1. باغ جو سئر
رام روشن
موهن گيتا
ڀڳڙو سنيل
ڪويتا انيل
مايا سيما
راڻي سنيتا
وندنا
(بس جو آواز بس بيهڻ جو آواز ٻارن جو گوڙ شور)
ماستر: ٻارو، سڀ بس مان هيٺ لهو. اسين سريتا باغ پهچي ويا آهيون. (ٻارن جو گوڙ)
موهن: رام بس مان منهنجي واٽر بئگ ته لاهه.
مينا: ڪويتا، منهنجو سويٽر ته کڻي ڏي.
ماستر: رام، سڀ کاڌي جون شيون ۽ سامان سنڀالي لاهيو. (ٻارن جو گوڙ گانن جو گنگائڻ... ٽهڪ وغيره)
ماستر: ٻارو، سڀ هيڏانهن اچو... رام ڏس هو ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن. سڀني کي سڏ ڪر...
رام: سندر، ڪويتا، موهن، سويٽي... سڀ هيڏانهن اچو... سر توهان کي گهرايو آهي... ها... هيڏانهن اچو...
ماستر: ٻارو، توهان سڀ سامان بس مان سنڀالي لاٿو؟ وري به پنهنجي پنهنجي شيءِ ڏسي وٺو. ڪٿي ڪجهه رهجي ته نه ويو...
رام: سر، مون سڄي بس چيڪ ڪئي آهي.
ماستر: گڊ... ها ته ٻارو اچو ته مان توهان کي هن باغ بابت ٻڌايان. ها ته ڌيان سان ٻڌو:
اڄ اسين سريتا باغ ۾ توهان کي پڪنڪ ڪرائڻ لاءِ وٺي آيا آهيون. هيءُ باغ گجرات جي راڄڌاني گانڌينگر ۾ آهي. هن باغ جي رونق ڏسڻ وٽان آهي. رنگ به رنگي گل هن باغ جي سونهن آهن. دنيا ڀر جي سڀني قسمن جا گل هن باغ ۾ آهن. گلاب جا گل جيڪي اڪثر گلابي رنگ جا ٿيندا آهن پر اڇا، ڪارا، پيلا گلاب جا گل هن باغ ۾ توهان کي ڏسڻ وٽان ملندا. وڏا ڇايادار وڻ آسمان سان ڳالهيون ڪندي ملاقاتين کي آرام پڻ بخشيندا آهن. باغ جي کاٻي پاسي ڪمل جي گلن جو تلاءُ آهي ته ساڄي پاسي وري ٽري ون هِلِ آهي، رنگ به رنگي ميوزيڪل ڦوهارو لڳل آهي. باغ جي وچ ۾ ٽرين آهي ته تلاوَ ۾ توهين ٻيڙيءَ جو سئر به ڪري سگهو ٿا. توهان جي راندين جو به هتي سٺو بندوبست ڪيل آهي. پينگهو، چيڪلا، واٽر فال به آهي. توهين ننڍڙي ننڍڙي پياري ريل ۾ سئر به ڪري سگو ٿا. وري گهوڙي گاڏي، هرڻ گاڏي... ٻڪري گاڏيءَ جي مؤج به وٺي سگهو ٿا. ها، هڪ ڳالهه ياد رکجو. باغ کان ٻاهر نه وڃڻو آهي ۽ باغ مان ڪي به گل ڦل يا پن ٽاريون نه ڀڃڻيون آهن. وڃو... گهمو، ڦرو ۽ مؤج ڪريو... (ٻارن جو گوڙ... کل... ٽهڪ... وغيره)
ماستر: رام، هن وڻ هيٺان فراس وڇايو... سڀ شيون هتي رکو... راند جو سامان جنهن کي گهرجي اُن کي ڏيو... توهين به باغ جو سئر ڪري اچو... پوءِ گڏجي رسوئي ڪنداسين.
رام: چڱو... سر... (پريان کان روئڻ جو آواز)
ماستر: رام ڏس ته، ڪير روئي رهيو آهي؟
سندر: (پريان) سر، سر، ڀڳڙو وڻ تان ڪري پيو...
رام: سر، ڀڳڙي جي روئڻ جو آواز آهي.
ماستر: ڀڳڙا ڏسان، گهڻو ڌڪ ته ڪو نه لڳو اٿئي؟
ڀڳڙو: (روئيندي)ھ سائين پير مُڙي ويو آهي... ڏاڍو سور ٿو ٿئي.
سندر: سائين، هان وٺو هيءَ آيوڊيڪس... لڳايوس ٽيچر هلڻ وقت هيءُ گوريون ۽ فرسٽ ايڊ باڪس ڏنو هو.
رام: سر، مان ٿو مالش ڪريانس.
ڀڳڙو: سر، ڏاڍو سور ٿو ٿئي... آهستي مالش ڪر.
ماستر: (پيار وچان) مون توکي منع ڪئي هئي، پوءِ به تون وڻ تي ڇو چڙهيو هئين؟
مينا: سر، ڀڳڙو وڻ مان انبڙيون پٽي رهيو هو.
ڪويتا: سر، هن گلاب جا گل به پٽيا آهن. ڏسو هن جي هٿن ۾ ڪيترا نه ڪنڊا لڳا اٿس.
ماستر: ڀڳڙا منهنجي منع ڪرڻ جي باوجود به تو گلاب جا گل پٽيا؟
ڀڳڙو: ها سر، ٿورا پٽيا اٿم.
ماستر: توهان سڀني کي هدايت ڪئي هئم ته باغ ۾ ڪو به ٻار ڪنهن به قسم جي شرارت نه ڪندو ۽ نه ئي ڪنهن گل، ٻوٽي کي هٿ لاهيندو.
مينا: سر، ڀڳڙو ته اسڪول ۾ پوکيل وڻ ٻوٽا به ٽوڙيندو آهي. وڻن جي ٽارين مان چهبڪ ٺاهي اسان کي هڻندو آهي.
ماستر: (ٿورو غصي ۾) ڀڳڙا، تون ڪلاس ۾ ته شيطاني ڪندو ئي آهين، تو اسڪول جو باغ به ٽوڙي ٽوڙي اُجڙ ڪري ڇڏيو آهي. اِن ڏوهه لاءِ تو ڪيتريون مارون به کاڌيون آهن، سزائون به ڀوڳيون آهن. تنهنجين شرارتن کان تنگ ٿي، سڀني ٻارن توکي پڪنڪ تي وٺي اچڻ لاءِ انڪار پڻ ڪيو. توکان پڪنڪ جا پئسا به نه ورتائون. پر مون توتي وشواس ڪري هتي پاڻ سان گڏ آندو، پر اڄ ساڳئي شرارت تو هن باغ ۾ به ڪئي ۽ نتيجو تنهنجي سامهون آهي. هيءُ ته شڪر آهي جو توکي پير ۾ صرف موچ آئي آهي. ڪٿي ٽنگ، ٻانهن... ڀڄي پويئي ها ته...
ڀڳڙو: سائين معاف ڪريو. اهڙي ڀل وري نه ڪندس.
ماستر: اهڙا انجام ته تون ڪيترائي ڀيرا ڪري چُڪو آهين.
ڀڳڙو: (التجا واري نوع ۾) سائين، آخرين ڀيرو معاف ڪريو... مان ڪن ٿو پڪڙيان.
ماستر: ڀڳڙا، تون هرگز معافيءَ جي لائق نه آهين، تون جنهن ڳالهه کي مذاق ٿو سمجهين اِها مذاق توکي، مون کي، اِنسان ذات ۽ ديش کي ڪيترو نه نقصان پهچائي رهي آهي.
ڀڳڙو: سر، مون ته صرف گل ۽ انبڙيون پٽيون.
مينا: سر، ڀڳڙو ڪوڙ ٿو ڳالهائي... سامهون ڏسو هن وڻ جون ٽاريون به پٽيون اٿس...
ڪويتا: ٽارين مان چابوق ٺاهي اسان کي هڻڻ لاءِ...
ماستر: ڀڳڙا! تون شرارتن کان باز نه ايندين... توکي خبر آهي ته ٽاريون پٽڻ... وڻ ڪپڻ ڪيترو ڏوهه آهي.
رام: سر، سامهون لکيل آهي ”وڻ، گل ۽ پن پٽڻ، هٿ لڳائڻ قانوني گناهه آهي.“
ڀڳڙو: سر، مون برابر گل پٽيا آهن. مون کي معاف ڪريو... پر سر، مان هر دفعي اسڪول طرفان وڻ پوکيو جيڪو هفتو ملهايو ويندو آهي اُن ۾ وڻ پوکيندو آهيان.
ڪويتا: سر، ڀڳڙو هفتو وڻ پوکيندو آهي ۽ سڄو سال پوکيل وڻ اُجاڙيندو آهي.
ڀڳڙو: سائين، ڪويتا ڪوڙ ٿي ڳالهائي.
ماستر: ڀڳڙا، ڪوڙ ڪيوتا نه، پر تون ڳالهائي رهيو آهين. مون توکي ڪيترا دفعا سمجهايو آهي ته ڪوڙ ڳالهائڻ پاپ آهي.
سندر: سر، مان به هن کي وڻ ٽوڙڻ کان منع ڪندو آهيان، پر هو ٻڌندو ئي ڪونهي.
ماستر: توهان جڏهن وڻ پوکيو ٿا، ته اُن جي سار سنڀال لهڻ توهان جو فرض آهي ڪين نه؟
مايا: سر مان ته هر روز وڻن کي پاڻي ڏيندي آهيان.
ڪويتا: سر، مان ته تلسي، بڙ ۽ پپل جي پوڄا ڪندي آهيان، پاڻي ڏيندي آهيان.
راڻي: سر، منهنجو پپا، وڻن کي پاڻي ڏيندو آهي. اُن جي پاڙن مان اجايو گاهه ڪپي صاف صفائي به ڪندو آهي.
سنيتا: اسان پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ ننڍڙو باغ ٺاهيو آهي. جنهن ۾ گلن سان گڏ ڀاڄيون به پوکيون آهن.
ماستر: ڏاڍو سٺو. هر هڪ ناگرڪ ۽ ڪٽنب کي ايئن ڪرڻ گهرجي.
ڪويتا: سر، توهان چيو، وڻ ٽوڙڻ سان ڪافي نقصان ٿئي ٿو.
ماستر: ها ڪويتا، وڻ اسان جي جيون جا ساٿي آهن. وڻ ڌرم، ارٿ، موکش ۽ ڪام جا ساڌن آهن. وڻن جو وناش معنيٰ اسان جو، اِنسان ذات جو وناش.
راڻي: سر، رستي تي پڻ لکيل هئو وڻن کي پريم ڪريو، برسات توهان کي پريم ڪندي.
ماستر: ها، ڪويتا وڻ برسات آڻيندا آهن ۽ برسات ۾ وڻن ڪري جتي ڪٿي ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي آهي. ساوڪ اکين جي روشني وڌائڻ سان گڏ سرير ۽ دماغ کي سگهارو بڻائي ٿي، تراوت ڏئي ٿي.
رام: سر، وگيان ۾ پڻ چيل آهي ته وڻ ۽ ٻوٽا به ساهوارا آهن.
ماستر: ها رام، ڌرتيءَ جنهن جيوَ کي پهرين جنم ڏنو اُهي وڻ ۽ ٻوٽا آهن. وڻ به اِنسان جيان ساهه کڻن ٿا، ساهه ڇڏين ٿا ۽ هوا کي صاف رکڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ٻارو، اِنسان گهڻيون شيون نباتات مان حاصل ڪري ٿو. اِنسان جيئن نباتات جي سهاري جيئي ٿو تيئن جانور، پسون ۽ پکي پڻ هنن وڻن، ٻيلن جي سهاري جيئن ٿا.
مايا: سر، جهونا ڳڙه جي ٻيلن ۾ ته خونخوار شينهن رهندا آهن.
ماستر: ها، جهونا ڳڙه جي ٻيلن ۾ شينهن، چيتا ۽ ٻيا جانور به رهندا آهن. هرڻ، مور به ٻيلن ۾ ئي نچندا ٽپندا آهن. قسمين قسمين جا پکي باغن ۾ لاتيون لنوندا آهن.
وندنا: سر، پکي به ته پنهنجا ماڙا ۽ آکيرا وڻن ۾ ئي ٺاهيندا آهن.
ماستر: ها، وڻ اُنهن جو گهر ۽ آرام گاهه آهن. ٻارو، اِنسان جڏهن غفائن ۾ رهندو هو، تڏهن هو پڻ جهنگل جي آڌار تي ئي جيئندو هو. سرير کي ڪپڙن سان نه پر وڻن جي پنن سان ڍڪيندو هو. نه صرف ايترو پر هو وڻن مان ميوا ڦل حاصل ڪري کائيندو هو.
روشن: منهنجي ڏاڏي چوندي آهي. وڻ پروپڪاري آهن، وڻ ڏيندو رهندو آهي، وٺندو ڪجهه به نه آهي.
ماستر: ها روشن، تنهنجي ڏاڏي سچ ٿي چوي. وڻ جا سڀ انگ پن، تور، ٻج، گل ڦل، کل، ڇوڏا، پاڙون، رس وغيره اِنسان ذات جي ڪم ايندا آهن. هو اُس کان بچڻ لاءِ ڇايا ته ڏيندو آهي، پر هن جون لڪڙيون، لڪڙين مان ٺهيل ڪوئلا ٻارڻ جي شڪتي ڏين ٿا. جن تي ڪل ڪارخانا هلن ٿا.
گيتا: سر، وڻن مان خوشبودار عطر ۽ کونئر به ته ملندي آهي.
ماستر: ها ٻارو، وڻ جنم کان وٺي مرڻ تائين، اِنسان ذات جو ساٿي آهي. ننڍپڻ ۾ هو جهولي ۾ کڻي جهولائيندو آهي ته موت وقت آرما دايڪ مؤت سيجا پڻ بڻجندو آهي. وڻن ۾ پکين جا گهر، آکيرا پڻ ٿين ٿا.
سيما: پر سر، هاڻي ته اسين شهرن ۾ رهون ٿا.
ماستر: ها، اڄ به ڪيتريون آديواسي قومون جهنگلن ۾ رهن ٿيون. اڄ به اسان جو ديش ڳوٺن جو ديش ڪري سڏيو ويندو آهي.
گيتا: اڄ شهرن ۾ ڪيتري نه گندگي دونهون آهي.
ماستر: ها، هڪ ته شهرن ۾ ماڻهو گهڻي انداز ۾ رهن ٿا. ڳتيل ايراضيون آهن. ڪلون، ڪارخانا، مليون ۽ واهڻ جيڪي، گهڻو دونهون پيدا ڪري ماحول کي خراب ۽ زهريلو بڻائين ٿا، اُهي به شهرن ۾ ئي آهن. وري شهرن ۾ رستا ويڪرا ڪرڻ، وڏيون وڏيون بلڊنگون کڙيون ڪرڻ لاءِ اسان باغ باغيچا ٽوڙيا آهن ۽ وڻ ڪپيا آهن. جنهن ڪري شهرن ۾ پردوشڻ وڌيل آهي. پر اسان جيڪڏهن شهرن ۾ به تمام گهڻا وڻ پوکينداسين، ته شهر کي صاف سٿرو بنا دونهين وارو بڻائي سگهنداسين.
گيتا: اِهو وري ڪيئن؟
ماستر: جنهن کي تون ڪارو دونهون سمجهين ٿي، اُها حقيقت ۾ ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ڪاربان مونو آڪسائيڊ زهريلي گئس آهي، جيڪا اسان جي سرير ۾ ساهه رستي وڃي ٿي ۽ کنگهه، ٽي.بي. جهڙين خوفناڪ بيمارين کي جنم ڏي ٿي. پر وڻ اُن ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ جو پنهنجي کاڌي طور اُپيوگ ڪندا آهن.
روشن: ها سر، اسان پڙهيو آهي ته ساون پنن ۾ جيڪا ڪلوروفل ٿيندي آهي، اُها سج جي روشنيءَ جي مدد سان ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ کڻي، پنهنجو کاڌو تيار ڪند اآهن ۽ آڪسيجن گئس ماحول ۾ ڇڏيندا آهن.
وندنا: سر، وڻن کي اسين قدرت جا ڦڦڙ به سڏيندا آهيون؟
ماستر: برابر وندنا، ماحول کي صاف ڪرڻ جو ڪم وڻ ئي ڪن ٿا. اِن ڪري جتي ڪٿي وڻ پوکڻ ئي گهرجن.
سنيل: سر، موريون، گجرون، ٻٽاٽا، بصر، ڀاڄيون وغيره به ته اسان کي نباتات بخشي ٿي.
ماستر: ها، ڪيترا ساهوارا ۽ اِنسان پڻ نباتات جي آڌار تي جيون گذارين ٿا.
سيما: سر سنجيوني ٻوٽي ڇا ٿيندي آهي؟
ماستر: سنجيوني ٻوٽي زندگي بخشيندڙ نباتات آهي.
روشن: سيما تو رامائڻ ۾ ڪو نه ڏٺو ته جڏهن لڇمڻ بيهوش ٿي ٿو وڃي تڏهن هن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ هنومان ڪئلاش پربت کڻي ٿو اچي، جنهن مان سنجيوني ٻوٽي پٽي، لڇمڻ کي سنگهائي کيس هوش ۾ آندو ٿو وڃي.
ماستر: برابر، نباتات مان اسان کي ڪيتريون ئي دوائون پڻ ملن ٿيون. جيڪي ڪيترين بيمارين کي دور ڪرڻ ۾ مددگار ٿين ٿيون.
گيتا: ڪارا مرچ، لؤنگ، ڦوٽا، سوپاريون، کاڄا، بادام، پستا وغيره به نباتات ئي ته آهن سر؟
ماستر: ها، اِن لاءِ اسان جو فرض آهي ته اسين وڻن جو بچاءُ ڪريون، اڙٻنگ انيل وانگر وڻ، ٽاريون، ٻوٽا پٽي هروڀرو وناش نه ڪريون.
سنيل: سر، انيل سڌرڻ وارو ئي ڪونهي.
وندنا: هاڻي هن کي سمجهه ۾ اچي ويو هوندو ته وڻ هتيا پاپ آهي.
انيل: وندنا، تون سچ ٿي چوين، مان واقع ئي غلط ڪم ڪري رهيو آهيان. سر، مون کي معاف ڪريو... مان انجام ٿو ڪريان ته ڪڏهن به وڻ، ٽڻ، گل نه ٽوڙيندس.
ماستر: انيل، اِهي تنهنجا سچا دوست آهن. اُنهن سان پريم ڪري ڏس ته توکي ڪيتري نه مؤج ٿي لڳي ۽ آرام ملي. وڻ، باغ روح جي راحت آهن.
انيل: سر، مان وڻن کي جيون ساٿي بڻائيندس. مان اُهي پوکيندس، اُنهن جي سار سنڀال به لهندس.
سنيل: سر، اسين به وڻ پوکينداسين. (ڳائي ٿو)
وڻن لاءِ ٻج... ساري گ م پ
پاڙ م پ ڌني
ٿڙ پ ڌني سا
پن پ م گ ري
گل ري گ م پ
ميوو گ م پ ڌ
ساري گ م پ ڌني سا اسين وڻ پوکينداسين. (توهين به ڳايو)
گڏيل آواز (سڀ ڳائن ٿا) اسان وڻ پوکينداسين.
گهر گهر وڻ پوکينداسين
اسين در در وڻ پوکينداسين
اسين جتي ڪٿي، هِت هُت ٻُوٽا پوکينداسين
پوکينداسين ڀائي، وڻ پوکينداسين
اسين گڏجي وڻ پوکينداسين.
ماستر: واهه واهه... ڏاڍو مزو اچي ويو.
اسين وڻ پوکينداسين
اندر وڻ ٻاهر وڻ
وڻ ئي وڻ...
ٻار: ساري گ م پ ڌني سا
اسين وڻ پوکينداسين
پوکينداسين ڀائي پوکينداسين.
(آهستي آهستي آواز گهٽجندو وڃي ٿو)
(سنگيت)