مهاڳ
انهن اڻ سڌيءَ طرح جي سفرنامن سان گڏوگڏ اڄڪلهه ٻين صنفن جي ڀيٽَ ۾ سڌيءَ طرح لکيل “سفرنامي” جي پاپيولرٽي وڌيڪَ ڏسڻ ۾ ٿي اچي ۽ بين الاقوامي سطح تي نظر ٿي اچي. دنيا جون وڏيون وڏيون اشاعتي ڪمپنيون اڄڪلهه جيترو سفرنامن، ڊائرين ۽ آتم ڪٿائن جي حاصل ڪرڻ پويان پيل آهن. اوترو ٻين صنفن پويان نه آهن. اها حقيقت ڪئٽلاگن مان پڌري پٽ نظر ٿي اچي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌيءَ ۾ الطاف شيخ جي سفرنامن کان اڳ به ۽ پوءِ به سٺا سٺا سفرناما لکيا ويا آهن پر سفرنامي جي صنف کي عوامي سطح تي مقبول بنائڻ ۾ الطاف جو وڏو هٿ رهيو آهي. ۽ امر جليل جي افسانن وانگيان انگريزي چوڻيءَ موجب تازن ۽ گرم ڪيڪن وانگر وڪاڻا آهن. يا ائين کڻي چئجي ته هٿو هٿ کڄاڻان آهن. ۽ عام ماڻهوءَ اڳيان پرديس جا ڪيئي معاملا ۽ مامرا سامهون آيا آهن. هوم سڪنيس جي مريض سنڌين کي ملڪ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ ۾ الطاف جي اکرن جو به وڏو هٿ رهيو آهي.
الطاف جي اڳين سفرنامن ۽ تازن سفرنامن ۾ فرق رڳو اهو رهجي ويو آهي ته اڳي الطاف جي جُتي جُتيءَ مٿان چڙهيل هُئي ۽ هو پاڻ سان گڏ پڙهندڙن کي به آواره گرديءَ ۾ وجھيو ويٺو هو ۽ هاڻي ملائيشيا ۾ کپ کوڙي ويهي رهيو آهي ۽ اتان جون ئي ڳالهيون پيو ٻُڌائي. هڪڙي ڪري مشاهدي جي لحاظ کان بهتر آهي ته هڪڙي ئي ملڪ کي ويهي غور سان ڏسي، پوءِ لکجي. اها بهتري سندس هن ڪتاب “جت جر وهي ٿو جال” ۾ به نظر ٿي اچي.
مون الطاف جا سڀ سفرناما پڙهيا آهن ۽ پڙهندو اچان. انهيءَ ڪري کيس دعا ٿو ڪريان يا پِٽ ٿو هڻان ته کيس هاڻي ملائيشيا مان بدلي ڪري ڪنهن ٻئي ڏورانهين ملڪ ڏانهن موڪليو وڃي ته جيئن ٻين ملڪن جون ڳالهيون پڙهي سگهون.
عبدالقادر جوڻيجو
7 ــ آگسٽ 1988ع