تاريخ، فلسفو ۽ سياست

يادِ جانان

انگريز سامراجيت خلاف مزاحمتي جنگ جي سرواڻ رئيس المھاجرين بئريسٽر جان محمد جوڻيجو جي زندگي ۽ جدوجھد بابت ھن ڪتاب جو ليکڪ مولانا دين محمد وفائي آھي.
”هجرت تحريڪ“ جي پسمنظر ۾ لکيل هي پھريون ڪتاب آهي، جنھن ۾ هجرت تحريڪ ۽ ان جي سرواڻ رئيس المھاجرين رئيس جان محمد جوڻيجو جي زندگيءَ جو تفصيلي احوال ملي ٿو. هن تحريڪ ۾ عالمي تناظر ۾ سنڌي مجاهدن جيڪي گهر، ٻار ۽ جانيون قربان ڪيون، اهو تاريخ جو ڏکوئيندڙ باب آهي. اسان هن تحريڪ کي عالمي سامراج انگريزن خلاف سنڌين جي مزاحمتي تحريڪ سمجهون ٿا.
Title Cover of book يادِ جانان

مهاڳ

برابر ته سنڌ سڄي هيرن جي کاڻ آهي بي بھا املهه ماڻڪ پاڻ پتوڙيندڙ، ڏوريندڙ ۽ ووڙيندڙ انمول انسان نظر ۾ اچن ٿا پر مشڪل سان اهڙو مجاهد ملندو، جھڙو مردِ مجاهد، نيڪ مرد گهراڻي رئيس حاجي ڪريم بخش جوڻيجو جي گهر ۾ پيدا ٿيو. رئيس حاجي ڪريم بخش خان کي الله پاڪ ٻه پٽ هڪ نياڻي عطا ڪئي. وڏو پٽ جان محمد ۽ ٻيو پٽ پير بخش جنھن کي ”پيرن جوڙو“ به سڏيو ويندو هو. جان محمد جو نالو اسان وٽ هميشه امر رهندو. اهڙيون هستيون قومن جي تاريخ ۾ تمام وڏي عرصي کانپوءِ جنم وٺنديون آهن.
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اسان پنھنجن رهبرن کي وساري ويٺا آهيون. پر جس هجي سائين ڊاڪٽر بدر ڌامراهو کي جنھن هن ڪتاب آڻڻ لاءِ زور ڀريو. ڀائو مھراڻ ڌامراهو ۽ جاکوڙيندڙ کاهوڙي ڪردار جنھن کي مان پيار مان،”سائين عيسى ميمڻ“ سڏيندو آهيان، ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آڻي پڙهندڙن جي ڄاڻ توڙي فھم ۾ قدر جوڳو اضافو ڪيو آهي.
بئريسٽر جان محمد جوڻيجو جنھن کي ”رئيس المھاجرين“ ته ڪي وري ”رئيس المجاهدين“ به سڏيندا آهن. هو ان دؤر جو بئريسٽر مسلمان هيو جنھن دؤر ۾ اٺ درجا پڙهڻ به وڏي ڳالهه هئي، پر هي وچولي طبقي جو فرد اعلى درجي جي تعليم ولايت مان حاصل ڪري اچي، ان مان ئي ان گهراڻي جي تعليمي سوچ سمجهڻ وٽان آهي.
بئريسٽر جان محمد جوڻيجو بئريسٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن پنھنجي عظيم مقصد خاطر عملي جدوجھد جي شروعات ڪئي، هارين کي ڏنل قرض معاف ڪري ڇڏيائين. غريب نياڻين، پٽن کي ڏاج وغيره ڏئي اجتماعي شاديون ڪرايائين. غريبن جي پٽن جا اجتماعي طوهر سنت ڪرائي انهن کي گوڏيون، قميصون، چپلون ۽ مصري (يعني خرچون) پڻ ڏنائين. ڳوٺ اندر وبائي بيماري شروع ٿئي ته عارضي طور ڳوٺ خالي ٿي ويو. هي به لڏي لاڙڪاڻي هليا آيا پر هي مردِ مجاهد لاڙڪاڻي مان کارو مانين جو پچرائي ڳوٺ ۾ جيڪي پالتو جانورتوڙي ڪتا ۽ ٻلا وغيره رهجي ويا هئا، انهن لاءِ گهٽين جي چوراهن تي روزانو مانيون رکرائي ايندو هو. صبح جو سوير آفيس لاءِ گهران نڪري ٽانگي تي چڙهڻ وقت غريبن، مسڪينن ۽ فقيرن کي خير خيرات ڏئي پوءِ نڪرندو هيو. هڪ ڀيري صبح جو پنھنجي بٽونءَ ۾ ڏٺائين ته پئسه ڪونه آهن ۽ بٽون خالي آهي، هن پنھنجي ملازم کي چيو ته اڄ ته هي بٽون خالي آهي، ڳوٺان پئسه آيا ڪونهن ۽ ٻاهر فقير ضرور بيٺا هوندا، پوءِ ڪيئن ڪجي؟ ملازم چيس ته ”سائين ڪا ڳالهه نه آهي، فقيرن کي چئبو ته اڄ پئسه نه آهن وري سڀاڻي ڏينداسون.“ اهو ٻڌي بئريسٽر جان محمد خان ٻاهر نڪري ٽانگي تي چڙهي فقيرن کي پنھنجو خالي بٽون ڏيکاري چوڻ لڳو ته ”بابا اڄ پئسه نه آهن، هي خالي بٽون ڏسو، سڀاڻي گنج ڪنداسون.“ جيئن ئي بٽونءَ جو منهن هيٺ ڪيائين ته ان مان پئسه ڪرڻ شروع ٿي ويا، اهو لقاءُ سندس ملازم ڏسندي ئي ٽانگي تان بُلُ ڏنو ۽ ڪريل پئسه کڻڻ لاءِ هيٺ نوڙيو ته بئريسٽر جان محمد خان ملازم کي پئسن کڻڻ کان روڪيو ۽ چيائينس ته ”مون وٽ هڪ پئسو به نه هيو هي قدرت طرفان هنن فقيرن لاءِ آيا آهن ۽ سڀ جو سڀ فقيرن کي کڻڻ ڏي.“ ”هي هيو بئريسٽر جان محمد خان جو سماجي پھلو“.
هي مردِ مجاهد پھريون مزاحمتي باغي هيو جنھن عملي طور 2 مئي 1920ع ۾ جيڪب آباد واري جلسي ۾ مولانا تاج محمود امروٽي جي صدارت ۾ انگريز سرڪار سان ”قطع تعلقات“ جو اعلان ڪيو، حڪومت سان لاڳاپا ڪي اهڙا تھڙا معمولي ڪونه هئا مگر آفرين آهي، اهڙي مردِ مجاهد کي جنھن علي اعلان ڪيو ته ”مان سرداريءَ جي ٻي نمبرِ ڪرسي، ميونسپل ڪمشنري، لوڪل بورڊ جي ميمبري ۽ بئريسٽريءَ جي ڊگري سڀ ترڪ ڪريان ٿو ۽ ڍل آبياني ڏيڻ کان انڪار ڪندي سرڪار سان سڀ هر قسم جا لاڳاپا ۽ تعلقات ٽوڙيان ٿو.“
ان اعلان کانپوءِ ستت ئي سنڌ جي چيف انجنيئر هن مردِ مجاهد جي زمينن کي پاڻي ڏيڻ جي بندش جو حڪم جاري ڪيو. پر جان محمد خان جوڻيجي ان حڪم کي حضرت امام حسين عليھ السلام ۽ يزيد جي پاڻي بند ڪرڻ واري واقعي کي ياد ڪندي وڌيڪ همٿ ۽ بھادريءَ سان پنھنجي تحريڪ تيز ڪئي.
اهڙي سخت بغاوت واري قدم تي انگريز سرڪار مٿس ڪيس مڙهيو ۽ حاضريءَ جو نوٽيس موڪليو. هن مردِ مجاهد انگريز سرڪار جي ڏنل نوٽيس جي ڪابه پرواهه نه ڪئي. الٽو 6 ڊسمبر 1920ع تي سنڌ جي جوڊيشل ڪمشنر آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو.
”خلافت تحريڪ“ ۽ ”هجرت تحريڪ“ ۾ هن نوجوان برصغير سنڌ جي دلير، داناءَ، سوررهيه سرويچ پٽ بئريسٽر جان محمد خان جوڻيجي جيڪو ڪم ڪيو اهو تاريخ ۾ سونھري اکرن ۾ لکڻ لائق آهي. سندس شھادت کانپوءِ لاڙڪاڻي واري جڳھه تي سندس ننڍي ڀاءُ پير بخش سان (جنھن جي عمر 10-9 سال هئي. ٻيو ڪوبه وڏو ننڍو خاندان ۾ مرد نه هيو) تعزيت دعاءِ فاتح لاءِ ڏک ۾ برابر جي شريڪ ٿيڻ لاءِ سڄي هندستان کان هندو ۽ مسلمان آيا. انهن ۾ جواهر لال نھرو، مھاتما گانڌي، مولانا شوڪت علي، مولانا محمد علي جوهر، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبيد الله سنڌي، مولانا تاج محمود امروٽي، خواجه معين الدين چشتيءَ جي درگاهه جي متولي وغيره جن پڻ شامل هئا.
رئيس المھاجرين ”رئيس المجاهدين“ بئريسٽر جان محمد ان جو پيروڪار هيو جنھن چيو ”اها زندگي موت آهي جيڪا ظالم جي اطاعت ۾ گذري ۽ اهو موت زندگي آهي جيڪا ظالم سان وڙهندي نصيب ٿئي.“
نوجوان بئريسٽر رئيس المھاجرين، رئيس المجاهدين جان محمّد خان جوڻيجو جنھن جرئت اتساهه ۽ سچائيءَ سان جدوجھد ڪئي. ان جو مثال سياسي ۽ مزاحمتي تحريڪن جي تاريخ ۾ ورلي ملندو.
واهه جو هجرت جو سفرنامو سگهڙ شير محمد ”شيرل“ چنو ڳوٺ چنه موچي ڏوڪري تعلقي واري شعر جي صورت ۾ ان دؤر ۾ قلمبند ڪيو آهي، جنھن جو هڪ بند هي آهي.
جان محمد جوڻيجو سورهه ساماڻو،
راضي تنھن تي رب ٿيو، تنھنکي واحد وڌايو،
سخي هو سخاوت ۾، ڪيائين روح اندر رايو،
ڳالهه اها ڳايو، مرد تنھن ملوڪ جي.
مردِ مجاهد جان محمد جوڻيجو واضع ڪيو ته جي مقصد تي پھچڻو آهي ته ڏک ڏاکڙا ۽ تڪليفون سر تي سھڻيون آهن، نج جدوجھد بغير لالچ، بغير لوڀ جي سچائيءَ سان وفاداريءَ سان سفر يعني ڏک جدوجھد معنى تڪليف برداشت ڪندي به ڪنھن کي ميار ڪونه ڏنائين. پر پاڻ کي پنھجن ساٿين کي ثابت قدم رکڻ لاءِ همٿ ۽ حوصلو ڏياري رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته:
”مون سين هلي سا، جا جيءَ مِٺو نه ڪري“
پاڻ کي افغانستان ۾ موجود قافلي ڏانھن وڃڻ لاءِ بي چين، هر طرح جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته قافلي تائين پھچان ۽ انهن سان هر ڏک ۽ تڪليف ۾ ڀاڱي ڀائيوار گڏ هجان. آخرڪار انگريز سرڪار رستاروڪ ڪري بيھي رهي. پر مردِ مجاهد پوئتي موٽڻ مھڻو سمجهو ۽ آخرڪار هن تحريڪ لاءِ جدوجھد ڪندي 16-اپريل 1921ع تي اجمير شريف ۾ جام شھادت ماڻي سرخرو ٿيو.
مان آخر ۾ ايترو ضرور چوندس:
”ڪوفين قھر ڪيو، جو ٿيا جماعتي يزيد جا“.
آخري ڳالهه عرض ته هي ڪتاب مولانا دين محمد وفائي جو لکيل آهي جنھن ۾ هن هجرت تحريڪ جي مجاهد رئيس المھاجرين، رئيس جان محمد جوڻيجي جي زندگي ۽ هجرت تحريڪ جي ”پسمنظر“ ۽ ”پيش منظر“ جا تاريخي واقعا ۽ داستان قلم بند ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب سنڌ ۽ برصغير جي تاريخ جو هڪ سونھري باب جو دستاويز آهي، جيڪي يقينن تاريخ جي شاگردن ۽ نئين نسل لاءِ روشن باب کوليندو ۽ ”هجرت تحريڪ“ جھڙي تاريخي جدوجھد تي چڙهيل دز کي پڻ صاف ڪندو.

[b] زاهد علي جوڻيجو
[/b]لاڙڪاڻو.