وياج ۽ ان جون تباهه ڪاريون
ظاهري طرح تجارت ۽ وياج ۾ معمولي فرق نظر اچي ٿو. مگر ٿورو خيال سان سوچبو ته ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. تجارت حلال ۽ خير آهي پر وياج حرام ۽ شر آهي. وياجي نه صرف وياج وٺندڙ ۽ وياج ڏيندڙ لاءِ تباهي ۽ بربادي جو ڪارڻ آهي، بلڪه پوري معاشري لاءِ تباهي ۽ بربادي جو ڪارڻ ۽ سبب بڻجي ٿو.
تجارت يعني واپار ۽ وياج ۾ هي فرق آهي ته تجارت ۾ نفعو ۽ نقصان لازم ملزوم آهن. يعني نفعو به ٿي سگهي ٿو ۽ نقصان به ٿي سگهي ٿو ۽ واپاريءَ کي اها خبر نه ٿي پوي ته کيس نفعو ڪيترو ٿيندو. مگر ان جي برخلاف وياجيءَ کي خبر آهي ته هن ڪاروبار ۾ نفعو ۽ نقصان لازم ۽ ملزوم نه آهن ۽ وياج ۾ صرف نفعو ئي نفعو آهي. ان ۾ نقصان جو ڪوبه انديشو ڪونهي ۽ منافعو ڪيترو ٿيندو اهو به مقرر ڪيل ۽ اڳواٽ معلوم آهي. واپار ۽ تجارت ۾ واپاريءَ جي محنت، ڊوڙ ڊڪ ۽ سندس صلاحيتون ڪتب اچن ٿيون. پر وياج جي ڪاروبار ۾ وياجيءَ کي ڪابه ڊوڙ ڊڪ ڪرڻي نه ٿي پوي ۽ سندس صلاحيتن جو به هن ڪاروبار ۾ ڪو حصو ڪونهي، وياجيءَ کي گهر ويٺي بنان ڪنهن تڪليف جي مور ۽ اضافو يعني وياج ملي وڃي ٿو، جنهن ۾ نقصان جو ڪوبه خطرو نه آاهي ۽ ان ڪري وياجي سمجهي ٿو ته هو وڏو عقلمند آهي ۽ وڏي فائدي ۾ آهي، ڇاڪاڻ جو سندس مال هر ڏينهن وڌندو رهي ٿو ۽ وڌ کان وڌ ٿيندو رهي ٿو، مگر کيس اها خبر ئي ڪانهي ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي آل و اولاد جو ۽ پوري معاشري جو دشمن آهي، وياج هڪ خطرناڪ بيماري آهي. جيڪا وياج ڏيندڙ وياج وٺندڙ ۽ پوري معاشري کي ڪينسر جي بيماري وانگر وڪوڙي وڃي ٿي ۽ تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏي ٿي. وياج وٺندڙ حوس پرست، لالچي ۽ ظالم درندو بڻجي وڃي ٿو، وياج وٺندڙ مفلس، ڪنگال ۽ نادار ٿي وڃي ٿو ۽ پوري معاشري جو معاشي نظام بگڙجي وڃي ٿو. امير، امير تر ٿيندو وڃي ٿو ۽ غريب، غريب تر ٿيندو وڃي ٿو ۽ هي مقصد ۽ روح مذهب اسلام جو نه آهي.
گهرن ۾ وياج جو ڪاروبار هلي رهيو آهي، ان کانسواءِ دڪانن تي ۽ ڪارخانن تي وياج جو ڪاروبار گهڻين شڪلين ۽ صورتن ۾ ٿي رهيو آهي، جيڪو سڀ حرام ۽ ناجائز آهي. وياج خور انسان نه بلڪه وحشي ۽ بي غيرت درنده آهي، هي سڀ ڪجهه قرآن مجيد ۽ حديث شريف جي روشنيءَ ۾ ٻڌايو ۽ سمجهايو ويندو.
دڪاندار رکت تي ڏنل سامان جي قيمت، روڪ واري قيمت کان جيڪڏهن وڌيڪ يعني اضافي وٺي ٿو ته اهو به وياج آهي. اضافي رقم سندس حق نه آهي بلڪه اهو واپار ۽ تجارت جو اصول آهي ته پنهنجي گراهڪي وڌائڻ خاطر گراهڪ کي رکت تي مال ساڳي قيمت ۾ ڏي. قسطن تي شيون وڪڻڻ جنهن جي قيمت جيڪڏهن روڪ واري کان وڌيڪ يا اضافي وصول ڪئي ويندي ته اهو به وياج ۽ حرام آهي ۽ تجارت يا واپار جي اصول جي خلاف آهي. وياجي اسلامي معاشري لاءِ وهندڙ ناسور مثل آهي وياجي شخص پنهنجو مال ۽ زر وڌائڻ جي حرص ۽ حوس ۾ پنهنجي عاقبت، آخرت ۽ انسانيت وڃائي ويهي ٿو. هو هر خير ۽ برڪت کان بي خبر غافل شخص وياج جي موه ۾ گرفتار ٿي گهڻي کان گهڻو مال ۽ ملڪيت جمع ڪرڻ جي حرص و حوس ۾ بلڪل انڌو بڻجي وڃي ٿو. کيس خبر ئي نه ٿي پوي ته مال ۽ دولت ڍونڍ مثل آهي ۽ ڍونڍ جا پياسي ڪتا ئي هوندا آهن.
هن سلسلي ۾ سائين شاهه لطيف جو بيت ملاحظو ڪريو:
ڪتو طالب ڍونڍ جو، اسين ڪُتي ڪِيڙَ،
جهٽي آهي چيڙ، ڪارايل جي ڪَنَ ۾.
هن سلسلي ۾ هڪ حديث شريف: حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته رسول خدا ﷺ فرمايو ته “درهم ۽ دينار جو غلام (پياسي) لعنت ڪيل آهي” (ترمذي)
جيڪڏهن ڌن، دولت، مال ۽ ملڪيت الله تعاليٰ جي رحمت ۽ انعام هجي ها ته پوءِ سڀني کان وڌيڪ مال ملڪيت رسول الله ﷺ وٽ هجي ها! اها دولت جيڪڏهن خير ۽ برڪت هجي ها ته پوءِ چئن يارن وٽ هجي ها! اها دولت جيڪڏهن الله تعاليٰ جي نعمت هجي ها ته امام سڳورن وٽ هجي ها. انهن الله تعاليٰ جي محبوب ٻانهن جون زندگيون پڙهي ته ڏسو! رسولِ خدا ﷺ جي رهڻ واري جاءِ جي ماپ 10x10 فوٽ آهي معنيٰ هڪ سؤ چورس فوٽ جي هئي. ڀتيون مٽي گاري جون ٺهيل، اٺ فوٽ اوچيون، ڇت تي کجيءَ جا ڦڙها رکيل، ان جي مٿان گاري جون ليپو ڏنل، هن ڪوٺڙيءَ ۾ ٻه کٽون مشڪل سان ماپنديون هيون، در بدران چادر ٽنگيل هوندي هئي. حضور ﷺ جن جي آرام ڪرڻ لاءِ ويهاڻي جي کل به چمڙي جي هئي. جنهن ۾ کجيءَ جو کاٻار ڀريل هوندو هو. هڪ ويلو ماني کائيندا هئا ۽ ٻيو ويلو ماني ميسر نه هوندي هئي. حضرت علي رضه سائين جو به ساڳيو نمونو هو. هڪ ويلو کائيندا هئا ۽ جيڪڏهن ٻئي ويلي لاءِ ماني ٽڪر رکيل هوندو هو ۽ ڪو سائل اچي ويندو هو ته اها ماني ان کي ڏئي. پاڻ پاڻي پي ويلو ٽاريندا هئا. صحابه ڪرام به اڪثر سڪل ماني پاڻي ۾ وجهي رکندا هئا، ڪجهه نرم ٿيندي هئي ته پوءِ اها کائيندا هئا ۽ الله تعاليٰ جي ڏنل رزق تي راضي ۽ خوش هئا.
هن سلسلي ۾ هڪ حديث شريف ملاحظه ڪريو:
حضرت عبدالله (رضه) ابن عمر کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته ڪامياب اهو شخص ٿيو جيڪو مسلمان ٿيو ۽ کيس ضرورت جيترو رزق ڏنو ويو ۽ الله تعاليٰ کيس ان عطا تي قانع ۽ راضي ٺاهيو (مسلم).
اي! مسلمانون ڪجهه ته سوچيو؟ ڪجهه شرم حياءُ ڪيو! اهو مال ۽ ملڪيت اها گڏ ڪيل حرام دولت اوهان جي ڪنهن ڪم نه ايندي. بلڪه اوهان ۽ اوهان جي آل و اولاد لاءِ وبالِ جان بڻجندي. اوهان جو اولاد اڻ سڌريل ٿي ويندو ۽ ظالم جو نسل قائم نه رهندو، دولت سان محبت نه ڪريو آخرت جو اونو ڪريو.
(1) حضرت مسعود (رضه) کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “جو شخص پنهنجي دولت کي دوست سمجهي ٿو، اهو پنهنجي آخرت کي نقصان رسائي ٿو ۽ جو شخص پنهنجي آخرت کي دوست سمجهي ٿو، اهو پنهنجي دولت کي نقصان پهچائي ٿو. انهيءَ شيءِ کي اختيار نه ڪريو جيڪا فاني آهي. (احمد ۽ بيهقي)
وياجيءَ جا هٿ ۽ پير ڪوڙه ۾ ورتل ۽ سندس گهر ۾ ڍونڍ جي ڌپ هوندي آهي. جيڪا ڌپ وياج خور کي محسوس نه ٿيندي. وياجيءَ جي ڪا بخشش ڪانهي وياجي هميشه لاءِ دوزخ جي باهه ۾ سڙندو رهندو ۽ کيس جنت نصيب نه ٿيندي.
حضرت جابر (رضه) کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جنت ۾ اهو گوشت داخل نه ٿيندو جيڪو حرام مال کائي پليو آهي (احمد دارمي ۽ بيهقي)
رزق حلال جي ڪمائي مان جيڪڏهن دولت ڪٺي ٿئي ٿي ۽ اها پنهنجي جان، ۽ پنهنجي آل و اولاد جي ضروريات ۽ خير جي ڪمن ۾، ۽ خاص طرح مسڪين، محتاج، بيمار، نادار ۽ ضرورت مندن جي ڪم اچي ته بيشڪ اها دولت الله تعاليٰ جو انعام سمجهڻ گهرجي. هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته اسلامي ۽ شرعي قانون تي سختي سان هلڻ ۽ پيروي ڪرڻ بعد، دولت جو هڪ هنڌ مستقل طرح جمع ٿيڻ ناممڪن آهي، خير، خيرات، بخشش، زڪواة، خمس، عشر، فطره قرباني ۽ وراثت ذريعي دولت ڦهلجندي ۽ پکڙندي ۽ هڪ جاءِ تي جمع نه ٿيندي. ۽ مذهب اسلام جي اها ئي منشا ۽ مقصد ۽ اسلامي اقتصاديات جو اهو اصول ۽ قانون آهي.
مالدار شخص کان ڏينهن قيامت جي پڇاڻو ٿيندو ته الله تعاليٰ، جو کيس دولت ۽ عزت ڏني ته هن پنهنجي دولت غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ ۾ ڪتب آندي يا نه؟ جيڪڏهن ڪنهن مالدار جو پاڙيسري بکيو، سمهي رهيو ته اهو ڀي کانئس پڇاڻو ٿيندو ۽ کيس سزا ۽ جزا ضرور ملندي.
هن سلسلي ۾ حديثون هيٺ ڏجن ٿيون ملاحظه ڪريو:
حضرت ابن عباس (رضه) کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته اهو شخص مسلمان نه آهي جيڪو پاڻ ڍئو ڪري کائي ۽ سندس پاڙيسري بکيو هجي (بيهقي ۽ شعب الايمان).
حضرت انس (رضه) کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته
“جيڪو مظلوم جي داد رسي ڪري ٿو الله تعاليٰ ان جي لاءِ 73 بخششون لکي ٿو. 73 بخششن مان هڪ بخشش هن جهان ۾ سندس ڪمن جي اصلاح ڪندي، باقي 72 بخششون روزِ قيامت ۾ سندس درجات بلند ڪنديون (بيهقي)
مطلب ته اسلام مذهب آهي روا داري جو، هڪ ٻئي کي ڪم اچڻ جو، هڪ ٻئي جي سار سنڀال لهڻ جو، هڪ ٻئي سان ڏکئي وقت ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهڻ ۽ سهارو بڻجڻ جو، غريب، محتاج ۽ اڙيلن جو واهر وسيلو بڻجڻ جو وغيره. اسلام ڏاڍائي، بي حيائي، لوٽ، کسوٽ، چوري، زوري ۽ ظلم ڏاڍ ۽ زبردستيءَ جو نالو نه آهي. الله تعاليٰ جي بندن سان محبت ڪرڻ، سڀني بهترين ڪمن کان وڌيڪ بهتر ڪم آهي ۽ الله تعاليٰ اهڙن شخصن تي نه صرف رحم بلڪه ڪرم به ڪري ٿو ۽ ظالم ۽ جابر تي لعنت ڪري ٿو. هيءَ دنيا امتحان جو ڪلاس آهي جيڪو پاس ٿيو اهو الله تعاليٰ جي رحمت ۽ ڪرم جو حقدار ۽ جيڪو هن امتحان ۾ فيل ٿيو اهو الله تعاليٰ جي قهر ۽ لعنت جو حقدار بڻيو.
اهي ڪم جيڪي انسان کي انسان مان حيوان بڻائي ڇڏين ٿا اهي هيٺ بيان ڪجن ٿا.
ذخيره اندوزي: اسلام ۾ ذخيره اندوزي ڪندڙ گنهگار، خطا ڪار ۽ ملعون آهي، ڇو ته هن ڪم سبب اهي شيون مهانگون ٿي وڃن ٿيون ۽ معاشرو مصيبت جو شڪار بڻجي وڃي ٿو. غريب وڌيڪ غريب ۽ ذخيره اندوز وڌيڪ مالدار ٿي وڃي ٿو. غريب ۽ مسڪين ماڻهو جي زندگي ذخيره اندوز عذاب بڻائي ڇڏين ٿا. ڪنهن زماني ۾ ماڻهو کنڊ لاءِ پريشان هئا ته وري ٻئي زماني ۾ ماڻهو اٽي لاءِ خوار خراب ٿيندا هئا. ٽماٽا ڪڏهن 10 روپيه ڪلو ته ڪڏهن 300 روپيه في ڪلو. هي آهن ذخيره اندوزن جا ڪارنامه رمضان شريف ۾ به بي غيرت واپاري هر شيءَ مهانگي ڪري ڇڏيندا آهن.
ذخيره اندوزن متعلق ڪجهه حديثون ملاحظه ڪريو:
حضرت معمر رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “ذخيره اندوزي ڪرڻ وارا گنهگار آهن (مسلم)
حضرت عمر رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “جيڪڏهن ڪو مسلمان اناج کي روڪي، پوءِ وڪرو ڪري، الله تعاليٰ ان کي ڪوڙهي ۽ تنگ دست ڪندو” (ابن ماجه)
حضرت معاذ رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته:
“ذخيره اندوزي ڪندڙ تمام برو آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن الله تعاليٰ قيمت گهٽائي ٿو ته هو غمزده ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن قيمت مهانگي ڪري ٿو ته هو خوش ٿئي ٿو.” (بيهقي)
حضرت ابو امامه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جيڪو شخص چاليهه ڏينهن اناج روڪي ٿو ۽ پوءِ جيڪڏهن اهو سمورو اناج صدقو ڪري ٿو، تڏهن به سندس گناهه جو ڪفارو ٿي نه ٿو سگهي. (زرين)
حضرت نعمان رضه بن بشير کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “هڪ اهڙو زمانو به ايندو جڏهن ماڻهو حلال ۽ حرام جو خيال ڪرڻ کان سواءِ جو کين هٿ لڳندو حاصل ڪندو.” (بخاري)
حضرت عمر رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “سوداگر کي رزق ڏنو ويو آهي ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙ ملعون آهي” (ابن ماجه دارمي)
اسلام ۾ حقوق العباد جي حقوق الله کان وڌيڪ اهميت آهي.
روزا نمازون، اي پڻ چڱو ڪم اوڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي. اهو فهم، جنهن طرف ڀٽائي سائين اشارو ڪيو آهي، اهو حقوق العباد “انسان ذات جو ڀلو ڪرڻ” الله تعاليٰ جي مخلوق تي رحم ڪرڻ سڀ کان وڏي عبادت آهي خدمت خلق الله تعاليٰ جي بندن تي ڪهل ڪريو! رحم ڪريو! الله تعاليٰ پنهنجا حقوق ته معاف ڪري سگهي ٿو، پر حقوق العباد ڪڏهن به معاف نه ڪندو ۽ نه ڪري سگهي ٿو. مظلوم بندو جڏهن خود معاف ڪري يا ظالم جون نيڪيون وٺي کيس ان جي بدلي ۾ بخش ڪري. روز محشر ۾ هر ڪنهن کي پنهنجا اعمال ڇڏائين، ڪير ڪنهن کي بچائي نه سگهندو.
جن ظالمن هن جهان ۾ ظلم ڪيا آهن. انهن کي دوزخ ۾ ابتو ٽنگيو ويندو. اڄ ڪلهه وياج جو ڪاروبار وڌي ويو آهي. گهر گهر ۾ هي ڪنو ڪاروبار جاري آهي، انهيءَ سلسلي ۾ قرآن مجيد جون چند آيتون ۽ رسول الله ﷺ جون چند حديثون ملاحظه ڪيو:
قرآن شريف جي سوره البقره جو پورو هڪ رڪوع وياج کي حرام قرار ڏيڻ بابت لکيل آهي، جنهن ۾ سود خور کي ابدي جهنمي قرار ڏنو ويو آهي. يعني وياجيءَ جي ڪنهن طرح به شفاعت نه ٿيندي، هو هميشه لاءِ جهنم جي باه ۾ سڙندو رهندو.
سوره البقره جي اها آيت نمبر 276 هن طرح لکيل آهي:
وَاَحَلَّ اللهُ الۡبَيۡعَ وَحَرَّمَ الرِّبٰواط فَمَنۡ جَآءَ مِّنۡ رَّبِّہ فَانۡتَهيٰ فَلَہ مَاسَلَفَ ط وَاَمۡرُه اِلَي اللهِ وَمَنَ عَادَ فَاُ ولٰئک اَصۡحٰبُ النَّارِج هُمۡ فِيۡهَا خٰلِدُوۡنَ. (البقره 275)
قرآن مجيد جي سوره البقره ۾ ئي لکيل آهي ته وياج خوري الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول ﷺ سان جنگ جوٽڻ جي برابر آهي، سوره البقره جي اها آيت هي آهي.
يآيُّهَا الَّذِيۡنَ اٰمَنُوۡا التَّقُوۡ اللهُ وَذَرَ وَامَا بَقۡيَ مِنۡ الرّبِوا اِنۡ کُنۡتُم مُؤمِنِيۡنَ فَا اِنۡ لَّمُ تَفۡعَلُوۡا فَاذَنُوا بِحَريۡمَ مِّنۡ الله وَرَسولِہِ ج.
قرآن مجيد کان علاوه هيءَ حديث شريف ۾ به موجود آهي ته وياج جو ڪارو بار حرام آهي. جنهن جا ستر درجا آهن سڀ کان گهٽ درجي جو گناهه ماءُ سان زنا جي برابر آهي. اها حديث شريف هي آهي:
اَلرِبوا سَبۡعُوۡنَ جُزءُ اَيۡسَر هَا اَنَ يَّنِکِحَ الرَجَل اُمَّہُ (ابن ماجه)
اي! مسلمان ٿورو سوچو! ڪوئي غليظ ۾ غليظ ۽ ڪافر به پنهنجي ماءُ سان زنا ڪري سگهي ٿو؟ بلڪل نه! ته پوءِ توهان وياجي پنهنجي ماءُ سان ڇوٿا زنا ڪريو؟ يا ته توهان انسان نه بلڪه خنزير آهيو يا توهان جو الله ان جي رسول ۽ قرآن شريف تي ڪو ويساهه ئي ڪونهي. توهان کي پئسا ملن پوءِ اوهان پنهنجي ماءُ سان به زنا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو ٿا. ڪو شرم حياءُ ڪريو! اهي پئسا ڇا ڪندؤ؟ جيڪي توهان کي انسان مان خنزير بڻائي ڇڏين. وري نالا به مسلمانن جا رکيا اَٿوَ، نماز به پڙهو ٿا ۽ ڏاڙهي به وڏي رکائي اَٿوَ؟ ڪو ته شرم حياءُ ڪريو. ٻُڏي مرو، اهڙا پئسا بي غيرت، انسانو ڪهڙي ڪم جا؟ غليظ ۾ غليظ درنده خنزير ئي آهي جيڪو پنهنجي ماءُ ڀيڻ تي چڙهندو آهي ۽ ٻين کي به خوشيءَ سان انهن تي چڙهڻ ڏيندو آهي. وياجي ۽ خنزير ۾ پوءِ ڪهڙو فرق ٿيو؟ بلڪه وياجي کي خنزير سان مشابهت ڏيڻ، خنزير جي بي عزتي آهي.
توبه هر وقت قبول ٿئي ٿي هاڻي ئي توبه تائب ڪيو الله تعاليٰ وڏو رحيم ۽ رحمان آهي. جيڪو پئسو اوهانجو ماڻهن طرف رهيل آهي ڇڏي ڏيو ۽ آئنده اهو ڌنڌو ڇڏي ڏيو. پڪ ڄاڻو اهو سؤدو نقصان جو نه بلڪه فائدي جو سؤدو اَٿوَ.
دين اسلام احسان ۽ رحم ڪندڙن جو مذهب آهي. وياجي، بي رحم، ظالم ۽ خبيث فطرت جو مالڪ بڻجي وڃي ٿو. کيس ڪنهن به محتاج، تنگ دست، ۽ لاچار مسڪين تي قياس ۽ رحم نه ٿو اچي، هو هر حالت ۾ پنهنجو وياج وصول ڪري ٿو ۽ ڪنهن تي به هن کي ڪهل نه ٿي اچي، ميهڙ شهر جو هي هڪ سچو واقعو آهي ته وياج خورن هڪ مسڪين قرضيءَ کي ڏاڍو تنگ ڪيو، هڪ ڏينهن کين اهو قرضي شهر ۾ هٿ لڳي ويو. کيس ايڏو ته ڊوڙايائون، جو آخر تنگ ٿي هڪ کوه ۾ ٽپو ڏئي مري ويو. هي ٻن ٽن سالن جو واقعو آهي، اوهان کي جيڪڏهن بي انتها ظالم ۽ ڪمينو، درنده صفت ماڻهو ڳولهڻو هجي ته اهو وياجي ئي هوندو. ان ڪري وياج هر بڇڙي ۽ ڪراهت جوڳي عمل کان وڌيڪ بڇڙو عمل آهي.
دين اسلام ثروتمندن ۽ مالدارن کي تلقين ٿو ڪري ته هو مفلس، محتاج، ۽ اڙيلن کي قرضِ حسنه ڏين ۽ قرض جي وصولي ۾ کين مهلت ۽ سهولت ڏين. جيڪڏهن ڪو قرضدار ايترو لاچار آهي، قرض ادا نه ٿو ڪري سگهي ته ان کي قرض معاف ڪري ڇڏين. الله تعاليٰ اهڙن ٻانهن تي پنهنجو ڪرم ڪري ٿو ۽ انهن کي پنهنجي سايه ۾ ويهاري ٿو. هن سلسلي ڪجهه حديثون ملاحظه ڪريو:
حضرت ابو جرير رضه کان روايت آهي ته رسول ﷺ فرمايو “جيڪو شخص تنگدست کي (قرض وصول ڪرڻ ۾) مهلت ڏيندو يا ان کي (قرض) معاف ڪري ڇڏيندو ته الله تعاليٰ ان کي پنهنجي سايه هيٺ ويهاريندو.”
حضرت جرير رضه بن عبدالله کان روايت آهي ته رسول ﷺ فرمايو ته “انهيءَ شخص تي الله ڪڏهن به رحم نه ڪندو جيڪو ماڻهن تي رحم نه ٿو ڪري” (متفق عليه)
حضرت ابو قتاده رضه کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله ﷺ “جيڪو شخص تنگدست کي (قرض ۾) مهلت ڏيندو يا معاف ڪندو ته الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ان کي سختين کان نجات عطا ڪندو. (مسلم)
حضرت عبدالله رضه بن عمر کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو “مخلوق تي رحم ڪرڻ وارن تي رحمان رحم ڪري ٿو. جيڪي زمين تي رهن ٿا توهان انهن تي رحم ڪريو ۽ جيڪو آسمانن ۾ رهي ٿو اهو اوهان تي رحم ڪندو.” (ابو دائود)
ڏسو مٿين حديثن ۾ لفظ مخلوق چيل آهي يعني زمين تي رهندڙ هر مخلوق لاءِ اهو ساڳيو حڪم آهي ته اوهان رحم ڪريو. اسلام انسانن سان گڏ حيوانن ۽ سڀني چرندن ۽ پرندن لاءِ به رحم جو درس ڏئي ٿو.
اسلام ۾ صرف قرض ڏيندڙ لاءِ قاعدا قانون نه آهن. بلڪه قرض وٺندڙن لاءِ به اهڙا قاعدا قانون موجود آهن. جيڪو قرض وٺي پوءِ واپس نه ڪري ان لاءِ به روز قيامت ۾ سخت عذاب آهي. اهڙي شخص جي جنازه نماز به حضور ﷺ جن پڙهڻ کان انڪار ڪيو هو. اسلام ۾ شهيد جو درجو تمام وڏو آهي. وڏا وڏا صحابي رسول اها حسرت رکندا هئا ته کين شهادت نصيب ٿئي. شهيد لاءِ قرآن مجيد ۾ لکيل آهي ته شهيد کي مئل نه چئو! شهيد زنده آهي ۽ کيس پنهنجي رب وٽان رزق ملي ٿو. پر جيڪڏهن ڪو شهيد قرض ادا ڪرڻ کان اڳ شهيد ٿي وڃي ته سندس سمورا گناهه سواءِ قرض جي معاف ڪيا وڃن ٿا. قرض جيستائين ادا نه ڪيو ويندو قرضيءَ جو روح انهي قرض سان گڏ لٽڪندو رهندو، قرض وٺندڙ لاءِ به ڪجهه حديثون آهن.
حضرت ابو هريره رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو “مومن جو روح سندس ذمي قرض سان گڏ لٽڪندو رهندو، جيستائين سندس قرض ادا نه ڪيو ويندو” (شافعي ترمذي ابن ماجه ۽ دارمي)
حضرت عبدالله رضه بن عمر کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو “قرض کان سواءِ ٻيا سڀ گناهه شهيد جا معاف ڪيا وڃن ٿا” (مسلم)
حضرت ابو موسيٰ رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو “سڀ کان وڏو گناهه سواءِ گناهه ڪبيرا جي اهو آهي ته ڪو شخص مري وڃي ۽ پنهنجي ذمي قرض ڇڏي وڃي.” (احمد ۽ ابو دائود)
اسلام هر قسم جي بي ايماني، بي حيائي، لوٽ کسوٽ، چوري زوري، ظلم ڏاڍ، غبن فراڊ ۽ پرائو حق کائڻ وارن کي هميشه لاءِ جهنم جي باهه ۾ ابتو ٽنگي ساڙڻ جو چتاءُ اڳواٽ ڏئي ڇڏيو آهي انجي باوجود به ڪير ڪافر ٿي مري وڃي ۽ دوزخ ۾ هميسشه لاءِ سڙڻ قبول ڪري ته سندس مرضي. ڏينهن قيامت جي الله تعاليٰ جي دربار منعقد ٿيندي ۽ جابرن بي ايمانن کان نهايت سختي سان حساب ورتو ويندو. ظالم دوزخ ۾ ۽ رحمدل ۽ نيڪ بنده بهشت ۾ داخل ڪيا ويندا.
هن سلسلي ۾ به چند حديثون هيٺ ڏجن ٿيون من ڪو ڀٽڪيل سڌي راهه تي اچي به وڃي.
حضرت ابن عباس رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “غلط ماپ تور ڪندڙ اڳيون قومون هلاڪ ٿي ويون (ترمذي)
حضرت سعيد رضه بن زيد کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “جيڪو شخص ظلم ۽ زبردستي سان ڪنهن جي هڪ ڱراٺ زمين به ڦٻائيندو ته ڏينهن قيامت جي ستين زمين تائين جو طوق سندس ڳچيءَ ۾ لڙڪايو ويندو.” (متفق عليه)
حضرت علي رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو “جنهن ناحق ڪنهن جي زمين جي هڪ ڱراٺ برابر به زمين ڦٻائي ته روز قيامت جي ان کي زمين کوٽڻ لاءِ حڪم ڪيو ويندو، جڏهن ستين زمين تائين پهچندو ته پوءِ زمين سندس ڳچيءَ ۾ طوق ڪري وڌي ويندي، جيستائين انهن ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي.” (احمد)
حضرت سالم رضه پنهنجي پيءُ کان ٻڌل روايت دهرائي آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “جنهن ناحق زمين جو ڪجهه حصو ڦٻائيو، ڏينهن قيامت جي کيس ستين زمين تائين هيٺ دٻائيو ويندو.” (بخاري)
حضرت جابر رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو “جنت ۾ اهو گوشت داخل نه ٿيندو جيڪو حرام مال کائي پليو آهي.” (احمد دارمي ۽ بيهقي)
حضرت عبدالله رضه بن عمر کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “ڪامياب اهو شخص ٿيو جيڪو مسلمان ٿيو ۽ کيس ضرورت جيترو رزق ڏنو ويو ۽ الله تعاليٰ کيس ان عطاءَ تي راضي ٺاهيو.” (مسلم)
اڄ ڪلهه ڪا اهڙي هوا لڳي آهي جو هر ڪو چاهي ٿو ته مال اچي، ڀلي حرام هجي ۽ ڀلي سندس منهن ڪارو ٿئي، ڀلي جهنم جو ٻارڻ بڻجي، مگر مال ۽ دولت ملي. پرواهه ناهي ماءُ، ڀيڻ ۽ زال جي دلاليءَ جي رقم ڇو نه هجي پر دولت ايندي رهي ۽ گڏ ٿيندي رهي. اهڙو حرص ۽ ايتري حوَس جو ماڻهوءَ منجهان حيوان ۽ شيطان بڻجي وڃي، ڪهڙو فائدو، حرام دولت ڇا ڪندؤ؟ ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ وياج جو ڪاروبار بام عروج تي پهچي چڪو آهي. هر گهر ۾ وياج جو ڌنڌو هلي ٿو. وياج ڏيندڙ، وياج وٺندڙ انهيءَ ڪاروبار ۾ هر وچ وارو يا شريڪ گنهگار آهن ساڳي طرح شراب ٺاهيندڙ، شراب وڪڻندڙ، شراب پيئندڙ، شراب پهچائيندڙ، شراب کڻي ڏيندڙ گنهگار ۽ جهنمي آهي. جهڙي طرح ڪُتي جو پيشاب حرام آهي ساڳي طرح شراب به حرام آهي گڏهه جو پيشاب بلڪل ڀنگ جهڙو ٿئي ٿو. سمجهو ته شرابي ڪُتي جو پيشاب پيئي ٿو ۽ ڀنگ پيئندڙ گڏهه جو پيشاب پي رهيو آهي. حرام سڀ حرام آهي ۽ نشئي سڀ جهنمي آهن. انسان نما جانورن ۽ حيوانن جي مئل ضمير کي جهنجهوڙڻ مقصد آهي من ڪو ڀليل ڀٽڪيل سئين راهه تي اچي به وڃي!
ان کان سواءِ هر هڪ ماڻهو ڦرلٽ، بي ايماني، بي حيائي، لوٽ کسوٽ، ٺڳي فراڊ، چوري زوري، ڀتو خوري مفت خوري جهڙن ذليل ڪمن ۾ مصروف آهي. نه خوف خدا نه خوفِ رسول، عزت نه عاقبت جو خيال، نه قبر نه قيامت جي عذاب جو ڪو ڊڄ ڊپ. بس ڪهڙي به طرح پئسو اچي ۽ مال دولت گڏ ٿئي. هي دنيا ته صرف مانجهاندي جو ماڳ چئي وڃي ٿي پوءِ انهيءَ گهڙي پلڪ جي زندگيءَ لاءِ پنهنجو ڪارو منهن ڇو ڪجي؟ ڪجهه حديثون هن سلسلي ۾ به ملاحظه ڪريو.
حضرت جابر رضه کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن رسول الله ﷺ ٻڪريءَ جي مئل ٻچي جي ڀرسان لنگهيو جن جا ڪن سڪل ۽ ننڍڙا هئا. حضور ﷺ جن فرمايو توهان مان هي مئل ٻچو هڪ درهم ۾ ڪير خريد ڪرڻ چاهيندو؟ سڀني صحابه ڪرام چيو اسان ته ڪنهن به قيمت تي اهو خريد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. حضور ﷺ جن فرمايو الله جو قسم، الله تعاليٰ جي نزديڪ دنيا دولت نهايت ذليل آهي جهڙي طرح اوهان جي لاءِ هي مئل ٻڪريءَ جو ٻچو حقير ۽ ذليل آهي. (مسلم)
حضرت ابو هرير رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو “هي دنيا مومن لاءِ قيد خانو ۽ ڪافر لاءِ جنت آهي. (مسلم)
حضرت انس رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته الله تعاليٰ ڪنهن به مسلمان جي نيڪي ضايع نه ٿو ڪري. انهيءَ نيڪيءَ جو اجر مسلمان کي هت به ملي ٿو ۽ آخرت ۾ به انجو بدلو کيس ڏنو وڃي ٿو. مگر ڪافر جيڪي سٺا ڪم الله تعاليٰ جي خاطر هتي ڪري ٿو انجو بدلو کيس هن دنيا ۾ ڏنو وڃي ٿو. ايتري قدر جو آخرت ۾ هن لاءِ ڪوبه اجر يا نيڪي نه هوندي. (مسلم)
مٿي ذڪر ڪيل ٽنهين حديثن جو مطلب ٿيو ته مال، ملڪيت ۽ دولت جي وقعت ٻڪريءَ جي مئل ٻچڙي جي برابر آهي ۽ رسول الله ﷺ الله تعاليٰ جو قسم کائي فرمايائون ته دولت، مال ۽ ملڪيت الله تعاليٰ جي نزديڪ هڪ ذليل ۽ بڇڙي شيءِ آهي. گهڻا مسلمان جيڪي گناهه ڪبيرا ۾ ملوث آهن. جهڙوڪ وياج ۽ حرام پئسو وٺڻ جنهن جو کين ڪو حق نه ٿو پهچي، شراب پيئڻ، زنا ڪرڻ، پرائو مال بي ايماني ۽ ٺڳي ۽ زور زبردستي سان حاصل ڪرڻ هُو مسلمان مان ڦري ڪافر بڻجي وڃن ٿا. مگر ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جي خاطر ڪجهه چڱا ڪم ڪن ٿا مثلاً نماز پڙهڻ، روزا رکڻ، فقير کي خير و خيرات ڏيڻ. ڪنهن مظلوم جي داد رسي ڪرڻ وغيره ته الله تعاليٰ نه ڪنجوس آهي ۽ نه وري ڪنهنجو حق رکڻ وارو آهي. انڪري هن دنيا ۾ اهو ڍونڍ ۽ مردار شيءِ جيڪا انهيءَ بدڪار جي پسند آهي، اها کيس جام ڏئي، کيس مالا مال ڪري ڇڏيو اٿس جيئن ڪافرن کي ڏني اٿس ۽ مومنن کي غربت ۽ قناعت عطا ڪئي اٿائين. ڇو ته مومنن لاءِ قيامت جي ڏينهن اجر ۽ عطا هوندي ۽ ظالمن ۽ فاسقن ۽ فاجرن کي ڪافرن جي ٽولي ۾ شمار ڪري. هر عطا کان محروم ڪيو ويندو ۽ هميشه لاءِ جهنم ۾ سڙندا رهندا. مٿاڇرو ڪلمو پڙهڻ سان ڪو مسلمان ٿي نه ٿو وڃي. ڪلمو دل سان پڙهڻو آهي ۽ الله ۽ انجي رسول تي مڪمل ايمان رکڻ ۽ انهن جي احڪامات تي عمل ڪندڙ کي ئي مومن ۽ مسلمان چيو وڃي ٿو. فاسق، فاجر، ظالم ۽ حرام خور لاءِ واضح احڪامات آهن ته هو اسلام کان خارج ۽ ٻاهر آهن ۽ جنت جا قطعي حقدار نه آهن. هي لوڀي لالچي حرام خور روز ڏسن ۽ ٻڌن ٿا ته هڪ ظالم ڀاءُ جو موت ٻئي ظالم ۽ حرام خور ڀاءُ هٿان سندس ملڪيت ڦٻائڻ خاطر ڪيو ويو، زال پنهنجي مڙس کي پنهنجي يار هٿان. ملڪيت خاطر خون ڪرائي ڇڏيو، پٽن پنهنجي پيءُ کي ملڪيت حاصل ڪرڻ لاءِ بندوق هڻي اڦٽ ماري ڇڏيو، جنهن حرام خور پيءُ پنهنجي اولاد لاءِ اهو ڍونڍ ظلم ڏاڍ ٺڳي ۽ بي ايمانيءَ سان گڏ ڪيو يا ته اهو اولاد چريو، کريو ۽ موالو ٿي ويو يا ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي مري ويو. پوءِ به اهي لالچي ظالم سمجهن نه ٿا ته هو اهو ڍونڍ ڇو گڏ ڪري رهيا آهن؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ گڏ ڪري رهيا آهن؟
ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙيءَ جي جاهل ۽ جهنگلي ماڻهن جي برعڪس وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، لاهور، حيدرآباد ۽ اسلام آباد وغيره جي ماڻهن کي ڏسو، لکن روپين جي حساب سان هو خيرات ۽ زڪواة اسپتالن، مدرسن، مسجدن ۽ يتيم خانن کي ڏين ٿا. اوهان صرف لاهور، ڪراچي ۽ حيدرآباد جو مثال وٺو. لاهور جي صرف هڪ اسپتال “شوڪت خانم ڪينسر هاسپيٽل” کي مخير حضرات کان ڏهه لک روپيه روزانو امداد ملي ٿي. ڪينسر جي مريضن جو مفت علاج ڪيو وڃي ٿو. کانئن هڪ روپيو به وصول نه ٿو ڪيو وڃي. ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۽ جناح اسپتال ۾ مريضن جون سموريون ٽيسٽون مفت ٿين ٿيون، جيڪي دوائون اسپتال ۾ موجود هونديون. اهي مفت کين فراهم ڪيون وينديون آهن. جيڪي به آپريشنس ٿينديون آهن يا ٻيو علاج ڪيو ويندو آهي بلڪل مفت. جيڪي بلڪل غريب مريض هوندا آهن. انهن لاءِ مخير ماڻهن خيرات ۽ زڪواة جا لکين روپيه اسپتالن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندا آهن جن مان غريبن جو مفت علاج ڪيو ويندو آهي. ايڌي، ڇيپا ۽ سيلاني ٽرسٽ پاران اسپتالن ۾ غريبن لاءِ مفت مانيءَ جو انتظام هوندو آهي. اتي هڪ وڏو هال موجود هوندو آهي. جنهن ۾ ميزون ۽ ڪرسيون رکيل هونديون آهن. ان هال اندر جو به ماڻهو وڃي ڪرسيءَ تي ويٺو، ان کي ماني ملندي ڀلي ڪير به هجي. باقي اسپتال جي وارڊن ۾ مريضن کي ماني انهن ادارن جا ملازم ڏئي ويندا آهن. منهنجي اندازي موجب صرف سول اسپتال ۾ روزانه هر هڪ ويلي تي پنجاهه هزار ماڻهو ماني کائن ٿا. ماني به تمام سٺي نيرن تي اوڦراٽا، انڊا ۽ چانهه، منجهند جو برياني، رات جو مرغي يا گوشت جو ٻوڙ ۽ نان مطلب ته نهايت صفائي فضليت سان ڏينهن ۾ ٽي دفعا ماني کارائي وڃي ٿي. ان کان علاوه ڪراچيءَ جي شهر ۾ سوين هوٽلون اهڙيون آهن جتي فقير، موالين ۽ نشين ۽ مزدورن کي ٽي وقت ڏينهن ۾ مفت ماني ملندي آهي، هر هڪ هوٽل تي ٽي چار هزار مسڪينن کي مفت کاڌو ڏنو ويندو آهي. اهڙوئي حال حيدرآباد جو به آهي، پر ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ گهٽ. سياري جي موسم ۾ ايڌي، ڇيپا ۽ سيلاني ٽرسٽ وارا فوٽ پاٿ تي ستل فقيرن ۽ مزدورن کي هزارن جي تعداد ۾ ڪمبل لويون ڏئي ويندا آهن. ڪراچي جي ڊاڪٽر اديب رضوي جي بڪين واري اسپتال کي سڄي دنيا مان ڪروڙين روپيه روزانه خيرات ملي ٿي. هن اسپتال ۾ به مريضن جو وي. آءِ پي علاج ڪيو وڃي ٿو. بلڪل مفت، ڪمرا به ايئر ڪنڊيشن آهن.
اسانجي سنڌ جي سنڌين جو الله تعاليٰ الائي ڇو منهن ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. رشوتي به سنڌي حرام خور به سنڌي. ڪنهن به سنڌي وڏيري، سياستدان يا واپاري عوام جي ڀلائي خاطر پنهنجي بيشمار دولت مان ڪوبه ڪاليج، اسپتال، مسجد يا مدرسو في سبيل الله عوام جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ قائم نه ڪيو آهي. انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهبود ۽ فائدي لاءِڪوبه خيراتي ادارو قائم نه ڪيو آهي. ضرورت وارن فلاحي ۽ اجتماعي فائدي وارن ڪمن طرف ڪو ڌيان ئي ڪونهي. ڪتن، ڪڪڙن، گهوڙن ۽ گڏهن پالڻ جي خفت ۾ محو ۽ مگن آهن. ڪنهن به هيلٿ سينٽر ۾ ڇتي ڪتي جي کاڌل، نانگ جي ڏنگيل ۽ هيپاٽائيٽس جي مريضن لاءِ وئڪسين ۽ سيون بنان رشوت جي نه ملنديون. هي حال آهن اسان جي سنڌي ڀوتارن جا. بس! سنڌي اجرڪ ٽوپيون پائي وتن ٿا هو جمالو ڳائيندا. ڀنگ جو ڪونڊو ڏينهن ۾ چٽ. ڪهڙو نه سٺو ٿئي جيڪڏهن ميهڙ جا سڀ ڊاڪٽر صاحب، محترم ڊاڪٽر محمد خان شيخ جي نقش قدم تي هلي هفتي ۾ صرف هڪ ڏينهن في سبيل الله مريضن جو مفت علاج ڪن ۽ ڍونڍ گڏ ڪرڻ بدران غريبن جون دعائون ۽ الله تعاليٰ جون رحمتون ڪٺيون ڪن. ياد رکو حرام مال اوهان جي نسل کي تباه و برباد ڪري ڇڏيندو. جنهن اولاد لاءِ اوهان ناجائز مال ڦرمار ڪري ڪٺو ڪريو ٿا اهو اوهانجو اولاد چريو، لولو لنگڙو ۽ موالو ٿي ويندو. اهڙو حرام مال ڪهڙي ڪم جو جنهن سبب ٻئي جهان جهنم بڻجي وڃن نه هن جهان ۾ سڪون ۽ نه آخرت ۾ ڪو ڇوٽڪارو. الله تعاليٰ پاڻ فرمايو آهي مال دولت ڍونڍ مثل آهي. اوهان کي اهو ته بخوبي معلوم آهي ته ڍونڍ جا پياسي ڪتا هوندا آهن. واڪا ڪرڻ مون وس! سچ چيو اٿن سنڌ چاليهه سال پهريائين غرق ٿيندي. غرق ٿي چڪي آهي، انساني شڪل ۽ صورت ۾ شيطان ۽ ابليس هر جڳهه موجود آهن. خبر ناهي امام مهديءَ جو ظهور الائي ڪڏهن ٿيندو. ديڳ ته تتي پئي آهي. ظالمن کي منڍين کان جهلي ان ۾ الائي ڪڏهن اڇليو ويندو؟ لوه ته تتل آهي بس وڏاڻن جي ضرورت آهي.
اڄ ڪلهه ملڪ ۾ موجود بينڪاري نظام سراسر سودي ۽ حرام آهي سواءِ ڪرنٽ اڪائونٽ جي نوڪرين وارن ملازمن کي ملندڙ پراويڊنٽ فنڊ جنهن ۾ اڌ رقم، کاتو پنهنجي طرف ملائيندو آهي اهو به وياج آهي.
انشورنس پاليسي وٺڻ به حرام آهي. هن ۾ وياج ۽ جوا ٻئي موجود آهن.
پرائيز بانڊ به حرام آهي.
قسطن تي شيون وٺڻ به حرام ۽ سود آهي.
سمال فنانسنگ آفيسن مان قرض کڻڻ به حرام ۽ سود آهي. اهڙا قرض ڏيندڙ به سڀ وياجي ۽ حرام خور آهن.
ان انهيءَ شرط تي ڏيڻ ۽ وٺڻ ته مهيني يا ٻن بعد ان جو اگهه هيترو يا هيترو ڏنو يا ورتو ويندو اهو بلڪل سود ۽ حرام آهي.
نوٽ: سود يا وياج جون جيڪي مختلف شڪليون ۽ صورتون مٿي بيان ڪيون ويون آهن جيڪڏهن انهن جي روشنيءَ ۾ سروي ڪئي ويندي ته 90 سيڪڙو واپاري ۽ دڪاندار وياجي ۽ حرام خور ثابت ٿيندا ۽ 95 سيڪڙو وڏا ماڻهو انهيءَ زمري اندر ايندا.
الله تعاليٰ کين دولت بي انتها انهيءَ ڪري ڏني آهي جو ڪوڙي يا سچي دل سان نماز پڙهن ٿا، قرآن شريف پڙهن ٿا ۽ ڏيکاءَ لاءِ يا سچي دل سان خيرات الله جي نالي تي ڏين ٿا. الله تعاليٰ ڪنهن جو هڪ مشقال برابر چڱو ڪم ضايع ڪرڻ وارو نه آهي ان ڪري کيس هن دنيا ۾ ڪافرن جي لسٽ ۾ شامل ڪري سندن پسند جي شيءِ ڌن ۽ دولت جيڪا درحقيقت ڍونڍ برابر آهي انهن کي ڏئي ڇڏي آهي ڇو ته آخرت ۾ انهن جو حصو نه هوندو، هن سلسلي ۾ حديثون ڏينون ويون آهن. جيڪڏهن ڪوبه شخص انهن ڳالهين کان بي خبر ۽ اهڙي حقيقت کان اڻ ڄاڻ آهي ته هن ڪاوش مان سبق حاصل ڪري.
واڪا ڪرڻ مون وس
***