مذهب

وياج ۽ ان جون تباهه ڪاريون

ڪتاب ”وياج ۽ ان جون تباهه ڪاريون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ شمس ابن ضيا ابن بلبل آهي. پاڻ لکن ٿا:
”وياج تي هن ننڍي ڪتاب جي لکڻ جي ضرورت ان ڪري محسوس ٿي جو منهنجي خيال ۾ 90 سيڪڙو مسلمانن کي اها خبر ئي ڪانهي ته اسلام ۾ وياج ڪيڏو وڏو ۽ سنگين گناهه آهي. جنهن جي مغفرت ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه آهي.“
Title Cover of book وياج ۽ ان جون تباهه ڪاريون

پيش لفظ

وياج تي هن ننڍي ڪتاب جي لکڻ جي ضرورت ان ڪري محسوس ٿي جو منهنجي خيال ۾ 90 سيڪڙو مسلمانن کي اها خبر ئي ڪانهي ته اسلام ۾ وياج ڪيڏو وڏو ۽ سنگين گناهه آهي. جنهن جي مغفرت ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه آهي.
ان کان علاوه چوري، زوري، جوا، زنا، شراب، ڀنگ، چرس، آفيم ۽ هر قسم جي نشي آور شين جو استعمال ڪرڻ اسلام ۾ قطعي حرام ۽ ممنوع آهي. زبردستي ڪنهن جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ ڦٻائڻ، فراڊ ۽ ٺڳي ذريعي ڪنهن جي ملڪيت هڙپ ڪرڻ وڏو گناهه ۽ ظلم آهي. هن قسم جا ڏوهه پوري معاشري جي بگاڙ جو سبب آهن.
هر هڪ ماڻهو هن وقت چاهي ٿو ته هو رات و رات امير بڻجي وڃي ۽ هن وٽ روز به روز دولت ايندي ۽ جمع ٿيندي رهي. اها دولت ڪهڙي به نموني سان حاصل ٿئي ڀلي اها رقم حرام ۽ ظلم، زبردستي سان ڇو نه حاصل ڪئي وڃي پر دولت ايندي رهي، دولت جي اهڙي حوس ۾ انسان جانور ۽ شيطان نه بلڪه خنزير بڻجي چڪو آهي ۽ خنزير اهو جانور آهي جيڪو پنهنجي ماءُ تي پاڻ چڙهندو آهي ۽ ٻين کي به خوشيءَ سان مٿس چڙهڻ ڏيندو آهي. هيءَ هڪ حقيقت آهي. جنهن جي بيان ڪرڻ ۾ ڪا قباحت نه آهي. مٿين حقيقت مان معلوم ٿئي ٿو ته گهڻن ماڻهن کي اسلام جي تعليمات ۽ اصولن جي ڄاڻ ڪانهي ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ هي بي غيرتي وارا ڪم ڪن ٿا پر جيڪڏهن ڪير اهڙي ڄاڻ رکڻ جي باوجود به اهڙن ذليل ڪمن ڪرڻ ۾ مشغول رهي ٿو ته پوءِ ان کي خنزير چوڻ خود خنزير جي بي عزتي ڪرڻ جي برابر آهي. مون برابر سخت الفاظن جو استعمال ڪيو آهي، مون کي خبر آهي ته اهڙا الفاظ لکڻ ادبي اصولن جي خلاف آهن. مگر اهڙن ظالمن ۽ بي غيرت حيوانن لاءِ اهڙي زبان ڪتب آڻڻ ضروري آهي جيڪا سندن سمجهه ۾ اچي سگهي. بي شرم انسانن لاءِ شانائتي زبان جو استعمال بي سود ثابت ٿيندو. ڄٽ ۽ ڦٽ جو علاج پادر ٻڌايو وڃي ٿو ۽ هن قسم جي گروه جو علاج صرف عذاب الاهي ئي آهي. جنهن ۾ دير ضرور ٿيندي پر انڌير نه ٿيندو. ظالم روز محشر ۾ دوزخ ۾ اُبتا ٽنگيا ويندا. هي واعدو انهيءَ الله جو آهي جنهن جو هڪ نالو واحدالقهار به آهي ظالم کي ڊگهو رسو برابر مليل آهي.
هن وقت هر قسم جي بي حيائي، بي ايماني، بي غيرتي ۽ ڪرپشن عروج تي پهچي چڪي آهي. جنهن جو خاص سبب آهي اسلام جي تعليمات کان بي رخي ۽ اها به هر سطح تي، حڪومتي توڙي عوامي سطح تي هر قسم جي بهتري واري تعليم کان لنوائڻ، اسڪولن ۽ ڪاليجن مان اسلامي تعليم ته ختم ڪئي وئي آهي. مگر ديني علمي مدرسن ۾ به عالمن بدران بمبار پيدا ڪيا وڃن ٿا. اسان جا معلم ۽ ماستر حضرات هن ڪوتاهيءَ جا ڪارڻ آهن. استاد گوسڙو ۽ ڪاپي ڪلچر جي ڌنڌي ۾ ملوث آهن. پوءِ تعليم جو خانو خراب ڇو نه ٿيندو؟ مذهب جي ڄاڻ نه رکندڙ ماڻهو غلط ڪمن جي ڌٻڻ ۾ ضرور ڦاسي پوندو. اهڙن نا اهل ۽ بي غيرت استادن کي نا اهل ۽ بي غيرت آفيسر ڇا ڪندا؟ انهيءَ سبب جي ڪري هر کاتي ۽ هر شعبي جي ستيا ناس ٿي چڪي آهي. سڀ کان وڌيڪ افسوس ناڪ ڳالهه هيءَ آهي ته مسلمانن جو ضمير مري چڪو آهي ۽ مسلمانن جو ڪردار مردار ٿي چڪو آهي. شايد امام مهدي جي ظهور جو زمانو نزديڪ اچي چڪو آهي.
رفاهِ عام جي ادارن ۽ مخلص ۽ مخير حضرات کي التماس آهي ته مسلمانن کي راه راست تي آڻڻ جي خاطر جيڪڏهن هي ڪتابڙو ڇپرائي مفت ورهائڻ جو ارادو رکندا ته مصنف طرفان کين پوري اجازت آهي ۽ الله تعاليٰ کين سندن هن خير جي ڪم جو اجورو ضرور عطا ڪندو. الله تعاليٰ بي انتها سخي آهي ڪنهن جي ذرو برابر نيڪي به رائگان نه ٿو ڪري.

شمس ابن ضيا ابن بلبل
بلبل هائوس- ميهڙ
Cell: 0345-9990404
0301-3555610