ٻاراڻو ادب

مُـڇِـرُمـامـو (با تصوير، ريڊيو ٻال ناٽڪ)

هي ڪتاب ريڊيو ٻال ناٽڪن تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ڄيٺو لالواڻي آهي. مُڇَرُ مامو مزاح سان ڀرپور آهي،
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2006ع ۾ احمد آباد ڀارت مان ڇپايو ويو. جڏهن ته ٻيو ڇاپو ناري پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو.
Title Cover of book مُـڇِـرُمـامـو (با تصوير، ريڊيو ٻال ناٽڪ)

4. ڏاهري (لوڪ ڪهاڻيءَ تي آڌار)

ڪلاڪار:
ڏاهري حڪيم
شڪاري چور هڪ
چور ٻه ٻڌرمل
شامون مل مکي
آهنر ڄاڃي
ٻڍي ڇوڪري

[b]درشيه پهريون
ڏاهريءَ جو گهر[/b]

ڏاهري: (خود سان) الاڙي، اما ڙي، مري ويس ڙي!! پيٽ ۾ ڏاڍو سُور ٿو پوي... آ... آ... وڪڙ به پون ٿا... او... او... آ... آ... ڇا ڪريان؟... الاڙي... بابا ڙي... سڀ ڦڪيون ورتيون اٿم... پپرمينٽ پيتو اَٿم... اڙي ڦودني جي ٽڪي به کاڌي اَٿم... پر سڀ بيڪار... ڪجهه به فائدو ڪونهي... ابا... امان... سُور وڌندو پيو وڃي. هاڻي ڇا ڪريان... ڇا کانوان... امان چوندي هئي وڏي ڦوٽي سان سُور لهي ويندو آهي... پر اُهو به ته گهر ۾ نه آهي... اهڙو ڇا کاڌم جو پيٽ سُور مليو... الا... ابا... مري ويس... ڇا ڪريان... ڪاڏي وڃان؟... ها... حڪيم وٽ ٿو وڃان... هو ضرور ڪجهه ڪندو... ها حڪيم... حڪيم... حڪيم... (سنگيت)

[b]درشيه ٻيون
حڪيم جو دواخانو[/b]

ڏاهري: الا... او... آ... مري ويس ڙي... حڪيم صاحب... ڏاڍو پيٽ ۾ سُور آهي. ابا... اما... حڪيم صاحب مون کي بچايو... مون کي بچايو... نه ته مان صفا مري ويندس.
حڪيم: (اسٽول تي وهاريندي) چئه... پيٽ ۾ ڇا ٿو ٿئيه؟
ڏاهري: ڏاڍو سُور آهي... سُور جا دهل ٿا وڄن... وڪڙ ٿا پون... مري ويس ڙي، ساه به ٿو منجهي.
حڪيم: ڪيڏي مهل سُور ٿيو اٿئي؟
ڏاهري: رات کان وٺي.
حڪيم: رات کان سُور اٿئي ۽ مون وٽ هاڻي آيو آهين؟
ڏاهري: گهرو علاج ڪيم... ڦودني ٽڪي کاڌم... پپرمينٽ پيتم... عرق پيتم... سوچيم لهي ويندو... پر پاڻ... سُور وڌي ويو.
حڪيم: چوندا ڪو نه آهن نيم حڪيم خطري جان.
ڏاهري: توهين سچ ٿا چئو... پر منهنجو سُور... الا ڇا ٿيندو؟
حڪيم: (چپٽي وڄائي) چٽڪيءَ ۾ گم ٿي ويندو. پهرين ٻڌاءِ رات ڇا کاڌو هئه؟
ڏاهري: ياد ڪونهي... ها ياد آيو... ڪجهه ته کاڌو هئم... ڇا کاڌو هئم... اهو ياد ڪونهي.
حڪيم: ٺيڪ آهي ياد ڪري وٺ... ها ته ٻڌاءِ ڀلا ڪاڪوس گهڻا دفعا ويو آهين؟
ڏاهري: ويو آهيان؟... ها ويو ته آهيان. پر اهو ياد ڪونهي ته گهڻا ڀيرا...
حڪيم: اهو به ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪر...
ڏاهري: سڀ ياد ڪندس... پر پهرين منهنجو هيءُ سُور... الا... اما... ابا...
حڪيم: تون چنتا نه ڪر. ڦٽا ڦٽ ڀڄي ويندو. دوا اندر...
ڏاهري: دم ٻاهر...
حڪيم: چريا! دوا اندر سُور ٻاهر.
ڏاهري: حڪيم صاحب! ڪجهه به ڪريو... ماريو يا جيئاريو هي سُور... جلدي ڪريو.
حڪيم: (دوا جو ڊوز ڏيندي) هان، هيءُ هڪ ئي ساهيءَ ۾ پي وڃ.
ڏاهري: (پيئندي) اڙي... هيءَ ته ڏاڍي ڪؤڙي اهي... جهڙي زهر.
حڪيم: شاباس جلدي پيءُ... اهو زهر ئي تنهنجي راڪاسي سُور کي ڀڄائيندو...
ڏاهري: پڪ ڀڄائيندو؟
حڪيم: بلڪل پڪ... دوا ۽ حڪيم ۾ وشواس رک.
ڏاهري: سائين... اجهو ٿو هڪ ڳيت ۾ پي وڃان... ڏاڍي ڪؤڙي دوا آهي نه... توهين کنڊ تيار رکو. (دوا پيئي ٿو)
حڪيم: شاباس. هان هيءُ پڙيون وٺ... هن ۾ ڪجهه ڪک اٿيئي. ٽي دفعا پاڻيءَ سان وٺج. ڇهين ڇهين ڪلاڪين کانپوءِ....
ڏاهري: (اوڳرائي ڏيندي) ها... هاڻي ڪجهه آٿت مليو... حڪيم صاحب توهين جيئن چوندا تيئن ڪندس.
حڪيم: هيءُ پڙيون وقت سر ياد ڪري وٺج.
ڏاهري: ضرور... پر حڪيم صاحب کاڌي ۾ ڇا کانوان؟ جو جيئن وري سُور نه پوي.
حڪيم: کچڻي کائج... پٽڙي کچڻي... کچڻيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه کائج.
ڏاهري: سائين... سائي دال پئي کچڻي نه...
حڪيم: ها، اُها ئي کچڻي...
ڏاهري: سائي دال پئي کچڻي... ها. کچڻي... ياد رکندس... کچڻي... کچڻي...

(کچڻي... کچڻي چوندو گهر طرف وڃي ٿو.) (سنگيت)

[b]درشيه ٽيون
رستي جو نظارو
[/b]
ڏاهري: (هلندي هلندي) کچڻي... کچڻي... کچڻي... (رستي تي وڏي پٿر تان ٿاٻو کائي ٿو) ک... چ...ڻي. اڙي هڏ گڏ ئي ڀڄي پيا... (اُٿندي) ها... حڪيم صاحب کائڻ لاءِ ڇا چيو هو. ها... ک.. گڏي... نه... اُڏڻي... نه.... اُڏچڻي... ها... اُڏچڻي... ئي کائڻي... اُڏچڻي... اُڏچڻي.(سنگيت)

[b]درشيه چوٿون
هڪ شڪاري شڪار ڪندي[/b]

ڏاهري: (شڪاريءَ اڳيان لنگهندي) اُڏچڻي... اُڏچڻي... اُڏچڻي...
شڪاري: (ڏاهريءَ کي ڏسندي ڇرڪ ڀري) اڙي! هي مورک... تون هي ڇا ٿو بڪين... اُڏچڻي... (پاڻ سان) هيءُ ته منهنجي لنڪا کي اُڏائڻ ٿو چاهي... شڪار اُڏامي ويندو ته مان بک مري ويندس. (غصي ۾) او ڏاهري... هيڏانهن اچ.
ڏاهري: (چوندي چوندي) اُڏچڻي... اُڏچڻي... اُڏچڻي...
شڪاري: اڙي بيوقوف... اهو تون ڇا بڪي رهيو آهين؟... تون منهنجي ڪيل محنت تي پاڻي ڦيري رهيو آهين. تون منهنجو شڪار اُڏائڻ ٿو چاهين... (ماريندي) توکي شرم نٿو اچي... تون مون کي بک ٿو مارڻ چاهين...
ڏاهري: اُڏ... چڻي... اُڏچڻي... مون کي گهر وڃي اُڏچڻي کائڻي آهي... (شڪاري ڏاهريءَ کي ماري ٿو) اڙي... اڙي... تون مون کي مارين ڇو ٿو؟
شڪاري: تون اُڏچڻي چئي... منهنجي ڄار ۾ ڦاٿل پکي اُڏائڻ ٿو چاهين؟
ڏاهري: مان ڇا ڄاڻان تنهنجي شڪار مان... مون کي حڪيم چيو آهي... پيٽ سُور لاهڻ لاءِ اُڏچڻي کائج... متان اهو وسري نه وڃي اُن ڪري ياد ڪري رهيو آهيان، اُڏچڻي.
شڪاري: (پاڻ سان) گڏهه ٿو لڳي. اڙي بيوقوف... اها اُڏچڻيءَ جي رٽ ڇو لڳائي اٿيئي... چئه ”ڦاس چڻي“... ڦاس چڻي اُن ۾ تنهنجو به ڀلو ۽ منهنجو به... چئه ڦاس چڻي...
ڏاهري: ڦاس چڻي... ڦاس چڻي...
شڪاري: شاباس... تون هاڻي گهر وڃ... ۽ جيڪو ڪجهه حڪيم چيو اٿئي اُهو ڪج... ها پر ڦاس چڻي چوڻ نه وسارج...
ڏاهري: (ويندي ويندي) ڦاس چڻي... ڦاس چڻي... (سنگيت)

[b]درشيه پنجون
رستي تي چور لنگهي رهيا آهن. ڪلهي تي سامان اٿن[/b]

ڏاهري: (چورن ڀرسان لنگهندي) ڦاس چڻي... ڦاس چڻي...
چور هڪ: (ڇرڪ ڀري) اڙي هي ڪير آهي؟ ڇا ٿو چوي...
ڏاهري: (پنهنجي ڌُن ۾) ڦاس چڻي... ڦاس چڻي...
چور ٻه: اڙي! هن کي ڪيئن خبر پئي ته اسان چور آهيون... ۽ چوري ڪري پيا اچون؟ پڪ ئي پڪ هن اسان کي چوري ڪندي ڏٺو اهي. تڏهن ته چوي ٿو ”ڦاس چڻي“... هيءُ ائين چئي پوليس کي آگاهه ڪري رهيو آهي... هي اسان کي ضرور ڦاسائيندو... ڦاسي پياسين ته جيل ڀوڳڻو پوندو... چڪي پيسڻي پوندي... جيل وينداسين ته اسان جي ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ هو ته بُک مري ويندا... نه اسان جا ٻار نه مرندا... مان هن کي ماريندس...
چورهڪ: (ڏاهريءَ کي سڏ ڪندي) او مورکن جا بادشاهه... هيڏانهن ته اچ...
چورٻه: (ماريندي) نالائق... سوئر... گڏهه... تون هي ڇا بڪي رهيو آهين؟... هان... تون اسان کي مال سوڌو ڦاسائڻ ٿو چاهين... تون اسان کي جيل ٿو موڪلڻ چاهين...
ڏاهري: اڙي!... اڙي تون مونکي مارين ڇو ٿو... مون ڇا ڪيو آهي؟...
چور هڪ: تون اها ڦاس چڻيءَ جي رٽ ڇا جي لڳائي آهي... هان...
ڏاهري: اڙي! تون مونکي مار نه... اها ڦاس چڻي... گهر... حڪيم... کائڻي آهي...
چور ٻه: مار کائيندي ته اهو سڀ وسري ويندءِ... ڦاس چڻي... تون مون کي ڇا ڦاسائيندي، مان توکي ماري، تنهنجا هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيندس...
ڏاهري: ابا... مون توبهه ڪئي... ڪن پڪڙي گيسي ڪئي... مان ته ڇا منهنجون ست پيڙهيون به نه چونديون ڦاس... چڻي... تون مون کي مار نه... ٻڌاءِ ڇا چوڻو آهي... جيڪو چوندي اُهو ئي چوندس...
چورهڪ: هاڻي چئه ”هڪ لاهي ٻي کڻي چن“... ”هڪ لاهي ٻي کڻي چن“...
ڏاهري: (چوندي) هڪ لاهي ٻي کڻي چن... هڪ لاهي ٻي کڻي چن...
چور: ها بلڪل برابر... هاڻي ڀڄ هتان...

(سنگيت)

[b]درشيه ڇهون
روئڻ پٽڻ جو آواز ڪائي کڻي وڃڻ جو نظارو[/b]

آواز: رام رام سنگ هئه...
گڏيل آواز: هري رام سنگ هئي...
آواز: گرو بابا سنگ هئه...
گڏيل آواز: واهگرو سنگ هئه...
ڏاهري: (ڪائيءَ جي پاسي ۾ لنگهندي) هڪ لاهي ٻي کڻي چن... هڪ لاهي ٻي کڻي چن...
ٻڌرمل: اڙي هي ڇا بڪي رهيو آهي؟
شامون مل: چوي ٿو هڪ لاهي ٻي کڻي چن.
ٻرڌمل: هن نالائق کي اِها خبر نه آهي ڇا ته هيءُ زميندار جي پٽ جو سر آهي.
شامون مل: جيڪڏهن زميندار ٻڌندس ته هن جو اگر تگر ناس ڪري ڇڏيندس.
ڏاهري: هڪ لاهي ٻي کڻي چن...
ٻڌرمل: هيءُ ائين چپ نه ٿيندو... هن کي ماري چپ ڪرائڻو پوندو.
شامون مل: برابر... هن کي ماريو... (گڏجي ڏاهريءَ کي مارين ٿا)
ڏاهري: (رڙيون ڪندي) اڙي... اڙي مونکي ماريو ڇو ٿا؟ اڙي... اڙي...
مکي: اڙي شامون مل! هن ويچاري کي ڇو ماري رهيا آهيو
شامون مل: ٻڌو ته سهين ته هيءُ ڇا چئي رهيو اهي؟
مکي: ڇا چئي رهيو آهي؟
ٻڌرمل: توهان پاڻ ڪنن سان ٻڌو. ٻڌاءِ ڇا چئي رهيو آهي؟
ڏاهري: هڪ لاهي ٻي کڻي چن... هڪ لاهي...
شامون مل: ٻڌوَ مکي صاحب! هيءُ زميندار جي سڄي خاندان کي مارڻ ٿو چاهي؟
ٻڌرمل: هن جي اها ڪاري زبان سڄو ڳوٺ تباهه ڪري ڇڏيندي... ماريو... هن ڪار منهين جا هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيو...
مکي: (سمجهائيندي) ڀائرو شانت رهو. مان هن کي سڃاڻان... هن جي سمجهه گهٽ آهي. هيءَ ڪجهه مورک قسم جو ماڻهو آهي... مان هن کي سمجهايان ٿو. (ڏاهريءَ کي) تون ڇا چئي رهيو هئين؟
ڏاهري: هڪ لاهي ٻي کڻي چن...
مکي: (سمجهائيندي) اڙي ٻڌو! ڪنهن جي مؤت ۽ دک جي موقعي تي ائين ڪڏهن به نه چئبو آهي. چئه! اهڙي ڪنهن سان نه ٿئي... شل اهڙي ڪنهن سان نه ٿئي.
ڏاهري: اهڙي ڪنهن سان نه ٿئي... شل اهڙي ڪنهن سان نه ٿئي.
مکي: شاباس! هاڻي تون هل!
ڏاهري: (ويندي ويندي) اهڙي ڪنهن سان نه ٿئي... شل اهڙي ڪنهن سان نه ٿئي.

سنگيت

[b]درشيه ستون
ڄڃ جو نظارو شهنائيءَ جو آواز[/b]

ڏاهري: (لنگهندي) اهڙي ڪنهن سان نه ٿئي... شل اهڙي ڪنهن سان نه ٿئي.
اهنر: ٻڌو ٿا! خوشيءَ جي موقعي تي هيءُ شخص ڪهڙي بڪواس ڪري رهيو آهي؟ هيءَ ته رنگ ۾ ڀنگ وجهي رهيو آهي.
ڄاڃي: ها ها، هيءُ ته وڦلي رهيو آهي. بيوقوف کي اِها ڄاڻ ڪونهي ڇا ته وڏيري جي پٽ جي شادي آهي؟
اهنر: وڏيري کي نه جي خبر پيئي ته هن کي سرنهن جا داڻا بڻائي ڇڏيندو.
ڄاڃي: ڏيوس مار ته خبر پويس ته بڪواس ڪرڻ سان ڇا ٿيندو آهي؟ (سڀئي گڏجي ڏاهريءَ کي مارين ٿا)
ڏاهري: (چوندو رهي ٿو) اهڙي ڪنهن سان نه ٿئي... شل اهڙي ڪنهن سان نه ٿئي.
اهنر: اڙي بيوقوف... بڪواس بند ڪر...
ڏاهري: (زور سان) اهڙي شل ڪنهن سان... نه... نه... ٿئي... اهڙي...
اهنر: (دٻ ڪڍندي) چپ ڪر. اڙي مورک خوشيءَ جي موقعي تي ائين نه چئبو آهي. وڏيري جي پٽ جي شادي آهي، توکي پاڻ خوش ٿي نچڻ گهرجي. ائين ڪندين ته وڏيرو پاڻ انعام ڏيندءِ. نچ... ٽپ... ۽ چئه اهڙي سڀ سان ٿئي... اهڙي سڀ سان ٿئي.
ڏاهري: (نچندي) اهڙي سڀ سان ٿئي... اهڙي سڀ سان ٿئي...

سنگيت

[b]درشيه اٺون
ڳوٺ جو درشيه هڪ جهوپڙيءَ کي باهه... هاهاڪار جو آواز[/b]

ٻڍي: بچايو... باهه... باهه... منهنجي جهوپڙي... منهنجي جهوپڙي جلي ويئي... باهه وسايو... مان برباد ٿي ويس... مون غريب جو سڀ ڪجهه باهه ۾ سڙي ويو... هاڻي منهنجو ڇا ٿيندو؟... مان ڪاٿي رهنديس...
ڏاهري: (نچندي) اهڙي سڀ سان ٿئي... اهڙي سڀ سان ٿئي.
ٻڍي: (غصي ۾) مئا... مان برباد ٿي ويس... منهنجو سڀ ڪجهه باهه ۾ سڙي ناس ٿي ويو ۽ تون... تون منهنجي برباديءَ تي خوش ٿي رهيو آهين... مئا شرم نٿو اچي ئي. باهه وسائڻ ۾ مدد ته نٿو ڪرين... چرين وانگر نچي رهيو آهين. مئا شل تون مرندين تون خاڪ ٿيندين.
ڏاهري: (وڌيڪ جوش ۾) اهڙي سڀ سان ٿئي... اهڙي سڀ سان ٿئي...
ٻڍي: مئا... چنڊا... نڀاڳا... ٻڏي مر... (سڏ ڪندي) اڙي ڀائرو.. پئنچو هي مورک ڏسو... منهنجي جهوپڙي باهه ۾ جلندي ڏسي پاڻ وڌيڪ خوشيون ملهائي رهيو آهي... آهي ڪوئي... هن نڀاڳي کي سمجهائڻ وارو.
ڇوڪري: ڇا آهي امان. ڳالهه ڪهڙي آهي؟

ٻڍي: سامهون منهنجي جهوپڙي جلي رهي آهي... هيءُ ٽاڪيءَ ڦاٽو نچي رهيو اهي ۽ بڪي رهيو آهي...
ڇوڪري: اڙي جاهل! تون ڇا بڪي رهيو آهين؟
ڏاهري: اهڙي شل سڀ سان ٿئي...
ٻڍي: ٻڌو ٿا هن پاڳل جون ڳالهيون.
ڇوڪري: (غصي ٿي) نالائق... غريب جي گهر باهه لڳي آهي تون افسوس ڪرڻ بدران پاڻ خوشيون ملهائي رهيو آهين؟ توکي شرم نٿو اچي...
ڏاهري: اهڙي شل سڀ سان ٿئي... اهڙي شل سڀ سان ٿئي...
ٻڍي: مئا توکي ماريندس... شتياناس ٿئي... شل مري کپي وڃي...
ڇوڪري: سوئر... گڏهه... بي شرم... نالائق توکي ڪو نه ڇڏينديس.. ”ٻڍي ۽ ڇوڪري گڏجي ڏاهريءَ کي مارين ٿيون)
ڏاهري: اڙي... اڙي ماريو ڇو ٿا... اهڙي شل سڀ سان ٿئي.
ڇوڪري: ڀڄ هتان... نه ته ماري اڌ مئو ڪري ڇڏينديسانءِ...
ڏاهري: اهڙي شل سڀ سان ٿئي...
ڇوڪري: (غصي ۾) وڃين ٿو... ڪين نه.. ڀيڻيان ڀڄ هتان نه ته ته کچڻي نه ڪڍي ڇڏيانءِ.
ڏاهري: (خوش ٿيندي) کچڻي... (ٽپا ڏيندي) کچڻي... اڙي انهيءَ کچڻيءَ ئي ته مونکي مار کارائي آهي. دادي، ڀيڻ ڀڳوان توهان جو ڀلو ڪري.


(خوش ٿيندي) چڻي... کچڻي... (گهر طرف هليو وڃي ٿو) (سڀ وائڙن وانگر ڏسن ٿا)

(سنگيت)