سچائي سڳنڌ
معاشري جي اصلاح جو بنياد “نيڪيءَ جو ڏس ڏيڻ ۽ برائي کان روڪڻ” جنهن کي قرآن مجيد ۾ امربالمعروف ونهي عن المنڪر چيو ويو آهي. امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو وس رکندڙ، پنهنجي ان ذمي کان وانجهيل رهيا ته پوءِ رهنمائن سان گڏ پوري قوم آسماني سزا ۾ اچي ويندي.
“جنهن کي جيئن وڻي سو تيئن ڪري” يا “اسان جو ڇا وڃي؟” جهڙا جملا انساني معاشري سان مناسبت نٿا رکن.
جرم جي ان فضا ۾ ڏوهن جا به درجا آهن. هڪڙا ڏوهه هڪ شخص سان تعلق رکن ٿا، ٻيا ڏوهه اهڙا آهن جيڪي عام ماڻهن جي ايذاءَ ۽ تڪليف جو سبب بڻجن ٿا. جيئن چوري، ڌاڙو، بليڪ مارڪيٽنگ، ذخيره اندوزي، جوا ۽ وياج جو ڪاروبار.
وياج اهڙو جرم آهي جنهن جو ذميوار ڏيندڙ ۽ وٺندڙ نه پر ضامن، سفارش ڪندڙ، لکندڙ، شاهد وغيره برابر جا شريڪ آهن.
اسان جي دور جو قلمڪار جناب رئيس شمس الدين ابن ضياء هڪ اهڙو عالم آهي، جنهن کي سماجي براين تي ڳڻتي آهي، جڏهن ته هڪ شخص معاشري کي تبديل نٿو ڪري سگهي. پر هي وس ته آهي جو ڪنهن برائي جي نشاندهي ڪري پوءِ وڌيڪ هدايت هادي جي هٿ آهي رئيس موصوف جو گهراڻو علم ۽ ڏاهپ جي حوالي سان سنڌ، هند ۾ شهرت رکي ٿو. جيئن سندن وڏن رئيس ضياء الدين ضيا ۽ رئيس شمس الدين بلبل سماج جي پيڙجندڙ طبقي لاءِ سوچيو، لکيو ۽ عملي جدوجهد ڪئي ته رئيس موصوف به ان نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. دعاگو آهيان ته هنن اکرن جي سچائي ڪنهن ماڻهو جو من موهي وجهي ته پوءِ رئيس جي محنت بلڪل ساب سمجهي.
خادم ادب
جوهر بروهي
فريد آباد
19 فيبروري 2015ع