قربانيءَ جو پس منظر
يٰبُنَيَّ اِنِّىْٓ اَرٰى فِي الْمَنَامِ اَنِّىْٓ اَذْبَحُكَ فَانْظُرْ مَاذَا تَرٰى ۭ
او منهنجا پٽڙا! مون رات خواب ۾ ڏٺو آهي ته مان توکي ذبح ڪري رهيو آهيان ان بابت تنهنجي ڇا راءِ آهي؟
قَالَ يٰٓاَبَتِ افْعَلْ مَا تُــؤْمَرُ ۡ سَتَجِدُنِيْٓ اِنْ شَاۗءَ اللّٰهُ مِنَ الصّٰبِرِيْنَ ١٠٢
منهنجا بابا! جنهن ڳالهه جو توهان کي ربِّ ڪريم وٽان حڪم ڪيو ويو آهي سا ڳالهه جلد پوري ڪيو ان ۾ دير ڪونه ڪيو، ۽ جيڪڏهن الله تعالى چاهيو ته اوهان مونکي صبر ڪندڙن مان لهندؤ.
هتي صاحبزادي کان مشوري وٺڻ ۾ اها حڪمت رکيل هئي ته پهريون ان جي عزم وهمت ۽ اطاعت ربِّي جي جذبي جو امتحان ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته ثواب جو دارو مدار قصد ۽ نيّت تي آهي. ٻيو اگر هو اطاعت اختيار ڪري ته ثواب جو مستحق ٿي وڃي. ٽيون ذبح ڪرڻ وقت جو بتقاضاءِ بَشريّت ۽ شفقتِ پدري طبعي اضطراب ۽ لغزش جو خطرو هو. ان کان به ڪنهن حَرج ۾ اطمينان ٿي پئي. تنهن کان پوءِ حضرت اسماعيل عليه السلام کي گهران خوب سنواري سينگاريو ويو ۽ ٻَئي ڄڻا پيءُ ۽ پٽ مَذبَح جي طرف هليا. الله تعالى جي عبادت ۽ طاعت جو هي عظيم الشان مظاهرو شيطان لعين کان ڏٺو ۽ سٺو نه ٿيو، ۽ واٽ ويندي شيطان منى ۾ ٽن هنڌن تي حضرت ابراهيم عليه السلام کي خوب راڻيو، مگر کيس کُتو جواب مليو ته هي خالص الله تعالى جو حڪم آهي جيڪو مونکي دل وجان سان تلسيم آهي، ۽ تنهنجو ڪو به حيلو نه هلندو، تڏهن شيطان لعين کي ”الله اڪبر“ چئي هر هنڌ ست ست پهڻيون چُٽِيون ته شيطان مردود مايوس، ذليل ۽ خوار ٿي موٽيو. جڏهن ٻئي ڄڻا هاڻي اچي مذبح واري جاءِ تي پهتا ته حضرت اسماعيل عليه السلام پنهنجي والد ماجد کي ٽي وصيتون ڪيون؛ پهرين اِها ته منهنجي امڙ سانئڻ کي منهنجا سلام چئجو ۽ رت ڀريا ڪپڙا کيس ڏجو، جيئن ان کي تسلي ٿئي ته سندس لختِ جگر رب جي راهه ۾ برابر قربان ٿيو، ٻيو ته مونکي زمين تي منهن ڀر ليٽائجو، پنهنجا هٿ پير ۽ اکيون ٻڌجو، متان لُڇڻ سبب اوهان کي رت جا قطرا نه لڳي پون. ٽيون عرض ته اوهان به پنهنجون اکيون ٻڌندا، اهو ان ڪري جو متان ذبح ڪرڻ مهل اوهان جي دل ۾ شفقت پِدريءَ جو جذبو نه جاڳي پئي.
حضرت ابراهيم عليه السلام وصيت موجب پُٽ کي پَٽَ تي ليٽائي ذبح ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوري قوت سان ڇري وهائي ۽ الله جل شانہٗ حضرت اسماعيل عليه السلام جي نڙيءَ تي هڪ پتل جهڙي چيز رکي ڇڏي ته ڪاتيءَ ڪهڻ کان جواب ڏنو، ان وقت رب جليل حضرت ابراهيم خليل الله کي پڪاري فرمايو!
وَنَادَيْنٰهُ اَنْ يّـٰٓاِبْرٰهِيْمُ ١٠٤ قَدْ صَدَّقْتَ الرُّءْيَا ۚ
اي ابراهيم بيشڪ تو پنهنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو.
بعد ۾ حضرت جبرئيل عليه السلام کي حڪم ڪيو ويو ته هڪ اُهو دنبو آڻ جيڪو بهشت جي باغن ۾ ويهن سالن کان چَرندو ٿو رهي، ان کي وٺي وڃي اسماعيل کي سوري ان جي جاءِ تي ليٽاءِ ته جيئن ابراهيم خليل الله ان دنبي کي ذبح ڪري ڇڏي ۽ ائين ئي ٿيو جيئن الله جل جلالہٗ چاهيو. جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام ذبح ڪري پنهنجي اکين جي پَٽي لاٿي، اکيون پَٽي ڏٺائين ته سندس اڳيان دنبو ذبح ٿيو پيو آهي ۽ اسماعيل ته پري صحيح سلامت بيٺو آهي، تڏهن مقدس پيءُ ۽ پُٽ جي شڪر گذاريءَ، خوشيءَ ۽ مسرت جي حد نه رهي. اها هڪ کليل آزمائش هئي، اهڙيءَ طرح حضرت اسماعيل عليه السلام کي ذبح کان منشاءِ ايزديءَ موجب بچايو ويو، فرمانِ فرقان ٿيو:
اِنَّا كَذٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِيْنَ ١٠٥
بيشڪ اسان اهڙي طرح نيڪوڪارن کي چڱو بدلو ڏيندا آهيون.