ٻاراڻو ادب

مُـڇِـرُمـامـو (با تصوير، ريڊيو ٻال ناٽڪ)

هي ڪتاب ريڊيو ٻال ناٽڪن تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ڄيٺو لالواڻي آهي. مُڇَرُ مامو مزاح سان ڀرپور آهي،
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2006ع ۾ احمد آباد ڀارت مان ڇپايو ويو. جڏهن ته ٻيو ڇاپو ناري پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو.
Title Cover of book مُـڇِـرُمـامـو (با تصوير، ريڊيو ٻال ناٽڪ)

3. مُــڇــــرُ مــــامــــو

ڪلاڪار: رينو اشوڪ
نيرو مامو
ماءُ گورڌن

رينو: نيرو، او نيرو، ٻڌين ٿي هيڏانهن اچ.
نيرو: اجهو آيس!
رينو: هٿ منهن ڌوتئي يا نه؟
نيرو: ديدي ڌوئي رهي آهيان.
رينو: جلدي اچ ته مان تنهنجا وار سنواريان، مونکي ٻيا به ڪم آهن.
نيرو: اچان ٿي ديدي.
رينو: اڙي هي ڇا، اڃا پيئي منهن اُگهين، فراڪ به ڍنگ سان نه پاتو اٿئي، هيڏانهن اچ ته مان ٺيڪ ڪريانءِ.
نيرو: ديدي، اڃا ماما ڪو نه آيا آهن.
رينو: بس ايندا ئي هوندا. گاڏي اسٽيشن تي پهچي ويئي هوندي.
نيرو: ديدي اڄ ٻه چوٽيون ڪجو ۽ ربن ٻڌجو. ماما کي ٻه چوٽيون ڏاڍيون وڻنديون آهن.
رينو: ها ها ٺاهيان ٿي. پر هيءُ ڇا ٿي ڪرين، سڌي ته بيهه.
اشوڪ: ديدي، نيرو منهنجو ٽوال کڻي هلي آئي آهي. مان ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پيو آهيان. جلدي ڏي.
نيرو: ديدي، ديدي ڏسو نه هيءُ مون کان ڪيئن نه ٽوال کسي رهيو آهي.
اشوڪ: پوءِ تون منهنجو ٽوال کڻي ڇو ٿي؟ توکي پنهنجو به ته آهي.
ديدي: ٻئي جو ٽوال کڻڻ ۽ واپرائڻ ٺيڪ نه آهي.
نيرو: ديدي، منهنجو ٽوال ميرو هو.
ديدي: ٻيو ڪٻاٽ مان کڻين ها. هن اشوڪ جي ته توکي خبر آهي. هن جي ڪنهن به شيءِ کي اگر ڪو هٿ لڳائيندو آهي ته سڄو گهر مٿي تي کڻندو آهي. هاڻي ڏينس اِهو ٽوال.
اشوڪ: اِهو ڦڻوٽو به ڏي، سڄو ڏينهن پيئي رڳو وار سنواري. ماما اچڻ وارو هوندو، مون کي به وار سنوارڻا آهن.
نيرو: اڙي، اڙي، ڦڻوٽو کسين ڇو ٿو، منٽ ترس.
اشوڪ: نه ترسندس...
نيرو: ديدي، اشوڪ کي سمجهايو نه...
رينو: ٻئي بي صبر ڇو ٿا ٿيو، اشوڪ تون ئي کڻي ڪجهه صبر ڪر، نه ته اندران ڪمري مان ٻيو کڻي اچ.
اشوڪ: ٺيڪ آهي ديدي، مان ئي مڙان ٿو. ماما چوندو آهي جيڪو مڙيو سو جڙيو. پر ديدي توهان اِهو ته ٻڌايو ڪو نه ته اسان جو مامو آهي ڪين مميءَ جو؟
رينو: مميءَ جو مامو آهي.
اشوڪ: هو جڏهن اسان جو مامو نه آهي ته پوءِ اسين اُن کي ماما جي ڇو ٿا چئون؟
نيرو: اڙي چريا، مميءَ جو مامو، اسان جو به مامو ٿيو، وڏو مامو... ماما جي ڏاڍا مزيدار اٿئي.
اشوڪ: ها ها، ياد ٿو اچي، اُهو ئي مامو نه جنهن کي وڏيون وڏيون ڪاريون ڪاريون مڇون هيون ۽ اسان کي سٺيون سٺيون ڳالهيون پئي ٻڌايائين.
نيرو: ها، اُهو ئي مامو... آکاڻيون به ٻڌائيندو آهي ۽ کلائيندو به ڏاڍو آهي. مؤجي، مسترام آهي ماما.
اشوڪ: ته خوب مزو ايندو.
نيرو: ها تون به ته ڳالهين جو ڳوٺ آهين. سدائين پيو بڪ بڪ ڪندو آهين، بڪبڪي ڪمي.
اشوڪ: ڏس ٺيڪ نه ٿيندءِ. گهڻ ڳالهائي ته تون آهين رڳو پيئي اجائي بڪواس ڪندي آهين. مان ته ماما کان سٺيون سٺيون آکاڻيون ٻڌندس.
نيرو: هو توکي نه، مون کي ٻڌائيندو تون ته هن کي چريو لڳندو آهين.
رينو: ٺيڪ آهي. ماما کي اچڻ ته ڏيو، هاڻي ئي پاڻ ۾ وڙهندا ته پوءِ ڇا ڪندا. ماما کي وڙهڻ اصل نه وڻندو آهي. توهين ٻئي گڏجي هن کان آکاڻيون چرچا ٻڌجو ۽ ٻڌي ٽهڪ ڏجو. پروليون پڇي پتاشا کائجو.
ماءُ: نه بلڪل نه، ٻئي ٻڌي ڇڏيو. ماما کي اصل تنگ نه ڪجو.
اشوڪ: تنگ ته هيءَ تڏ جيتري نيرو ڪندي آهي، مان ته ڏاڍو ڏاهو آهيان.
ماءُ: تون به گهٽ شرارتي ڪونهين پر ماما کي پريشان نه ڪج. هو هاڻي وڏي عمر جو ٿي ويو آهي. هاڻي اڳي جهڙو سگهارو به نه آهي. بيمار به رهي ٿو. توهان هن جو خيال رکجو.
اشوڪ: ممي، اسان اِن ڳالهه جو پورو پورو ڌيان رکنداسين.
نيرو: مان ماما کي تنگ ڪو نه ڪندس. پر گهڻيون گهڻيون ڳالهيون هن سان ڪندس.
(ڪار بيهڻ جو آواز)
رينو: ڪار اچي ويئي، ماما اچي ويا.
ماءُ: لڳي ٿو پهچي ويا آهن. ٻارو وري به ٻڌي ڇڏيو ڪا به شيطاني نه ڪجو نه ته...
ماما: ڪيئن آهين ڌيءُ پتلي، ٻار ڪٿي آهن؟
ماءُ: هتي ئي آهن. اڙي پر توهان اڪيلا. هيءُ توهان کي اسٽيشن تي وٺڻ آيا هئا.
ماما: (ٻارن کي) اچو... اچو... هيڏانهن اچو... ايترو پري ڇو بيهي رهيا آهيو؟ پنهنجي مامي کي ڪو نه سڃاتوَ ڇا؟
ٻار: (اڳيان اچي) ماما، نمستي.
ماما: نمستي ٻارو، توهين ته وڏا ٿي ويا آهيو. اشوڪ تون ته ڊگهو ڊگهو کور جو وڻ ٿو لڳين.
اشوڪ: ماما، اِها بئگ مون کي ڏيو، توهين وهو، ٿڪجي پيا هوندا.
ماما: تون چوين ٿو ته وٺ. پر اِها ايتري ڳوري ڪونهي، جيتري تون سمجهين ٿو. هلڪي آهي.
اشوڪ: ڏيو. (ڪرڻ جو آواز)
ماما: بئگ وٺڻ سان ئي ڪري پئين.
اشوڪ: ماما، پير ترڪي پيو.
ماما: ڇو ٿو شرم پرچائين (کل) ڪيئن بئگ هلڪي آهي نه! ڀائي ايتري هلڪي وزن ۾ ئي ترڪندين ته زندگيءَ ڀر ترڪندو رهندين. سنڀالي هل... ها، تنهنجو نالو ته اشوڪ آهي نه؟ توکي ته اڃا گهڻا بار کڻڻا آهن. جوابداريون نڀائڻيون آهن.
اشوڪ: ها، ماما.
مامو: رينو، تون به وڏي ٿي ويئي آهين. پڙهائيءَ سان گڏ رڌ پچاءَ، سلائي ڀرت ڪجهه سکي آهين ڪين نه؟ ڪين پڙهائيءَ مان فرصت ئي نه ٿي ملي ئي.
رينو: (فخر سان) ماما، مان ڪلاس ۾ فرسٽ نمبر ايندي آهيان ۽ وري سڀ ڪجهه ٺاهڻ ايندو آهي سلائي به سکڻ ويندي آهيان. بيوٽي پارلر به سکندي آهيان.
مامو: شاباس پٽ، ڀلا اِهو ته ٻڌاءِ ته کيرڻيءَ ۾ کنڊ وجهندي آهين يا لوڻ؟
رينو: مان ايتري ٻڌو ٿوري ئي آهيان مون کي خبر آهي ته کيرڻيءَ ۾ ته کنڊ پوندي آهي.
مامو: اَڇا ته هيءَ ننڍڙي نيرو ته پڪ ئي پڪ لوڻ وجهي کائيندي هوندي.
اشوڪ: هيءَ نيرو منهنجي ۽ ديدي جي چغلي کائيندي رهندي آهي. هن کي ته کاڌي جي ضرورت ئي نه پوندي آهي.
مامو: پوءِ ته سٺو ئي آهي اڄ جي زماني ۾ ٿوري گهڻي بچت ڪرڻ گهرجي ڪيئن ڌيءُ پتلي تون به ته هاڻي اناج جي بچت پئي ڪرين نه، ڇو کائڻ پيئڻ بند ڪري ڇڏيو اٿئي ڇا؟ سڪل سُپڪڙي لڪڙي بڻجي ويئي آهين.
ماءُ: نه ماما اهڙي ڪا ڳالهه ڪونهي. هفتو کن اڳ ۾ بخار هو. اُن ۾ ئي ڪمزور ٿي ويئي هيس هاڻي ته بلڪل ٺيڪ آهيان.
مامو: ڇو گورڌن ڏسڻ ۾ نٿو اچي؟ آهي ڪٿي؟ ٺيڪ ته آهي نه؟
ماءُ: (عجب ۾) هي ته توهان کي اسٽيشن تي وٺڻ ويا آهن.
مامو: مون کي وٺڻ، مان ڪو ٻار آهيان ڇا؟ ڇا مون کي اسٽيشن کان گهر جو رستو خبر نه آهي.
ماءُ: نه اسان سوچيو ته توهان کي اچڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي ڇا هو توهان کي اسٽيشن تي ڪو نه گڏيا؟
مامو: نه،.... پر ڀلا هو ملندو به ڪيئن؟
ماءُ: ڇو دادا؟
مامو: گاڏي اڄ اڌ ڪلاڪ سويل پهتي. مون ته اسٽيشن تان ٻاهر نڪري ٽئڪسي ڪئي ۽ سڌو گهر پهچي ويس. خير! گورڌن اسٽيشن تي پهتو هوندو ۽ گاڏي اچڻ جي ڄاڻ ملندس ته موٽي ايندو.
ماءُ: (اوچتو ئي) اڙي دادا توهان اَڃا بيٺا آهيو. وهو ته سهي اشوڪ، وڃ ماموءَ لاءِ هتي ئي ڪرسي کڻي اچ.
اشوڪ: اِجهو ٿو کڻي اچان.
مامو: ڇڏ، ڇڏ ڪرسيءَ جي ضرورت ڪونهي.
اشوڪ: وٺو هيءَ ڪرسي هتي ٿڌي ڇانوَ ۾ وهو.
مامو: رينو تون ماما سان ويهه ته مان کجهه کائڻ لاءِ کڻي ٿي اچان ۽ نيرو تون وڃ ماما لاءِ ٿڌو پاڻي کڻي اچ.
نيرو: چڱو ممي.
مامو: اشوڪ هيءَ اڄ جي اخبار آهي.
اشوڪ: ها ماما، توهان آرام سان وهو ته مان توهان کي پڙهي ٿو ٻڌايان.
مامو: اخبار مون کي ڏي ته مان پاڻهي ٿو پڙهان، ڇا. مون کي اخبار پڙهڻ نه ايندي آهي.
اشوڪ: نه ماما مون سمجهيو ته توهان جي نظر گهٽجي ويئي هوندي ۽ توهان متان پڙهي نه سگهو.
مامو: (کلندي) تون چئين ڇا پيو؟ اشوڪ مان اڃا ايترو ٻڍو نه ٿيو آهيان. منهنجون اکيون توهان ٻارن جي اکين کان گهڻيون تيز آهن. مون کي پڙهڻ ۾ ڪائي تڪليف نه ٿيندي آهي. هيڏانهن ڪر، ڏي اِها اخبار.
اشوڪ: هان وٺو.
نيرو: ديدي، مميءَ چيو آهي ته ٿورو ميوو ڪٽي ماما کي ڏي مان صوف ٿي کڻي اچان ۽ اکروٽ به ڀڃين ڏي.
رينو: ٺيڪ آهي. مون کي ڪٽي ڏي، هان وٺو ماما هيءُ صوف، توهان چئو ته ان کان به ننڍا ننڍا ٽڪر ڪريان جيئن کائڻ ۾ تڪليف نه ٿيوَ.
مامو: ڀائي ايترا ننڍڙا ٽڪر ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي منهنجي لاءِ اِهي ٺيڪ آهن.
رينو: پر ماما، هيءَ وڏا ٽڪر ڄٻاڙڻ ۾ اوهان کي تڪليف ٿيندي.
مامو: تڪليف! تڪليف ڇا جي تڪليف، منهنجا سڀ ڏند سالم آهن.
رينو: وڏي عمر جي ڪري متان توهان جي ڏندن جي طاقت گهٽجي ويئي هجي.
مامو: توهان مون کي ٻڍو پيا سمجهو؟ ڏسڻو اَٿوَ منهنجي ڏندن جو ڪمال. ڏي اِهي ٻه چار اکروٽ.
(اکروٽ ٽٽڻ جو آواز)
نيرو: (ڌيري آواز ۾) ڏس ته اشوڪ ماما ڪيئن سڀ اکروٽ ڏندن سان ٽوڙي ورتا.
اشوڪ: مان ته ٽوڙي ئي نه سگهندو آهيان.
مامو: ٻڌايو ته توهان ٽنهي مان ڪنهن جا ڏند وڌيڪ مضبوط آهن. مان ٻڍو ضرور ٿي ويو آهيان، پر منهنجا سڀ حواس، اِندريون ٺيڪ آهن چئو ته ثابت ڪري ڏيکاريان.
ماءُ: ڇو ڇا ٿيو! وري توهان ماما کي تنگ پيا ڪيو هلو پنهنجي ڪمري ۾. دادا هان وٺو توهان شربت پيئو.
مامو: نيرو، اشوڪ توهان هتي ويهي رهو. مان تنگ ڪو نه ٿيو آهيان. ها ته ٻارو توهان کي شڪ آهي نه. چئو ته مان هن ڪٻٽ کي اڪيلي سر ريڙهي ڏيکاريان.
نيرو: اڪيلي سر.
اشوڪ: پر مامو اِهو ته ڌاڍو ڳؤرو آهي. اڳي دفعي جڏهن اسان رنگ هڻايو هو ته هن کي 4 4 مزورن سيريو هو، توهان اڪيلا ڪيئن ريڙهي سگهندا؟
مامو: ڏس ته مان توکي اِجهو ٿو سيري ڏيکاريان. (ڪٻٽ سرڪڻ جو آواز) ڏٺئه ته مان ڪيترو ٻڍو آهيان. مان به جڏهن ننڍو هوندو هئس تڏهن ايئن سمجهندو هئس ۽ ڌيري ڌيري ڪوشش ڪندو رهيس. هينئر چئو ته توهان کي مٿي کڻي ڏيکاريان.
نيرو: اڪيلي سر.
ٻار: نه، نه مامو توهان کي ڪجهه لڳي نه وڃيوَ.
مامو: توهان ڏسو سڀ.
سڀ: بس، بس ڪري نه پوي.
مامو: ڏٺوَ آهيان نه مان مضبوط. توهان کي به ائين مضبوط ٿيڻ گهرجي، منهنجي عمر تائين پهچندي توهان ته هلي به نه سگهندا.
ٻار: ماما توهان ڇا ڪندا آهيو؟
مامو: بس هر روز آکاڙي ۾ وڃي ڪري ڪسرت ڪندو آهيان ۽ هر ڪم ڪرڻ جي پاڻ ڪوشش ڪندو آهيان. توهان ڪسرت ڪندا آهيو.
نيرو: ماما هيءَ اشوڪ ته ايڏو سست آهي جو ننڊ مان ئي ڏهين بجي اُٿندو آهي.
اشوڪ: ماما هيءَ نيرو به دير تائين سمهي پيئي هوندي آهي. جيستائين هن جي منهن تي پاڻي نه هاريندا آهيون... ته هيءَ اُٿندي ئي نه آهي.
نيرو: ماما، اشوڪ ڪوڙ ٿو ڳالهائي.
مامو: ٻارو سوير اُٿڻ سان سرير ۾ ڦڙتي ايندي آهي ۽ سرير تندرست رهندو آهي.
گورڌن: اڙي توهان هتي پهچي ويا. مان ته توهان کي اسٽيشن تي ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پيس.
مامو: ڇو توکي گاڏي سويل اچڻ جي خبر نه ملي ڇا؟
گورڌن: خبر ته ملي پر وشواس نه پيو آيو جو اِها گاڏي هميشه ليٽ ايندي آهي.
مامو: اڄ مون جو پير رکيو ته ڀلا گاڏي ليٽ ڪيئن ٿيندي.
گورڌن: ٻارو توهان هتي سڀ ڇا پيا ڪريو. وڃو وڃي اندر ويهو. ماما سفر ڪري آيو آهي ٿڪجي پيو هوندو، کيس آرام ڪرڻ ڏيو.
مامو: مان ٿڪجڻ وارن مان ڪو نه آهيان. هونءَ به گاڏيءَ ۾ ڪهڙا ڦاڙها مارڻا هوندا آهن. ها ته ٻارو سڀاڻي کان وٺي توهان مون سان گڏ سويل اُٿندا نه... ۽ ڊوڙڻ به هلندا؟
گورڌن: هن عمر ۾ توهين ٻارن سان گڏ ڊوڙ پڄائيندا.
مامو: اڙي تون به مونکي ٻڍو پيو سمجهين، عمر وڏي آهي ته ڇا ٿي پيو، سرير سگهارو آهي، ڪيئن ٻارو سڀاڻي کان وٺي توهان به ڪسرت ڪندا نه.
ٻار: ها ماما، اسان سڀئي گڏجي ڪسرت ڪنداسين.
نيرو: ها ها، ماما مان ته توهان سان ضرور ڊڪڻ هلندس.
گورڌن: پتلي، ماما کي چانهه ٻانهه پيئاري اٿئي ڪين نه؟
مامو: مان چانهه نه پيئندو آهيان مان ته کير ئي پيئندو آهيان. ٻڌو ته اٿوَ نه، جو کير پيئي سو وير ٿئي، ڏند زور وٺن ڏاڍا سهڻا لڳن، اکين جو جوت وڌي.
نيرو: ماما، اهو بيت ته مون کي ايندو آهي.
ڏاڍي سونهن وڌي، ڀري زور بدن، لڱ چست ٿين،
کير صفا مٺو، واهه! واهه ڏاڍو مٺو،
ٻارو اچو پيئون ڀري کير وٽيون،
ڏي کير اَمان، پي پڙهڻ وڃان.
مامو: واهه واهه ڇا ڳالهه آ.
گورڌن: ٻارو هاڻي وڃو ۽ وڃي پڙهو.
ماءُ: دادا، توهان ٿورو آرام ڪري وٺو.
گورڌن: ها، هلو اندر... ٻارو وڃو وڃي هوم ورڪ ڪريو.
مامو: نه ته ماستر ماريندوَ... وڃو شما جو ڳالهيون ڪنداسين پر ياد رکجو، منهنجيون ڳالهيون.
ٻار: ها ماما، ياد رکنداسين.
