شيخ اياز
شيخ اياز کي 1965ع ۽ 1971ع ۾ سرڪار جي جنگي پاليسين خلاف ڪيل مزاحمتي شاعريءَ جي بدلي ۾ جيل به وڃڻو پيو ۽ پنهنجي طويل ادبي زندگيءَ واري اِن دؤر ۾ اياز جي شخصيت پهاڙن تان لهندڙ درياءَ جيان لڳي ٿي، جيڪو درياءَ جتان جتان گذريو، اُتان اوتان سڀني کي سيراب ڪندو ۽ رڪاوٽن کي ٽوڙيندو هليو ويو. ليڪن اهو درياءُ ٿوري عرصي لاءِ تڏهن خاموشيءَ ۾ اچي ويو، جڏهن کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو هو. پر اياز وٽ اهو جمود گهڻو عرصو نه رهيو ۽ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ هُو هڪ ڀيرو وري پنهنجي شاعراڻي موج ۾ اچي ويو. باوجود ان جي جو هُن جي صحت، هُن کي ايتري لکڻ جي اجازت نه پئي ڏني پر پوءِ به هُو شاعريءَ کي عبادت سمجهي مسلسل لکندو رهيو ۽ آخري وقت تائين بقول سندس ته ننڊ ۽ جاڳ، ٻنهي حالتن ۾ قلم هُن جي هٿن مان ناهي ڪِريو.
شيخ اياز، شاعريءَ جي چاليهارو کن ڪتابن کان علاوه نثر جا به ڪيئي ڪتاب ۽ چئن حصن تي مشتمل پنهنجي اڻپوري سوانح عمري لکڻ سان گڏ ’شاهه جو رسالو’ جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو پڻ ڪيو آهي
هيءَ حقيقت آهي ته جتي هُن سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين تازگي پيدا ڪئي، اُتي سندس نثر به ڪمال جو اثر ڇڏيو.
هِن خوبصورت شاعر جو مرتيو 27 ڊسمبر 1997ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. هن جي ابدي آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾، ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري تي واقع آهي.
شيخ اياز
انٽرويو وٺندڙ: پروڙ پينل
انٽرويو وٺندڙ: هن وقت توهان جي ڪهڙي ڪيفيت آهي؟
شيخ اياز: منهنجي هن وقت تمام چڱي ڪيفيت آهي. زندگي اوتري ئي پرمسرت آهي، جيتري اڳ ۾ هئي. صرف اهي ڳالهيون جيڪي اڳ ڪشش ڪنديون هيون، سي هاڻي ڪو نه ٿيون ڪن، پر ان جاءِ تي ڪي نيون ڳالهيون آهن، جيڪي زندگيءَ کي پوريون رکنديون ٿيون اچن. سو ڪيفيت نهايت چڱي آهي.
آءٌ ڏهن مهينن کان مسلسل لکندو ٿو رهان ۽ مان اها هام هڻي ٿو چوان ته دنيا جي ڪنهن به اديب پنجن هزارن سالن جي تاريخ ۾، ڏهن مهينن ۾ ايترو نه لکيو هوندو. مون ان وقت ۾ ڏهه ٻارنهن ڪتاب لکيا آهن جن ۾ ست ڪتاب منظوم شاعريءَ جا آهن، ٻه نثري نظمن جا ۽ ڪجهه نوٽس وغيره آهن. مطلب ته ڏهن ٻارنهن ڪتاب ٿي ويندا. باقي Quality جو فيصلو هر ماڻهو پنهنجي ليکي ڪندو. تازي ڪتاب ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ جا ساڍا ٽي سؤ صفحا ڇپيا آهن ۽ باقي اٽڪل ست اٺ سؤ صفحا کن ٻي ۽ ٽين ڀاڱي لاءِ مڪمل ڪري رهيو آهيان. ان کان علاوه ڪتاب ”نِنڊَ وَليون“ پنهنجي ليکي هڪڙو عجيب تجربو آهي. جيئن سورِيئلي شاعري جو تجربو ڪيو ويو هو. بيماريءَ جي دؤران مون کي ان ڳالهه جو احساس نه رهيو آ ته اهو سڀ ڪجهه مون لکيو آ يا ٻئي ڪنهن لکيو آ. Moving finger writes واري ڪيفيت آهي پر آڱرين کي ڪير ٿو هلائي، اها مون کي خبر نه آهي. ڪنهن مهل ٻي بجين رات جو ننڊ مان جاڳ ٿي ويندي هئي، قلم ۽ ڊائري ويجهو رکي هوندي هئي ۽ اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ ۾ لکندو هوس ۽ بتي نه ٻاريندو هوس. مان توهان کي نوٽ بڪ ڏيکاريان ته سٽون پکين جي پرن وانگر ٿيون اُڏامن، جيئن آڙيون هيٺ مٿي اڏامنديون آهن، اهڙي ئي نموني ٿيون اڏامن. ڪنهن مهل ڊائري اُبتي ٿي وڃي ٿي ته وري انهيءَ جي مٿان لکي ٿو وڃان. ٻئي ڏينهن اهو سڄو ڪَٽي اُن کي ڪاپي ڪيان ٿو. ڪنهن مهل مون کي Wheel chair تي ڪارڊيو ويسڪيولر اِنسٽيٽيوٽ جي ٻاهران وٺي ويندا هيا، هيٺان لان هوندي هئي، ان جي ورانڊي مان ويهي ماڻهو ڏسندو هوس. اُن وقت منهنجي دماغ ۾ ڪافي نظم ٺهي ويندا هيا ته يڪدم ڪمري ۾ موٽندو هوس ته وسري نه وڃن ۽ لکي ڇڏيان، ڇاڪاڻ جو شاعري آڙيءَ وانگر ته ناهي جو هر سال جيئن آڙي سائبيريا مان موٽي ايندي آ ائين موٽي اچي پر شاعري ته مڇيءَ وانگر آ، جي تِرڪي ويئي ته سمنڊ جي تري ۾ هلي ويندي. شعر جي سٽ کي ڪيفيت ئي پنهنجي آ. اڳ مون کي يادگيري ڏاڍي هوندي هئي. ڇاڪاڻ جو بار بار پڙهندو رهندو هوس. مون تڏهن ايترو نه لکيو هو ۽ اهو شعر ايترو ٿورو هو جو يڪدم مون کي ياد اچي ويندو هو. هاڻي ته جيڪڏهن توهان مون کي ڏيکاريندؤ ته اها سٽ مون لکي آ يا نه لکي آ، ته مون کي ياد نه ايندو. ڇو ته مون گهڻي تيزيءَ سان لکيو آ. انهيءَ لاءِ ٻه سبب آهن، هڪڙو ته ڪيترو وقت منهنجو اجايو ويو آهي ۽ مون کي پنهنجيءَ ڳالهه کي پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچائڻو آهي، ۽ ٻيو ته مون کي ڀرپور زندگيءَ جو احساس ۽Self Fulfilment رڳو انهيءَ تخليق ۾ ئي ملي ٿي. مون کي نه صلي جي پرواهه آهي، نه ڪنهن تحسين جي پرواهه آهي، نه ڪنهن پُٺيءَ ٺپ جي پرواهه آهي ۽ نه ڪنهن حڪومت جي Patronization جي پرواهه آهي. انهيءَ ڳالهه جو مون ڪو خيال نه رکيو ۽ نه ئي ان جي پرواهه آهي ته نئون نسل انهيءَ جي قدرداني ڪندو. نه اهو سوچيو آهي ته گهڻا ماڻهو آهن، اڪثريت Appreciateٿي ڪري يا اقليت. هن وقت جيڪي ڪجهه مون لکيو آهي، اهو سياسي پيغام جي لحاظ کان نه لکيو آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ منهنجي Political Poetry به اچي ٿي وڃي. منهنجي پنهنجي ذات جو اظهار ان ۾ آهي، جيڪو ڪڏهن ته سياست جو حصو آهي، پر انهيءَ ۾ جيڪي ٻيا انسان جا گوناگون مسئلا آهن، اهي منهنجي Mind کي Ocupy ڪندا رهيا آهن. ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ جو مون نالو ئي ان ڪري رکيو هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن مون کي جاڳ ٿيندي هئي ته ٿوري وقت کانپوءِ اسپتال ۾ پردو هٽائي ڏسندو هوس ته ڪتيون ڪر موڙينديون نظر اينديون هيون. مون کي ٿوري پنڌ ڪرڻ جي وٿي هوندي هئي، ان ڪري اٽينڊنٽ کي چوندو هوس ته ”دريءَ تان پردو هٽائي ڇڏ ته مان آسمان ڏسان ۽ منهنجي ۽ آسمان جي وچ ۾ ڪا ديوار نه رک.“ ڇو ته جي وڃڻو پئي ته ماڻهو سڌو هليو وڃي، ڪا روڪ نه هجي، تنهن کان پوءِ ننڊ وليون! لکيم. اهو ڪتاب خصوصن ۽ ٻيا عمومن مون لاشعور ۽ تحت الشڪور جي سرحد تي لکيا آهن. تنهن کان پوءِ ”سورج مکيءَ سانجهه“، جيڪو ٽي حصا آهن. تنهن کان پوءِ ٻه جلد نثري نظمن جا آهن. ”سَر لوهيڙيا ڳڀيا.“ انهيءَ ۾ هڪڙي به سٽ ڪٿان ترجمو وغيره ناهي. ڇاڪاڻ جو مان ڏاڍو حساس ٿي پيو آهيان، ڇو ته ڪجهه ماڻهو ڏاڍا ٽرڙا آهن. هڪڙيون 19 سٽون مليون اٿن ته بيوقوف گهڻو گوڙ پيا ڪن. ڪُوئي جي هيڊ ڳڙيءَ وارو مثال آهي. اهو ائين هوندو هو ته منهنجا سَوَ نوٽ بوڪ آهن، جيڪا سٽ مون کي Appealڪندي هئي ته اها آءٌ ڪاپي ڪري ڇڏيندو هوس. جيڪڏهن ليکڪ Significant هوندو هو ته انهيءَ جو نالو لکي ڇڏيندو هوس، ۽ ڪنهن مهل ته اُهو به وسري ويندو هو. تاجل مون وٽ آيو. چيومانس ته ”اهي جيڪي 19 سٽون تو لکيون آهن (نظم به ناهن سٽون آهن) انهن مان مون کي هڪڙي به ليکڪ جو نالو ٻڌاءِ. ڇو ته تو تازو لکيون آهن.“ هُو هڪڙي به ماڻهوءَ جو نالو نه ٻڌائي سگهيو (مون اهو جواب ٽيپ ڪري رکيو آهي.) اهي نوٽس مون تڏهن ورتا جڏهن مان V.C هيس. جڏهن منهنجي Original ۽ Creative لکڻي ختم ٿي چڪي هئي. ڪجهه مصلحتن ڪري مون نه پئي لکيو، ڪجهه حالتون اهڙيون هيون جن مون کي لکڻ نه ٿي ڏنو ۽ ڪجهه Compromising Situation هئي، تنهن منهنجي Talent کيRepress ڪري ڇڏيو. جڏهن يوسف شاهين کي مون ’پتڻ ٿو پُور ڪري’ اشاعت لاءِ ڏنو ته اتفاقن انهيءَ ۾ اهي سٽون به اچي ويون. هنن جو ته ايترو مطالعو ڪونهي، پر ڪجهه ٽڪرا انهن ۾ ناولن مان به هيا، جيڪي هينئر آءٌ محسوس ڪيان ٿو. اِهي ٽرڙا ماڻهو اهو نه ٿا سوچن ته جنهن ماڻهو هڪ لک سٽون لکيون آهن ۽ جيڪو پاڻ اُنهن کان سٺو لکي ٿو سگهي، تنهن کي ڪٿان 19 سٽن کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آ؟ مٿي ذڪر ڪيل مَسودن کان علاوه اٽڪل پنج سؤ صفحا مون انهن شخصيتن، شاعرن، فنڪارن، سنگتراشن، سياستدانن، انقلابين ۽ جن سياسي واقعن جو دنيا کي بدلائڻ ۾ حصو هيو، انهن سڀني تي، جدا جدا Notes لکيا آهن. مثال طور: ازراپائونڊ تي مون هڪڙو نوٽ لکيو آهي، مون پنهنجي انسائيڪلو پيڊيا ڏٺي ته ان ۾ ايڏو چڱو نوٽ ڪو نه هيو. ازراپائونڊ نوي ورهين تائين جيئرو رهيو ۽ انهيءَ جي شاعري ڏسي مون کي دماغ ۾ هڪڙو خفت ويٺو، ڇاڪاڻ ته ان جيڪي Cantos لکيا هيا سي چيني تاريخ جي پس منظر ۾ هيا، ته مون سوچيو ته سڄي ننڍي کنڊ جي تاريخ جي پس منظر ۾ لکان (جيڪا ڳالهه مان اڃان ڪري نه سگهيو آهيان، جيتوڻيڪ ’سرُمد ڇا ٿو سوچي‘، ٽيپو يا حالي وغيره تي جدا جدا نظمون لکيون اٿم. پر مان مسلسلCantos وانگر نه لکي سگهيو آهيان) ته ازراپائونڊ تي مان پنج ڇهه صفحا لکيا. پهرين ته ازراپائونڊ فاشزم جي پروپيگنڊا ڪندو هيو، هيو ته آمريڪي شهري، پر هيو مسوليني جو ماڻهو. جنگ کان پوءِ هن کي آمريڪا ڏانهن ٻڌي وٺي ويا، ته هن جي دوستن سوچيو ته Conspiracy جي ڪري هن کي ڦاهو ايندو ۽ ڏيندس Execution Squad جي اڳيان، سو هن کي سرٽيفڪيٽ وٺي ڏنائون ته تون چَريو آهين. جڏهن اهو اتان رها ٿيو ته Time اخبار جي عيوضي انٽرويو ٿي ڪيس ته چيائينس ته ”آمريڪا ۾ چريو ئي رهي سگهندو، ٻيو سڄو ماڻهو ڪهڙو رهندو؟“ وينس ۾ برج ڪراس پئي ڪيائين ته ڪنهن رپورٽر اچي پڪڙيس، چيائينس ته ”بابا هاڻي ڇڏ مان زندگي گذاري چڪو آهيان.“ هڪڙي ڳالهه تنهنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ ڪيان ٿو ته ”مان فقط اهو ڄاتو آ ته مان ڪجهه به نه ڄاتو آ.“ اها هئي ازرپائونڊ جي اسي ورهيه کان مٿي جي عمرLast Statement، جيڪا رپورٽ ٿي ۽ تنهن کان پوءِ هو گذاري ويو، جنهن جي ڪتاب جي Biography جو نالو ئي Living Volcano (هر وقت ٻرندڙ جبل) آهي. اهو انسان جيڪو Living Volcano هو، تنهن جو آخري نتيجو اهو هو. ڇاهي ته هيءُ ڪائنات ايتري رنگين، ايتري پراسرار، ايتري وسيع، ايتري هوش و حواس کان بعيد آهي جو انهيءَ جي باري ۾ ڪو به قطعي رايو، ڪو به انسان نه ٿو ڏئي سگهي.
روشنيءَ ۽ آواز جي رفتار هڪ لک ڇهاسي هزار في سيڪنڊ آهي، انهيءَ رفتار تي جيڪڏهن توهان ويجهي ۾ ويجهي ستاري تي وڃو ته ڏهه هزار سال لڳندا. ماڻهو ڪو جيئرو ئي نه هوندو جو اُتي پهچي سگهي، ۽ اهڙا ڪروڙين ستارا آهن، هڪ ڪهڪشان (Galaxy) ۾، اهڙيون ڪروڙين Galaxies آهن هڪ ڪائنات ۾. جيستائين دوربينن جي ذريعي حد نگاهه وڃي پئي، تيستائين ڪواسرس (Quasers) انهن کي محسوس ٿين ٿا، پوءِ اهي ڪهڙي نموني، ايڏي ائسٽراناميءَ تي منهنجي مهارت ڪونهي، پر Rudimentry ڳالهيون ڄاڻان ٿو. ڪواسرس نالي هڪڙا Objects آهن جيڪي روشنيءَ جي رفتار سان وڃي رهيا آهن، جنهن کي اسان ’ڪُن فيڪون‘ ٿا چئون. بهرحال Scientific theory به اها آهي ته Big Bang وقت هڪڙو Heaviest Possible آڻو هيو، اُهو ٽٽي پيو ته اهي سڀ چنڊ ۽ تارا ساري ڪائنات ۾ ڦهلبا ويا ۽ انهن مان ڪواسرس روشني جي رفتار تي اڃا تائين وڌندا ٿا رهن. ڪاڏي ٿا وڃن سا خبر ڪانهي. Space ۾ Black Holes تي ٽن صفحن جو مضمون ڇپيو هو. ڪائنات ۾ Holes آهن، جتان روشنيءَ Penetrate نه ٿي ڪري سگهي. ماڻهو جو ڌُڪو اِهو آهي ته ڪائناتون به ايتريون گهڻيون آهن، جيتريون Galaxiesآهن. سو اها ڳالهه تمام بعيد از فهم آهي ۽ انهيءَ ئي ڳالهه عمر خيام کي Inspireڪيو، جنهن پنهنجي سڄي شاعري انهيءَ حيرت ۾ ٽٻي ڏئي لکي ۽ جنهن شاعري غزالي جهڙي ماڻهوءَ کي ڪاوڙايو هو، جنهن عمر خيام جي Observatoryجلائي ڇڏي. خيام جي شاعري مون چوڏهن پندرهن سالن جي عمر ۾ پڙهي هئي.، خيام به ان ساڳي ڳالهه تي سوچيندو هيو ته:
اسرارء ازل را نه توداني و نه من
(هي ازل جا جيڪي اسرار آهن نه تون ٿو ڄاڻين نه مان ٿو ڄاڻان.)
وين حريفِ معما نه تو خواني و نه من
(هي ڳجهارت نه تو ڀڳي آ نه مان ڀڳي آ.)
هست از پس ما پرده من و تو
چون پرده بر اُفتد نه تو ماني و نه من
(تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ”مان“ ۽ ”تون“ جو هڪ پردو آ، جڏهن پردو کڄي وڃي ٿو ته نه تون ٿو رهين نه مان ٿو رهان.)
اها صوفيءَ واري ڪيفيت آهي، جڏهن رجنيش جا رڪارڊ ٻُڌندؤ ته توهان کي ساڳي ڪيفيت محسوس ٿيندي.
اهو ماڻهو به پنهنجي ليکي همه اوست ۾ اعتبار ڪندڙ هو، جيڪڏهن صوفين واري Doctrinaire attitude وٺڻي پئي ته همه از اوست ۽ همه اوست ۾ وڏو فرق ٿي ويندو. بهرحال هن وقت منهنجي سرحد ويجهي آ.
انٽرويو وٺندڙ: ڪنهن زماني ۾ توهان روح رهاڻ ۾ لکيو هو ته سوڀو ٻنڊي ۾ جيڪا خاموشي جي زندگي گذاري پيو، اها ائين آ جيئن شينهن ڪُوئي جي ٻر ۾ گذاري، ان ڳالهه کي لکي به ڪيترا سال ٿي ويا آهن. اڄ جڏهن توهان ڪراچيءَ جي هن ڪنڊ ۾ چوٿين ماڙ جي هن فليٽ ۾ جيڪا زندگي گذاري رهيا آهيو، ان تي توهان جي ڇا راءِ آهي؟
شيخ اياز: منهنجو زندگيءَ ڏانهن هڪڙو پنهنجو رايو آ. جمال ابڙي مون کي سڄو ٿر ۽ لاڙ گهمايو (جمال جو ڀاءُ ڪمال X.E.N هوندو هو. جيڪو انتظام ڪري وٺندو هو.) جمال، ابراهيم جويو، رباني ۽ رشيد ڀٽي مون سان سفر ۾ گڏ هوندا هيا. مون سوچيو ته پنهنجي لاءِ ڀيرو مل مهر چند نه ڇڏيان، جيڪو اچي منهنجا سير سفر لکي. مان پنهنجا سير سفر پاڻ لکي سگهندس يا انهيءَ ماڻهوءَ کي چوندس، جنهن مون کي سير سفر ڪرايا. مون جمال کي چيو ته ”تون لک.“ چيائين ته ”اياز! مون لکڻ ڇڏي ڏنو آ.“ چيومانس ”توتي جمال ابڙو ڪري ڪتاب لکان ٿو، ان ۾ پنهنجا سير سفر به لکندس ۽ تنهنجي زندگي به لکندس.“ جمال ڏاڍو ذهين ۽ نڪته سنج ماڻهو آ، انهيءَ جا جيڪي پنهنجا واقعا ڏنل آهن، مون، جمال سان ڏهاڪو کن ويهڪون ڪري ورتيون آهن، مان توهان کي اهو انهيءَ ڪري ٿو ٻڌايان ته سوڀي جي باري ۾، جيڪي مون چيو هو ته ڇو چيو هو، ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن.“ جي مهاڳ ۾، مون سقراط جي ”فيڊو“ جو ذڪر ڪيو آ. سقراط پنهنجي پوئين وقت ۾، هيملاڪ پيئڻ کان پوءِ، پنهنجي شاگرد ’ڪرٽو‘ کي وصيعت ڪئي ته ”يار مون ڏي فلاڻي جو ڪڪڙ رهيل اٿئي، اهو موٽائي ڏيندينس نه؟“ ڇيائين، ”استاد خيال نه ڪر. تنهن کان پوءِ هن کي هميشه لاءِ ننڊ وٺي وئي. مون جمال کي چيو. ”سقراط ته هڪڙي ڪڪڙ جي ٿي پارت ڪئي، مون ته تنهنجا ڪيئي ڪڪڙ کاڌا آهن ۽ اهو پورهيو مان توتي ضرور ڪندس. ”مون جمال سان جيڪو دؤر گذاريو هو سو ٽيتاليهن، چوئيتاليهن کان وٺي هو ۽ انهيءَ ڪتاب ۾ مون اهو سڄو دؤر نئين سر زندهه ڪرڻ پئي چاهيو. جڏهن مان پڙهڻ لاءِ ڪراچي آيس ته جمال ۽ مان مدرسي رُوپ ولاس ۽ جناح هاسٽل ۾ گڏ رهندا هئاسين. جمال خاڪسار تحريڪ ۾ هوندو هو ۽ مان ايم. اين. راءِ کان متاثر هوندو هوس. ايم. اين. راءِ منهنجي لاءِ هڪڙو دفاع ٿي ٿي آيو. جي مان ايم. اين. راءِ جي معرفت مارڪسزم ڏانهن نه اچان ها ته پوءِ ڪٽر مارڪسٽ ٿي پوان ها، جيئن ٻين مارڪسٽن جي هن وقت حالت آهي. ”ٻُڏندي ٻوڙن ۾ هاتڪ هٿ وجهن“ واري ڳالهه آهي. هاڻي سوال آ ته ”جيڪا شيءِ غرق ٿي، اُڪوئي غرق ٿئي. جان ڇٽي اُن مان.“ جيڪڏهن خدا توهان کي ايترو عقل نه ڏنو آ جو توهان زندگي جو نئون فلسفو پيدا ڪري سگهو، ته سڄي انسانذات ته ختم نه ٿي چڪي آهي! مارڪسزم اسان کيBipolar سياست ڏني، جيڪا روس پاڻ USSR ختم ڪري، آمريڪا جي وڃي پيرن تي ڪِريو. ووزينسڪي جيڪو ايوتوشينڪو کانپوء ِروس جو وڏي ۾ وڏو شاعر آ، انهيءَ اٺ مهينا اڳ آمريڪا جي شاعر ايلن گنسبرگ (Alen Ginsberg) کي خط لکيو هو، جيڪو News week جي فرنٽ پيج تي ڇپيو آهي- ”جي آمريڪا اسان جي مدد نه ڪندي ته هن سياري ۾ اسان جو اهو حال ٿيندو جيئن 1917ع جي انقلاب کان پوءِ مردا کاڌا هياسين يا جيئن 1942ع جي نازي ازم جي گهيراءَ کان پوءِ کاڌا هياسين.“ مون جڏهن “Nine Hundred day” پڙهيو ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ته انسانن سان اُتي ڇا ڇا نه گذريو هو! ٻيو ته ٽئين دنيا جي خلاف آمريڪا جي جيڪا ڦرلٽ هئي، USSRان جي لاءِ هڪڙو جهَلو هئي. سياست ۾ Venturism خطرناڪ شيءِ آهي. هر ڳالهه ۾ ماڻهو هڪڙي حد مقرر ڪري، ويٽنام ۾ آمريڪنس پنهنجو مٿو وڃايو. ڇو ته Over doing هئي. منهنجي گائيڊ دوست گُل رخسار جيڪا دوشمبي تائين مونسان گڏ هئي، ان تازو International ۾ مضمون لکيو آ، جيڪو رسالو مون کي ڄام ساقي ڏئي ويو هو. ان لکيو آ، ”اسان افغانستان ۾ ايتري هاءِ دوس مچائي، جيتري تيمورلنگ ۽ چنگيز خان به ڪو نه مچائي. ۽ 60 بلين ڊالر افغانستان جي بي معنيٰ جنگ تي خرچ ڪري، پنهنجي ملڪ کي کُٽائي پاڻ کي آمريڪا جي پيرن تي آڻي وڌوسون، ته جي توهان اسان کي راشن سپلاءِ نه ڪندؤ ته اسان هن سياري ۾ ختم ٿي وينداسين.“ اهو مضمون ان وقت لکيو هيائين جڏهن USSR اڃا ٽڪرا نه ٿي هئي، پر هاڻي ته اها ٽڪرا ٿي چڪي آ. دراصل منهنجو خيال اڳ به اهو هيو ۽ اهو مون پنهنجي ڪتاب ”جڳ مڙيو ئي سپنو“ ۾ لکيو آهي. ايم. اين. راءِ جڏهن ميڪسيڪو مان ڪميونسٽ انٽرنيشنل تي ڊيليگيٽ ٿي ويو، (ڇا لاءِ ته هن پهريون انقلاب ميڪسيڪو ۾ آندو هو) لينن چيس ته انڊين مسلمان خلاف تحريڪ ۾ تاشقند مان ٿي تُرڪي وڃن ٿا، تون هنن جي برين واشنگ ڪري، مون کي ڪميونسٽ تيار ڪري ڏي. ايم. اين. راءِ ويچاري ڇهه مهينا مٿو هنيو. هو ڇا ڪندا هيا جو صبح جو هن جا ليڪچر ٻُڌي، شام جو وري انور پاشا جو ليڪچر وڃي ٻڌندا هيا (جنهن اُتي اچي پناهه ورتي هئي) ايم. اين. راءِ جي ليڪچرن جو سڄو اثر ختم ٿي ويندو هو ۽ هو چوندا ها ته ”اسان خلافت جي لاءِ وڃي مرنداسين.“ ايم. اين. راءِ لينن کي خط لکيو ته:
“I am not preparing an army of revolution. I am preparing of army of God. Please relieve me. Let me to my mother land.”
جڏهن ايم. اين. راءِ اُتان آيو ته پوءِ هتي ڪافي وقت روپوش هيو، تنهن کان پوءِ ميرٺ سازش ڪيس ۾ ٻڌائونس ۽ هن کي ڇهه سال ٽيپ ڏنائون. هن اُتان به ڪميونسٽن کي لکيو ته ”توهان وڏا ڪي بيوقوف آهيو، جنهن تي به ڪورٽ ۾ ڪيس هلائن ٿا ته اهو ڦري ٿو وڃي ۽ ميرٺ سازش ۾ ڪو نه هيس. اڙي ڇا انگريز توهان کي ڇڏيندا؟ ٽيپ ته هونئن به ڏيندوَ، پر هڪڙي بولڊ اسٽينڊ وٺي چئو ته ’ها آزادي اسان جو حق آهي. ۽ توهان ڪير ٿيندا آهيو جو هتي آيا آهيو؟ اسان توهان جي هڪ هڪ ماڻهوءَ کي ماري ٻاهر ڪڍنداسين ۽ اها سازش اسان ڪئي آهي ۽ اها سازش اسان جو بنيادي حق آهي.“ ڳالهه اُتان آئي ته Bipolar, USSR سياست ختم ڪري ڇڏي. باقي ٽين دنيا هوا ۾ لڙڪيل آهي.
ته ڳالهه نڪتي سوڀي جي ذڪر تان. گفتگوءَ جي وهڪري ۾ ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتاسين. مان ڪراچيءَ ۾ گوشه نشيني پاڻ نه چونڊي آهي، نه ڪنهن قيد و بند کان لنوائڻ لاءِ اختيار ڪئي آهي. اها گوشه نشيني مون تي بيماريءَ مسلط ڪئي آهي. هينئر طبيعت ڪجهه سُڌري آهي، چاهيان ٿو آزاد هوا ۾ وري ڪنهنSea- gull (سمنڊ جي پکيءَ) وانگر اُڏامان؟ ڪيئن چئجي؟ دل شايد پڃري تي هِري وئي آهي. اوهان پکي ڏٺا آهن جن کي پڃري ۾ گهڻو وقت قيد رکيو ويندو آهي؟ اُنهن جي پڃري جو در کولي ڇڏبو آهي، تڏهن به نه اُڏامندا آهن. هي دؤر به اهڙو آيو آهي. دل پوريءَ طرح مرجهائي ته نه آهي، پر اُن کي لهس اچي چُڪي آهي. انسان جا صدين جا خواب ٽُٽي چُڪا آهن. هي مُئا جي منهنجي لئبرريءَ ۾ بند آهن. اهي اديب، اهي شاعر، اهي فلسفي، اهي ناول نگار، اهي سير و سياحت، سائنس، تاريخ، ثقافت تي لکڻ وارا، جيڪي مري چڪا آهن، مون لاءِ جيئرن کان وڌيڪ جيئرا آهن. نه سوڀو اُن وقت زندگيءَ کان صفا ڪٽيو هيو، نه مان ڪٽيو آهيان. هن جي بي دلي ۽ بي حسي به عارضي هئي ۽ منهنجي به عارضي آهي. دل اڃا دنيا سان واڳيل آهي. حسن سان، حق سان، نيڪيءَ سان، انسان ذات جي محبت سان، جنهن ۾ خدا جي محبت ۾ هاڻي مون لاءِ فرق نه آهي. سوڀي ۽ مون ۾ هڪ فرق آهي. سوڀو اڃا چڱو ڀلو ۽ کڙو تڙو آهي. مون کي بيماريءَ لوڏي رکيو آهي. جيتوڻيڪ صحت سڌري رهي آهي پر بيماريءَ مان اهو فائدو ٿيو آهي ته مان ايترو ڪجهه لکيو آهي، جيترو اڌ صديءَ ۾ لکيو اٿم ۽ منهنجي تخليق اڳي کان به اُجري، اڳي کان به جوان، اڳي کان به وڌيڪ خوبصورت آهي.
انٽرويو وٺندڙ: جي مارڪسزم ختم ٿي ويو ته ان جو حل ڇا آهي؟
شيخ اياز: مون کي پاڻ هن وقت ان جو حل نظر نه ٿو اچي. پر Violence ان جو حل ناهي. جيڪڏهن تون خوني ۽ جنوني آهين ته تنهنجي پڇاڙي به خوني ٿيندي. ذريعو ڪري به تون ان کي اپنائي نه ٿو سگهين. خاص ڪري سنڌ ۾Means ۽ Ends جو فلسفو آهي. جيڪڏهن Means صحيح آهن ته End به صحيح ٿيندي. نه ته Perverted, End ٿي ويندي ۽ مان اهو منڍ کان چوندو رهيو آهيان. اسٽالن ڌاڙا هڻندو هو (جيئن اڄڪلهه هتي ماڻهو ڌاڙا هڻن ٿا). بئنڪون ڦريندو هو، ڇاڪاڻ ته هن کي انقلاب لاءِ پئسا گهربا هيا.
انٽرويو وٺندڙ: توهان جي نظر ۾ هينئر اها End ڪهڙي آ، ڇا هينئر مارڪسزم جو ڪو رول رهيو آ؟
شيخ اياز: هينئر مارڪسزم جو ڪو به رول ڪونهي. The World is waiting for an alternative. جيڪو پيدا ٿي سگهي ٿو. هينئر Unipolarسياست آهي. جاپان ۽ جرمني اُڀري رهيا آهن، ڏسون ته دنيا ڪٿي تي پهچي! ڇو ته هينئر Economic power جاپان ۽ جرمني آهي. آمريڪا ۽ روس ته هنن جا قرضي آهن. باقي اسان آمريڪا دشمنيءَ جو ٺيڪو ته ڪو نه کنيو آهي. آمريڪا به چڱو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. آخري سياسي نظريو هن وقت اهو ٿيندو جو ڌرتيءَ مان ازخود اُڀري ۽ عوام جي دماغ تي مسلط ڪيو نه وڃي. دنيا نظرياتي دنيا نه رهي آهي. اڻويهينءَ صديءَ جي فلاسافيءَ ۽ سياست کي مدِنظر رکي اڪويهينءَ صديءَ جا مسئلا حل نه ڪري سگهبا، نيئن سوچ جي ضرورت آهي.
انٽرويو وٺندڙ: توهان اڳ ۾ وقت ۽ ازل جي فلسفي جي باري ۾ ڳالهايو، انهيءَ ۾ ته زندگيءَ بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي. خود توهان جي شاعري...
شيخ اياز: نه نه، زندگي بي معنيٰ ناهي، زندگي ته ماڻهو کي بار بار ٿي ملي. اهو منهنجو عقيدو آهي. مون کي موت جو ڪو به خوف ناهي. منهنجي لاءِ اهو ائين آهي، جيئن هڪڙي چانئٺ تان ٻرانگهه ورائي ٻئي پاسي وڃڻ.
انٽرويو وٺندڙ: يعني موت کان پوءِ زندگي آهي؟
شيخ اياز: آهي.
انٽرويو وٺندڙ: وري ماڻهو هتي ايندو يا،،،،؟
شيخ ايازۡ ڏسو نه، آءٌ ڪنهن مُلي جي چڪر ۾ نه ٿو پوڻ چاهيان، پر اسان جي مذهب ۾ به اهو آهي ته مان توهان کي وري وري جيئاريان ٿو. مطلب ته منهنجو پنهنجو هڪڙو عقيدو آهي. مان ان جو ڪو مبلغ (Preacher) ناهيان، پر مون کي ذاتي حيثيت ۾ پنهنجي لاءِ، ڪائنات جي باري ۾، انسان جي Self جي باري ۾ يا انهيءَ جي بقا جي باري ۾ سوچڻ جو حق آهي ۽ هر انسان کي انهيءَ جو حق آهي. اهو حق نه ڏنو ويو تڏهن ته USSR ختم ٿي ويئي. مون انگلينڊ مان ساليڊارٽيءَ واري ليڪ وليچا جي زندگيءَ تي ڪتاب ورتو، ان ۾ توهان ڏسندؤ ته پولن سان ڪيڏو ظلم ٿيو آ. جيرو زلڪسي تائين هنن سان ظلم ڪيائون.... پر منهنجو ڪو هاڻي اهو مقصد ڪونهي ۽ نه ئي ڪو مان آمريڪن ايجنٽ آهيان، جو ماسڪو يا USSR جي خلاف ويٺو پروپئگنڊا ڪيان. اسان لاءِ ته جان ميجر يا جارج بش جي جمهوريت به في الحال ڪجهه ڪو نه ٿي ڪري. هُو ڏکڻ ايشيا ۾ ڪهڙو ڪردار ٿا ادا ڪن، ڪيئن چئجي، پر مان ڀانيان ٿو ته هو صحتمند ڪردار ادا ڪندا، جيڪو USSR ادا نه ڪري سگهي، جن جا جيڪي به ايجنٽ هتي هُيا سي پنهنجا ٻار تعليم واستي ٻاهر موڪليندا هيا، پوءِ انهن مان ڪو رومانيا ويو، ڪو روس ويو، ڪو مشرقي جرمني ويو. ڇڙو پنهنجي واپار وغيره لاءِ سهولتون وٺندا هيا. هُنن جا سمورا وسيلا پنهنجي لاءِ استعمال ڪندا رهيا ۽ سوويت ڪائونسل جي صحيح مخبري اصل نه ڪيائون. نتيجو اهو ٿيو جو ون يونٽ جي. ماسڪو مان نڪرندڙ ماهوار رسالي Time حمايت ڪئي هئي! ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي! پوءِ انهيءَ تان ڦِري ويا.
انٽرويو وٺندڙ: توهان جي ڪتابن پڙهڻ وقت (خاص طور نثر کي) محسوس ٿيندو آ ته توهان به انهن حقيقتن ۽ بيانن کي درگذر ٿا ڪيو...؟
شيخ اياز: توهان مون کي ٻڌايو ته مون ڪهڙيون ڳالهيون درگذر ڪيون آهن.
انٽرويو وٺندڙ: توهان جي تازي ڪتاب ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ ۾ Spanish Civil war جي حوالي سان، توهان اها ئي ڳالهه ڪئي آ، جيڪا عام طور تي ساڄي ڌر وارا ماڻهو ڪندا رهيا آهن. مثال: توهان چئو ٿا....
شيخ اياز: جيڪا `Spanish civil war` جي تاريخ ڇپي آهي. توهان آرويل کي پڙهي ڏسو. 1984ع کان پوءِ جو Prophetic ناول پڙهي ڏسو. 1984ع کان پوءِ ته هيءَ بدمعاشي ختم ٿي آهي. جارج ارويل ڦري ويو، آندري مالرو ڦري ويو، هيمنگوي ڦري ويو، ڪرسٽافر ڪاسرڊويل ڦري ويو، جيڪو ڪميونسٽ هيو. اهي سڀئي ماڻهو ڦري ويا. ڪرسٽا ڪارڊويل ته پڇاڙيءَ تائين هنن سان هيو، پر جڏهن هن Illusion and poetry ڪتاب لکيو ته ڄڻ هڪ Mystic راونگي لکيائين. ڪرسٽافر اشروڊ جهڙي ماڻهوءَ ڪيليفورنيا ۾ وڃي گيتا جو ترجمو ڪيو، جيڪو پرڀوپاد وارن جو سينٽر آ. هونءَ اهي سڀ ڪميونزم جا حامي هئا.
هاڻي اهي سڀئي ماڻهو جيڪي انهيءَ دؤر جا وڏا Interlectuals هيا. توهان اندري مالرو جو Spanish war تي ناول پڙهي ڏسو ته ڇا لکيو اٿائين. هئري پالٽ، جيڪو برٽش ڪميونسٽ پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري هيو. هدايتون موڪليون ته ”توهان اتي اديب مارايو ته جيئن اسان Daily worker ۾ Play up ڪري سگهون.“
انٽرويو وٺندڙ: ڇا اها حقيقت ناهي ته اسپين جي خانه جنگي ۾ برطانيا ۽ فرانس اهڙي انداز جي سياست اختيار ڪئي جنهن آخرڪار وڃي هٽلر ۽ مسوليني جون ٻانهون مضبوط ڪيون؟
شيخ اياز: نه رڳو برطانيا ۽ فرانس ٻانهون مضبوط ڪيون، پر روس به ڪيون. ڇاڪاڻ جو ڪئٽلونيا ۽ بارسيلونيا ۾ انارڪسٽن ۽ ڪميونسٽن گڏجي حڪومت ٺاهي هئي ۽ جڏهن فرانس جو اسٽالن تي دٻاءُ پيو ته ڪميونسٽن کي اسٽالن چيو ته توهان انارڪسٽن کان جدا ٿيو ۽ پوءِ هنن جي حالت وڃي اها ٿي جيڪا اسان جي جيئي سنڌ وارن جي وڃي ٿي آهي. (ڪهڙو حلقو، اهو مان نه ٿو چوان. شخصي طرح مون کي آريسر لاءِ عزت آهي، جيڪو ڪافي حد تائين حقيقت پسند آهي، جنهن کي تاريخ جو شعور آهي ۽ جنهن جي مستقبل جي صحيح طرف ڏانهن نگاهه آهي.) ته اهي وچ چؤنڪ تي بيهي نعرو هڻندا هيا ته Long live Spain ته پوءِ فرينڪو جي سپاهيءَ جي گولي ٺڪاءَ ٿي ويندي هُين ۽ بوبڪ جي ڳيري جيان ٻٽڪو اچي ڪندا هئا. فقط نعري بازن جا دماغ پڇاڙي جو ٽڙڪي ٿا پون. جيئن USSR ٽڙڪي پيو تيئن دماغ به ٽڙڪي ٿا پون ۽ انهن دماغن کي ڪنهن حد تائين ته ماڻهو سڄو ڪري سگهندو آ، پر انساني دماغ جي صفا ٽڙڪي پوي ته اهڙي ماڻهو ڪا به Tape يا سوليوشن ڪونهي، جيڪا ان کي ڳنڍي سگهي.
انٽرويو وٺندڙ: سياست جي حواالي سان ته ڪافي ڳالهيون ٿيون، پر هاڻي ادب تي اچون ته ”بين الاقوامي ادب ۾ هڪڙو وقت اهڙو به آيو جو وڪوٽورين سماج وٽ دليرانا لفظ يا جملا، بيهودگيءَ ۽ بدتميزيءَ جي نشاني سمجهيا ٿي ويا. انهيءَ زماني ۾ D.H.Lawrence جهڙن ماڻهن جا ڪتاب ملڪ ۾ نه پئي ڇپجي سگهيا، پر فرانس ۾ پئي ڇپيا. پوءِ ته اهڙو زمانو به اچي ويو جو هنري ملر جا ناول به عام پئي ڇپيا.
شيخ اياز: هنري ملر جي لائيف به پڙهي اٿم. پڇاڙيءَ جو جڏهن هنري ملر لکڻ کان ڪناره ڪشي ڪئي ته هن کان انٽرويو ورتائون. چيائين : ”هاڻي Sex تي ڇو لکان. دنيا ايڏي Liberate ٿي چڪي آهي جو منهنجي لکڻ جي ضرورت ئي ڪونهي.“
D.H. Lawrence جسماني طرح ڪمزور ۽ ذهني عياشي ۾ Dabble ڪرڻ وارو ماڻهو هوندو هيو. D.H. Lawerence ڪمزور هجڻ ڪري گهڻيون عورتون ڪو نه رکي سگهندو هيو، پر هن جي زندگيءَ ۾ هڪڙي عورت فليڊا هُئي. انهيءَ کان اول جارج سئنڊ جا مون خط پڙهيا آهن. جارج سئنڊ جي هڪ ڳالهه مون کي ياد آهي. هن چيو هو:
“I don’t dislike the night that I pass with my lover, But I do dislike the day that I pass with my husband.”
ان زماني ۾ نورا رسيل (شايد برٽرانڊ رسيل جي ڌيءَ يا مائٽياڻيءَ) هڪ مضمون لکيو هو، ”اِن کان وڏي بي عزتي منهنجي لاءِ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته ڪوئي مون مان عصمت جي توقع رکي!“ دراصل عورتازاد (Feminist movement) کي غلط طور Sexrevolt جو رنگ ڏنو ويو. اردو ادب ۾ اهو عصمت چغتائيءَ جي ’لحاف‘، منٽو، بيديءَ، بلونت سنگهه جي افسانن سان شروع ٿيو. هينئر اِهو مغرب ۾ ته ختم ٿي چُڪو آهي. زندگيءَ ۾ ته آهي، ادب ۾ اُن جي ضرورت گهٽ ٿي محسوس ڪئي وڃي.
انٽرويو وٺندڙ: اها ڳالهه ته لطيف سائينءَ به سهڻيءَ ۽ ڏمَ جي حوالي سان چئي آ؟
شيخ اياز: لطيف سائين جو سڄو ڪلام معرفت جو ڪلام آهي. انهيءَ کيDistort ڪيو ٿو وڃي. لطيف جي هڪڙي سٽ آ ته ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ جنهن ۾ به سائين اڳ ۾ ٿو اچي ۽ اهو سائين ڪير آ، اها ڳالهه سڀ کان وڌيڪ اهم آ. سنڌ تي سڪار جي ڳالهه پوءِ جي آ. ڀٽائي پنهنجي همعصرن ۽ پيشرون کان تمام گهڻو مختلف هو. انهيءَ ڏس ۾ هومر کي ڏسو، ورجل کي ڏسو، ڊانٽي کي ڏسو، شيڪسپيئر کي ڏسو، فرانس ۾ بودليئر، رامبو، وَرَلين وغيره کي ڏسو، ته ڀٽائي هڪڙو واحد شخص هو. ڪاليداس ۾ به اها شيءِ ڪانهي، ٽئگور ۾ ڪنهن حد تائين هئي، جنهن پنهنجي روحاني جستجو (Spiritual Quest) جي واسطي، جيڪي علامتون کنيون سي عوامي زندگي ۽ غريب ماڻهو جي زندگيءَ مان کنيون. ڀٽائي ڪا تلوار کڻي، حملي جي خلاف ڪو نه وڙهيو هو. ڀٽائيءَ جون جيڪي به لوڪ- ڪهاڻيون آهن، سا اسان جي گڏيل لوڪ ميراث آهي. اهي توهان کي ميئين عنات ۾ ملن ٿيون. ميئين عنات کان به اڳ جيڪو لاڙڪاڻي وارو شاعر هو شاهه لطف الله قادري، ان ۾ ملن ٿيون. اها اسان جي قومي دولت هئي، جنهن کي لوڪ- ڪٿائون، يا ڏند ڪٿائون چئجن. لطيف ۾ اها ڏاهپ هئي جو هن سڄي ڳالهه کي ميڙي چونڊي اچي منطقي نتيجي تي پهچايو، پر شاهه سائينءَ کان پوءِ وئي ڳالهه ڪِرندي. ڇاڪاڻ جو انهيءَ ذهانت وارا ماڻهو پيدا نه ٿيا. شاهه جو جيڪو روحاني پيغام آهي سو سورنهن آنا صحيح آ، جيڪي ماڻهو هن سان Attribute ڪن ٿا، هاڻي ماڻهو ڪيترو اُن کي سمجهي سگهيا آهن. ڪيتري قدر ان کي Explain ڪري ٿا سگهن، اها هڪڙي ٻي ڳالهه آهي، پر انسان جي جيڪا جستجو يا اندروني اُڃ آهي.
“For Knowing the Ultimate reality of life.”
اها ئي شاهه سائين ۾ آهي، مون شاهه جا سڀئي سُرَ پنهنجي پيغام سان لکيا ها. مثال طور: ليلا چنيسر ۾ مون Means ۽ Ends جو فلسفو پيش ڪيو، ته جي تون مڻين تي مڙس مٽائيندينءِ ته اهو مڙس هميشه لاءِ تو کان هليو ويندو: ته `Wrong means will distort the End` اهڙي طرح سورٺ آهي. ”ڪپر ٿو ڪن ڪري” ۾ جيڪي سڀئي سُر ڏنا اٿم تن ۾ منهنجو، هر هڪ سُر ۾ پيغام مختلف آهي. شاهه سائين جو رڳو وحدته الوجود جو پيغام هو پر مان جڏهن سُر مارئي لکيو ته سنڌ سان وحدته الوجود ڏيکاريو. سورٺ لکيم ته آرٽ جي لاءِ آرٽسٽ کي سِرُ ڏيئڻو آ.
”مان ئي ٻيجل آهيان، مان ئي راءِ ڏياج،
منهنجو ڪنڌ ڪماچ، طلبي پيو تنڌ ۾،”
انٽرويو وٺندڙ: رچرڊ ايب برٽ چيو آهي ته ”شاعري دنيا کي تبديل نه ڪندي آهي، پر شاعر کي تبديل ڪندي آهي.” توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
شيخ اياز: شاعري دنيا کي سياسي طرح تبديل ڪرڻ ڪونه چاهيندي آهي ۽ نه ئي شاعر جو اهو مقصد هوندو آهي ته دنيا کي سياسي طرح تبديل ڪري. دنيا کي اهڙي طرح تبديل ڪرڻ وارا ٻيا ماڻهو گهڻا آهن، شاعر جو ڪم آهي دنيا جون جيڪي بنيادي ڳالهيون آهن، انهن کي چڱيءَ طرح سمجهي، انهيءَ کي چڱي طرح پيش ڪري ۽ انهيءَ جا جيڪي عملي نتيجا نڪرن انهن کان پاڻ لاغرض رهي. ممڪن آهي هت اهي ان جي دور تي اثر وجهن ۽ ان کي بدلائين، ممڪن آهي اُهي هن جي ايندڙ دور تي اثر وجهن، ممڪن آهي انهن کي Practical Ends هجن ۽ ممڪن آهي انهن کي Practical Ends نه هجن، ازراپائونڊ فاشي هيو ۽ مسوليني جي پروپيگنڊا ڪندو هيو، پر مان هن کي وڏو ڀاءُ ٿو سمجهان، جيتوڻيڪ منهنجو فاشزم ۾ اعتبار نه هو، پر T.S Eliot جهڙو ماڻهو هن جي شاعريءَ جي اڳيان ايترو مرعوب ٿي ويندو هو، ڄڻ هن جو هڪ شاگرد هجي، اهڙي نموني سان جدا جدا ماڻهو ڪائنات خلقيا آهن، انهن ماڻهن جي ڏاهپ کي سياست جي ماتحت ڪرڻ فضول آهي، ڇاڪاڻ ته هن دور ۾ %2 ماڻهو توکي سمجهن ٿا، تنهن ڪري تون %98 لاءِ لِک، جن کي ڪا سمجهه ڪانهي، اهو ڪم سياستدانن جو آهي، هونءَ به سچ هڪ ماڻهوءَ جي اقليت ۾ پيدا ٿيندو آهي. پوءِ اُهي ٻه ٿيندا آهن، پوءِ ٻه هزار ٿيندا آهن، پوءِ ٻه ڪروڙ ٿيندا آهن، سچ جو ڦهلاءُ، حسن ۽ نيڪي جو ڦهلاءُ واقعي شاعر جو ڪم آهي، دراصل هر پيغمبر جو به اهو ڪم آهي، يسوع سان پهريون گهڻا ماڻهو هئا؟ روميءَ جو شاعري جُز ويست از پيغمبري، وارو پيغام صحيح آهي. اها دنيا کي بدلائي ٿي، پر شاعر جو اِهو مقصد نه آهي، اِها ٻي ڳالهه آهي ته اِهو شاعريءَ جو نتيجو ٿي سگهي ٿو. شاعري هر آرٽ وانگر مقصد بالذاٽ آهي. شعر انساني روح ۾ جو حسن، جا باليدگي پيدا ڪري ٿو، اها پنهنجي ليکي ڪافي آهي، اها ڏاهپ جيڪا خدا امانت ڪري ڏني آ، انهيءَ کي پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچائڻو آ، ليکڪ کي انهيءَ امانت ۾ خيانت نه ڪرڻي آ، توڙي منهنجو انقلاب ۽ سياست جو پيغام هو، تڏهن به مون فن کي اوليت ڏني، مان هڪ به اهڙي سٽ نه لکي آ، جيڪا مون پنهنجي روح مان چاقو سان چيري نه ڪڍي هجي، تنهن ڪري منهنجي شاعريءَ ۾ پيغام پرائمري نه آ، پر فن کي اوليت آ.
انٽرويو ٺندڙ: توهان جي شاعري ۾ پيغام آهي ته سهي؟
شيخ اياز: آهي، پر اهو پيغام مري وڃي ها، ختم ٿي وڃي ها، جي شاعريءَ کي اوليت نه هجي ها، جيئن ڪيترن شاعرن جي شاعري ختم ٿي وئي. مولانا ظفر علي خان مسلم ليگ تحريڪ جي باري ۾ ڪيترو لکيو ۽ پنهنجي دور ۾ وڏي Craze هو. هن وقت سندس چار ڪتاب اردوءَ ۾ ڇپيل آهن، ڇا انهن مان هڪڙي سٽ به ڪنهن پڙهي آهي؟
پر مان ان تي ضد نه ٿو ڪيان ته فن کي ڪوئي آدرش نه هجڻ گهرجي. شاپن پولنڊ جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي موسيقي ڪم آڻيندو هو، پر اها موسيقي اڄ به لازوال آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته شاپن کي مُئي ڪيترو ئي وقت ٿي ويو. ساليڊارٽي پولنڊ ۾ ڪيترو وقت پوءِ پيدا ٿي. اها ڪنهن زار نه، پر ڪميسار پيدا ڪئي ۽ ان کي به شاپن جي موسيقيءِ اتساهيو. مان اهو تسليم ٿو ڪيان ته ڀٽائيءَ جي شاعريءَ وانگر ڪي ڪي شاعر پنهنجي دور جو پيڙا جو اظهار ٿين ٿا، ڪي ته زلزلي ماپ جي اوزار وانگر ٿين ٿا ۽ پنهنجي دور جا سارا ڌوڏا ڏيکارن ٿا، پر انهن جو مقصد دنيا کي بدلائڻ نه آهي، انهن جي دل ۾ اها چاهنا ٿي سگهي ٿي، شاعر هميشه چاهيندو آهي ته: ”مان ڪجهه ٻيو هجان،” ؟ڪنهن ٻي هنڌ هجان. ” پر تبديلي لاءِ شعوري ڪوشش شاعري کي ڇيهو رسائي سگهي ٿي. غالب سپاهي به هو، پر جي بهادر شاهه ظفر لاءِ وڙهي ها، جي انگريزن خلاف غدر ۾ شامل هجي ها ته اوهان کي ديوانِ غالب نه ملي ها. شاعر جو مقصد دنيا کي بدلائڻ جو نه آهي، دنيا ۾ تبديلي شاعريءَ جو نتيجو ٿي سگهي ٿي، ڪبير ۽ نانڪ اِن جا مثال آهن.
انٽرويو وٺندڙ: مادرڪ اسٽرينڊ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو شاعر پنهنجي شاعري جي پاڻ ساراهه ڪري ته بيوقوف ماڻهو هن جي عزت ڪندا آهن.” توهان جو ڇا خيال آهي؟
شيخ اياز: ٻه ڳالهيون آهن، هڪڙو ته انسان جي پنهنجي ذات جي آڦِري، اُمامَ، ماڻهو انهيءَ ڪري پنهنجي ساراهه ڪندو ته مان هڪڙي وڏي چيز آهيان، مان هيڏو وڏو پهاڙ آهيان، مونسان ته ڪو پڄي ئي ڪونه سگهندو، انهيءَ کي ته مان مڪمل طور رد ٿو ڪريان، هونئن ڪو وقت هيو جو مان سمجهندو هوس ته ڪنهن فنڪار جي ڪسرِ نفسي هُن جي روح جو فالج آهي. هو پاڻ کي ۽ فن کي ضرورت Assert ڪري ۽ چئي ته ”نه هي صحيح آهي.” جيستائين هو ائين نه ڪندو، تيستائين پنهنجا مخالف نظريه ڊاهي ڍير نه ڪري سگهندو. جيڪڏهن Impressionism کي ختم ڪرڻو هو ته Post Impressionism جي ضرورت هئي. جيڪڏهن Post Impressionismکي ختم ڪرڻو هو ته Futurism جي ضرورت هئي. آرٽ ۾ اهي Variations ٿينديون رهيو آهن ۽ ماڻهو تمام زور سان پنهنجي ڳالهه تي Emhasis ڏيندا رهيا آهن. پر هينئر منهنجو ساڳيو نقطئه نظر آ، جيڪو ازراپائونڊ جو آخر ۾ هو ته:
`I Know only this much that I do not know any thing`
ڪافي وقت کان هڪڙي ٻي ڳالهه جيڪا منهنجي زندگيءَ ۾ آئي آ Moving Finger writes واري، هاڻي اهو ڪير لکائي، اهو مان نه ٿو ڄاڻان، اها شاعري ڪٿان ٿي اچي، انهيءَ کي جڏهن مان Objectively ڏسان ٿو ۽ انهيءَ جي باري ۾ ڪجهه چوان ٿو ته اها Inflated Ego ناهي. مان توهان کي اها خاطري ٿو ڏيان ته انهيءَ لحاظ کان مان Humblest Possible ماڻهو آهيان، ڇاڪاڻ ته انسانذات ۾ ڀُلئون ئِي ڀَل پئي آ ۽ مون کان پوءِ الائي ڪيترا ماڻهو اچن، ڇو ته دنيا اڄ کٽي ته ڪونه ٿي وڃي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اسان جي سنڌ ئي مونکان ڏهه ڀيرا وڌيڪ چڱو شاعر پيدا ڪري، اڃا ٻه سو ڀيرا وڌيڪ پيدا ڪري. مان تازو پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيو آهي ته چار ڳالهيون ماڻهوءَ جي زندگي ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت لهڻن ٿيون، حق، نيڪي، حسن ۽ خدا، پر خدا ورجاءِ آهي، پهرين ٽن ڳالهين جو، ڇاڪاڻ ته خدا، حق، نيڪي ۽ حسن کانسواءِ ٻي ڳالهه ٿي نٿو سگهي، يا انهيءَ کان به مٿي هجي، ڇاڪاڻ ته سڄو Evilبه ته انهيءَ ۾ سمايل آهي، اهو Evil ڪئين ٿو چڱائي ۾ تبديل ٿي وڃي، اهو مان نه ٿو ڄاڻان، ڪائنات جي سڄي Network کي ڄاڻڻ تنهنجي ۽ منهنجي وس جي ڳالهه ڪونهي. هن سڄي ڪائنات ۾ ڌرتي جي حيثيت تر جيتري به ڪانهي ۽ ان تي وري اسان ڪهڙي حيثيت رکون ٿا؟ مان اها ڳالهه احساس ڪمتريءَ جي لاءِ نه ٿو ڪيان، پر اها حقيقت آهي ته انسان پنهنجي ليکي ڪا شيءَ ڪانهي، ماڻهو گهڻا اُڀامن ٿا، اڏامن ٿا، ته هيئن ڪنداسين، هونئن ڪنداسين، پر ڏٺو وڃي ته انهن جي وَس ۾ تمام ٿورو ڪجهه آهي.
انٽرويو وٺندڙ: ڇا توهان پنهنجي پوئين شاعري ”ڀونر ڀري آڪاس” يا ”ڪلهي پاتم ڪينرو کي Disown ٿا ڪريو؟
شيخ اياز: مان ڪنهن ڳالهه کي Disown نه ٿو ڪريان، سواءِ هڪ يا ٻن نظمن جي، جيڪي مون سڌو سنئون ڪميونزم جي اثر هيٺ لکيون، پر انهن جو به منهنجي ارتقا ۾ هٿ آهي، زندگيءَ جا مختلف دور ٿين ٿا، اِها به ان جو حصو آهي، حافظ چيو آهي:
غلامِ همتِ آنم کي زيرِ چرخِ کبود زهرچه رنگ تعلق پذيره، آزاد اَست
(ترجمو: اُن جي همت جو غلام آهيان، جو هن نيري آسمان هيٺان، جنهن به رنگ سان تعلق پيدا ڪري ٿو، ان کان آزاد آهي.)
انٽريو وٺندڙ: نه رهندي نه رهندي جواني نه رهندي، نه الله باقي نه رهندي انسان فاني...
شيخ اياز: (کلندي) توهان انهن ڳالهين ۾ پَئي ڏوهه نه ڪيو، ڇو ته ان نظم تي پابندي آ.
آءُ عمر جي انهيءِ حصي ۾ آهيان جو ڪنهن کي رنجائڻ نه ٿو چاهيان، جنهن ۾ ٻئي کي مشتعل ڪرڻ ۾ اذيت پسندي هوندي آ. ماڻهو زندگيءَ جي تجربي مان سمجهي ٿو ته مان هيڏن ماڻهن کي ڇا جي لاءِ رنجايان، هڪڙي سٽ جي ڪري مان اهو ڪهاڙو ٻئي جي مٿي ۾ ڇا جي لاءِ هڻان! انهيءَ جي ڪري مون جڏهن ”پوءِ نر ڀري آڪاس” جو ٻيو ڇاپو آندو ته سٽون ڪٽي ڇڏيون، حالانڪه انهن جي لکڻ وقت منهنجو مقصد ٻيو هو، پر ماڻهن ان کي مختلف مقصد سان پئي سمجهيو ۽ انهن کي اهي سٽون ڏکوئن پيون، بحيثيت اديب ۽ فنڪار جي مونکي هن عمر ۾، ڪنهن کي رنجائڻ جو ڪو شوق ڪونهي، باقي توهان کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته Poetic licence نالي به ڪا شيءَ آهي.
انٽرويو وٺندڙ: ان جو مطلب ته توهان جا ڪالهوڪا مخالف، اڄوڪا دوست ۽ اڄوڪا دوست ...
شيخ اياز: نه نه، منهنجو ادب ۾ نه ڪو مخالف آهي ۽ نه ڪو دوست آهي، مونکي رڳو ڪجهه مداح آهن، جن کي خدا ساڃهه ڏني آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي منهنجي ادب کي پنهنجيءَ پنهنجيءَ رنگين عينڪ سان ڏسن ٿا، جيئن ڀٽائي جي شاعريءَ کي ڏسن ٿا، ”سچل چيو هو، مان جوئي آهيان سوئي آهيان، منهنجي هڪ غزل جو مطلع آهي:
ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن ڪيئن چيو، پر وائي سڀ کي وات هُئي،
هي ڪا ته سُريلي آگ هئي، هي ڪا ته ڀري برسات هئي.
ائين آهي ته ڪي سُريليءَ آگ جو سيڪ سَهي نه ٿا سگهن ۽ ڪڏهن ڀَري برسات کان ڀڄي، ڇڄهريءَ هيٺان بيهن ٿا ته ڀڄي نه وڃون، منهنجي دوستي پنهنجيءَ شاعريءَ سان رهي آهي، جو ماڻهو، جا نقطئه نگاهه، منهنجي شاعريءَ جي دوست رهي آهي، ان کي مون اپنايو آهي، جنهن ان جي مخالفت ڪئي، انهن کي مون مسترد ڪري ڇڏيو آهي.
انٽريو وٺندڙ: هينئر ڪائنات ڏانهن توهان جي جيڪا صوفياڻي روش آهي ته ڇا پوئين ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ جو دانشور وري واپس ٿو ٿئي؟
شيخ اياز: منڍ کان وٺي اها هئي. مون توهان کي ٻڌايو ته جيڪي منهنجا مخالف هيا اهي منهنجي ”ڪفر” کي ان حد تائين وٺي ويا جو خوامخواه ڳچيءَ ۾ هڪڙو نوڙ وڌائون ۽ منهنجي حمايت ۾ انهن جا مخالف هيا، اهي به ايترائي ڪٽر هيا، هڪڙا ڪميونسٽ ملان هيا ۽ ٻيا اسلامي مُلان هيا. جهيڙو ٻنهي جو پاڻ ۾ هيو، آئون شٽل ڪاڪ وانگر ٻنهي جي وچ ۾ هوس، رشيد لاشاريءَ هڪ خط ۾ لکيو هو(جو شايع ٿي چُڪو آهي) ته ”جي مون تي ادبي بورڊ جا دروازا بند نه ڪيا وڃن ٿا، ته مان اياز کي پنهنجي دور جو وڏو صوفي شاعر ثابت ڪري سگهان ها.” ۽ مرحوم منهنجي خلاف ڪيئي مضمون لکيا ها ته مان ڪفر ٿو ڦهلايان. دراصل مون منڍ کان تصوف جي هوا ۾ ساهه کنيو آهي. تصوف برصغير جي وڏي ۾ وڏي بغاوت آهي ۽ ان تعصب جي جَڙ تي ڪُهاڙي جو وَڍ آهي، جنهن انسان کي انسان سان ويڙهايو آهي. تصوف انسان کي سِر الاهي سمجهي ٿو، انسان سان محبت جو پيغام ڏئي ٿو. هُن کي ”همه اوست” جي لوئيءَ ۾ ڍڪي ٿو ۽ هر استحصال کي نندي ٿو. ان جي خلاف ڍال به آهي ۽ ان تي تلوار جو ڪم به ڏئي ٿو. اهو ئي حافظ واري ”محبت جي بِنا” آهي، جا ”خلل کان خالي آهي.” سنڌ ۾ جي. ايم سيد ان ڳالهه کي سڀ کان چڱيءَ طرح سمجهي ٿو. آخر هو صوفي ڄيٺمل جو دوست رهيو آهي، توهان مهرباني ڪري اهو سمجهي ڇڏيو ته مان تصوف Mysticismکي ٿو چوان ۽ اها ڪنهن مذهب تائين محدود نه آهي.
انٽرويو وٺندڙ توهان هن ڪهڙي ڪهڙي School of thought کي ويجهو سمجهو ٿا؟
شيخ اياز منهنجو زندگي جو فلسفو منهنجي ڪتابن مان بلڪل ظاهر آهي ۽ توهان پنهنجي دماغ جي ڪجهه Exercise ڪيو. اسان تشدد جو فلسفو به ڏٺو. ستر پنجهتر سال هڪڙو فل سرڪل ڦري ختم ٿي ويو. هوڏانهن موسيَ کان وٺي اسان جي نبي محمد صلعم تائين، جيڪڏهن توهان ڏسندو ته انهن جا پيروڪار توهان ڪي اوتري ئي تعداد ۾ ملندا. جيترا اڳ ها. ٻيو ته ٺهيو پر مهاوير، گوتم، ڪرشن جا پوئلڳ به ڪافي تعداد ۾ آهن، مهاوير جا پوئلڳ ڪجهه گهٽجي ويا آهن، پر ڪروڙ جيني اڃا به آهن، جن مان اڪثر بمبئيءَ آهن. يعني ڪي بنيادي قدر آهن. جيڪي پاينده آهن ۽ جيڪي ڪميونسٽن وٽ نه هئا، نه ته ڇو ختم ٿي وڃن ها! هيڏو زار شاهيءَ کان به وڏو سامراج هين، يورپ جي هٿ ۾ هيو، سڄي دنيا کي وچڙي، لئٽين آمريڪا تائين وڃي پهتا، پر مغربي رشيا زار شاهيءَ جي جتيءَ ۾ پير پاتو هو. اهو هڪ ننگو ۽ اڍنگو سامراج هو. مشرقي يو. ايس ايس. آر تي مغربي يو. ايس. ايس. آر جو تسلط هو. پولنڊ تي غلبو هو ۽ پول روسيءَ کي ائين نفرت سان ڏسندا ها، جيئن ترڪ عرب کي ڏسندا آهن. يورپ جا ٻيا ڪميونسٽ ملڪ بغاپت ۾ هُئا. هنگريءَ ۽ چيڪو سلواڪيا ۾ بغاوتون دٻايون ويون، پر نيٺ اُڀري آيون، اڳِڙي جي گُڏي وانگر ان جا آنڊا گونڊا ٻاهر نڪري آيا. لوهي زنجير وجهي لينن جا بت ڪيريا ويا. مان جڏهن ماسڪو ۾ هوس ته اکين سان ڏٺو هيم ته امن جا ڪبوتر مارڪس جي پيشانيءَ تي وٺيون ڪيرائي رهيا ها. پر ڪنهن توجهه نه ٿي ڏني، جڏهن مان تاشقند، سمرقند، دوشنبي ۾ هوس ته تڏهن ئي منهنجو تاثر اهو هيو، ڇاڪاڻ ته مون اتي گنب جون ڀتيون اکين سان ڏٺيون، جيئن توهان کي مستونگ ۾ ملنديون، ائين تاشقند ۾ هيون، هتي رڳو اسان جي ماڻهن کي ٺڳيو ويو آهي، ڪميونسٽن ۾ به ڪيترا چڱا ماڻهو آهن ۽ انهن اها فلاسافي انهيءَ ڪري اپنائي آ، ڇاڪاڻ جو هو غربت جي مسئلي جو حل چاهن ٿا. ڇاڪاڻ جو هو اقتصادي غلاميءَ کي سياسي غلاميءَ کان به برو سمجهن ٿا، هو اڃا نيت ۾ صاف آهن، اُنهن پاڻ سٺو آهي، اڃا واڳ ڌڻي نه ٿيا آهن، اڃا ڪٺورتا انهن جي اندر ۾ پلي، وڏي نه ٿي آهي. انهن ۾ به خوف خدا معدوم آهي، اهي به جزا سزا، مڪافاتِ عمل ۾ اعتبار نه ٿا ڪن، جڏهن انهن جو وارو آيو ته انهن جو هٿ پڻ بندوق جي ناليءَ تي هوندو، پر هاڻي ته دنيا بدلجي وئي آهي. هاڻي هو ڪلاسيڪي طريقي انقلاب نه ٿا آڻي سگهن. تاريخ جا اڳيان دروازا بند ٿي چُڪا آهن. ٽين دنيا جي مسئلي لاءِ انسانذات کي ڪجهه ڪرڻو پوندو. ٽين دنيا ته اتي ئي آهي. هندستان ۽ پاڪستان ئي ڏسو، مان هندستان به اکين سان ڏسي آيو آهيان فريب، بک، بدحالي، هڪ پاسي فٽ پاٽ تي بسترا ته ٻي پاسي اوچيون ماڙيون، جن کي ڏسي چنڊ شرم کان بادلن ۾ منهن ڍڪي ٿو. اسان جو پاڪستان به ائين ئي آهي. سنڌ ۾ حالتون سڀ کان بدتر آهن، سڄي ٽين دنيا، فلپين، ٿائلينڊ، ڏکڻ آفريقا، بنگلاديش ڪهڙا نالا وٺي ڪهڙا وٺانَ! اتي انسانيت جي ذلت ٿي رهي آهي. فقط نيسلن منڊيلا جهڙا ليڊر آهن جي فقط جيل ۾ رهي انهيءَ پد تي پهتا آهن. لهن ڪجهه به نه!
انٽرويو وٺندڙ: Civil disobedience لاءِ جيئن ٿارو وارو زمانو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته ”مان ٽئڪس نه ڏيندس، ڇو ته جيڪا حڪومت ميڪسيڪو سان ڏاڍ جي لڙائي ٿي ڪري ۽ جيڪا غلاميءَ کي جائز قرار ٿي ڏئي...”
شيخ اياز: آمريڪا جي لاءِ ته صحيهح آ، باقي جي توهان ان ڏس ۾ ويندو ته پوءِ......گانڌي جڏهن ريل جي پٽن تي سمهندو هو ۽ ستياگره ڪندو هو ته انگريز حڪومت ڪندا ها.
انٽرويو وٺندڙ: جيڪڏهن هن ملڪ جي اندر ڪٽر مذهبي....
شيخ اياز: نه، مونکي هاڻي ڪو ڊپ نه رهيو آهي، هاڻ ڪهڙو ڊپ!
باقي زندگي ٻه ٽي سال!! جي اها به ڪنهن کسي ورتي ته ٺيڪ آ، پنج دل جا دورا پيا ته به سرڪار جي آڏو هٿ نه ڦهلايم، پ پ جي دور ۾ مونکي علاج لاءِ ڏهه هزار پائونڊ ڏنائون، لنڊن مان واپس اچي اٽڪل ساڍا اٺ هزار پائونڊ هنن کي موٽائي ڏنم، هڪڙو به اهڙو مثال ٻڌايو ته ڪنهن اڄ تائين ساڍا اٺ هزار پائونڊ به موٽايا هجن. تنهن کان پوءِ مون علاج جي لاءِ ڪنهن کي به نه چيو آ، ڇاڪاڻ ته مونکي انهيءَ ڳالهه جي خاطري آهي ته جڏهن منهنجو Appointed Hour ايندو ته انهيءَ مهل مونکي ڪوبه بچائي نه سگهندو. هي ڪائنات هڪ تمام وڏي ڪمپيوٽر وانگر آهي، جنهن ۾ هر انسان جي تقدير محفوظ آهي، اوهان لوح و قلم، ۽ لوح محفوظ جا محاورا ٻُڌا آهن. منهنجي نظر ۾ اها ڳالهه صحيح آهي. اوهان جو به وس ڪندا، اُهو به ان لوح محفوظ ۾ آهي. ڪڏهن بيوس ٿي وندا يا وس وارا ٿيندا، اهو به طئه ٿيل آهي. ڪاريه ۾ به مايا جو حصو آهي.
غالب چيو آهي:
موت کا ايک دن معين هي،
نيند ڪيون رات بهر نهين آتي.
جي غالب واقعي سمجهي ها ته موت جو هڪ ڏينهن معين آهي ته هن کي مون وانگر ساري رات بي فڪري ننڊ اچي ها.
انٽرويو وٺندڙ: خاص طور چوندا آهن ته جڏهن ماڻهوءَ جا قوي مضمحل ٿين ٿا ته پوءِ هو تقدير ۽ ٻين اهڙين ڳالهين تي يقين ڪرڻ شروع ڪري ٿو”
شيخ اياز: اهو شعر هئين آهي ته:
هوگئي مضمحل قوي غالب
اب عناصر مين اعتدال کهان-
اهي غالب جا قوي ٿڙندا هيا، ايترو تون ويهن ورهين جي نوجوان سان ڳالهاءِ جيترو مون سان ڳالهايو اٿئي ۽ پوءِ ڏس ته ايتري جوش ۽ جذبي سان ڳالهائي ٿو يا نه ٿو ڳالهائي سگهي. پوءِ چئه ته مضمحل هو گئي قوي غالب، منهنجي دل و دماغ کي ابدي جُواني آهي، جسم جُهري وڃي ته به اهي هميشه وانگر زنده و تابنده رهندا! ڇا ڪنهن به پيامبر جا ڪنهن وقت به قوي مضمحل ٿيا ها؟ ٽئگور پوئين ڏينهن تائين شاعري ڪئي. غالب جهڙي شرابي شاعر جي ٻي ڳالهه آهي، جو آخري عمر ۾ 62 رپيا پينشن تي گذارو ڪندو هو، جا هن کي انگريز بهادر ڏيندا ها ۽ جنهن لاءِ هُن ڪلڪتي کان دهليءَ تائين چڪر ڪاٽيا ها.
انٽريو وٺندڙ:شاعري جا مکيه جزا ڪهڙا آهن؟
شيخ اياز: نثر گهمڻ وانگر آ ۽ شاعري نچڻ وانگر آ، وسيع مطالعو ۽ مشاهدو ضروري آهي. هن دور ۾ ڪو به اُمي شاعر نه ٿو ٿي سگهي، پر هر مطالعي ۽ مشاهدي وارو دانشور، شاعر نه ٿو ٿي سگهي، ان لاءِ اندر جا آگم ضروري آهن، شاعري ڪارونڀار وانگر ايندي آهي ۽ وسندي آهي ته لڳاتار وسندي آهي، ان لاءِ ڪوئي محڪمه موسميات نه آهي، ڪنهن وقت نه ڪيئي سال جهڙ نيڻان نه لهي، ڪيفيت هوندي آهي، مان غالب سان مُتفق آهيان ته اها غيب مان ايندي آهي.
آتي هين غيب سي پي مضامين خيال مين
غالب صرير خامي نوائي سروش هي
ڇا ٿو چوي غالب؟ قلم جو آواز جبرئيل جو آواز آهي، سروش جبرئيل کي چوندا آهن. ڀٽائيءَ جا بيت ته آيتون آهن، پر فقط بيت ته مون به ڪڏهن ڪونه لکيا آهن.
انٽرويو وٺندڙ: محمود درويش چيو آهي ته ”شاعري جي به موسم ٿيندي آهي، ائين به ٿيندو آهي جو آءُ سڄو سال ڪجهه نه لکي سگهندو آهيان ۽ ڪڏهن ته نظمن جو مينهن وسندو آهي.” ڇا توهان سا به ائين ٿيندو آهي؟
شيخ اياز: اهو اڳي ٿيندو هيو، هاڻي ته مينهن ايترو پيو وسي جو مان ڀانيان ٿو ته پانڊيچري کان وڌي ويو آهي.
انٽرويو وٺندڙ يوجيني يووَوشنڪو چيو آهي ته ”شاعري ساڙوليءَ زائفان جيان ٿيندي آهي. جا بي وفائيءَ کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي آهي.” توهان جو ڇا خيال آهي؟
شيخ اياز: اسان ته نڀايو اٿوئنس ۽ نه ئي شاعريءَ اسان سان بي وفائي ڪئي آ، پاڻ ته پوئين دم تائين نڀائيندا رهياسين، بستري تي هياسين تڏهن به لکندا رهياسين.
انٽرويو وٺندڙ:جان اسڪاچل چيو آهي ته ”نظم شاعر جي ايجاد ناهي، نظم ڪنڊ ۾ لڪل هوندي آهي، شاعر رڳو ان کي ڳولهي لهندو آهي.” توهان ڇا چوندو؟
شيخ اياز: مان پاڻ ائين ٿو سمجهان، منهنجو چوڻ آهي ته بت پٿر ۾ لڪل آهي، سنگتراش رڳو ان کي تراشي ڪڍي ٿو، نه ته بت تي اتي اڳ ئي آهي. جيئن ديپڪ راڳ وينا جي تارن ۾ آهي، رڳو بيجو باورا جي ضرورت آهي، جو ان جي تارن کي ڇيڙي، ملهار به ائين وينا ۾ آهي، رڳو ان جي تخليق لاءِ تانسين جي ضرورت آهي، جو ان کي وينا مان ڇڪي ڪڍي. ائين شاعري به ٻوليءَ ۾ آهي ۽ انهيءَ شاعر جي ضرورت آهي جو سمنڊ مان اوهان کي مُٺيون ڀري موتي ڏِئي . موتي ته اڳي ئي سمنڊ جي تري ۾ آهن.
مان اها دعويَ ته نه ٿو ڪيان پر سمجهان ٿو ته مان نه ٿو لکان. ٽين چئين بجي ماڻهو ننڊ مان اٿي لکي! مون کي ته يادگيري به نه هوندي آهي صبح جو، ته مون ڇا لکيو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: ڇا ان کي الهامي چئجي؟
شيخ اياز: نه....نه مان الهامي ته نه ٿو چوان، موزارٽ اٺن ورهين جي عمر ۾ اهو ميوزڪ ڏنو جو سٺ ورهين وارا موسيقار وائڙا ٿي ويا هئا. بيٿوون پنجٽيهن ورهين جي عمر ۾ پاڻ کي Over Consume ڪري وڌو ۽ آرڪسٽرا هلائيندي ڦهڪو ڏئي ڪرِيو. آمريڪا ۾ هڪڙو يهودي مينُهون، ڏهن ورهين ۾ پيانو اهڙو وڄائيندو هو جو هن کي ٻڌي ماهر موسيقار حيران ٿي ويندا ها. مان نون ڏهين ورهين جي عمر ۾ شاعري شروع ڪئي. اهو ڪيئن ٿيو!
ڇا مان اڳئين جنم ۾ ودياپتي هوس؟ ڇا اِها ڏات مون کي خدا بخشي آهي؟ برگسان ڪنهن فلسفيءَ کان پڇيو، ”ماڻهو ڇا جي پيدائش آهي؟” فلسفيءَ جواب ڏنو، ”پنهنجي ورثي ۽ پنهنجي ماحول جي.” (دورِ جديد ۾ جڏهن کان Science of genetics وجود ۾ آئي آهي ته ورثي کي Genes چيو ٿو وڃي) برگسان وري پڇيو، ”تنهنجي پيءُ جو ورثو ۽ ماحول ڪٿان آيا؟” فلسفي جواب ڏنو، منهنجي ڏاڏي جي ورثي ۽ ماحول مان، جي وري منهنجي پڙڏاڏي جي ورثي ۽ ماحول مان آيا.” برگسان اِن تي چيو ته،؟ اُهو سلسلو نيبيولا (Nebulae) تائين هليو ٿو وڃي. يعني شيڪسپيئر جي شاعري اصل نيبيولا جي پيدائش هئي! ان کان بهتر ائين ٿيندو جو چيو وڃي ته شيڪسپيئر کي خدا ڏات ڏني هئي.”
يه مسائل، تصوف، يه ترا بيان غالب
تجهي هم ولي سمجهتي جو نه باده خوار هوتا.
غالب ته مرندي تائين باده خوار هو. مون ته ڪيترين وقت کان باده خواري ڇڏي ڏني آهي. شاعريءَ مان مونکي ملي به ڪجهه نه ٿو، پر پوءِ به سانده سٺ سال مون ان جي پيروي ڪئي آهي. ته اها Urge مون ۾ ڇو آئي. ان جو جواب اهو آهي ته گذريل زندگيءَ ۾ مان ڪو شاعر ٿي رهيو آهيان يا ڪيئي ڀيرا شاعر ٿي رهيون آهيان ۽ مون کي اها ڳالهه اڃا مڪمل ڪرڻ آهي، اڳين Genesمان اها شاعري ته مون کي ملي آهي، ان جو ڪوئي سوال ئي نه ٿو اُٿي. منهنجي اڳين ستن پيڙهين ۾ ڪوئي شاعر نه ٿيو آهي. جي اڃا پُٺ تي وڃجي ته ماڻهوءَ جا Genes وڃي باندر سان ملن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ ڊارون ته ائين چئي ٿو.
انٽرويو وٺندڙ: غالب جي باري ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
شيخ اياز: غالب تمام وڏو شاعر ۽ Master Imagist هو.
انٽرويو وٺندڙ: پر توهان اڳ لکيو هو ته غالب درٻاري شاعر هو؟”
شيخ اياز: اهو ڪنهن مهل مون ائين لکيو هو، دراصل غالب ته ادارو هو، بهادر شاهه ظفر جو ”ذوق” درٻاري شاعر هو، غالب سان ان جي چپقلش هلندي هئي. احساس ڪمتري هميشه شاعرن کي نهوڙي نيندي آهي. پاڻ کان Superior talent ڪڏهن به هن کي زندگي ۾، قبول (Acknowledge) نه ڪندا آهن. ظفر جا ٻه پٽ انگريزن مارائي ڇڏيا ۽ هن کي رنگون ۾ قيد ڪري ڇڏيائون. غالب پينشن لاءِ چتو ٿي پيو ۽ رلندو ڪلڪلتي ويو ته جيئن هن کي اها ملي، روز ڪيپٽن جي شان ۾ قصيدا لکي موڪليندو هيو ته مون کي سير برف جو ته ڏي، گرمي ۾ پيو مران، نيٺ هن جو ٿورو گهڻو وظيفو بحال ٿيو. پوين ڏينهن ۾ غالب لاچاري ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾ مري ويو ۽ شايد جيڪڏهن مان به غالب جي جڳهه تي هجان ها ته ائين ڪيان ها. اها ڳالهه مان اڳ ۾ ڪري آيو آهيان، ان ڪري ئي مون کيس درٻاري شاعر ڪوٺيو هو. جيتوڻيڪ غالب جي اردو شاعريءَ ۾ ستر فيصد پارسي لفظ آهن: کاو کاوِ سخت نيهائي تنهائي نه پوچهه، ۾ ’نه پوچهه‘ لفظ فقط اردو آهن. جيتوڻيڪ هن پنهنجي فارسي ڪلام کي ترجيع ڏيندي چيو هو:
”فارسي بين تا به بيني نقشهائه رنگ رنگ
مجمع اردو چه بيني ان که بيرنگ من اُست
ان جي باوجود غالب دنيا جي چئن پنجن عظيم ترين شاعرن مان آهي. هن جو شاعرانه تصور پنهنجو مثال پاڻ آهي.
غم نهين هوتا هي آزادون ڪو پيش ازيڪ نفس
برق سي ڪرتي هين روشن شمع ماتم خاني هم
ڄڻ ريمبرانٽ جي تصوير اکين اڳيان ڦري ٿي وڃي. اردوءَ جا سڀ ديوان هڪ طرف، اهو هڪ شعر ٻي طرف، نه، مان غالب جي شاعرانه عظمت جو قائل هميشه کان رهيو آهيان. مون کي غلط سمجهيو ويو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: توهان چيو آهي ته ”وڙهندي مرڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي.” پر ڏٺو وڃي ته تاريخ ۾ هميشه اهي ماڻهو سورما رهيا آهن، جن وڙهندي ساهه ڏنو آهي؟
شيخ اياز: وڙهڻ جا ٻه طريقا آهن، رڳو ڪلاشنڪوف کڻي وڙهڻ ته ڪونهي، انسان جي مزاحمت ضروري آهي. Evil سان ويڙهه آخر تائين ضروري آهي. ترگنيف جو ناول ”روڊن” مون پڙهيو. جنهن جو هڪڙو ڪردار رڳو ڳالهائيندو هو. پوءِ آخر ۾ هن کان پڇائون: ”تون عمل ڪونه ٿو ڪرين ڇڙو ڳالهائين ٿو، تقريرون ڪندو ٿو وتين، تون ته ڪو فضول ماڻهو آهين.” هن ايڏو خوبصورت جواب ڏنو هو، جو مان نه ٿو ڀانيان ته مون ڪنهن به ليکڪ جو ايڏو خوبصورت جواب پڙهيو آ، هن چيو: ” هڪ چڱو لفظ، چڱو عمل به آهي،” ڇاڪاڻ ته چڱي لفظ جي لاءِ ڪنهن مهل ڪافي سَهِڻو ٿو پوي. ڇا مان پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ڪافي نه سَٺو آهي؟ ڇا مان پهريون اديب نه هوس جو جيل ۾ ويو هوس، سو به جڏهن جنگيون پئي هليون؟ ڇا ڪنهن به سنڌيءَ ايتري من جي پيڙا ڀوڳي آهي؟ جيتري مون ڀوڳي آهي، ڇا وائيس چانسيلر شپ وقت مون ذهني عذاب نه ڀوڳيو هو؟ نه جائه رفتن، نه پائه پاندن جي ذهني اذيت گهٽ آهي؟ ڇا مون لاءِ شاعري چار سال التوا ۾ رکڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪوئي جهنم ٿي سگهيو ٿي؟ جا ڪائي فراريت مون کي تسلي ڏئي سگهي ها؟ ”لُري ۾ لڙڪن پيا، ڪنڌ نِوايل يار، وووءِ ميان، وو، وو ميان!” واري وائي، مون ڀٽي جي ڦاسيءَ کان سال اڳ، پنهنجي باري ۾ لکي هئي.
مسيحا کان جي ڪوئي صليب ڦري وٺندو ته ڇا اها هُن لاءِ خوشيءَ جو باعث ٿيندي؟ ڇا انهيءَ دور کان وڌيڪ پيڙا ڪڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن پنهنجا به دشمن هجن، پراوا به دشمن هجن؟ صحيح راه فرار خودڪشي هئي، پر مون کي ان کان نفرت آهي. وقت گذري ويو. ڦٽ ڇٽي ويا، کرنڊ اڃا آهن. جي مان سِنڪي ٿيان ته Swift ته ڪا شيءَ نه آهي. پر هينئر ته مون کي ڌيرج اچي ويو آهي. مون کي جو ڪائنات جي تصور ۽ انسان جي تقدير ۾ يقين پيدا ٿيو آهي، ان مون کي پهاڙ وانگر آڏول بڻائي ڇڏيو آهي. مستقبل منهنجي آڏو منهنجي ڪمري جي کٻي پاسي نقش به ديوار آهي ۽ ان جي سڄي پاسي هڪ عورت ان کي نمسڪار ڪري، ان جو آڌرڀاءُ ڪري رهي آهي. ڇا اوهان منهنجو ڪمرو ڏٺو آهي؟ اوهان ڏسندا ته اوهان اهو نقش به ديوار ڏسي نه سگهندا. منهنجي لاءِ اهو هڪ آئيني وانگر آهي.
انٽرويو وٺندڙ: پر اهو ”روڊن” وارو ماڻهو به آخر ۾ جهنڊو کڻي مري ويو؟
شيخ اياز: جي جهنڊو کڻي مري ويو ته توهان جو انقلاب به ته مري ويو نه؟ اهو ڪٿي آ؟ دراصل روس ۾ جيڪي انقلاب کان اڳ ۾ ليکڪ هيا اهي وڏا ماڻهو هئا، اهي ته دنيا جي ادب جو حصو آهن. انهيءَ ۾ ٽالسٽاءِ، چيخوف، دوستووسڪي، ترگنيف، گوگول اچي وڃن ٿا. اهي تمام وڏي پائي جا ماڻهو هيا، مان ڀانيان ٿو ته ٽالسٽاءِ دوستووسڪي جي پائي جو ناول نگار سارتر به ناهي پر دوستووسڪي تون پڙهندين ته هن جو عيسائيت ڏانهن لاڙو هيو ۽ ٽالسٽاءِ به ائين هيو.
انٽرويو وٺندڙ: ڇا پشڪن به انهن مان آهي؟
شيخ اياز: نه پشڪن انهن مان نه هيو، پشڪن رومانٽڪ شاعر هيو، پشڪن کي ترجمي ۾ پرجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پشڪن شاهه لطيف وانگر آهي، جيڪو ترجمي ۾ اچي نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته شاعري ٻوليءَ جو معاملو آهي، مصوري وانگر رنگن جو معاملو ناهي، لائين يا خطاطي جو معاملو ناهي، مصور ۽ سنگتراش جي ٻولي آفاقي آهي ۽ شاعر جي ٻوليءَ کي قومي رنگ آهي. پُشڪن جا ترجما مون انگريزيءَ ۽ اردوءَ ۾ پڙهيا آهن، پر اهو مزو نه ٿو اچي، حورُي منهنجي دوست آهي. هن روس ۾ ڇهه سال پڙهي، روسي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. انهيءَ منهنجو اردو شعر جو ڪتاب ”نيل کنٽهه او نيم کي پتي” ڇپايو آهي. انهيءُ پشڪن روسي ۾ پڙهيو آهي، انهيءَ جو به چوڻ آهي ته اصل ۾ انگريزي ترجمي ۾ انسانيت جي ميراث آهي ۽ ان کي ڪنهن به حد بندي ۾ نه ٿو آڻي سگهجي؟”
شيخ اياز: قومي شاعري، مون ان حساب سان چيو هو ته شاعريءَ جو اظهار قومي ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو، ان جي ڪري ان جون روايتون ۽ ان جو پس منظر نه قومي ٿيندو آهي، باقي ان جو پيغام آفاقي ٿي ٿو سگهي ۽ ٿيڻ به گهرجي. ان ۾ شمشير صاحب بلڪل صحيح آ. ڇو ته جيڪا شاعري بين الاقوامي هوندي آ، ان جي پنهنجي اهميت آهي. دراصل ان جي اهميت وڌيڪ آهي ۽ ترجمي جي قابل اها ٿيندي آهي.
انٽرويو وٺندڙ: دنيا ۾ بين الاقوامي شاعري به آهي ڇا؟
شيخ اياز: ڪميونسٽ دور ۾ بين الاقوامي شاعري ان کي چون پيا، جيڪا مارڪسٽ شاعري هئي. ان دور جا جيڪي وڏي ۾ وڏا شاعر هيا، جن جي شاعري تصوريت کي وڏو ڌڪ ڏنو، انهن ۾ فيض، ناظم حڪمت ۽ پيبلونرودا اڳرا هيا. پيبلونرودا بچي ويو. پر فيض ۽ ناظم حڪمت ماريا ويا. پبلونرودا بچي ويو، پر فيض ۽ ناظم حڪمت ماريا ويا. پبلو نرودا لئٽن آمريڪا جي ماحول سان لاڳاپيل هيو. ۽ ان جي سڄي خوبصورتي کي ٻوليءَ ۾ چٽيائين، مون کي لورڪا وڌيڪ پسند آهي. هن کي فرانڪو جي فاشسٽن ٻيرا ٻيرا ڪري، اهڙي هنڌ ڦٽي ڪيو هو، جو هن جو لاش به نه مليو، پر هن جي شاعريءَ تي اسپين جي خانه بدوشن جي زندگيءَ جو ائين اثر آهي، جيئن منهنجي شاعريءَ تي ٿر جي ماروئڙن ۽ لاڙين جي پيڙا جو اثر آهي. هن جي شاعريءَ ۾ منهنجيءَ شاعري وانگر ڪائنات سان هم آهنگي آهي. هن جو درد به آفاقي آهي ۽ رڳو خانه بدوشن تائين محدود نه آهي، هو نعري باز ۽ ڪنهن نظرئي جي زنجير ۾ گرفتار نه هو، هو هوا وانگر آزاد هو، پرندي وانگر آزاد هو، اوڀر جي ڪاري گهٽا وانگر آزاد هو ۽ هن جي شاعري انهيءَ آزادي جو اظهار به آهي ۽ ان اذيت جو اظهار به آهي، جڏهن ڏاند، Matador (ڏاند سان مقابلو ڪندڙ) کي سڱن تي کڻندو آهي ۽ هن کي ڦٽي، رت ۾ لوئي، لتاڙي ماريندو آهي. موت، هن جي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. جيئن هڪ Matador جي زندگيءَ ۾ رکي ٿو.
انٽرويو وٺندڙ: فيض ڪئين مارجي ويو؟
شيخ اياز: فيض جي گهڻي شاعري پروپيگنڊا جي شاعري آ، ”بازو هيه ميري ساٺهه کروڙ” يعني چيني هن جا سٺ ڪروڙ بازو آهن، چيني ليڊرشپ پهرين نمبر جي رهزن ليڊرشپ آهي، جنهن ٿِيئن مِيئن اسڪوائر ۾ ماڻهو، ڍورن وانگر مارائي ڦٽي ڪيا، چيني ٻارنهن سال کان آمريڪا جي پيرن تي ڪِري چڪا آهن، رڳو نعرا هڻي اسان کي ٺڳيو اٿائون. هاڻي ته مائو جو ديو هيڪل بُت گدام ۾ واڙجي چُڪو آهي ۽ هن جي پياريءَ چوٿينءَ جوءِ کي ”گئنگ آف فور” ۾ شامل هجڻ ڪري، موت جي سزا اچي چڪي آهي.
انٽرويو وٺندڙ: نئين ٽهي جي شاعرن جي باري ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
شيخ اياز: سٺو ٿا لکن، جيترو وڌيڪ پڙهندا، جيترو وڌيڪ سمجهندا، جيترو وڌيڪ زندگيءَ جو تجربو ٿيندن، اوترو انهن جي شاعري پُختي ٿيندي، پر هينئر به سٺو ٿا لکن.
انٽرويو وٺندڙ: توهان کي غصو ايندو آ؟
شيخ اياز: غصو ايندو آ، پر جلد لهي ويندو آ، مان دل ۾ گهڻو وقت ٻيائي سانڍي نه سگهندو آهيان، ڪنهن به انسان جي خلاف مون سازش نه ڪئي آهي. هڪڙو به ماڻهو مونکي ٻڌائي ته مون ان جي خلاف سازش ڪئي هجي. جن به مون کي گاريون ڏنيون آهن، جيڪي به مون سان وڙهيا آهن، تن تي مون کي ڪاوڙ ايندي آهي، پر گهڻو وقت نه رهندي آهي. مون کي ايترو وقت نه آهي ته ڪاوڙ تي ضايع ڪيان، جڏهن انهن کي قدرت ڪيفرِ ڪردار تي پهچايو آهي. ته مون کي افسوس ٿيو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: اها ڪهڙي ادا يا Gesture آهي، جنهن توهان کي وڌيڪ اتساهيو هجي؟
شيخ اياز: جدا جدا دؤر ۾ جدا جدا ڳالهين اتساهيو آهي، هڪڙو جوانيءَ جو دؤر هيو، جنهن ۾ انسان جي صورت ۽ انهيءَ جي طبيعت اُتساهيندي هئي، ۽ انهي کان جڏهن ننڍا هياسين ته ڪتاب اُتساهيندا هيا. اُستاد اُتساهيندا هيا. ڪڏهن پنهنجو ديس، پنهنجا مارو، اُنهن جو ماڳ اُتساهيندو هيو. انسان ذات جا آدرش اُتساهيندا ها، پر انهيءَ کان پوءِ سڀ ڳالهيون گڏ سڏ ٿي ويون آهن. انسان جڏهن پنهنجو غلام آهي ته سڀ کان برو غلام آهي، هاڻي ته انهيءَ غلام مان آزادي نصب العين ٿي وئي آهي.
انٽرويو وٺندڙ: ڪجهه ماڻهن جي توهان جي باري ۾ راءِ آهي ته توهان نثر جا وڏا ليکڪ آهيو، پر شاعر ايڏا وڏا نه آهيو توهان ڇا چوندؤ؟
شيخ اياز: مان پنهنجي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪري نه ٿو سگهان. توهان کي نثر وڻي، يا نظم وڻي، اسان ته پنهنجي دل ويٺا خوش ڪريون.
انٽرويو وٺندڙ: زندگيءَ جي هن پوئين وقت ۾ توهانجي ڪا حسرت آهي؟
شيخ اياز حسرت ته آهي....
هزارين خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پين دم نڪلي
بهت نڪلي ميري ارمان پهر بهي ڪم نڪلي
هينئر منهنجون حسرتون عمر جي حساب سان آهن. جيڪي مون ڄاڻڻ پئي چاهيو ته ڄاڻي سگهيس، ازراپائونڊ سان مان متفق آهيان، شايد ڪوبه نه ڄاڻي سگهندو.
انٽرويو وٺندڙ: ڇا توهان کي زندگيءَ ۾ نوبل انعام جي خواهش آهي؟
شيخ اياز: نه، نه مان چوان ٿو ته اسان جي حالت وارياسي جي گل واري آهي. جيئن وارياسي تي هڪڙو خوبصورت گل نڪرندو آ، پوءِ ڪولهي ۽ ڀيل ان کي نهاريندو پنهنجي گڏهڙي کي اڳتي هڪليندو ويندو آ، موهن ڪلپنا ٽي دفعا منهنجي منهن تي چيو هو ۽ هڪ دفعو سپون ۾ خط لکيو هو، ”شيخ اياز نوبل انعام جو حقدار آهي.” (ٽهڪ ڏئي) نوبل انعام! فردوسي طوس جي هڪ دروازي کان اشرفين جون ٿيلهيون....ٻي دروازي کان هن جو جنازو! نه بابا، مون کي ڪوئي انعام نه گهرجي، منهنجي شاعري پنهنجي ليکي هڪ انعام آهي، منهنجي روح جي تڪميل آهي، منهنجو چئن آهي، منهنجو آرام آهي، منهنجي هر محبوبه جو رُوپ آَهي، هُن جي آمرتا آهي، هن وانگر ڪڏهن به مرجهائي نه آهي، سدا گلاب وانگر ترو تازه آهي، منهنجي هر درد کي، هر پيڙا کي مسرت ۾ بدلايو اٿائين، منهنجي ماس کي روح بڻايو اٿائين، جو روح القدس تائين پهچي سگهي ٿو، منهنجي موت کي مات ڏني اٿائين، مون کي نئين زندگي ڏني اٿائين، مون کي ٻيو ڪهڙو انعام کپي؟ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو انعام ٿي سگهي ٿو؟ شاعريءَ مون لاءِ خدا جو انعام آهي. نوبل ڪهڙي شيءَ آهي! مون ته اڳئي چيو آهي شاعريءَ ۾ پيسو نه آهي ته پيسي ۾ به شاعري نه آهي، ساتر کي ڏنو هُيائون ته هُن ٺڪرائي ڇڏيو هو.
انٽرويو وٺندڙ: تنقيد جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ شيخ اياز: تنقيد جو فن اسان وٽ اڃا Develop نه ٿيو آهي، ان جو سبب مطالعي ۽ مشاهدي جي کوٽ آهي. مون سان ڀلي ڪو نا اتفاقي ڪري، پر هميسه خوش فهمي چڱي ڪانه ٿيندي آ، ماڻهو پاڻ کي Realistically assess ڪري ته اسان وٽ آهي ڇا! توهان وٽ ڪو چڱو ناول ڪونهي، ٺيڪ آ سراج يا طارق عالم ابڙي يا ٻين ڪوشش ڪئي آ، اسان جو هڪڙو غريب صوبو آ، جيتري ان جي اهميت هوندي اُن جي شاعر ۽ اديب جي به اوتري ئي اهميت هوندي. منهنجو قد ڪاٺ به ته وطن جي حساب سان ماپيو ويندو نه؟ پر پوءِ به تنقيد جي حوالي سان ايمانداريءَ سان چئجي ته اسان ڇاڇر ۾ ڇيروُن هنيون آهن.
انٽرويو وٺندڙ: رينيار ماريه رلڪي چيو آهي ته ”فن پارا انتهائي انفراديت جا حامل ٿيندا آهن” تنقيد ان کي سمجهڻ جو ڏاڍو حقير ذريعو آهي؟”
شيخ اياز: نه تنقيد خود هڪڙو تخليقي فن آهي، مان تنقيد جا ڪتاب پڙهيا آهن، مون هڪ ڀيري سامر سيٽ مام جي ناول جي تنقيد جو ڪتاب پڙهيو، اهو ان ناول کان به سٺو لکيل هو. ائين نه تنقيد تي مون سوين ڪتاب اردوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ پڙهيا آهن، اردو ڪتاب به معياري نه آهن، هو تنقيد لاءِ ٻولي به پيدا نه ڪري سگهيا آهن. تنقيد تمام ضروري فن آهي ۽ تنقيد کان سواءِ ڪڏهن به توهان جي ادب جي آؤسر پوري نه ٿيندي.
انٽرويو وٺندڙ: توهان وائيس چانسيلر ڪيئن ٿيا ۽ ڇو ٿيا؟
شيخ اياز: مان ڦاسي ويس، مون کي ڪا لالچ ڪانه هئي، ڇو ته آءُ وڪالت ۾ گهڻو ڪمائيندو هوس، ڀٽي صاحب يارنهين بجي رات جو مون کي ڪراچيءَ مان فون ڪري چيو ته ”منهنجي مدد ڪر.” ۽ انهيءَ مهل مون سمجهيو ته مان توهان لاءِ ڪوئي چڱو ڪم ڪندس، مثال طور: هڪڙي ڏينهن قمرالزمان شاهه جي دعوت تي ويٺا هجون، جنهن ۾ ڀٽي صاحب جي پنهنجي حلقي جا ماڻهو به هجن، مون کي چيائين ”اياز هي جو سنڌالاجي تي پنجاهه لک خرچ ڪياسين توکان اڳ ۾، ته وائيس چانسيلر ڪٺو ڇا ڪيو آهي؟ ٻه اجرڪ، ٻه ڪاوَن واريون ٽوپيون ۽ ٻه گهڙا. ڇا سنڌالاجي تي پنجاهه لک انهيءَ لاءِ خرچ ڪيا اٿوَ؟ تون سنڌالاجي مان ڪهڙو ڪم وٺندين؟” ”توهان مدد ڪيو ته مان گهڻو ڪم وٺي ٿو سگهان” مون هن کي چيو، چيائين، ”ٻڌاءِ” مون چيومانس ته ”بيورو آف ٽرانسليشن ٿو ٺاهڻ چاهيان ۽ دنيا جي ٽي سؤ ڪلاسڪ، جن انساني سوچ جي ارتقا ڪئي آهي، اهي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائڻ ٿو چاهيان، جڏهن اسان جا ڇوڪرا مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ هوندا ته سنڌيءَ ۾ دنيا جا وڏي ۾ وڏا مفڪر پڙهي سگهندا ۽ سڄي ننڍي کنڊ کي ڄاڻ ۾ شڪست ڏئي ويندا، ڇو ته سڄي ننڍي کنڊ جي ٻولين ۾ اهڙا ڪتاب ڪنهن ۾ چار آهن ته ڪنهن ۾ پنج آهن، ٽي سؤ ڪنهن ۾ ٻه ڪونهن، جڏهن سارتر وڪٽر هيوگو پڙهندو ته مان لطف الله بدوي پڙهندو هوس، پر جڏهن اسان جي ڇوڪرن ننڍيءَ عمر ۾ وڪٽر هيوگر پڙهڻ شروع ڪيو ته پوءِ تون ويچار ڪر ته سنڌ ڪٿي پهچندي؟” مون کي چيائين ته، ”اليڪشن کان پوءِ مان توکي عرب اميرن کان ڪروڙين رپيا وٺي ڏيندس.” پر اليڪشن کان پوءِ ڀٽو رهيو ئي ڪونه.
انٽرويو وٺندڙ: يونيورسٽيءَ جي ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته جڏهن توهان وائيس چانسيلر هيا ته توهان جي ڪجهه ويجهن دوستن توهان کي استعمال ڪيو يا Misguide ڪيو. توهان جو ڇا خيال آهي؟
شيخ اياز: ڪنهن به مون کي استعمال نه ڪيو. منهنجون پنهنجيون ئي بيوقوفيون هونديون. دراصل ڇا هو ته هر ماڻهوءَ کي، پنهنجا پنهنجا مفاد پيارا آهن، مان به چاهيان پيو ته جلد منهنجي جان ڇٽي ته مان وڪالت ۾ موٽي وڃان، پر پوءِ ڇاڪاڻ ته مارشل لا لڳو ته مون کي نڀائي نڪرڻو هيو، مارشل لا ۾ ڇڏيان ها ته ڄڻ احتجاج ۾ ڇڏيان ها، پوءِ ته وڙهن ها!
انٽرويو وٺندڙ: ڇا انسان جي بزدلي زندگيءَ کي نقصان نه پهچايو آهي؟
شيخ اياز: گليلو جي بزدليءَ ڪهڙو نقصان پهچايو هو؟ سڄي دنيا جي سائنس بدلائي وڌائين، توڙي جو آزمائش مهل ڦري ويو هو.
انٽرويو وٺندڙ: ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته جن ڏينهن ۾ توهان وائيس چانسيلر هيا ته آمر ضياءَ جي ڀَوَ کان توهان نماز به پڙهندا هيا، ڇا اها ڳالهه درست آهي؟
شيخ اياز: منهنجي ته گوڏن ۾ سور ٿو پوي. جي نه پوي ته مان جيڪر هاڻي به پڙهان. منهنجا ته چوويهه ڪلاڪ نماز ۾ ٿا گذرن ۽ منهنجي سڄي زندگي عبادت ۾ گذري آهي. صبح جو تهجد گذار به نه اٿندو هوندو، جنهن وقت مان اٿي شاعري ڪندو آهيان. اُتي به نماز پڙهندا هياسين، ڇاڪاڻ ته ضياءَ دڙڪا ڏنا ته توهان کي ڪَوڙا لڳندا. پوءِ يا ته ڪَوڙا کاوان ها يا الله کي ياد ڪريان ها، سو مون الله کي ياد ڪرڻ بهتر سمجهيو.
انٽرويو وٺندڙ: هڪ راءِ اها به آهي ته توهان جيڪو سٺ واري ڏهاڪي ۾ لکيو، اهو اڄ کان وڌيڪ طاقتور هيو، توهان ڇا چوندؤ؟
شيخ اياز: چڪبست هندستان جو وڏي ۾ وڏو قومي شاعر هو. علامه اقبال جا جيڪڏهن چار شعر نيا شواله، همالا، ميرا وطن وهي هي، بانگ درا مان ڪڍي ڇڏجن ته جيستائين قومپرستيءَ جو سوال هيو ته چڪبست جهڙي شاعري اردوءَ ۾ ڪنهن به ناهي ڪئي. جڏهن برطانوي حاڪميت ختم ٿي وئي ته انهيءَ شاعريءَ جي اهميت به ختم ٿي وئي، سفر ته پنهنجو سَرِ ڪري چڪي. انهيءَ کان اڳتي هلي به ڇا جي لاءِ. ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي اهميت تمام محدود هئي،Time ۽ Space انهيءَ کي روڪي رکيو، پر هڪڙا Values اهڙا آهن، جيڪي وقت ۽ مڪان کي پُٺتي ٿا ڇڏي وڃن. جيستائين ٻولي آهي تيستائين شاعري به زندهه رهندي، پر جي ريڊ انڊينس جي ٻولي وانگر اسان جي ٻولي به ختم ٿي وئي ته منهنجي شاعري به گم ٿي ويندي ۽ جي اسان جي ٻولي بچي، جنهن جي مونکي پڪ آ ته بچي ويندي.
ڀٽي جي حڪومت مونکي سائين جي. ايم. سيد، حسام الدين راشدي ۽ قاضي فيض محمد کي ٻوليءَ جي مسئلي تي سنڌ جو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ اسلام آباد سڏايو. مان ۽ قاضي فيض محمد وياسين. جي. ايم. سيد ۽ حسام الدين راشدي نه آيا. مون اتي ٻه ڪلاڪ انگريزيءَ ۾ تقرير ڪئي. مون اتي هڪڙي ڳالهه ڪئي ته : ”اسان جو ٻولين سان جهيڙو نه آهي، ٻوليون ته انسانذات جي بيان ۽ رابطي جي واسطي آهن. انگريزن اسان تي سؤ سال راڄ ڪيو، پر اڃا تائين اسان وٽ انگريزي هلي ٿي پئي. پر جيئن توهان کي پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ جو حق آ، تيئن اسان کي به پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ جو حق آ. توهان ٿا چئو ته اردو ٻولي قلعئه موليٰ ۾ پيدا ٿي- جي اها Theory ٿا وٺون ته ٽي سؤ سال اڳ جي. جي جميل جالبي جي Theory ٿا وٺون ته ڇهه سؤ سال اڳي حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿي. اسان جي ٻولي ته پنج هزار سال پراڻي آهي، جيڪا موهن جي دڙي جي مهرن تي لڌي اٿئون، رسم الخط ساڳيو عربي نه هو، پر اهو ته مڃو ته اسان جي ٻولي هئي. موهن جي دڙي جي تهذيب جيڪا Develop ٿي هئي، جنهن ۾ مهرون ۽ ٻيون شيون اسان کي مليون آهن ته انهيءَ تهذيب تائين پهچڻ لاءِ ڏهه هزار سال ٻيا لڳا هوندا. معنيٰ اسان جي ٻولي پندرهن هزار سال پراڻي آهي، ته اسان کي ايترو حق ته آهي ته اسان پنهنجي ٻولي محفوظ ڪري رکون. توهان جي ٻولي خدا توهان کي بخشي ڏئي، اسان جو ان سان واسطو ڪونهي، پر اها ڳالهه ته مڃو ته اسان جي ٻولي قديم آهي، جيڪا عراق جي ٻولين کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ قديم آهي.“ پوءِ اهو دليل قومي اسيمبليءَ ۾ ڀٽي ڏنو ته ”بابا اهو ته مڃو ته هنن کي پنج هزار سال پراڻي ٻولي آهي، رسم الخط کڻي عربي نه هيو، پر ٻولي ته هئي نه.“
انٽرويو وٺندڙ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ توهان جيڪي اردو ٻوليءَ جي لاءِ Comments ڏنا هيا...
شيخ اياز: اهو مون غلط ڪيو آهي، ۽ اهو مون انتهاپسند ٿي ڪيو، پر ايڏا سخت Comments نه ڏيڻ گهربا هيا. حالانڪه ڪنهن حساب سان ان کي Factual aspect ته آهي، پر هينئر ڪنهن به انسان کي ڪنهن ٻولي يا مذهب جي نالي تي نه ٿو رنجائڻ چاهيان. ماڻهو جي ٻولي، ماڻهو جو مذهب، ماڻهو جا خيال ۽ ٻيون ڪيتريون ڳالهيون ان جو ذاتي معاملو آهن. ڪنهن به ٻئي ماڻهو جو اهو ڪم ڪونهي ته انهن کي Touch ڪري، يا Exploit ڪري.
انٽرويو وٺندڙ: هندستان جي سنڌي ادب جي باري ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
شيخ اياز: شارٽ اسٽوري ليکڪ ڏاڍا ذهين آهي، جيئن شيام جئيسنگهاڻي ۽ گنو سامتاڻي وغيره ڏاڍا چڱا آهن پر ڇاهي ته انگريزي لفظ ڏاڍا ٿا استعمال ڪن. شيام جو ڪتاب ”گواني مندر“ گوا کڻي ويس. ڏاڍو چڱو ڪتاب هو، پر ان ۾ هڪڙي سڄي نظم سنڌي Script ۾، انگلش ۾ لکيل هئي. هاڻي ويچار ڪيو ته اها شاعري زنده ڪيئن رهندي.
انٽرويو وٺندڙ: ڇا اياز اهو ساڳيو آ جيڪو اڳ هيو؟
شيخ اياز: ڪهڙي حساب سان ٿو چئين، Self ته ساڳيو آ. باقي خيالن ۾ تبديلي ته اچي ٿي. ڇا توهان جو دماغ USSR وانگر ٽڙڪي نه پيو آهي؟
انٽرويو وٺندڙ: دراصل توهان سياسي شاعر به آهيو؟
شيخ اياز: سياست زندگيءَ جو حصو نه آهي ڇا؟ سياست زندگيءَ جو ائين حصو آ، جيئن سڄي ڪائنات زندگيءَ جو حصو آهي. مان توهان کي ٻڌايو ته زندگي اکٽ آهي ۽ موت فريب آهي. زندگي فريب نه آهي، پر شاعر جو ڪم سياست نه آهي. سياسي واقعن کان متاثر ڪن ڳالهين جو اظهار ڪرڻ هڪڙي ڳالهه آهي ۽ واقعن ۾ عملي شرڪت (Active participate) ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي. هڪڙي عمر تائين ته عمل ۾ به رهياسين، پر هينئر طبيعت اجازت نه ٿي ڏئي. حيدر بخش جتوئي مرحوم جڏهن جيري جي ڪينسر ۾ مبتلا هيو ته به هن کي مائيڪ ٿي ڏنائون ۽ هن جو دماغ ايترو ته مائوف ٿي چڪو هو جو يحيٰ خان کي پئي دعائون ڪيائين ته اهو توهان کي آزادي ڏيندو ۽ توهان کي ون يونٽ ڊاهي ڏيندو.
انٽرويو وٺندڙ: توهان کي ٻيو ڪجهه چوڻو هجي؟
شيخ اياز: بس، ٿڪجي پيئه! مان ته اوهان جي اڳيان زنده اينسائڪلو پيڊيا آهيان، جيڪي پڇڻو هجيوَ، ڀلي پڇو. توهان چار ڄڻا آهيو، پُڇڻ وارا، مان هڪڙو آهيان يا تمهين سوگئي داستان سنتي سنتي.“
انٽرويو وٺندڙ: اسان ته بس ڪَئي، اوهان کي ڪجهه چوڻو هجي؟
شيخ اياز: (کلي) ٿورو ترسو! ڪجهه وقت کان پوءِ ديوانِ حافظ وانگر منهنجي ڪلام ۾ فال وجهندؤ، منهنجو ڪوئي به ڪتاب کوليندؤ ته اوهان کي پنهنجو مستقبل نظر ايندو. منهنجي ساري شاعري پيشن گوئي آهي.