ٻاراڻو ادب

مُـڇِـرُمـامـو (با تصوير، ريڊيو ٻال ناٽڪ)

هي ڪتاب ريڊيو ٻال ناٽڪن تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ڄيٺو لالواڻي آهي. مُڇَرُ مامو مزاح سان ڀرپور آهي،
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2006ع ۾ احمد آباد ڀارت مان ڇپايو ويو. جڏهن ته ٻيو ڇاپو ناري پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو.
Title Cover of book مُـڇِـرُمـامـو (با تصوير، ريڊيو ٻال ناٽڪ)

منهنجي سوچ

ٻارو! توهان آڏو مُڇِرُ مامو (باتصوير، ريڊيو ٻالڪ ناٽڪ) پيش خدمت آهي، هن ڪتاب پيش ڪرڻ جو مقصد اِهو آهي ته اوهان کي اندازو ٿي وڃي ته، ڊرامو ڪيئن لکجي ۽ ڪردار ڪهڙي نموني گفتگو ڪن ٿا.
مُڇَرُ مامو مزاح سان ڀرپور آهي، مُڇَرُ مامو توهان کي وڻندو، ڪتاب پڙهي پوءِ مونکي خط ضرور لکجو، اوهان کي مُڇَرُ مامو وڻيو.
ناري پبليڪيشن طرفان ٻارن لاءِ هيل تائين فقط اٺ ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن.
1. سوني زنجير، ليکڪ حميد سنڌي، 2. هڪ ڇوڪري عجيب ملڪ، 3. هنج، جيڪي ترتيب نذير ناز ڏني، چوٿون ڪتاب تازو ”مٺڙي مُرڪ“ ڇپيو آهي. هن ڪتاب ۾ ٻارڙن لاءِ بهترين ڪهاڻيون لکيل آهن جيڪو وينا شرنگي جو لکيل آهي.5. ڪتاب ”شهيد جي ماءُ“ اسان جي بهترين ليکڪ يوسف سنڌي جي لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
هڪ ٻيو ڪتاب ”سرڳ جي ڳولها“ هند سنڌ جي برک ليکڪ موهن ڪلپنا جو لکيل آهي، هي ڪتاب اوهان لاءِ آهن اوهان کي پسند ايندا پڙهي جلدي پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪندا.

اوهانجي پنهنجي

[b]نذير ناز
[/b]حيدرآباد، 2016ع