الطاف شيخ ڪارنر

جت جر وهي ٿو جال

الطاف شيخ جو سفرنامو جت جر وهي ٿو جال ملائيشيا ۾ نوڪري دوران رهندي ڪوالالمپور، پينانگ ۽ ٻين شهرن جو احوال آهي جيڪو هن ايڊيشن ۾ سنواريل ۽ وڌايل پڻ آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري ڏاهي اديب عبدالقادر جوڻيجو لکيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1794
  • 671
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جت جر وهي ٿو جال

هن نئين ڇاپي لاءِ

هن سفرنامي (جت جر وهي ٿو جال) کي وڌيڪَ سمجھڻ خاطر پڙهندڙن لاءِ ڪجهه ڳالهيون هتي شروعات ۾ لکڻ ضروري سمجھان ٿو.
پاڻيءَ جي جهاز کي هلائڻ لاءِ ٻه ڌريون اهم آهن: نيويگيٽر ۽ مئرين انجنيئر. (جهاز جي مشين کي سمجھڻ، هلائڻ ۽ ضرورت وقت صحيح ڪرڻ واري انجنيئر کي “مئرين انجنيئر” سڏجي ٿو.) جيئن ته پاڻيءَ جو جهاز لڳاتار هلائڻو پوي ٿو ـــ ڏينهن رات چوويهه ئي ڪلاڪَ ۽ هفتي جا ست ڏينهن. (۽ ڪڏهن منزل پري آهي، جيئن ڪوالالمپور کان ڪئناڊا جي ڏورانهين بندرگاهه تائين پهچڻ ۾ مهيني کان به مٿي لڳيو وڃي). ان ڪري پاڻيءَ جي جهاز کي هلائڻ لاءِ هڪ بدران ڇهه ست مئرين انجنيئر اوترائي نيويگيٽر ٿين ٿا، جيئن وار وٽيءَ تي هڪڙا جهاز کي هلائن ته ٻيا سامان ۽ مشينري جي نگهباني ۽ مرمت ڪن ته ٽيا آرام ڪري وٺن. (ٻين لفظن ۾ سمنڊ تي هلندڙ ڪنهن به جهاز تي ڏينهن رات ٿئي ئي ڪونه. چاهي صبح هجي. شامَ هجي، يا آڌي رات! ڪي ڊيوٽي ڪندي نظر ايندا ته ڪي آرامي هوندا). اڄڪلهه جي ماڊرن ۽ آٽوميٽڪ جهازن کي هلائڻ لاءِ ڪجهه گهٽ ماڻهن جي ضرورت آهي.
انهن نيويگيٽرن (جن کي ڊيڪ آفيسر به سڏجي ٿو) ۽ مئرين انجنيئرن جي تعليمَ لاءِ جيڪو ادارو آهي، ان کي “مئرين اڪيڊمي” سڏجي ٿو. اڄڪلهه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾. ان قسم جون اڪيڊميون آهن. سريلنڪا، ايران، سنگاپور ۽ مصر ۾ ته آهن پر ويندي فجي ۽ پاپانيوگني جهڙن ٻيٽن تي به آهن جن ملڪن کي نه پنهنجي جهازران ڪمپني آهي ۽ نه وري جهاز. هو ٻين ملڪن جي جهازن لاءِ پنهنجا نوجوان تيار ڪن ٿا ۽ غير ملڪي ناڻو ڪمائين ٿا.
1960ع تائين ايشيا کنڊ ۾ هن قسم جي مئرين اڪيڊمي فقط روس ۾ هئي ۽ ٻي بمبئي (هندستان) ۾. جپان ۾ به نه هئي. ان بعد 1962ع ۾ چٽگانگ (بنگلاديش) جي ڀرسان هڪ ٻيٽ “جُلديا” تي کلي ۽ هر سال مشرقي ۽ مغربي پاڪستان مان انٽر سائنس (مئٿس) پاس ڪيل اميدوارن مان پنجاهه کن هن اڪيڊميءَ لاءِ چونڊيا ويا ٿي، جن مان اڌ شاگرد مئرين انجيئرنگ برانچ لاءِ ۽ اڌ ناٽيڪل (Navigation) برانچ لاءِ. انٽر ڪرڻ بعد 1963ع جي شروعات ۾ آئون به هن اڪيڊمي ۾ مئرين انجنيئرنگ ڪئڊٽ جي حيثيت سان چونڊيو ويو هوس. 1971ع کانپوءِ پاڪستان لاءِ نئين اڪيڊمي ڪراچيءَ ۾ هاڪس بي ڏي ويندڙ رستي تي هڪ ڳوٺ “ماريپور” ۾ ٺهي. 1975ع ڌاري ملائيشيا، سنگاپور، سريلنڪا ۽ ايران جهڙن ملڪن پاڻيءَ جا جهاز ورتا، جن کي شروع ۾ اسان پاڪستاني هلائيندا هئاسين ۽ پنهنجن ملڪن جا ماڻهو تيار ڪرڻ لاءِ هنن پنهنجا نوجوان هندستان، بنگلاديش ۽ پاڪستان جي مئرين اڪيڊمين ۾ موڪليا. پر پوءِ جيئن جيئن کين وڌيڪَ آفيسرن جي ضرورت پوندي ويئي، تيئن تيئن هر ملڪ پنهنجي مئرين (يا مئريٽائيم) نالي اڪيڊمي کولڻ شروع ڪئي. ايران پنهنجي اڪيڊمي “ڇابهار” نالي بندرگاهه ۾ کولي ۽ اها اڪيدمي اتي جي بلوچستان يونيورسٽي سان لاڳاپيل آهي. عربن شارجا ۾ کولي ته مصرين السڪندريا ۾. ملائيشيا جي هڪ پراڻي شهر ۽ بندرگاهه ملاڪا ۾ جهاز جي خلاصين لاءِ هڪ اسڪول اڳهين هو، اتي هنن 1982ع ڌاري مئرين اڪيڊمي کولي جنهن لاءِ هنن کي پڙهائڻ وارن جي ضرورت هئي. ان لاءِ ملائيشيا حڪومت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اشتهار ڏنا ته جهازن جا ڪئپٽن يا چيف انجنيئر جيڪڏهن پڙهائڻ چاهين ته هن اڪيڊمي ۾ نوڪريءَ لاءِ درخواست موڪلين. آئون جهاز جو چيف انجنيئر ٿي چڪو هوس ۽ مونکي ماستريءَ جو شوق هو ۽ ڪجهه عرصي کان ڪراچيءَ جي PNSC مئرين ڪاليج ۾ “Post Sea” وارن کي پڙهائي رهيو هوس.
جهاز جي آفيسرن کي ڪناري جي نوڪري جهاز جو ڪئپٽن يا چيف انجنيئر ٿيڻ بعد ملي ٿي. ملائيشيا جي هن مئرين اڪيڊمي ۾ “مئرين انجنيئرنگ” جا سبجيڪٽ پڙهائڻ لاءِ مون کي پڻ چونڊيو ويو. مون کان علاوه پاڪستان مان هڪ ٻيو چيف انجنيئر مرحوم آصف غيور هو ۽ ناٽيڪل برانچ لاءِ درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ۽ لاهور جو ڪئپٽن ذوالفقار عباسي چونڊيو ويو هو. ڪئپٽن ذوالفقار سان منهنجي ملائيشيا ۾ واقفيت ٿي، باقي چيف انجنيئر آصف ۽ ڪئپٽن مخدوم سان پهرين ڪاليج ۾ ۽ پوءِ اڪيڊمي جي ڏينهن کان ڄاڻَ سڃاڻ هئي. سندن تفصيلي احوال ملائيشيا ۽ سنگاپور بابت سفرنامن: “مڪلي کان ملاڪا”، “سنگاپور ويندي ويندي” ۾ اچي چڪو آهي. سال سوا بعد ٽي ٻيا ڪئپٽن پاڪستان کان آيا. ڪئپٽن سيد محمد سليم، ڪئپٽن عرفان فاروقي (جنهن جي زالَ ڊاڪٽر نرگس قاضي پاٽ/دادو جي قاضي فئملي مان آهي) ۽ ڪئپٽن عثمان. اسان پاڪستانين کان علاوه ٻيا انڊيا، برما، انڊونيشيا، سنگاپور ، انگلينڊ وغيره جا هئا. هڪ سک ڪئپٽن سردار تيجپال سنگهه سوڍي پڻ هو.
ملائيشيا جي هيءَ اڪيڊمي ملاڪا شهر کان چاليهه ڪلوميٽر کن اتر ۾ ۽ سؤ ڪلوميٽر کن ڪوالالمپور کان ڏکڻ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آهي. اسان Expatriates (نوڪريءَ لاءِ آيل ڌارين ملڪن جي ماڻهن) لاءِ رهائش اڪيڊمي ڪئمپس ۾ ئي هئي. موڪل جي ڏينهن تي خريداري يا چڪر لاءِ ملاڪا شهر ويندا هئاسين. گهڻا ڏينهن موڪل تي ڪوالالمپور ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن: جوهوربارو، اپوح، پينانگ، شاهه عالم وغيره گهمڻ لاءِ هليا ويندا هئاسين يا وري ڀر وارن ملڪن: سنگاپور، ٿائيلنڊ يا انڊونيشيا ويندا هئاسين. انڊونيشيا سمنڊ رستي باقي ٿائلنڊ ۽ سنگاپور باءِ روڊ يا ريل گاڏيءَ ۾ وڃڻ ٿيندو هو.
آئون ملاڪا ۾ 1990ع جي آخر تائين اٽڪل اٺ سال کن يڪا رهيس. ان وچ ۾ فقط هڪ دفعو 1987ع ۾ ڳوٺ (پاڪستان) اچڻ جي ڪجهه هفتا موڪل ملي هئي. باقي ويجھڙائيءَ وارن شهرن ۽ ملڪن ۾ هر وقت چڪر لڳندا رهيا ٿي. هن ڪتاب ۾ گهڻو تڻو احوال ملائيشيا جي ٻن اهم شهرن: ڪوالالمپور ۽ پينانگ جو آهي.
ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي ملڪن ۾ کڻي گرم مسالو ٿئي ٿو، جنهن ڪارڻ ڌارين ملڪن جا ـــ خاص ڪري چين، عرب، ننڍي کنڊ ۽ يورپ جا ماڻهو آيا ۽ هي ملڪ مشهور ٿيا پر حقيقت ۾ هنن ملڪن جي مشهوري ۽ اهميت کين سندن جاگرافيائي حالتن ڪري ملي. اهي ساڳيا ملڪ هڪ ٻئي جي ويجھو هجڻ بدران جيڪڏهن پري ڌار ڌار ڪٿي وچ سمنڊ ۾ هجن ها ته سندن ڄاڻَ ۽ مانُ پاپانيوگني جهڙو يا وڌ ۾ وڌ فلپين جيترو هجي ها. ڪو ڪم سانگي ئي اچي نڪري ها باقي هلي ملي نه اچي ها.
ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کان پهرين هندي وڏو سمنڊ آهي، جنهن جو به خوفناڪ حصو خليج بنگال آهي ۽ ٻئي پاسي ڏکڻ چيني سمنڊ آهي. اهو سمنڊ به سال جو وڏو حصو بگڙيل ئي ملي ٿو. اهي سمنڊ اُڪرندي غريب جهازين ۽ جهاز جو سر رليو ٿو وڃي. طوفان ۽ سامونڊي ڇوليون اڄ جي ماڊرن جهاز ۽ ان جي هلائيندڙ کي به بيزار ڪريو رکن، پراڻي زماني ۾ ته اهي سمنڊ ٽپڻ نئين حياتي ماڻڻ هوندو هو. اهڙيءَ حالت ۾ ملاڪا نار ۾ پهچڻ سان فرحت اچيو وڃي. “ملاڪا نار” انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي وچ واري سامونڊي گهٽي آهي. ملائيشيا سان انڊونيشيا جا ٻيٽ (جاوا، سماترا، بالي وغيره) نه مليل آهن ۽ نه گهڻو پري آهن. ٻن وڏن سمنڊن جي وچ ۾ ملاڪا نار (Malacca Strait) ڄڻ هڪ گهٽي ٿي، جنهن ۾ پهچڻ سان ڇولين ۽ طوفانن جو اثر ختم ٿيو وڃي ۽ سنگاپور تائين ڏينهن ٻن جو سفر آرام سان گذري ٿو. ملاڪا نار ۾ جهاز جهڙو تالاب ۾ پيو هلي. اڄ به ملاڪا نار جو هي سفر هندي وڏي سمنڊ جي هفتي جي سفر جو ٿڪ ڀڃيو ڇڏي ۽ اڳتي چيني سمنڊ لتاڙڻ جو حوصلو ۽ همت ڏئي ٿو. سو هيءَ ملاڪا نار نه فقط اڄ جي جهازين لاءِ اهم آهي پر اڳئين زماني جي جهازين لاءِ اڄ کان به وڌيڪَ اهم هئي. هو چين کان هندستان ۽ عرب ملڪن ڏي ويندي يا يورپ جا جهازي چين ڏي ايندي هن نار مان لنگهيا ٿي. پوءِ ڪي ساڄي پاسي انڊونيشيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ ته ڪي کاٻي پاسي ملائيشيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ لنگر ڪيرائي ڏينهن جا ڏينهن بلڪه مهينا ترسيا ٿي، جيسين موسم بدلجي ۽ هوا جي رُخَ ڦرڻ مان فائدو وٺي سڙهن وارا ٻيڙا هلي سگهن. انهيءَ ترسڻ واري پيرڊ ۾ هنن پنهنجي جهازن کي رسيل نقصان جي مرمت ڪئي ٿي. ٿڪ ڀڳو ٿي. ڪيترن ته اڳتي وڃڻ بدران اتي ئي ٻي ڌر کي سامان وڪڻي ڏنو ٿي، جيڪا Transshipment اڄ به هن پاسي عام آهي. ڪيترن عربن، بنگالين، گجراتين، ملبارين ۽ چينين ته هتي گهر وٺي رهائش شروع ڪئي، پوءِ هِتي ئي شاديون مراديون ڪيائون يا پنهنجي وطن مان پرڻجي وري موٽي آيا. انهن جا ٺهرايل مندر، مسجدون، پگوڊا ۽ ٽڪاڻا اڃا تائين قائم رکيا ويا آهن.
اڳتي هلي جڏهن ڪَلَ جا جهاز نڪتا ته ڊچن، پورچوگالين، انگريزن، فرينچن پنهنجي طاقت وڌائڻ لاءِ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا تي قبضو ڪيو. هنن کي مسالن هڪ طرف موهيو ته ٻئي طرف ملاڪا نار جي ماٺي سمنڊ ڪري سندن هتي پهچڻ سولو هو ۽ هنن ملڪن کي قبضي ۾ ڪرڻ کانپوءِ هتان لنگهندڙ هر ملڪ جي جهاز کي اک ۾ رکڻ ۽ پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ سولو ڪم ٿي پيو.
ڪوالالمپور شهر سمنڊ جي ڪناري تي نه آهي. ان ڪري پراڻن ڏينهن ۾ ڪوالالمپور ڪجهه به نه هو. پينانگ، ڪلانگ اهم شهر ۽ بندرگاهه هئا. اڄ کان ڏيڍ سؤ کن سال اڳ (1850ع ڌاري) هن هنڌ تي جتي هاڻ ڪوالالمپور آهي، ٽين جون کاڻيون مليون ۽ راجا عبدالله ۽ راجا جمعت جهڙن ملئي سردارن چينين کي گهرائي کوٽائي شروع ڪئي ۽ ماڻهو جهوپڙيون ٺاهي رهڻ لڳا. هي اهو هنڌ هو جِتي هتي جي ڪلانگ ۽ گومباڪ نديون اچيو ملن ٿيون. ٽين جي کوٽائي ۽ وڪري ڪري اوسي پاسي جي ملڪن جا غريب پورهئي لاءِ هتي اچڻ لڳا ـــ خاص ڪري چين ملڪ کان. نالي ماتر سلطان راجا هتي جا ملئي مسلمان هئا پر مٿانهون هٿ انگريزن جو هو، جن سڄي ملائيشيا مان ڊچن ۽ پورچوگالين کي موڪل ڪرائي ڇڏي هئي. پورچوگالي مٿي مڪائو کان وڃي نڪتا، باقي انڊونيشيا کي ڊچ چهٽيا رهيا، تان جو سوڪارنوءَ انڊونيشيا کي آزادي ڏياري ۽ هيڏانهن تنڪو عبدالرحمان ملائيشيا کي انگريزن کان جان ڇڏرائي.
انگريزن جي هڪ ڳالهه تعريف جوڳي آهي ته جنهن به ملڪ تي قبضو ڪيائون ٿي ان تي ٻين يورپي ملڪن جي حڪومتن وانگر ڦرلٽ ضرور ڪيائون ٿي پر ساڳي وقت ان ملڪ کي ٺاهڻ جي به ڪوشش ڪيائون ٿي. ملائيشيا ۾ انگريزن رستا ۽ اسڪول ٺاهيا، اسپتالون ۽ ريلوي اسٽيشنون ٺاهيائون. تار ٽپال ۽ پوليس کان وٺي عدالتن جو نظام ڏنائون. ملائيشيا ۾ جيئن ئي ٽين ايجاد ٿيو ته ان ڪم لاءِ چين مان چيني ماڻهو گهرايا ويا. ربڙ جي پوک لاءِ ڏکڻ هندستان کان ماڻهو آندا ويا، جيڪي سخت گرمي ۽ مينهوڳيءَ ۾ گهاٽن بيلن ۾ ڪم ڪري سگهن ٿا. واپار وڙي ۽ دڪاندارن لاءِ انگريزن سنڌي هندن ۽ گجراتين جي همت افزائي ڪئي. پوليس، چوڪيداري ۽ فوج لاءِ پٺاڻ، پنجابي ۽ گوکا آيا. اڄ به ملائيشيا ۾ اصلي ملئي مسلمانن کان وڌيڪَ نه ته اوترائي چين ۽ ننڍي کنڊ جا ماڻهو رهن ٿا، جن مان ڪجهه ته صدين کان ٿورا ٿورا ٿي آيا پر گهڻا تڻا گاڏن جي حساب سان انگريزن جي دور ۾ آيا. ملائيشيا ۾ ٽي چٽيون چپاٽيون قومون رهن ٿيون: هڪ “ملئي” (جيڪي سڀ مسلمان آهن) ۽ بوميپترا ـــ يعني ڌرتيءَ جا پٽ سڏجن ٿا. ٻي قوم “چيني” سڏجي ٿي، جيڪي گهڻي ڀاڱي ٻڌ آهن. ڪجهه عيسائي ۽ لامذهب آهن. هنن جون کوڙ زبانون آهن. ڇو ته هو چين جي هڪ صوبي بدران مختلف صوبن مان ملائيشيا ۾ آيا. چينين جون خاص زبانون ڪئنٽونيز، منڊارن، هڪا، ٽيوچو وغيره آهن. اهوئي سبب آهي جو چيني پاڻ ۾ ملڻ وقت ملئي يا انگريزي ڳالهائين ٿا جو هڪڙن چينين کي ٻين چينين جي چيني زبان سمجهه ۾ نٿي اچي. ٽين قوم “انڊين” سڏجي ٿي، جنهن ۾ تامل، مدراسي، گجراتي، ملباري، سک، هندو سنڌي، ويندي اهي پنجابي ۽ پٺاڻ اچي وڃن ٿا، جن جا ورهاڱي بعد مٽ مائٽ هاڻ پاڪستان ۾ آهن، ۽ گورکا ۽ بنگالي پڻ اچي وڃن ٿا.
انگريزن 1947ع ۾ ننڍي کنڊ کي ڇڏيو ۽ 31 آگسٽ 1963ع تي ملائيشيا کي آزادي ڏني. سندس پهريون وزير اعظم تنڪو عبدالرحمان ٿيو، جيڪو ملائيشيا جي وڏي سياسي پارٽي “يونائيٽيڊ ملئيز نئشنل آرگنائيزيشن” (UMNO) جو ليڊر هو. ان بعد تن عبدالرزاق پرائيم منسٽر ٿيو. ٻنهي وڏي تدبر ۽ عقلمنديءَ کان ڪم وٺي علائقائي جھيڙا ختم ڪرايا. ڪميونسٽ عناصر کي قابوءَ ۾ رکيو. چيني آباديءَ جي ٻي چيني دور ڪئي. سنگاپورر جي علحدگي ۽ انڊونيشيا سان اختلافات ختم ڪرايا ۽ ان سان گڏوگڏ ملئي قوميت جي تصور کي حقيقت جي شڪل ڏني. ان تاريخي پس منظر ۾ 1981ع ۾ مهاتيرمحمد جوان ۽ جوش واري قائد جي صورت ۾ ملائيشيا جي سياسي افق تي نموندار ٿيو ۽ سترهن سال گذرڻ بعد به حڪومت جون واڳون هن جي هٿن ۾ آهن. مهاتير جي ان ڊگهي حڪومت ۾ ملائيشيا تمام گهڻي ترقي ڪئي. کليل مارڪيٽ هجڻ ڪري ماڻهو هتي گهڻي پئماني تي پئسو سيڙائڻ لڳا. چوڌاري ڪارخانا کلي ويا. امن امان ۽ قاعدي قانون جو معيار سخت ڪيو ويو. نتيجي ۾ ٿوري ئي عرصي ۾ ملائيشيا جو سڪو رِنگٽ (ڊالر) دنيا جي مضبوط ترين ڪرنسين ۾ شمار ٿيڻ لڳو. رٻڙ، تيل ۽ پام آئل مان به خوب پئسو اچڻ لڳو. ڏسندي ئي ڏسندي هي ملڪ يورپ جي سراواڪ ملڪن جهڙو ٿيڻ لڳو. صاف سٿرو. ماڊرن ۽ سهولتن وارو. دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت جاڙا ٽاور (Petronas Twin Towers) ملائيشيا جي ترقيءَ جو ڏيکُ ڏئي ٿي. گذريل سال کان نه فقط ملائيشيا پر ڀر وارا ملڪ انڊونيشيا، ٿائلنڊ وغيره اقتصادي بهران ۾ اچي ويا. آهن _ ڏسندي ئي ڏسندي سياسي مسئلا به وڌي ويا آهن، جن هڻي انڊونيشيا جي سهارتو جهڙي کي ڊاهي رکيو، جيڪو گذريل پنجٽيهه سالن کان لٺ سردار بنيو ويٺو هو. ملائيشيا ۾ مهاتير جي جانشين نائب صدر انور ابراهيم جي گهوٽالي سڄي ملڪ کي لوڏي رکيو آهي ۽ هڪ ملڪ کي ترقيءَ جي اوچائين کي ڇهي ائين ڪرندو ڏسي ڏک ٿئي ٿو.
آزاديءَ کان اڳ ملائيشيا “ملايا” سڏي ويندي هئي. اڄ جي ملائِشيا ۾ تيرهن رياستون آهن، جن مان يارهن: جوهور، ملاڪا، پهانگ، سلينگور، پيراڪ، پينانگ، پرلس، ترنگانو، ڪيداح، نينگري سيمبيلان ۽ ڪئانتان “ويسٽ ملائيشيا” سڏجي ٿو ۽ ٿائلنڊ ۽ سنگاپور جي وچ ۾ آهي. باقي ٻه رياستون: صباح ۽ سرواڪ بورنيو ٻيٽ تي برونائي ڀرسان آهن. اهي ٻه رياستون “ايسٽ ملائيشيا” سڏجي ٿي.
ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان نون جو والي وارث اتي جو سلطان آهي. انهن نون سلطانن مان واري وٽيءَ تي هڪ هڪ پنجن سالن لاءِ سڄي ملائيشيا جو بادشاهه ٿي رهي ٿو. باقي چئن رياستن: ملاڪا، پينانگ، صباح ۽ سراواڪ جو حاڪم گورنر ٿئي، جنهن کي ملڪ جو بادشاهه مقرر ڪري ٿو. بهرحال سلطان ۽ گورنر فقط نالي جا “هيڊ” ٿين. ملڪ ۾ باقاعدي اليڪشنون ٿين ۽ ملڪ جو انتظامي ڪاروبار وزير اعظم هلائي (جيڪو ملئي زبان ۾ پرڌان منتري سڏجي ٿو.) ۽ رياستن جو چيف منسٽر ـــ جيئن پاڻ وٽ صوبن ۾ آهي. (چيف منسٽر کي ملئي زبان ۾ “مينتري بيسار” سڏين.)
مختلف رياستن جي سلطانن جي ٻارن جي پاڻ ۾ شادي ٿيڻ ڪري پاڻ ۾ مٽي مائٽي به آهي ته ڪڏهن ڪڏهن سندن هڪ ٻئي سان تلخيون به لڳيون رهن ٿيون. گهڻي پئسي ۽ پاور ڪري سندن ڪجهه ڪجهه ٻارن جو رجحان عياشي ڏي به آهي پر گهڻي ڀاڱي سڀني سلطانن جا مٽ مائٽ ۽ ٻار اعليٰ تعليم يافته آهن. واپار ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ ماهر آهن ـــ بقول هڪ يورپين جي ته ملائيشيا جي هنن سلطانن جي سلطاني هلي وڃي ته به هنن کي پرواهه نه رهندي، جو هو پڙهيل ڳڙهيل هجڻ کان علاوه عام ماڻهوءَ وانگر روزگار ڪمائي ڄاڻن ٿا. سندن ملائيشيا ۾ توڙي ملائيشيا کان ٻاهر وڏيون نوڪريون، واپار ۽ فئڪٽريون آهن، جيڪي هنن ڦرمار ڪري نه پر محنت مزدوري ڪري، پئسي کي صحيح طرح Invest ڪري، ان فيلڊ جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ۽ سکيا وٺي حاصل ڪيون آهن.
ملائيشيا جي هنن سلطانن (جن مان هر هِڪُ واري تي سڄي ملڪ جو بادشاهه ٿئي ٿو). جي شان شوڪت، مال دولت کي ٿو ڏسجي ته اسان جا پير، مير، وڏيرا، چوڌري ڪجهه به نه آهن. هي جي چاهين ته سندن ست پيڙهيون بنا محنت جي گهر ويٺي ويهي کائين پر مون ڪيترن جي گهرو زندگيءَ جو جائزو ورتو آهي ته تعجب ٿو لڳي ته هو پنهنجن ٻارن کي عيش ۽ آرام جي زندگي گذارڻ جي ترغيب ڏيڻ بدران هنن کي عام ٻارن کان به وڌيڪَ تعليم ۽ تربيت ڏين ٿا. کين مشڪل زندگي گذارڻ جي سکيا ڏين ٿا ۽ نه فقط پٽ ٻارن کي پر ڌيئرن کي پڻ. نماز روزي (مذهبي ڪمن) سان گڏ مغربي تعليم، رانديون رونديون، ڪسرت ڪرڻ لاءِ ترجيح ڏين ٿا. هنن جو ڏينهن فجر نماز کان شروع ٿئي ٿو ته رات وڃيو ٿئي. هڪ مولوي پـڙهايو وڃي ته انگريزيءَ جو ٽيچر يا راندين جو ڪوچ ڪجهه نه ڪجهه سيکارڻ لاءِ اچي ٿو. اهڙيءَ طرح هنن جا ٻار سڄو ڏينهن پڙهائي، علم ۽ هنر سکڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن ۾ مشغول رهن ٿا جن سان سندن ذهني توڙي جسماني صحت صحيح رهي ٿي. ملڪ جي قاعدي قانون جي نه فقط عام ماڻهو پر حاڪم ۽ سلطان به عزت ڪن ٿا ـــ جنهن جا مثال اسان جهڙن ماڻهن لاءِ حيرت ۾ وجھندڙ آهن. بلڪه اسان کي هتي جي ماڻهن ۽ حاڪمن جون ڳالهيون ٻڌي غيرت ۽ شرم اچڻ کپي ۽ هنن جون هي سٺيون ڳالهيون سکي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ کپي.
هڪ رياست جي سلطان جي پٽ شهر ۾ گاڏي تيز رفتاريءَ سان هلائي. پوليس سندس چالان هڪ طرف ڪيو ۽ پيءُ کي خبر پيئي ته هن ماڻهن اڳيان پٽ کي ٿڦڙ وهائي ڪڍي ته اهڙي ٽرڙپائي ڇو ڪئي! ۽ اسان وٽ ـــ؟ اسان وٽ وڏ ماڻهپي ئي اهڙي ٽرڙپائي ڪرڻ ۾ سمجھي وڃي ٿي.
ملائيشيا ۾ غلط ڪم ڪرڻ تي هڪ ڇوڪراٽ پوليس وارو به توهان کي نه ڇڏيندو. باقي هونءَ ڪجهه پڇڻ لاءِ يا ڪنهن مدد لاءِ پوليس جي اعليٰ عملدار سان ڳالهائيندائو ته هو توهان کي انگريزيءَ ۾ sir يا ملئي ۾ انچڪ (جناب) ۽ تئان (عزت ماب) چئي مخاطب ٿيندو. هڪ پوليس جي ڊي ايس پي رئنڪ جي آفيسر کان ان جو سبب پڇيم ته وراڻيائين: “عوام ئي ته اسان جي باس آهي. ان جي ئي ته ڏنل ٽئڪس مان اسان کي پگهارون ملن ٿيون. ڏوهاريءَ کي ڇڏي باقي ماڻهو اسان لاءِ باعزت آهن ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ اسان جو فرض آهي.”
هڪ دفعي آئون پنهنجي آفيس جي اعليٰ عملدار داتڪ ڪئپٽن حمزه بن نور سان گڏ ملاڪا کان ڪوالالمپور ڪنهن سرڪاري ڪم سان سندس سرڪاري نشان واري مرسيڊيز ڪار ۾ وڃي رهيو هوس. سندس ٽرڙو ڊرائيور ڪن ڪن هنڌن تان اجائي سجائي اوورٽيڪ ڪندو رهيو. هڪ هنڌ پوليس جي نظر کان بچي نه سگهيو ۽ پوليس واري موٽر سائيڪل تي کانئس اڳ نڪري اچي گاڏي جھلي. اسان وٽ ڪهڙو پوليس وارو ڪنهن سرڪاري گاڏي کي جھلي سگهندو سو به تڏهن جڏهن ڪو سرڪاري ڪامورو يا فوجي ان ۾ ويٺو هجي!
پوليس واري ڊرائيور کي گاڏيءَ مان لهڻ جو حڪم ڏيئي پاڻ ڏي سڏيو ۽ تيسين پاڻ چالان جي پرچي لکڻ لڳو. پوئين سيٽ تي منهنجي ڀر ۾ ويٺل ڪئپٽن حمزي ساڳي لهجي ۽ سڪون سان مون سان ڪندڙ ڳالهه جاري رکي، جيڪا هن پوليس واري جي پيڇو ڪرڻ کان اڳ شروع ڪئي هئي. ڊرائيور گاڏي بيهاري پنهنجو لائسنس کڻي هيٺ لٿو ۽ پوليس واري ڏي ويو ته به اسانجو هي وڏو عملدار (ڪئپٽن حمزو) جيڪو نه فقط هڪ وڏي درجي جو آفيسر آهي پر ملڪ جي بادشاهه جو پڻ خاص ماڻهو آهي، سو ساڳي Composed نموني سان ڳالهائيندو رهيو، ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه ٿي هجي. آئون جنهن ملڪ جو ۽ جنهن ماحول کان واقف هن قسم جي هيءَ واردات ڏسي وائڙو ٿي ويس ۽ سندس ڳالهه ٻڌڻ بدران لوڻا ڦيرائي ڪڏهن ڊرائيور کي پيو ڏسان ته ڪڏهن پوليس واري کي. ساڳي وقت پنهنجي باس جي چهري کي پيو ڏسان ته هو ڪيئن ٿو React ڪري. اسان جي حساب سان ته هن کي ان ڳالهه کي پنهنجي بي عزتي سمجهي هڪ “خصيص” پوليس واري کي دٻ ڪڍڻ کتي ٿي يا پنهنجي ڊرائيور کي ڪار بيهارڻ يا هيٺ لهڻ کان منع ڪرڻ کتو ٿي. پر هن اهڙي سڪون سان ڳالهه قائم رکي، ڄڻ اسان ڪنهن ٻي دنيا ۾ ته کڻي نه پر ٻي ڪار ۾ هجون ۽ هيءَ واردات ڪنهن ٻئي ڪار جي ڊرائيور سان ٿي رهي هجي، جنهن سان اسان جو واسطو نه هجي.
ٿوري دير بعد ڊرائيور پنهنجو “منهن” ۽ هٿ “ ۾ چالان جي پرچي” لڙڪائي اچي ڪار ۾ ويٺو ته به اسان جي باس کانئس نه پڇيو ته ڇا ٿيو. ڊرائيور ڪار هلائڻ کان اڳ پنهنجو بيلٽ ٻڌندي هيڻي آواز ۾ چيو:
“داتڪ! پوليس چالان ڪيو آهي”
“پوءِ؟” ڪئپٽن حمزي مون کي ٻڌائيندڙ ڳالهه کي جھلي ڊرائيور کي مخاطب ٿيو، “ڪار تيز هلائيندين ته چالان ته ضرور ٿيندو.”
“سائين ڪجهه ڪريو، هڪ اڳ به ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ باقي هڪ موقعو ٿو بچي.”
(پڙهندڙ جي معلومات لاءِ: هتي ٽي دفعا ان قسم جا ڏوهه ڪرڻ تي ڊرائيونگ لائسنس ڪئنسل ٿيو وڃي.)
اسان جي صاحب پنهنجي صاحبي ۽ آڪڙ جو مظاهرو ڪري وچ ۾ ٽپڻ ۽ پوليس جي ڊيوٽيءَ ۾ رُخنو پيدا ڪرڻ بدران پنهنجي ڊرائيور کي چيو:
“ڏوهه ڪيو اٿئي ته ان جي سزا ته ضرور ڀوڳڻي پوندي.”
هي اهو جملو آهي جيڪو ملائيشيا، سئيڊن، سعودي عرب ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ ـــ جتي ماڻهو قانون جو خيال ۽ احترام ڪن ٿا، توهان کي پنهنجي دوست آفيسرن کان به ٻڌڻ ۾ ايندو. اهوئي سبب آهي جو ههڙن ملڪن ۾ ننڍو توڙي وڏو ڪنهن به قسم جو ڏوهه ڪندي ڊڄي ٿو، جوهن کي خبر آهي ته ڏوهه بعد بچاءُ مشڪل آهي. ڏوهه ڪرڻ تي سزا ضرور ٿيندي ۽ ڪو به دوست يا مائٽ بچائي نٿو سگهي.
پوليس واري ڪتابڙي ۽ پين کيسي ۾ وجھي پنهنجي موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪئي ۽ اسان جي ڪار وٽ گهڙي کن ترسي اسان کي نئڙت سان چيو: “سائين مون کي افسوس آهي توهان جو وقت ضايع ٿيو پر آئون مجبور آهيان. ڊيوٽيءَ جو معاملوآهي.” جواب ۾ اسان جي صاحب مرڪي سندس همٿ افزائي ڪئي. مون محسوس ڪيو ته اسان جي ملڪ ۾ ڏوهه ڇو وڌي رهيا آهن؟ ڏوهاريءَ کي بچائي فخر محسوس ڪريون ٿا ۽ ههڙن ملڪن ۾ “ڏوهاري” کي نه پر “ڏوهاريءَ کي جھلڻ واري” جي همت افزائي ڪري فخر محسوس ڪن ٿا.
ٿورو اڳتي هلي ڪئپٽن حمزي مون کي انگريزيءَ ۾ چيو:
“هي اسٽوپڊ ڊرائيور سمجي ٿو ته صاحب گاڏيءَ ۾ ويٺو آهي ته کيس هر ڳالهه جو لائسنس ملي ويو ڇا؟ آئون پاڻ هيڏو آفيسر هوندي به ٽرئفڪ جي ڪنهن قانونَ جي ڀڃڪڙي نٿو ڪريان.”
اها حقيقت آهي ته اسان جو باس ڪئپٽن حمزو واقعي جڏهن پاڻ گاڏي هلائيندو آهي ته آڌي رات بعد جڏهن رستن تي ٽرئفڪ نه هوندي آهي ته به ڳاڙهي سگنل تي بيهي رهندو آهي ۽ تيسين نه هلندو آهي جيسين اهو سائو نه ٿئي. هڪ دفعي اهڙي موقعي تي مون کلندي چيومانس:
“داتڪ! تيادا ڪيريٽا ڪيريٽا. بوليح جالان.”
(رستا سنسان لڳا پيا آهن، سگنل کي هڻ کڏ ۾!)
“نه يار!” هن وراڻيو ۽ انگريزيءَ جو هڪ قول ورجايو:
“law breaker is an accident maker.”
سو انهن مثالن مان پڙهندڙ هنن ملڪن ۽ ماڻهن جي نفسيات، ڪلچر ۽ ترقيءَ جو اصل راز معلوم ڪري سگهي ٿو ـــ يعني قاعدي قانون جي عزت ڪرڻ، ۽ قاعدو قانون نه فقط غريب لاءِ پر امير ۽ حاڪم لاءِ پڻ آهي. ۽ سڀ کان وڌيڪَ ان کان ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو ته هڪ سلطان (سندس پٽ يا مائٽ به نه پر پاڻ خود) راند سيکاريندڙ ڪوچ کي ٿڦڙ هنئي ته ان تي به ڪورٽ ڪيس هليو!
ملائيشيا جي هيءَ مئرين اڪيڊمي جنهن ۾ مون اٺ سال کن ڪم ڪيو، مغربي (ويسٽ) ملائيشيا ۾ آهي. ٿوري گهڻي چوري چڪاري يا ٻيا ڏوهه ته ملائيشيا ۾ ضرور آهن پر گهڻي ڀاڱي امن آهي. ان ڪري ڏينهن جو توڙي رات جو ننڍا وڏا، ويندي نوجوان ڇوڪريون ۽ ڌاريان ٽوئرسٽ نه فقط ملائيشيا جي هڪ شهر يا هڪ رياست کان ٻي رياست ۾ بس، ٽئڪسي ۽ ريل رستي ايندا ويندا رهن ٿا پر ملائيشيا جو ملڪ ٽپي هڪ پاسي ٿائلنڊ ته ٻئي پاسي سنگاپور کان وڃيو نڪرن.
ملاڪا ۾ رهندڙ اسين پاڪستاني ۽ ٻين ملڪن جا نوڪريون ڪندڙ پڻ موڪل مطابق ويجھن يا ڏورانهن شهرن جو سير ڪندا رهياسين ٿي. گهڻو ڪري سڀ جهازي هئاسين، ان ڪري ڪيترا دفعا اڳهين هتي پنهنجن جهازن ذريعي اچي چڪا هئاسين. ان ڪري هتي جي شهرن، بندرگاهن ۽ سامونڊي گهٽ گهيڙن کان اڳ جا واقف هئاسين. آئون به ڪيترائي ڀيرا جهاز ذريعي ملائيشيا جي مختلف بندرگاهن ۾ اچي چڪو هوس۔ چين، جپان‏، هانگ ڪانگ، ڪوريا ويندي وقت به اهاني بهاني ڪارگو کڻڻ لاءِ، جهاز جي مرمت لاءِ يا جهاز جي انجڻ لاءِ تيل پاڻي کڻڻ لاءِ ملائيشيا جا بندرگاهه ۽ هتي جي ماحول، ماڻهن، موسم ۽ ويندي زبان کان ٿورو گهڻو اڳهين واقف هوس، ان ڪري جڏهن به موقعو مليو ٿي ته اڪيلي يا سنگت سان گهمڻ لاءِ نڪري پيس ٿي. ڌارئين ملڪ ۾ گهمڻ ڦرڻ جو مزو اڃان به وڌيڪَ رهي ٿو، جيڪڏهن توهان کي ان ملڪ جي زبان اچي وڃي، ان جو کاڌو پيتو پسند اچي وڃي ۽ مڪاني ماڻهن جي رسم رواج ۽ ڪلچر جي ڄاڻَ ٿي وڃي. هونءَ به چوندا آهن ته جنهن ملڪ ۾وڃجي اتي جي ماڻهن جي زبان، مذهب ۽ ڪلچر جي عزت ڪجي.
جيسيتائين منهنجو ملائيشيا رهڻ ٿيو، تيسيتائين سنگاپور ۽ ٿائلنڊ وڃڻ لاءِ اسان پاڪستانين کي ويزا وٺڻ جي ضرورت نه پوندي هئي ۽ پوءِ آخري ڏينهن ۾ آهستي آهستي ٿي اسان ڌارين جي اچڻ وڃڻ تي ٿوريون گهڻيون سختيون شروع ٿي ويون ۽ هاڻ نه فقط سنگاپور ۽ ٿائلنڊ پر ملائيشيا وڃڻ لاءِ به ويزا اڳواٽ پنهنجي ملڪ مان وٺڻي پوي ٿي.
ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور، ٿائلنڊ وغيره هن صديءَ جي اڌ تائين ڪي امير ملڪ نه هئا. پئسي دولت ۾ به غريب هئا ته ٽيڪنالاجيءَ ۾ به. انڊيا، پاڪستان جهڙا ملڪ هنن کان گهڻو اڳڀرا هئا. پر پوءِ قدرت جي مٿن ڪجهه مهرباني ٿي. ٽين ۽ تيل جهڙيون شيون کين ڌرتيءَ هيٺان ته رٻڙ ۽ پام جون پوکون ڌرتيءَ مٿان ملي ويون. پر انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪَ هنن ملڪن جي ترقيءَ ۾ هتي جي ماڻهن جو هٿ ۽ محنت آهي. وقتي کين ٿاٻا ايندا رهن ٿا پر هو وڃن پيا اڳتي نڪرندا ـــ هر فيلڊ، هر ڪم ۽ هر ڳالهه ۾.

الطاف شيخ
14 نومبر 1998ع
ڪراچي