مذهب

قرباني: پس منظر ۽ احڪام

عيد الاضحى جي مناسبت سان سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”قرباني : پسمنظر ۽ احڪام“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن ڪتاب جا ليکڪ قريشي نعيم الله ”صابر“ جن آهن.
جيئن ته الله پاڪ انسانن کي پنهنجي حڪمن مڃڻ خاطر پيدا ڪيو آهي، رب جا جيڪي به حڪم مومن کي ملن ٿا هو ان تي سندس منشا آڌار مڪمل عمل ڪرڻ ۾ رڌجي وڃن ٿا. اهڙن ئي حڪمن مان هڪ حڪم رب لاءِ قرباني ڪرڻ به آهي، جنهن جا تفصيل ڄاڻڻ هونءَ ته هر مسلمان لاءِ لازم آهي پر جنهن تي قرباني واجب هجي ان لاءِ اهي حڪم وڌيڪ اهميت رکن ٿا، ڇو ته سندس ٿورڙي به لاپرواهي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري سندس عمل وڃائجڻ جو خطرو ٿي پوي ٿو.
ان ڳالهه کي سامهون رکندي هي مختصر ۽ جامع ڪتاب اوهان جي آڏو پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ قربانيءَ جا اهم مسئلا سولي ۽ سهڻي نموني سان اوهان آڏو رکيا ويا آهن، ته جيئن ربّ ڪريم اڳيان جيڪو ڪجهه به قرباني طور پيش ڪريون، ته اهو سهڻي نموني پيش ڪيون.
Title Cover of book قرباني: پس منظر ۽ احڪام

قربانيءَ جو فلسفو

حضرت ابراهيم عليه السلام جي اهڙي فداڪارانه ڪارنامي مسلمانن جي اهڙي جشن ۽ ذبيح الله جي سالگره کي ان حقيقت جو يادگار بنايو ته اسان به تقوى اختيار ڪيون ۽ هن دنيا ۽ آخرت لاءِ نيڪ عملن جو ذخيرو جمع ڪيون، ۽ الله تعالى کي راضي ڪريون، ڇاڪاڻ ته برتريءَ لاءِ تقوى شرط آهي، نه گوري کي ڪاري تي ڪا فضيلت حاصل آهي نه ڪاري کي گوري تي، نه عربيءَ کي عجميءَ تي ۽ نه عجميءَ کي عربيءَ تي (ڪا فضيلت آهي) ان ذبح عظيم ۾ به راز سمايل هو، ڇاڪاڻ ته نبيءَ آخر الزمان حضرت محمد مصطفىﷺ جن سندن پُشت مان پيدا ٿيڻا هئا، ان طرف شاهه عبداللطيف رحمة الله عليه ڪهڙو نه سهڻو اشارو ڪيو آهي؛

دوست ڪُهائي دادلا، محب مارائي،
خاصن خليلن کي سختيون سهائي،
الله الصَّمد بي نياز، سا ڪري جا چاهي،
انهيءَ منجهه آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي،

اڄوڪو ڏينهن اسان مسلمانن واسطي هن عهد جي تجديد لاِ به آهي ته:
قُلْ اِنَّ صَلَاتِيْ وَنُسُكِيْ وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِيْ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ١٦٢؀(الانعام)
(تون) چئه ته منهنجي نماز، ۽ منهنجي قرباني، ۽ منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ صرف الله لاءِ آهي.
قرباني هڪ اهم ۽ قديم ترين رسم آهي، جو دنيا جي سڀني مذهبن ۾ عمَلا تعليم ڪئي وئي آهي، مسلمانن لاءِ قرباني رضائي الاهيءَ جو عالمگير مظاهرو آهي، جنهن جو مطلب صرف اطاعت ربِّي کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. تنهن ڪري پنهنجي حلال ڪمائيءَ مان ان جو اهتمام ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته الله تعالى پاڻ به پاڪ آهي ۽ پاڪ شيون پسند فرمائي ٿو، ۽ پاڻ حسين آهي ۽ حسين شيون پسند فرمائي ٿو.