مذهب

قرباني: پس منظر ۽ احڪام

عيد الاضحى جي مناسبت سان سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”قرباني : پسمنظر ۽ احڪام“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن ڪتاب جا ليکڪ قريشي نعيم الله ”صابر“ جن آهن.
جيئن ته الله پاڪ انسانن کي پنهنجي حڪمن مڃڻ خاطر پيدا ڪيو آهي، رب جا جيڪي به حڪم مومن کي ملن ٿا هو ان تي سندس منشا آڌار مڪمل عمل ڪرڻ ۾ رڌجي وڃن ٿا. اهڙن ئي حڪمن مان هڪ حڪم رب لاءِ قرباني ڪرڻ به آهي، جنهن جا تفصيل ڄاڻڻ هونءَ ته هر مسلمان لاءِ لازم آهي پر جنهن تي قرباني واجب هجي ان لاءِ اهي حڪم وڌيڪ اهميت رکن ٿا، ڇو ته سندس ٿورڙي به لاپرواهي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري سندس عمل وڃائجڻ جو خطرو ٿي پوي ٿو.
ان ڳالهه کي سامهون رکندي هي مختصر ۽ جامع ڪتاب اوهان جي آڏو پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ قربانيءَ جا اهم مسئلا سولي ۽ سهڻي نموني سان اوهان آڏو رکيا ويا آهن، ته جيئن ربّ ڪريم اڳيان جيڪو ڪجهه به قرباني طور پيش ڪريون، ته اهو سهڻي نموني پيش ڪيون.
Title Cover of book قرباني: پس منظر ۽ احڪام

عيد نماز ۽ تڪبير تشريق جا مسئلا

پاڻ ڪريمﷺ جن ڏاڍي مينهن پوڻ جي ڪري صرف هڪ دفعو عيد جي نماز مسجد نبويءَ ۾ ادا ڪئي، باقي عمر شهر کان ٻاهر کلي ميدان ۾ عيد نماز ادا ڪندا هئا، تنهن ڪري اسان کي به پنهنجي محبوب پيغمبرﷺ جي سنت موجب عيد گاهه ۾ وڏي اجتماع سان عيد نماز ادا ڪرڻ گهرجي، جيئن اخوت، اتحاد قائم رهي. عيد ڏينهن پاڻ سڳوراﷺ عيد گاهه هڪ رستي کان ايندا هئا ته واپسيءَ ۾ رستو مٽائيندا هئا ۽ رستي ۾ تڪبير تشريق چوندا هئا. اها تڪبير عيد الفطر جي موقعي تي آهسته آهسته ۽ عيد الاضحى ۾ بلند آواز سان پڙهندا ويندا هئا.