مذهب

قرباني: پس منظر ۽ احڪام

عيد الاضحى جي مناسبت سان سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”قرباني : پسمنظر ۽ احڪام“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن ڪتاب جا ليکڪ قريشي نعيم الله ”صابر“ جن آهن.
جيئن ته الله پاڪ انسانن کي پنهنجي حڪمن مڃڻ خاطر پيدا ڪيو آهي، رب جا جيڪي به حڪم مومن کي ملن ٿا هو ان تي سندس منشا آڌار مڪمل عمل ڪرڻ ۾ رڌجي وڃن ٿا. اهڙن ئي حڪمن مان هڪ حڪم رب لاءِ قرباني ڪرڻ به آهي، جنهن جا تفصيل ڄاڻڻ هونءَ ته هر مسلمان لاءِ لازم آهي پر جنهن تي قرباني واجب هجي ان لاءِ اهي حڪم وڌيڪ اهميت رکن ٿا، ڇو ته سندس ٿورڙي به لاپرواهي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري سندس عمل وڃائجڻ جو خطرو ٿي پوي ٿو.
ان ڳالهه کي سامهون رکندي هي مختصر ۽ جامع ڪتاب اوهان جي آڏو پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ قربانيءَ جا اهم مسئلا سولي ۽ سهڻي نموني سان اوهان آڏو رکيا ويا آهن، ته جيئن ربّ ڪريم اڳيان جيڪو ڪجهه به قرباني طور پيش ڪريون، ته اهو سهڻي نموني پيش ڪيون.
Title Cover of book قرباني: پس منظر ۽ احڪام

قربانيءَ جا مسئلا

قربانيءَ جو حڪم سن ٻه هجريءَ ۾ ٿيو، قرباني هر صاحب نصاب مسلمان، مقيم، مرد ۽ عورت، عاقل ۽ بالغ تي واجب آهي، جنهن وٽ ساڍا ست تولا سون يا ساڍا ٻاونجاهه تولا چاندي يا ان جي مقابل رقم، ان جي گهُرج کان زائد موجود هجي، اهڙي ملڪيت تي قرباني جي معاملي ۾ سال جو گذرڻ به شرط نه آهي، جيئن زڪاة ۾ هوندو آهي.