2، بال
راڻي موهن
سندري سوني
گيتا لڇمي
نيتا ماسترياڻي
(ڪانچ ٽٽڻ جو آواز)
ممي: اڙي او رامون، ڇورا وري ڇا ڀڳئه؟ ڪيترا دفعا چيو ٿي مانءِ، سنڀالي ڪم ڪر. گهر جا سڀ باسڻ ٽوڙي ڇڏيا اٿئي. پر ٿون آهين جو ٻڌين ئي ڪٿي ٿو.
رامون: (پريان) مالڪڻ، مون ڪجهه به نه ٽوڙيو آهي. ٻاهران ڪنهن دريءَ کي پٿر هنيو آهي. دريءَ جو ڪانچ ٽٽو آهي.
ممي: مان ته هن پاڙي جي ٻارن مان تنگ اچي ويئي آهيان. سڄو ڏينهن گوڙ لڳائي ويٺا آهن. ڀڃ ڊاهه لڳي پيئي آهي.
(در کڙڪائڻ جو آواز)
ممي: رامون، دروازو ته کول ڏس ڪير آهي؟
(دروازو کڻ جو آواز)
موهن: رامون، اسان جو بال اندر آيو آهي، آڻي ڏي.
رامون: بال توهان کي ڪو نه ملندو.
موهن: ڇو نه ملندو؟
رامون: توهان دريءَ جو ڪانچ ڀڳو آهي.
موهن: مون ٿورو ئي ڀڳو اهي، بال بئٽ تي لڳي اچي دريءَ کي لڳو، تون بال آڻي ڏي.
رامون: بال توکي ڪو نه ملندو.
موهن: ڇو نه ملندو، بال اسان جو آهي توهان جو ٿورو ئي آهي.
رامون: توهان اسان جو نقصان ڪيو آهي، اُهو ڪير ڀريندو؟
موهن: (غصي ۾) اجائي بڪواس بند ڪر. هٽ پري مان ٿو بال کڻي اچان.
رامون: مان پري ڪو نه هٽندس. چيم نه توکي بال نه ملندو.
موهن: مان به ٿو ڏسان، بال ڪيئن نٿو ملي، هٽ پري نه ته...
رامون: ڪو نه هٽندس، ڪو نه هٽندس.
موهن: هٽين تو ڪين...
رامون: اڙي! اڙي! ڌڪا ڇو ٿو ڏين. چيم ڪو نه هٽندس معنيٰ ڪو نه هٽندس.
موهن: چيم بال ڏي... اسان کي راند ۾ دير ٿي ٿئي.
رامون: ڪجهه به ٿئي، بال نه ڏيندس.
موهن: تون، هن گهر جو نوڪر آهين. نوڪر ٿي ڪري گهڻو ٿو ڳالهائين، تنهنجو ڪم حڪم هلائڻ نه حڪم مڃڻ آهي. چيم بال آڻي ڏي.
رامون: موهن، سنڀالي ڳالهاءِ.
موهن: ٻڌءِ ڪو نه. اجائي بڪواس نه ڪر، رستي تان هٽي وڃ يا بال آڻي ڏي.
رامون: مالڪڻ جو حڪم آهي. بال توهان کي نه ملندو. توهان هر روز نقصان ڪريو ٿا.
موهن: هٽ پري، مان آنٽيءَ سان پاڻهي ڳالهائيندس.
رامون: مان نه ڏيندس ۽ پري به نه هٽندس.
موهن: توکي بال ڏيڻو ئي پوندو.
رامون: پريان وڃي راند ڇو نه ٿا ڪريو، بار بار بال ڏيڻ جو اسان ٺيڪو ڪو نه کنيو آهي.
موهن: اِها اجائي بڪواس بند ڪر.
رامون: اڙي، اڙي، تون مون کي مارين ٿو. هڪ چوري وري ٻي سينا زوري... ڇڏ... ڇڏ... مونکي ڇڏ... مان به توکي ڏسي وٺندس... اڙي ڇڏ... ڇڏ (ڪجهه گوڙ)
ممي: (پريان) رامون اِهو گوڙ ڇا جو آهي؟
رامون: (پريان) مالڪڻ، موهن مونکي ماري رهيو آهي.
ممي: (ويجهو ايندي) ماريا موهن، رامونءَ کي ماريندي توکي شرم نٿو اچي. ڇا بگاڙيو آهي. هن بي گناه توهان جو؟
موهن: آنٽي! اسان جو بال کڻڻ نٿو ڏئي.
ممي: اوهه، ته دريءَ جو ڪانچ تو ڀڳو آهي.
موهن: آنٽي، مان نه بئٽنگ سونو ڪري رهيو آهي.
ممي: اِهو سمورو تنهنجو ڪم آهي نه ڏينهن ٿا ڏسو نه رات، اِها ڌما چوڪڙي ۽ ڪرڪيٽ راند لڳائي ويٺو آهين. اصل آرام ڪرڻ ئي نٿو ڏين. ماريا، توکي ٻيو ڪم آهي ڪين نه؟
موهن: ممي! اسين ڪرڪيٽ راند ڪري رهيا آهيون.
ممي: هئڙيءَ گرميءَ ۾، ڏينهن تتي، ماسترن توهان کي ڇا سيکاريو آهي؟ بس رڳو رُلو ۽ پنو، گوڙ شور مچائي، رڙيون واڪا ڪري پاڙي وارن جو آرام ڦٽايو... پاڙي وارن کي تنگ ڪريو.
موهن: آنٽي، وئڪيشن آهي. اسين راند ڪري وقت ڪاٽي رهيا آهيون.
ممي: توهان جي راند ٿي ڪين پاڙي وارن لاءِ مصيبت.
موهن: آنٽي، بال ڏيو نه...
ممي: اسان توهان جا نوڪر ته آهيون ڪو نه، جو گهڙيءَ گهڙيءَ بال کڻي توکي ڏيون.
موهن: آنٽي پليز... راند ۾ دير ٿي رهي آهي.
ممي: اڄ ته توکي بال اصل ڪو نه ملندو. هڪ ته تو اسان جو نقصان ڪيو آهي. وري ويچاري رامون کي ماري رهيو هئين. تنهنجين شرارتن مان هاڻي مان تنگ ٿي پيئي آهيان ڀڄ هتان رامون اِتان لڪڙي ته کڻي اچ ڀڄ هتان...
موهن: پليز آنٽي، بال ڏيو نه، راند ۾ دير...
ممي: (اڌ ۾ ڪٽي) اڄ ته مان توهان کي بال هرگز هرگز ڪو نه ڏينديس.
راڻي: (پريان کان) موهن، بال جلدي کڻي اچ.
موهن: (زور سان) راڻي، آنٽي بال نٿي ڏئي.
راڻي: (پريان کان) هلو ته آنٽيءَ کان بال وٺي اچون.
گڏيل آواز: (ويجهو) آنٽي... آنٽي بال ڏيو نه. اسان کي راند ۾ دير ٿي ٿئي.
ممي: اوهه، راڻي، گيتا، سندري، لڇمي، پنڪي توهين ڇوڪريون ٿي ڪري ڇوڪرن سان ڪرڪيٽ راند ڪري رهيون آهيو.
گيتا: آنٽي، اسان ڇوڪرين به گڏجي ڪرڪيٽ ٽيم ٺاهي آهي. اڄ ڇوڪرن ۽ اسان جي ٽيم ۾ ڪرڪيٽ چٽاڀيٽي رکيل آهي. پليز آنٽي بال ڏيو نه. راند ۾ دير ٿي ٿئي. اڃا اسان کي به وارو وٺڻو آهي.
ممي: بال ته هرگز ڪو نه ڏيندس. توهان جي اِن بال اسان جو هر روز آرام ڦٽايو آهي. اڄ ته توهان نقصان به ڪيو آهي.
لڇمي: آنٽي، سونوءَ زور سان بئٽ بال کي هنئين، ان ۾ ڀلا اسان جو ڪهڙو ڏوهه؟
ممي: اگر توهين گهرن جي وچ ۾ راند نه ڪريو، ڪنهن ميدان تي وڃي ڪريو ته ڪنهن جو نقصان ٿئي ئي ڇو؟ وري سونوءَ کي به بار بار سمجهايو اٿم ڇوري ڏينهن تتي جو گهر ۾ آرام ڪر، اُسن ۾ رُلڻ پنڻ نه وڃ، پر ٻُڌي ڪٿي ٿي.
سندري: آنٽي، سونو ته اسان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪئپٽن آهي.
ممي: ڪئپٽن آهي ته ڇا هن کي لائسن ملي ويو آهي ته اوڙي پاڙي جو لحاظ نه ڪري. وتو رڳو نقصان ڪندا.
راڻي: آنٽي، پاڙي ۾ اِهو ئي هڪ ميدان آهي، هاڻي توهين ٻڌايو ته راند ڪريون ته ڀلا ٻيو ڪٿي وڃي ڪريون؟
ممي: اسان توهان جي ان روز روز جي راند ۽ کٽ پٽ مان تنگ ٿي ويا آهيون. راند ته ڪريو ٿا پر گڏوگڏ ڪيترو شور ٿا مچايو. اٿوَ ڌيان ته گهرن ۾ ڪي آرامي هوندا. ڪي وڏي عمر وارا آهن. ڪي بيمار آهن. اڄ مان توهان کي بال هرگز نه ڏيندس ۽ ها، اِهو به ٻڌي ڇڏيو. راند ڪرڻ جو به هڪ وقت ٿيندو آهي. اسڪول ۾ ماستر نه سيکاريو اٿوَ ڇا ته راند وقت راند ڪجي، پڙهائيءَ وقت پڙهائي ۽ آرام وقت آرام.
سندري: آنٽي هاڻي ته وئڪيشن آهي. وئڪيشن معنيٰ آرام ۽ راند اسڪول کلن ٿا ته سڄو وقت رڳو پڙهائي... پڙهائي... ٽيوشن... هوم ورڪ ئي ته ڪرڻو هوندو آهي.
ممي: (سمجهائيندي) ٻارو، وئڪيشن، موڪلن جو اِهو مطلب ناهي ته توهين اُنهن ۾ رُلو ۽ پنو، سڄو ڏينهن چرين جيان، ڇيڳڙا بڻجي رڳو پيا هِتي هُتي گهمو يا رڳو ٽي وي ڪمپيوٽر، ويڊيو ويهي ڏسو. ڪجهه اخبارون، مخزنون، ڪتاب، ڪارٽون وغيره پڙهي سٺيون سٺيون ڳالهيون به گرهڻ ڪريو.
راڻي: آنٽي، ڏسو نه سڄو سال ڪتاب پڙهي پڙهي، هوم ورڪ ڪري ڪري امتحان ڏيئي ڏيئي بور ٿي پيا آهيون. مسين مسين موڪلون مليون آهن، وئڪيشن معنيٰ آهي ٽينشن فري، مؤج، مستي، آرام ۽ راند ئي راند.
لڇمي: آنٽي بال ڏيو نه...
ممي: چيم بال نه ملندو.
نينا: توهين بال نه ڏيندا ته اسان جي راند اڌ ۾ رهجي ويندي. اسين اڄ ڇوڪرن کي ڏيکارڻ ٿيون چاهيون، ته اسان به توهان کان ڪنهن ڳالهه ۾ گهٽ نه آهيون.
موهن: آنٽي، اسين به ڏسڻ ٿا چاهيون ته هنن ڇوڪرين ۾ ڪيترو دم آهي. پليز بال ڏيو نه.
ممي: مان بال ڏيئي وڌيڪ نقصان ڪو نه ڪرائيندس.
لڇمي: آنٽي اسين توهان سان انجام ٿا ڪريون ته بال وري توهان جي گهر ۾ نه ايندو.
ممي: اهڙا انجام، هن مئي موهن الائي گهڻا دفعا ڪيا آهن.
موهن: آنٽي، هيءُ آخرين انجام پرامس.
سونو: ممي بال ڏيو...
ممي: (ڇڙٻ ڏيندي) ڇوري، توکي گهر جو نقصان ڪندي شرم نٿو اچي؟
سونو: ممي مون ڄاڻي واڻي بال دريءَ کي ٿورئي هنيو، ڇڪو هڻڻ جي ڪوشش ڪيم ته بال وڃي دريءَ کي لڳو.
ممي: هڪ گهر جو نقصان ٿي ڪرين، مٿان وري پاڻ کي بي قصور ٿي چوين گهر ئي کري ته پر کي ڇا چئجي؟ توکي گهڻا دفعو چيو اٿم ته منجهند جو آرام ڪندي ڪر.
سونو: هر روز ته آرام ڪندي آهيان. اڄ چٽاڀيٽي رکيل هئي.
ممي: (غصي ۾) مان ڪجهه به نه ڄاڻان. هل اندر هل.
موهن: آنٽي... آنٽي بال ڏيو نه.
سونو: ممي بال ڏيو نه پليز.
ممي: توکي بال نه ملندو ۽ تون راند به نه ڪندينءَ... هاڻي هل اندر.
گيتا: (ڪجهه خوشيءَ سان) آنٽي توهان کي بال ڏيڻو پوندو. سونو اندر گهر نه ايندي، هوءَ اسان سان اڄ راند ڪندي.
گڏيل آواز: ها ها، سونو راند ڪندي... توهان کي بال ڏيڻو ئي پوندو... سونو راند ڪندي... ڪندي...
ممي: توهين مون کي ڌمڪايو ٿا. بال نه ڏينديس... ڏسان ٿي توهين ڇا ٿا ڪريو (سونوءَ کي) هل، تون اندر هل. مان هنن کي پاڻهي ڏسنديس.
موهن: آنٽي اجايو ضد نه ڪريو... بال ڏيو... بيڪار ۾ جهڳڙو ڇو ٿا ڪريو.
گڏيل آواز: سونو اندر نه ويندي... راند ڪندي... سڌو سڌو بال ڏيو... نه ته...
ماسترياڻي: (پريان) ٻارو هيءُ گوڙ ڇا جو آهي؟
ممي: (پريان) ٽيچر! هيڏانهن اچو... ڏسو توهان جي ٻارن ڇا ڪيو آهي؟
ماسترياڻي: (ويجهو) ٻارن ڇا ڪيو آهي؟
ممي: منهنجي گهر جي دريءَ جو ڪانچ ڀڃي ڇڏيو آهي. اڄ ڪانچ ڀڳو اٿن، سڀاڻي اسان جو مٿو ڀڃندا.
ماسترياڻي: موهن ڇا ڳالهه آهي؟
موهن: ٽيچر اسان ڪرڪيٽ راند ڪري رهيا هائسين. سونءَ جو بال دريءَ سان لڳو ڪانچ ٽٽي پيو، بال اندر آهي، آنٽي بال نٿي ڏئي، اسان کي راند ڪرڻي آهي.
ممي: چيڙائيندي) راند ڪرڻي آهي ٽيچر! هيءُ توهان جا ٻار هر روز تنگ ڪندا آهن، اوڙي پاڙي جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي اٿئون. ڇا توهان ٻارن کي اِهو سيکاريو آهي ته شرارتون ڪيو، تنگ ڪريو، اجايو ضد ڪريو، وڏن جي عزت نه ڪريو، وڏن جي سامهون پئو. وڏن سان جهڳڙو ڪريو.
گڏيل آواز: ضد ته توهين ڪري رهيا آهيو. اسان ته پاڻ توهان کي بال ڏيڻ لاءِ وينتي ڪئي.
گيتا: ٽيچر، اڄ اسان پاڻ ۾ چٽاڀيٽي رکي آهي، سونو اسان جي ڪئپٽن آهي.
موهن: ٽيچر، ممي سونوءَ کي راند ڪرڻ لاءِ منع ڪري رهي آهي. وري اسان کي بال به نٿي ڏي، اسان کي مئچ پوري ڪرڻي آهي.
ماسترياڻي: (سمجهائيندي) ٻارو، راند ڪرڻ گناهه ڪونهي، پر اُها راند ڪهڙي ڪم جي جيڪا ٻين کي دک پهچائي، ڪنهن جو نقصان ڪري.
موهن: اسان ڄاڻي واڻي نقصان ٿورو ئي ڪيو آهي.
لڇمي: ٽيچر، بال وٺي ڏيو نه، اسان کي دير ٿي ٿئي.
ماسترياڻي: ڀيڻ، ٻارن توهان جو نقصان ڪيو آهي، اُن لاءِ مان توهان کان معافي ٿي وٺان، توهين هنن کي بال ڏيو.
ممي: اوهه، ته چئبو توهان ئي هنن کي مٿي تي کنيو آهي، توهان هنن کي بال ڏيئي مٿي تي چاڙهيو ٿا، هُشي ٿا ڏيو هُشي، مان نه ڏيندس.
گڏيل آواز: اسان کي بال گهرجي، بال گهرجي.
ماسترياڻي: ٻارو، شانت... شانت... ڪيپ ڪوائيٽ.
گڏيل آواز: اسان کي بال گهرجي... بال گهرجي...
ماسترياڻي: ٻاور شانت ڪريو... توهان کي...
گڏيل آواز: آنٽي مڙده باد... مڙده باد... سونو زنده باد... موهن زنده باد... آنٽي...
ممي: (زور سان) بڪواس بند ڪريو. ٽيچر، توهان پنهنجن شاگردن کي اِهو سيکاريو آهي ته هاءِ هاءِ ڪريو... مڙده باد جا نعرا هڻو.
ماسترياڻي: ٻارو، شانت، شانت... توهان کي شرم اچڻ گهرجي.
لڇمي: اسان کي بال گهرجي.
راڻي: اسان کي سونو گهرجي.
ماسترياڻي: پهرين توهين شانت ڪريو. توهان کي بال به ملندو ۽ سونو به، پر هڪ شرط آهي.
موهن: ڪهڙو شرط آهي ٽيچر.
ماسترياڻي: پهرين توهان کي مميءَ کان معافي وٺڻي پوندي. ٻيو...
گڏيل اواز: ممي اسان کي معاف ڪريو... اسين توهان جا ٻار آهيون...
ماسترياڻي: توهان کي اِهو به انجام ڪرڻو پوندو ته وري توهين هتي راند نه ڪندا. سامهون جيڪو آزاد ميدان آهي اُتي وڃي راند ڪندا.
گڏيل آواز: اسين انجام ٿا ڪريون.
ماسترياڻي: گڊ چائيلڊس... ۽ ها هڪ ٻي به ڳالهه ٻڌي ڇڏيو. راند روند ڪرڻ جو به هڪ وقت هوندو آهي. راند اڪثر صبح يا شام ٿڌڪار ۾ ڪبي آهي ۽ کليل ميدان ۾ ڪبي آهي. غلط هنڌ ۽ وقت تي راند ڪرڻ سان نقصان ٿئي ٿو. تندرستي خراب ٿئي ٿي. ٻين جي آرام ۾ رُخنو پو ي ٿو.
سونو: ٽيچر، توهين جيئن چوندا تيئن ڪنداسين. اسان کي هاڻي بال وٺي ڏيو.
ماسترياڻي: (سمجهائيندي) ڀيڻ، ٻارن سان اسان وڏن کي به ٻار ٿيڻ نه گهرجي. هن ڀيري توهين هنن کي بال ڏيو ۽ معاف ڪريو. مان توهان کي وشواس ٿي ڏياريان ته اڄ کانپوءِ توهان کي ڪا به شڪايت نه ملندي ۽ نه ئي وري هيءُ ٻار توهان کي ڪا تڪليف ڏيندا.
ممي: چئو ٿا ته، توهان جي جوابداريءَ تي مان هنن کي بال ڏيان ٿي. پر مونکي هنن شرارتين تي ڪو به وشواس ڪونهي.
ماسترياڻي: ٻارو، توهان خود ٻڌو آهي ته ورڪ وائيل ورڪ، پلي وائيل پلي دئٽ از دي وي، ٽو بي هئپي. راند وقت راند ڪجي، ڪم وقت ڪم ڪجي، ائين ڪرڻ سان خوشي ۽ آنند ملي ٿي.
سونو: ٽيچر، اسين سدائين اِن ڳالهه تي ڌيان رکنداسين.
ماسترياڻي: موڪلن ۾ صرف رانديون نه ڪبيون آهن يا صرف ٻاهر گهمڻ ڦرڻ ته وڃبو آهي پر اِنهن ڳالهين کانسواءِ جيڪڏهن توهان جا ڪي شوق ناٽڪ، سنگيت ڪلا، چت ڪلا، نرتيه وغيره آهن ته اُنهن شوقن جو اُپيوگ به وئڪيشن ۾ ڪري سگهجي ٿو. اگر ٻيو ڪجهه نه ته پاڙي اوڙي جي صفائي ڪري گندگي دور ڪري سگهجي ٿي. غريبن جي ٻارن کي پاڙهي سگهجي ٿو. اڻ پڙهيل وڏي عمر وارن کي پڙهائڻ به ثواب آهي. اِن سان جاهليت دور ٿئي ٿي. اِسپتال ۾ وڃي مريضن جي شيوا ٽهل به ڪري سگهجي ٿي. ايئن ڪرڻ سان نه صرف توهان سٺا ناگرڪ بڻبا، پر پنهنجي شخصيت جو وڪاس به ڪري سگهندا ۽ سڀني جا لاڏلا بڻجي، جِتي ڪِٿي عزت مانَ پائيندا.
ممي: ٽيچر، ڀيڻ وٺو هي بال.
ماسترياڻي: وٺو هي بال... وڃو وڃي راند ڪريو... پر منهنجي ڳالهه ڌيان ۾ رکجو...
موهن: هل سونو.
سونو: ممي وڃان.
ممي: ها پٽ ڀل وڃ... پر جلدي موٽي اچج.
گڏيل آواز: هپ هپ هري... ممي، ٽيچر هپ هپ هري... (آواز گهٽجندو وڃي ٿو).
(سنگيت)