ڪئلا ڪنگسار ۽ لموت (KUALA KANGSAR DAN LUMUT)
اپوح ۽ ڪئالا ڪنگسار کان علاوه پيراق ۾ ڏسڻ جو ٽيون شهر لموت (Lumut) آهي. جيڪو اپوح کان اٺاسي ڪلوميٽر پري سمنڊ جي ڪناري تي آهي. لموت نيول بيس هجڻ کان به مشهور آهي. ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۽ نيويءَ جا ٻيا ادارا هتي ئي آهن ـــ جيڪي انگريزن جي ڏينهن ۾ سنگاپور يا پينانگ ۾ هوندا هئا.
لموت کان چار ميل پري سمنڊ ۾ پنگڪر (Pangkor) نالي هڪ خوبصورت ٻيٽ آهي. جتي فيريءَ ذريعي اڌ ڪلاڪَ ۾ پهچي سگهجي ٿو. هن ٻيٽ تي ڌارين ملڪن کان آيل ٽوئرسٽن جي رهائش لاءِ ڪيتريون ئي هوٽلون ۽ ريسٽ هائوس ۽ ڪئمپون آهن. آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ يورپ کان آيل واندا سڄو ڏينهن سمنڊ جي ڪناري تي آرام ڪندي نظر ايندا يا وري سئمنگ ۽ اسڪنگ ڪندي. اسان جهڙن لاءِ جن جو اڳهين سمنڊ سان واسطو آهي يا ملاڪا ۾ رهڻ وارو گهر به سمنڊ جي ڪناري تي آهي، اتي پهچڻ ائين آهي جيئن نيو ڪئسل شهر ڏي ڪوئلو کڻي وڃڻ يا جبل هماليا تي برف جي ڳوڙهي کڻي وڃڻ. شهرل حياليءَ (Sharul-Hayali) نالي هڪ ملئي ڪسٽم پوليس جو انجنيئر ملاڪا مان مون وٽان انجنيئرنگ جو ننڍو ڪورس ڪري ويو هو. شهرل آخري هفتو روز لموت اچڻ لاءِ دعوتون ڏيندو هو.
“سائين اپوح پاسي اچو ته لموت مون وٽ ضرور اچجو. توهان کي لانچن ۾ سمنڊ جو سير ڪرائيندس.”
آئون کلي نٽائيندو هوس. “شهرل اتي ڪٿي توکي ڳوليندس.”
“لموت ننڍڙي ته جڳهه آهي. آئون ئي هڪڙو ڪسـٽم جو انجنيئر آهيان.”
“چڱو ائڊريس تنهنجي قابو رکان ٿو.” آئون چوندو هوسانس.
“ان جي به ضرورت ناهي. مون جهڙو گنجو ٻيو توهان کي نظر نه ايندو. لموت پهچي ڪنهن کي به چوندائو ته مون جهڙو گنجو ڪسـٽم آفيسر ڪٿي آهي ته مون کي اچي اطلاع ڪندا.”
لموت جي ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪئالا ڪنگسار يا اپوح وڃڻ ٿيندو آهي ته اتي به جاچيندو هلندو آهيان ته ڪٿي مون جيڏو، مون جهڙو گنجو ۽ مڇن وارو شهرل حيالي ماڻهن جي ميڙ مان نڪري متان مونکي لموت وٺي هلي لانچ ۾ سمنڊ جو سير ڪرائي ۽ سمنڊ جو سهڻو ڪنارو ڏيکاري جيڪو منهنجي لاءِ ايترو ئي “تفريح مند” ٿيندو جيترو ڪنهن باغائيءَ لاءِ سڄو ڏينهن باغ ۾ جھار هڪلڻ بعد شامَ جو موڪل مهل کيس شهر جو چڪر هڻائڻ بدران وري ساڳي باغ ۾ گهلي اچجيس.