انتساب
ٽيهن سالن کان لڳاتار ڪتابَ ڇپيندڙ،
سنڌ جي مشهور پبلشر “فيروز ميمڻ” نالي
منهنجي خيالَ ۾ سنڌ ۾ لکندڙن ـــ شاعرن، اديبن، جرنسلٽن، ڪالم نويسن وغيره جي کوٽَ ناهي پر ڪِتاب ڇپيندڙن (پبلشرن) جي آهي، جنهن ڪري گهڻا لکندڙ پيدا ٿي نه سگهيا آهن. اڄ به ڪيترائي اڻ ڄاتل لکندڙ هوندا جن وٽ شاعري يا ادب جا اڻ ڇپيل مجموعا موجود هوندا، پر نه ڇپجڻ ڪري اسان کي انهن جي خبر نه پئجي سگهي آهي. لکندڙ جي اها ئي خواهش ٿئي ٿي ته جيڪي ڪجهه هو لکي اهو پرنٽ ۾ اچي ۽ پڙهندڙن تائين هن جو نياپو پهچي. ڪِتابَ نه ڇپجڻ ڪري اسان جي ڪيترن ليکڪن جي دل کٽي ٿي پئي هوندي ۽ لکڻ ڇڏي ڏنو هوندائون. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته جيڪر انهن جي همت افزائي ٿئي ها، سندن محنت جي پورهئي جو داد ٿئي ها، ٻين لفظن ۾ سندن ڪِتاب ڇپجندا رهن ته اڄ اسان وٽ ٻيا به ڪيترائي امر جليل، نسيم کرل، تاجل ۽ شيخ اياز هجن ها.
ساڳي وقت ڪِتاب ڇپائڻ ۽ کپائڻ به ڪو سولو ڪم ناهي. بهرحال اهڙو به ڏکيو ڪم ناهي جهڙو اسان جا ڪي قومي ادارا ــ خاص ڪري سنڌي ڪِتاب ڇپائڻ وارا سرڪاري ادارا نخرو ڪن ٿا. بنگلاديش، سريلنڪا ۽ ملائيشيا ۾ اسان کان گهٽ بجيٽ ۽ اسٽافَ تي هلندڙ اهڙا قومي ادارا ٿا ڏسجن ته تعجب ٿو لڳي ته هنن ڇا مان ڇا ڪري وڌو آهي. بهرحال اسان جي ان ڏتڙيل سيناريو ۾ فيروز ميمڻ جهڙن غريب ۽ اڪيلن کي شاباس هجي. اڪيلي سر ڪِتاب ڇپڻ ۽ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائڻ ڪو آسان ڪم ناهي. مون به شروع ۾ ٻه کن ڪِتاب پاڻ ڇپرايا ۽ اڄ تائين توبهه ڪري ويٺو آهيان. پئسي کان علاوه به اهم مسئلا آهن. هڪ ڇپائي جو ۽ ٻيو ڪِتاب نيڪال ڪرڻ جو. ڇپائيءَ وارن يعني پريس وارن کي پئسو اڳواٽ نه ڏي ته ڪم شروع نه ڪندا. ۽ جي اڳواٽ ڏي ته ڪم جو ڪجهه حصو ڪري پوءِ نئون گراهڪ ڳوليندا وتندا جيئن هن کان ائڊوانس وٺي پنهنجو خرچ هلائين. توهان جا ڏنل پئسا ته ڪڏهوڪا ختم ٿي ويا ۽ هاڻ وڌيڪَ، توهان کان نه ملندا سو توهان ۾ ڇپائي وارن جي ڪهڙي دلچسپي! پوءِ روز توهان هنن جي در تي ۽ اديب ٿي ڪري پريس وارن سان ويٺا گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ سڄي جهان ۾ خوار ٿيو.
اسان وٽ ڪميٽمينٽ به ته ناهي. وعدو فقط ٻئي کي ٽارڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو. پريس وارو توهان کي ڪو ڏينهن ڏيندو ته ان تي پروفن لاءِ ڪجهه فارم کڻي وڃڻو. ۽ پوءِ توهان سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي پريس تي پهچندائو ته جواب ملندو ڪمپوزنگ وارو بيمار هو، بجلي نه هئي يا ڪو ٻيو سبب ــ جنهن ڪري ڇپائي نه ٿي سگهي. ۽ پوءِ توهان پيا چڪر هڻو.
ڪِتاب ڇپجڻ بعد ڪتاب جي وڪري (مارڪيٽنگ) جو وڏو مسئلو آهي. حيدرآباد جهڙي شهر ۾ پنجاهه کن ڪِتابن جا ننڍا وڏا دڪان ۽ فٽ پاٿن تي اسٽالَ آهن. کانئن ڪِتابن جو پڇندائو ته وڏي هائوڪار ڪري توهان جا ڪِتابَ وڪري لاءِ توهان کان وٺندا. ڄڻ توهان جو ڪتاب وڪامي به ويندو هجي. هو توهان کان 33 کان 50 سيڪڙو ڪميشن اوڌر تي کڻندا ۽ جڏهن توهان مهيني ٻن بعد پئسا وٺڻ لاءِ هنن وٽ پهچندائو ته جواب ملندو:
“سائين بس ٻن ڏينهن بعد اچي حِساب ڪجو.”
ٻن ڏينهن بعد:
“سائين معاف ڪجو. ڪجهه مشغول هوس. فلاڻي فلاڻي ڊائجيسٽ جي بلٽي ڇڏائڻي هئي. هفتو کن رکي اچجو. توهان سان ان ئي وقت حساب ڪري وٺبو.”
هفتي ڏيڍ کان پوءِ توهان پهچندائو ته توهان کي پري کان ئي ڏسي دڪاندار (يا اسٽال وارو) اهڙو منهن ٺاهيندو جو توهان سمجهي ويندائو ته توهان کي اچڻ نه کپندو هو. بهرحال سامهون پهچڻ تي هو پنهنجي منهن تي مجبوراً مرڪ آڻي چوندو:
“سائين ڏاڍو افسوس اٿم. ماڻهن کي ڏنل پئسا ملي نه سگهيا آهن. پهرين تاريخ ۾ باقي نَوَ ڏينهن آهن جيئن ئي ملندا ته وٺي وڃجو.”
پهرين يا ٻي تي پهچڻ تي:
“سائين توهان جا سڀ ڪتاب وڪرو نه ٿيا آهن. سنڌي ڪتاب ته صفا هلي نٿو. ڪم واري ڇوري گدام ۾ کڻي ڦٽا ڪيا آهن. اڄ آيو ڪونهي ٻن ڏينهن جي موڪل تي آهي. توهان هينئن ڪريو جو هفتو کن رکي اچو. آئون توهان جا ڪِتابَ ڪڍائي رکندس. جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ وڪرو ٿيو آهي ته ان جو حساب ڪري وٺنداسين.”
هاڻي توهان به سمجي ويا هوندائو ته دڪاندار طرفان “نياپو” ڇا پيو ملي! يعني پئسن کان آڱوٺو. دڪاندار توهان کي رڳو پنڌ پيو ڪرائي. دڪاندار عقلمند آهي. هو سمجهي ٿو ته اڄ جي دنيا ۾ هر ڪو مشغول آهي. ٻه چڪر هڻڻ بعد پبلشر پاڻهي اچڻ ڇڏي ڏيندو ۽ جي اهو پبلشر پاڻ ئي اديب يا شاعر آهي ان کي ته بيوقوف بڻائڻ اڃا به سولو ڪم آهي. هو ڪهڙو وڏو جھيڙو يا گار گند ڪندو.
هڪ ٻن اسٽالن وارن ڪتاب وڪرو ڪرڻ بعد قسطن ۾ ڪجهه پئسا ڏنا، جيڪي ڪراچيءَ کان حيدرآباد اچڻ تائين ڀاڙي ڀتي ۾ ئي خرچ ٿي ويا. هڪ اسان جي سنڌي دڪاندار جنهن سڀ کان گهڻا ڪتاب وڪرو ڪيا ۽ مس مس سال بعد payment ڪئي پر چيڪ ذريعي جنهن تي مهينو ڏيڍ پوءِ جي تاريخ هئي ـــ جنهن جي اچڻ تي چيڪ واپس موٽي آيو، جو بئنڪ ۾ سندس پئسا نه برابر هئا. پاڻ وري هڪ ٻيو چيڪ مهينو کن پوءِ جو ڏنو جيڪو پڻ بائونس ٿي ويو. پوءِ خبر پئي ته هو صاحب اها اٽڪل سڀني سان ڪندو رهي ٿو ۽ ان ٺڳيءَ کي هو واپاري عقلمندي سمجھي ٿو.
بهرحال اڄ به ڪيترائي اديب پاڻ ئي همت ڪري پنهنجو ڪِتاب ڇپائيندا هوندا، جيئن اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ مون ڪيو هو ـــ ان ارادي سان ته ڪتاب جو مُور ئي نڪرندو رهي ته هڪ ٻئي پويان پنهنجا ڪتاب ڇپائيندو رهان. پر اهي خيال گيهه جي دلي وارا ثابت ٿين ٿا ۽ مور ته ڇا وقت به برباد ٿيو وڃي ۽ هڪ وقت منهنجي زندگيءَ ۾ به اهڙو آيو جو دل شڪستو ٿي مون لکڻ گهٽائي ڇڏيو. لکي به ڇا ڪجي. جڏهن جلدي جلدي نه پيو ڇپجي. ۽ پوءِ اها لکڻ جي عادت بلڪل ختم ٿي وڃي ها، شايد، پر ٻن ماڻهن کي ڪريڊٽ ڏيڻ ضرروري ٿو سمجھان جن جي ڪري لکڻ بلڪل بند ڪرڻ جي نوبت نه آئي. هڪ قاضي عبدالمجيد عابد صاحب ـــ جنهن جو پٽ مرحوم اظهر (گل) عباسي مون سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهندو هو ۽ منهنجو تڏهن کان سندن گهر اچڻ وڃڻ هو جتي سندس والد صاحب مون کي تڏهن کان لکڻ لاءِ چوندو رهندو هو ۽ عبرت اخبار ۾ منهنجي هر شيءِ ڇپي ويندي هئي. (اڄ به اظهر جو ننڍو ڀاءُ اسد ۽ سندس گهر واري شهلا ساڳي خلوصَ سان مونکي لکڻ ۽ منهنجي هر لکڻيءَ کي “عبرت” ۾ ڇپڻ جي همت افزائي ڪندا اچن) ۽ ٻيو ڪريدٽ فيروز ميمڻ کي آهي جيڪو جڏهن مونکي پهريون دفعو مليو ته مون کي اها به خبر نه هئي ته هو ڪير آهي (بعد ۾ سالن پڄاڻان، آهستي آهستي خبر پيئي ته اسان جا ڪيترائي دوست سڃاڻا ۽ مائٽ عزيز ڪامن آهن) ۽ ڪٿان آيو ـــ پر مون لاءِ نيڪ فرشتو ثابت ٿيو. هن منهنجا ڪِتابَ ڇپڻ لاءِ چيو ۽ خرچ به هن پنهنجو ئي ڪرڻ چاهيو ٿي. انڌو گهري هڪ اک هتي ٻئي ٿي مليون. هن پهريون ڪِتاب، تنهن وقت جي مطابق، گذريل ڪِتابن کان هر لحاظ کان سٺو ڇپيو. مونکي ڳالهه وڻي. مون لکڻ تي وڌيڪَ ڌيان ڏنو ۽ مون ڏٺو ته فيروز سان ڪم ڪندي مونکي بوريت نٿي ٿي. مونکي هن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون بهتر لڳيون جن جو آئون دل سان قدر ڪيان ٿو ۽ جيڪي اسان جي ملڪ جي ماڻهن ۾ گهٽ آهن.
فيروز ڪم سان ڪم رکي ٿو. اجايو سجايو وقت ضايع نٿو ڪري. جيتوڻيڪ پيشي جي لحاظ سان هو سڄي زندگي ماستر ٿي رهيو. ڇپائيءَ جو ڪم هن هابي ۽ وندر طور کنيو، جنهن ۾ ڄاڻ ۽ تجربو حاصل ڪرڻ ڪري هن ان هابيءَ کي سائيڊ بزنس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هڪ اهو سبب به آهي جو آئون کيس انگريزن سان تشبيهه ڏيندو آهيان.
“ڇو ڀلا؟؛” پاڻ پڇندو آهي.
“ان ڪري جو تو ۾ ڪيتريون ئي انگريزن واريون خاصيتون آهن. هو اجايو سجايو وقت وڃائڻ ۽ ڪچهرين کان گريز ڪن ٿا. وندر جون گهڙيون هنن جون عورتون توڙي مرد ڪجهه نه ڪجهه ڪندا رهن ٿا. پنهنجن ٻارن کي به ڪنهن نه ڪنهن وندر ۾ لڳائي رکن ٿا، جيئن هنن کي ڪڏهن به اڪيلو رهڻو پوي ته پنهنجو پاڻ کي مشغول (Self Occupy) رکڻ جي عادت هجين. پوءِ ڪيترا انهن هابين ذريعي پئسو به ڪمايو وڃن.”
فيروز سان هڪ ٻه دفعو جڏهن به سندس اسڪول ۾ ملڻ ويس ته واندي پيرڊ ۾ هيڏانهن هوڏانهن وقت برباد ڪرڻ بدران هو ڪِتاب جا پروف ڏسندي نظر آيو. اسڪول بعد پريسن جا چڪر. ڪتاب ڇپجي اچڻ تي مختلف دڪانن تي وڪري لاءِ ڪتاب ڏيڻ يا ٻين شهرن ڏي پوسٽ ڪرڻ لاءِ پاڻ ئي ڪتابن جا بنڊل ٻڌي، ائڊريسون لکي، ڪلهي تي رکي پوسٽ آفيس پهچي ويندو هو.
“شاباس هجنئي!” هڪ دفعي مون چيومانس.
“بس ادا.” پاڻ وراڻيائين، “آرام ڪرڻ يا ٽي وي ڏسڻ تي منهنجي به دل ڏاڍو چوي ٿي پر پوءِ هڪ ئي ڪم ڪري سگهجي ٿو ـــ ڪتابن جي ڇپائي يا آرام.”
فيروز ڪيترا سال هر مهيني نئون ڪتاب ڪڍندو رهيو ۽ سو به پوري وقت تي. ڪو رسالو مقرر تاريخ تي نڪري يا نه پر نيو فيلڊس پبليڪيشن جو ڪتاب هر مهيني جي مقرر تاريخ تي ڇپجي راس ٿيندو هو ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هر بڪ اسٽال تي وقت اندر پهچي ويندو هو. ان جو داد دڪاندارن کان وٺي هاڪرن تائين ڏيندا. ان ڳالهه ڏي منهنجو ڌيان به ڳوٺ جي بڪ اسٽال وارن ڇڪرايو.
نه فقط ڪتاب وقت تي شايع ڪرڻ پر ٻين ڳالهين ۾ به فيروز وعدي جو پڪو ثابت ٿيو آهي. منجھس تنقيد ٻڌڻ، سهڻ، Convince ٿيڻ يا ٻين کي ثابتين ثبوتن سان Logically مڃائڻ جو گڻ آهي. ٽيهارو سالن کان منهنجو ساڻس واسطو هلندو اچي، جڏهن هن منهنجو پهريون ڪِتاب ڇپيو هو. هو جيڪا commitment ڪري ٿو اها پوري ڪري ٿو. هاڻ ڪمپيوٽرن جي دنيا هجڻ ڪري ڪتابن جي ڇپائي ۽ رنگ روپ جو نئون شان ٿي ويو آهي، ان ۾ جيتوڻيڪ فيروز ٿورو پٺتي ضرور رهجي ويو آهي ۽ “سنڌيڪا” يا “روشني” پبليڪيشن جهڙن نون ادارن جي ڇپائيءَ جو معيار وڌي ويو آهي نه ته ستر ۽ اسيءَ جو سڄو ڏهاڪو “نيو فيلڊس” جا ڪِتاب مٿاهين درجي جا مڃيا ويندا هئا. بهرحال هينئر به هو اهو مقام ٿوري ئي ڪوشش سان وري ماڻي سگهي ٿو جو هن کي ڇپائيءَ جي بنيادي معاملن جي ڪافي ڄاڻ به آهي ته Will Power به. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جي ڪامياب سنڌي هندو واپاري وانگر هن کي اقتصاديات جي خبر آهي ته پنو ڪٿان ۽ ڪيئن وٺجي ۽ ڇپائي مارڪيٽنگ جي اصولن کان به واقف آهي. نه ته اڄڪلهه اسان جا ڪيترائي نوان بزنيس مين ان ۾ مار کايو وڃن. اوڌر اوڳاڙڻ ۾ ئي کٽجيو وڃن ۽ دڪان بند ٿيو وڃين.
هڪ دفعي منهنجو جهاز ڪراچي آيو ته ڪراچيءَ جي هڪ دڪاندار جنهن کان آئون ڪتاب خريد ڪندو آهيان، فيروز جي شڪايت ڪئي ته هو کيس فقط پنج ڪِتاب موڪلي ٿو، جيتوڻيڪ هن کيويهه کپن. ٻئي ڏينهن حيدرآباد وڃڻ تي مون فيروز کي خوشخبري طور اها ڳالهه ٻڌائي ته سندس ڇپيل ڪِتابن جي ڪراچيءَ ۾ ڊمانڊ آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ فلاڻي دڪاندار کي ته پنجن بدران ويهه ڪاپيون موڪلي.
“ادا هن کي ڪتابن جي ضرورت گهرج هوندي پر کيس موڪليندس اوترائي جيترن جا هو اڳواٽ پئسا ڏيندو.” فيروز چيو ۽ پوءِ هن ٻڌايو ته ڪيترا دڪادندار پبلشرن کان اوڌر تي ڪتاب کڻي ڪميشن ته کائين ئي کائين ٿا، ڪِتاب جو مُور به ڳرڪايو وڃن، پوءِ پبلشر ٻئي ڪتاب لاءِ پئسو ڪٿان آڻي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ ڪيترائي شريف ماڻهو نيڪ نيتيءَ سان ڪتاب ڇپائڻ جو ڪم شروع ڪن ٿا پر پوءِ دڪادندار کين پئسا نه ڏيڻ ڪري يا وقت تي ادائگي نه ڪرڻ ڪري هنن جي ڇپائيءَ جو ادارو يا پريس يا ماهوار رسالو ڪجهه عرصي بعد بند ٿيو وڃي.
فيروز جي رهائش ڪي سال ٽنڊو ولي محمد ۾ هڪ فليٽ ۾ هئي، جنهن جو هڪ ڪمرو ۽ ڇت تي ٺهيل اسٽور روم ويو انهن ڪتابن سان ڀربو جيڪي نٿي وڪاميا. چوندو هو:
“ڪنهن کي اڌار ڏئي پئسو رڪجي وڃي ان کان بهتر آهي ڪتاب رکيا هجن. آهستي آهستي ٿي آخر کپي ويندا.”
فيروز پاڻ به ڪنهن جو پئسو ڪڏهن نه روڪيو. ڪمپازيٽر، پريس مين، بائينڊر وغيره سڀ آهستي آهستي سمجهي ويا ته هن شخص سان ٺڳي نٿي ڪري سگهجي. پئسا اڳواٽ وٺي کائي کپائي نٿا سگهجن، ڪم پوري ڪري ڏيڻ تي هو اتي جو اتي اجورو ڏئي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن (شايد پئسو بچائڻ لاءِ)، گهٽ پئسن واري ڪنهن سيکڙاٽ کان ڪتاب ڪمپوز ڪرائي پروف ڏسڻ واري جي لاءِ مٿي جو سور پيدا ڪري ٿو. (جيتوڻيڪ بقول سندس سٺا ڪم وارا ڪڏهن ڪڏهن نٿا ملن ۽ وقت جي پابنديءَ کي ڏسي مجبوراً اهڙي تهڙي کي ڪم ڏيڻو پوي ٿو.)
سٺا ڪتاب ڇپائڻ ڪري فيروز جي اداري جي ڪتابن جا پڙهندڙ وڌندا ويا ۽ دڪاندار به سمجهي ويا ته “نيوفيلڊس” جا ڪتاب حاصل ڪرڻ لاءِ روڪ پئسو ڏيڻو پوندو ۽ ڇو نه ڏ ئي وٺجي جو ڪتاب جلد وڪرو ٿيو وڃي ۽ کين به فائدو ٿئي ٿو. بهرحال ان حد تي پهچڻ لاءِ ـــ ٻين لفظن ۾ مارڪيٽ ٺاهڻ لاءِ، مون ڏٺو ته فيروز کي ڏهن سالن کان به مٿي سال لڳي ويا. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان لاءِ هن کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئي ۽ اڃا تائين ڪندو اچي. ڪتابن جا خريدار ڳولڻ، انهن کي ڪتاب VPP ڪرڻ، اڃا به ڪتاب بچي پوڻ تي پنهنجو دڪان ڪڍي هلائڻ وغيره وغيره. ان کان علاوه ڇپائيءَ کي منهن ڏيڻ.
فيروز يڪو لاٽ جي حساب سان پنو وٺندو ۽ اتي به ادائگي ڪيش ۾ ڪندو، جيئن جيتريقدر ٿي سگهي پنو سستو پوي. ٽئڪسين ۾ ٻين کان کڻائڻ بدران پاڻ ئي بسن ۾ ڍوئي حيدرآباد ايندو. هينئر به جڏهن هن جي مالي حالت ڪجهه بهتر ٿي آهي ته به سوزوڪي پاڻ هلائي، سامان ڍوئيندو وتي، جيئن شيءِ (Finished product) جو اگهه گهٽ کان گهٽ قيمت ۾ پوي ۽ فائدو رکڻ بعد به مقابلي جي مارڪيٽ ۾ خريدار کي مناسب اگهه تي پوي. ڪتاب جو ٽائيٽل به هڪ هڪ ڪري ڇپائڻ بدران ٻن يا چئن ڪِتابن جا ٽائيٽل گور گڏ ڇپجڻ بعد هڪ هڪ ڪتاب وڏي پڪائيءَ سان پنهنجين نظرن اڳيان نيڪان ڪندو ۽ ان جي ڄاڻَ رکندو ته ڪيترا ڪتاب ڪيڏانهن ويا. منهنجي ليکڪ جي حيثيت ۾ ساڻس شروع کان پئسن جي ڏيتي ليتي ناهي. فيروز طرفان مونکي کلي موڪل آهي ته جيترا وڻيم ڪِتاب کڻان. پر ساڳي وقت فيروز کي منهنجي اها عادت هرگز نٿي وڻي جو جنهن تنهن دوست يا سڃاڻي کي تحفي طور ڪتاب ڏيندو وتان. فيروز لاءِ ٻين کي به اها شڪايت آهي ته هو ڪتاب تحفي طور ڏيڻ ۾ پڪائيءَ کان ڪم وٺي ٿو. ڪجهه سال اڳ مون فيروز کي چيو: “ٻين ليکڪن کي ته پبلشر پئسا ڏين پر تون مونکي ڪتاب به ڪڏهن ڏين ٿو ڪڏهن نه.”
يڪدم بلئنڪ چيڪ ڪڍي چيائين: “پئسا جيڪي وڻنئي اهي وٺي سگهين ٿو. ڪتاب به جيڪي وڻنئي اهي کڻي سگهين ٿو پنهنجو دڪان اٿئي. پر مفت ۾ ائين ڪتاب ورهائڻ سان هڪ ته گراهڪ خراب ٿين ٿا ۽ ٻيو پڙهندڙن تي اثر پوي ٿو.”
فيروز جي اها ڳالهه مونکي تڏهن سمجهه ۾ نه آئي پر پوءِ سگهوئي اندازو لڳايم ته سواءِ ڪنهن هڪ يا ٻن جي ٻين کي ائين ڪتاب ڏيڻ تي هو پڙهڻ بدران ٻين جي حوالي ڪريو ڇڏين ۽ ويترا چوندا: “يار هڪ ٻه ٻيو ڪتاب به ته ڏجانءِ. هو ڪتاب فلاڻو کڻي ويو.”
يا چوندا: “پنهنجي ڪتاب جو سيٽ ته ڏجو منهنجي فلاڻي مائٽ دڪان تان ٿي ورتو. تنهن کي جھليم ته اجايو ٿو وٺين پنهنجي دوست الطاف کان سڄو سيٽ مفت ۾ وٺي ٿو ڏيانءِ.”
سچي ڳالهه ته اها آهي ته جڏهن کان تاجل بيوس ۽ شيخ اياز سان دوستي ٿي ۽ هنن مونکي مفت ۾ پنهنجا ڪتاب موڪلڻ شروع ڪيا ته مون پڙهڻ ڇڏي ڏنو. هونءَ پئسا خرچ ڪري وٺي ايندو هوس ته هڪ بدران ٻه ٻه دفعا پڙهندو هوس. خبر ناهي ڇو! شايد فيروز جي ٿيوري صحيح هجي ۽ هونءَ به فيروز جي پڪائيءَ ۾ سندس، بلڪه سندس اداري جو survival آهي. منهنجي خيالَ ۾ “پبلـشر” اهو سٺو آهي جيڪو ڪتاب نه فقط سٺي طرح ڇپائي پر ان جي مارڪيٽنگ به ڪري وڃي ـــ يعني مور سان گڏ ڪجهه فائدو به حاصل ڪري سگهي. ان ۾ ليکڪ جي به سلامتي آهي. ڇو جو پبلشر جي کُٽجڻ تي ان جي ڇپائيءَ جو ادارو بند ٿي ويندو ۽ پراڻن سان گڏ مستقبل ۾ نون ليکڪن جا ڪتاب ڇپجي نه سگهندا. اهوئي سبب آهي جو پنهنجي هر ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ فيروز سان سختي ۽ کُلي دل سان بحث ڪندو آهيان ته هو منهنجو ڪتاب ڇپائڻ کان اڳ چڱيءَ طرح Feed Back (جائزو) وٺي ته آيا پڙهندڙ مون کي اڃا پڙهڻ چاهين ٿا يا نه ۽ خاص ڪري موجوده ڪِتاب پڙهندڙن لاءِ واقعي دلچسپ ثابت ٿيندو يا اداري تي بار بنبو؟
۽ جيتوڻيڪ فيروز وڏي دل سان هر وقت اهوئي چوندو آهي: “ادا ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريو. ڪتاب هلي يا نه هلي اهو منهنجو Risk آهي.” پر آئون اهوئي چوندو آهيانس ته ڪتاب سٺو نه هجڻ جي صورت ۾ پبلشر کي اجايو ڇپي مارڪيٽنگ جو مسئلو پيدا نه ڪرڻ کپي. ليکڪ جو موت ڀلي آڻجي ـــ يعني پڙهندڙن کي پسند نه اچڻ تي ان ليکڪ جا ڪتاب ڇپڻ ڀلي بند ڪري ڇڏجن. ڇو جو هر آرٽسٽ وانگر ليکڪ جو به زوال اچي سگهي ٿو. پر ڪنهن به صورت ۾ پبلشنگ اداري جو موت نه اچڻ کپي. پبلشنگ ادارو زندهه هوندو ته ٻيا به ڪيترائي ليکڪ پيدا ٿيندا ۽ انهن جون لکڻيون ماڻهن تائين پهچي سگهنديون.
فيروز منهنجي پنجاهه کن ڪتابن مان ٽيهارو کن ته گهٽ ۾ گهٽ ڇپيا هوندا، جن مان ڪيترن جا ٻه يا ٽي ڇاپا به ڪڍيا هوندا ۽ اڃا تائين ڇپي رهيو آهي. ڇپائيءَ کان وڌيڪَ سندس مارڪيٽنگ جو اسٽائيل پسند اٿم. هن جي ڪتابن جا خريدار ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين ذهين شاگرد ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آهن ـــ ان جو اندازو مونکي مون وٽ ايندڙ خطن مان به ٿئي ٿو. ائين ته هڪ پبلشر (ڪافي عرصو اڳ ـــ 1987ع ۾ ملائيشيا کان ٽن مهينن جي موڪل تي آيو هوس ته) اهڙو مليو. جنهن منهنجي ڪتابن کي وڏي تعداد ۾ ڇپرائڻ چاهيو ٿي.
“ايترا ڪتاب ڪيئن وڪڻي سگهندائو؟” مون تعجب مان پڇيومانس.
“اهو ڪم آسان آهي.” هن ٻڌايو، “تعلقي جي مختيارڪار تي ڪم رکيو آهي، اهو تپيدارن کي زوريءَ ڏئي پئسا اوڳاڙيندو.”
“۽ پوءِ تپيدار انهن ڪتابن جو ڇا ڪندا؟” مون پڇيومانس.
“اهي زوريءَ زميندارن کي وڪڻندا.” هن ٻڌايو.
“۽ پوءِ زميندار اهي ڪتاب پڙهندا ته ڪونه.” مون چيو.
“پـڙهن يا نه پڙهن اسان جو ڪتاب ته نيڪال ٿي ويندو!” هن وراڻيو.
منهنجي خيالَ ۾ ڪنهن ليکڪ جو ڪتاب نه پڙهيو وڃي، ان کان وڏو صدمو هن لاءِ ڇا ٿي سگهي ٿو. فيروز کي ڪتاب ڇپائڻ مان ڪو فائدو ٿئي يا نه پر ليکڪ کي خاطري هجڻ کپي ته هن جو ڪتاب ڪنهن جاهل وٽ نه پر سلجھيل شخصيت وٽ پهچي وڃي ٿو.
بهرحال فيروز کي وڏي حياتي نصيب ٿئي، جيئن منهنجا ۽ ٻين جا ڪِتابَ ڇپيندو رهي. اسان سندس محنتي ۽ خاموش طبيعت جو فقط داد ئي ڏئي سگهون ٿا.
فيروز ٻي جنوري 1947ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. پاڻ ٽن سبجيڪٽن: ايڪانامڪس، پوليٽيڪل سائنس ۽ سنڌيءَ ۾ ايم اي ۽ M.Ed به ڪيل اٿس. 1965ع کان مختلف اسڪولن ۾ تدريسي ڪم شروع ڪيائين ۽ 1996ع ۾ ارڙهين گريڊ ۾، وقت کان اڳ رٽائرمينـٽ ورتائين. فيروز کان هڪ دفعو پڇيم ته پاڻ ڇپائيءَ جو ڪم ڪيئن شروع ڪيائين.
“ماستري ملڻ کان اڳ.” فيروز ٻڌايو، “مون سال ڏيڍ حيدرآباد جي ميونسپالٽي ۾ ڪلارڪ ٿي ڪم ڪيو، جتي طارق اشرف تپيدار هو ۽ ساڻس دوستي ٿي وئي. اتان کان اسان سهڻي رسالي ۽ سهڻي پبليڪيشن جي ڪتابن جو ڪم گڏ گڏ شروع ڪيو. ڪجهه وقت کانپوءِ مون پنهنجو ادارو (نيو فيلڊس نالي) شروع ڪيو.”
فيروز جي فئملي سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل فئملين ما ن هڪ آهي، جنهن جو تدريس جهڙي نيڪ ڪم سان گهڻو واسطو رهيو آهي. هي پاڻ ۾ ڇهه ڀائر ۽ چار ڀيڻون آهن. وڏو ڀاءُ نثار احمد وڪيل آهي، ٻيو نمبر ممتاز احمد گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ پروفيسر آهي. سڀ ۾ ننڍو ڀاءُ منور پڻ مهراڻ يونيورسٽي ۾ پڙهائي ٿو. فيروز جي والد صاحب ـــ جناب محمد صالح کي هڪ ئي ڀاءُ “چاچو الله بخش” هو، جنهن جا فرزند: بشير احمد ۽ نظير ميمڻ پڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر رهي چڪا آهن. اڄڪلهه هو آمريڪا ۾ آهن.
فيروز جو هڪ ڀاءُ اقبال انشورنس ڪمپنيءَ ۾ آهي ۽ کانئس ٻه سال کن وڏو ۽ اسان جو همعمر انور ميمڻ مرچنٽ نيوي ۾ آهي. جڏهن اسان مئرين انجنيئرنگ جي تعليم چٽگانگ بنگلاديش (تن ڏينهن ۾ مشرقي پاڪستان) مان وٺي رهيا هئاسين ته هي (انور اهائي تعليم يوگوسلاويا جي هڪ اهڙي اڪيڊميءَ مان وٺي رهيو هو. ڪجهه سالن پڄاڻان اسان جو جهاز يوگوسلاويا جي شهر رائيڪا پهتو ته اتي ساڻس ملاقات ٿي، جنهن شهر مان هن شادي پڻ ڪئي آهي. اڄڪلهه جرمنيءَ ۾ Shore Job ڪري ٿو. مون کي ان وقت اها خبر نه هئي ته هو فيروز جو ڀاءُ آهي. ڪيترائي سال گذرڻ بعد هڪ ڏينهن فيروز ٻڌايو ته جنهن انور جو ذڪر مون هڪ سفرنامي ۾ ڪيو آهي، اهو هن جو وڏو ڀاءُ آهي. هڪ ٻيو انور ميمڻ چاچي فقير محمد (بسوءَ) جو پٽ، جيڪو منهنجو ستين ڪلاس کان انٽر تائين ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ڪلاس ميٽ رهيو ۽ هاڻ ڪافي عرصي کان ڪئناڊا ۾ settled آهي، پاڻ فيروز جو مائٽ ۽ پاڙيسري آهي. هڪ دفعي جناح اسپتال جي مشهور ڊينٽل سرجن پروفيسر مشتاق ميمڻ منهنجي ڏندن جي چيڪ اپ ڪندي چيو ته تنهنجا ڪتاب جيڪو ڇپي ٿو اهو منهنجو مامو آهي. فيروز کي چيم ته هو مونکان به وڏو آهي ان جو تون ڪيئن مامو ٿئين؟
“ان ڪري جو آئون سڀ ۾ ننڍو آهيان ۽ منهنجيون ڀيڻيون سڀ ۾ وڏيون آهن.”
فيروز جي هڪ ٻي ڀيڻ ـــ حسن علي ميمڻ صاحب جي گهر واري آهي، جنهن جو هيرآباد حيدرآباد ۾ پراڻو ڊئري فارم (کير مکڻ) جو بزنس آهي. سندس وڏي ڌيءَ حاجاڻيءَ جو گهوٽ اسان جو دوست ۽ ڳوٺائي ڊاڪٽر احمد علي قريشي آهي. سندس شادي ٽيهه سال کن اڳ ٿي، جنهن ۾ فيروز منهنجي ڀرسان ويٺو هو پر نه مون پڇيومانس ۽ نه پاڻ ٻڌائين ته ڪنوار سندس ڀاڻيجي آهي. ٻه سال کن اڳ ڊاڪٽر احمد علي حاجاڻيءَ جي وڏي ڌيءَ انجنيئر خديجا (رومانا) جي شاديءَ تي فيروز پنهنجي مائٽي ٻڌائي ته مونکي تعجب لڳو ته واقعي دنيا ننڍڙي آهي. فيروز جو هڪ ٻيو ڀيڻويو نجم ميمڻ آهي، جيڪو سئي گئس ۾ چيف انجنيئر آهي.
انتساب لکندي هي فيروز جي ويجھن مائٽن جو ذڪر آئون پاڻ کڻي ويٺو آهيان نه ته فيروز ڪڏهن به پنهنجن مائٽن يا دوستن ذريعي ٻين کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي هوندي. سٺو يا خراب جيڪي ڪجهه هو پاڻ آهي ان جي بنياد تي هو پنهنجي سڃاڻپ قائم رکڻ چاهي ٿو ۽ ان ۾ ئي هن جي greatness (عظمت) آهي. پاڻ هر قسم جي شو (Show) شا کان پري رهندو اچي. هو سادگي واري زندگي ۽ حقيقت جي دنيا ۾ ئي رهڻ چاهي ٿو.
فيروز جي 20 مئي 1979ع تي رضوانا سان شادي ٿي. کيس چار ڌيئون: شاداب، انيڪا، سمبلا ۽ رمشا ۽ هڪ پٽ مستفيض آهي.
فيروز کي سگا طرفان بهترين ڇپائيءَ جا ٻه دفعا انعام ملي چڪا آهن. هڪ دفعو شيلڊ ۽ ٻيو دفعو گولڊ ميڊل.
الطاف شيخ
نومبر 1998ع