انڌير نگري چرٻٽ راجا
مِلن وارن آ مچائي هڪ هٽي
رب ڪريم کي پارت آهي
ويل ۾ ساري رعيت آهي
چرٻٽ راجا سنڌ سونهاري،
اٽڪي پڳ ۾ آٻير جي ٽاري،
ڀنڱ پيون بس ڪن پيا بهاري،
ڌارين آ سڄي سنڌ ٻُهاري،
ڪونهي ساڃهه ڪونهي ياري،
رب ڪريم کي پارت آهي
ويل ۾ ساري رعيت آهي
درد انهيءَ آ دلڙي ڦٽي،
ڪندو ڪير به نه مرهم پٽي،
جاهل وِياجي ٿيا لک پتي،
ماروئڙن لئه سي بڻيا چٽي،
ڄڻ ته سماج جي آ قسمت ڦٽي،
رب ڪريم کي پارت آهي
ويل ۾ ساري رعيت آهي
سنڌ جو قهر ۽ ڪلور حوالو،
ڳائن ڦورو ۽ چور جمالو،
“شمس” ڏٺوسين وقت نرالو،
لڳندو مهانگائي کي نيٺ ته تالو،
سستيون ساريون مهانگو ٻٽالو،
رب ڪريم کي پارت آهي
ويل ۾ ساري رعيت آهي