلو راجا ڏاھر کان پوءِ ٻيو سنڌي شھيد آھي، جنھن جي ڪارنامن تي سنڌين کي ناز ڪرڻ جو پورو حق آھي.
ھن واقعي کان پوءِ به سومرن جي حڪومت ڪجھ وقت لاءِ رھي. پر ايترين قربانين سندن طاقت ڪمزور ڪري ڇڏي ھئي. جنھنڪري ٿوري وقت کان پوءِ انھيءَ قبيلي جي ھمير نالي حاڪم کي سَمن قتل ڪري حڪومت تي قبضو ڪيو. سما به سنڌ جا رھاڪو ۽ راجپوت نسل مان ھئا.
*****