شخصيتون ۽ خاڪا

ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟

دنيا جي نامياري اديبن جي انٽرويوز تي مشتمل هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ ۽ سنڌيڪار عبد القادر جوڻيجو آهي. هن ڪتاب ۾ پئبلو نيرودا، قرة العين حيدر، ميلان ڪنديرا، شيخ اياز، بلئس سينڊرارس، فيض احمد فيض، مايا ائنجليو، وليم بورو، وليم فاڪنر، گارشيا مارڪئز ۽ البرٽو موراويا جا انٽرويوز شامل آهن.
Title Cover of book ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟

گارشيا مارڪئز

]گابرئيل (جبرائيل) گارشيا مارڪئز 1928ع ۾ ڪولمبيا جي ننڍڙي شهر آراڪاٽاڪا ۾ ڄائو. جنهن شهر جي چوڌاري ڪيلن جا باغ هُئا. پنهنجو ننڍپڻ ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ سان گذاريائين. جن کي ڪهاڻي بيان ڪرڻ ۾ پنهنجو استاد سمجهي ٿو. لکڻ جي شروعات صحافيءَ جي حيثيت ۾ ڪيائين ۽ اخبار ’ايل ايسپيٽا ڊوم‘ جو رپورٽر ۽ فلمي مبصر ٿي رهيو. ڪجهه وقت لاءِ ساڳئي اخبار جو روم ۽ پئرس ۾ نمائندو به ٿي رهيو.
گارشيا مارڪئز جيڪي پنهنجيون شروعاتي ڪهاڻيون لکيون. اُهي اخبار جي آفيس ۾ ويهي تڏهن لکندو هو، جڏهن ٻيا صحافي اُٿي ويندا هئا. پر انهن ڪهاڻين کي ڇپائڻ جي بدران ڪجهه ويجهن دوستن کي ٻڌائڻ تائين محدود رکيائين. هيستائين سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ناول دُنيا جي تقريبن سڀني وڏين ٻولين ۾ ترجمو ٿي، شايع ٿي. داد حاصل ڪري چڪا آهن. کيس گهڻي ۾ گهڻي مشهوري سندس ناول ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ جي ڪري ملي. کيس پنهنجين اعليٰ تخليقن تي ٻين ايوارڊن سان گڏ ’نوبل ادب انعام‘ به ملي چڪو آهي.
پاڻ جيئن ئي 1961ع ۾ ميڪسيڪو سِٽيءَ ۾ لڏي وڃي ويٺو ته اڃا تائين اُتي رهي ٿو. سندس شادي پورن ويهن سالن جي عشق کان پوءِ مرسڊيز سان ٿي. جنهن مان کيس ٻه پُٽ آهن ۽ پنهنجن ڌنڌن سان لڳل آهن.
اسان وٽ سنڌ ۾ جيڪي ٻاهريان ليکڪ وڌ ۾ وڌ مشهور آهن. گارشيا مارڪئز انهن مان هڪ آهي.
کيس انگريزي ته اچي ٿي، پر هيءُ انٽرويو اسپينش ٻوليءَ ۾ ڏنائين، جنهن جو ترجمو سندس پُٽ ڪندا رهيا.
هي انٽرويو کانئس 1981ع ۾ ورتو ويو. جڏهن اڃا کيس ’نوبل ادب انعام‘ نه مليو هو.[


گارشيا مارڪئز

انٽرويو

انٽرويو وٺندڙ: ٽيپ رڪارڊر ذريعي انٽروي وٺڻ تي تون ڇا ٿو محسوس ڪرين؟
گارشيا مارڪئز: مسئلو اهو آهي ته جڏهين اوهان کي اها خبر پئجي ٿي وڃي، ته توهان جو انٽرويو ٽيپ ڪيو پيو وڃي ته اوهان جو رويو بدلجيو ٿو وڃي. آئون ته ٽيپ رڪارڊر ڏسي دفاعي رويو اختيار ڪندو آهيان. هڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ آئون محسوس ٿو ڪريان ته اسان ٽيپ رڪارڊر وسيلي انٽرويو وٺڻ جو گُر اڃا سکيا ئي ناهيون. ڳالهه ٻولهه جو سُٺي ۾ سٺو طريقو اهو آهي ته صحافي بنا نوٽس وٺڻ جي ڳالهه ٻولهه ڪري. اُتان اُٿي پوءِ وڃي، اها ڳالهه ٻولهه ياد ڪري پنهنجن اکرن ۾ لکي. ضروري ناهي ته جيڪي اکر انٽرويو ڏيندڙ چيا هُجن اُهي ساڳيا لفظ ائين جو ائين استعمال ڪري. ٻي ڪارائتي صورت نوٽس وٺڻ جي به آهي. نوٽس وٺو ۽ پوءِ انٽرويو ڏيندڙ سان پنهنجو خلوص ڏيکاري انهن کي پنن تي پنهنجي لفظن ۾ لاهيو. ٽيپ رڪارڊر ۾ اها خرابي آهي ته جڏهين توهان ٽيپ رڪارڊر اڳيان ٿا رکو ته محسوس اهو ٿيندو آهي ته اوهان کي انٽرويو ڏيندڙ سان ڪا به همدردي ناهي. ماڻهو ڳالهائيندي سدائين هڪڙي خاني ۾ نه رهندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳُئيءَ مان به ڳالهائڻ لڳندو آهي ۽ صحافي آهي ئي ڳالهيون اُڀاري پيش ڪندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو جڏهن مون کان ڪو ٽيپ رڪارڊر تي انٽرويو وٺندو آهي ته آئون خبردار ٿي ويندو آهيان. پر جڏهين ٽيپ رڪارڊر نه هوندو آهي، تڏهن آئون پنهنجي اصلي رنگ ۾ ڳالهائيندو آهيان.
انٽرويو وٺندڙ: تو ته اها ڳالهه ڪري اسان کي ڏوهاري بڻائي وڌو آهي، پر ههڙي قسم جي انٽرويو لاءِ ٽيپ رڪارڊر جي ضرورت هئي.
گارشيا مارڪئز: ڪجهه به هجي. مون جيڪا ڳالهه توکي چئي آهي ته انهيءَ سان توکي دفاعي انداز اختيار ڪرڻو پئجي ويو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: تون پاڻ صحافي به آهين ته تون ڪڏهين انٽرويو وٺڻ لاءِ ٽيپ رڪارڊر استعمال ڪيو؟
گارشيا مارڪئز: صحافي جي حيثيت ۾ مون ڪڏهين به ٽيپ رڪارڊر هٿ ۾ نه کنيو. مون وٽ تمام سٺو ٽيپ رڪارڊر آهي پر آئون انهيءَ تي سنگيت ٻڌندو آهيان. باقي صحافيءَ جي حيثيت ۾ ته مون ڪڏهن به ٽيپ رڪارڊر ڏانهن نه ڏٺو. مون ڪئين رپورٽون لکيون آهن، پر ڪڏهين به سوال ۽ جواب وارو انٽرويو نه ڪيو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: مون ٻڌو آهي ته تو ڪنهن جهازيءَ کان ڪو تمام مشهور انٽرويو ورتو هو. انهيءَ جهازيءَ جو سامونڊي جهاز تباهه ٿي ويو هو پوءِ؟
گارشيا مارڪئز: سوال جواب نه هئا. اهو جيڪو جهازي هو مون کي پنهنجن خطرناڪ مهمن جي باري ۾ ٻڌائيندو ويندو هو ته آئون سندس قصا لکندو وڃان. اهو سڀ ڪجهه مون فرسٽ پرسن ۾ لکيو ۽ ائين لکيو ڄڻ جهازي پاڻ پيو لکي. جڏهن سندس اهو قصو قسطوار اخبار ۾ ڇپيو ته انهيءَ تي جهازيءَ جي صحيح لڳل هوندي هُئي، مون ته ان قصي هيٺيان پنهنجي صحيح ڪا نه لڳائي. انهيءَ وقت ته اُنهيءَ قصي تي ڪنهن ڌيان ڪو نه ڏنو، پر ويهن سالن کان پوءِ ماڻهن کي خبر پيئي ته انهيءَ قصي لکڻ ۾ منهنجا هٿ اکر هئا. خود ايڊيٽر به انهيءَ قصي کي ايترو لکيو ئي ڪو نه، پر جڏهين منهنجو ناول ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ ڇپيو ته پوءِ وڃي ايڊيٽر صاحب کي اها کڙڪ پيئي ته قصو ڏاڍو ڀلو هو.
انٽرويو وٺندڙ: پاڻ ڳالهه پئي ڪئي صحافت جي، تون ڳچ وقت ناولن لکڻ کان پوءِ وري صحافت ۾ آيو آهين، ته هن وقت توکي صحافت اوپري اوپري ته نه ٿي لڳي؟
گارشيا مارڪئز: مون کي سدائين کان اهو خيال رهيو آهي ته منهنجو اصلي ۽ صحيح ڌنڌو صحافت آهي. اڳ ۾ صحافت جي جيڪا ڳالهه مون کي نه وڻندي هئي، اُها اِها هئي ته صحافت ۾ ڪم لاءِ حالتون سازگار نه هُيون ۽ گڏوگڏ اهو به هو ته صحافت ۾ مون کي پنهنن خيالن ۽ نڪتن تي پابندي هڻڻي پوندي هئي، آئون مشروط صحافي هوس. پوءِ جڏهن ناولسٽ ٿيس ۽ ناول لکڻ جي ڪري جيڪا مون کي اقتصادي آزادي ملي ته هاڻي آئون پنهنجي دلچسپيءَ جا خيال ۽ نُڪتا ۽ موضوع پنهنجي مرضيءَ سان چونڊي اخبارن ۾ لکي سگهان ٿو. جيڪي ڪجهه به هجي، پر جڏهين مون کي صحافيءَ جي ڪم ۾ سٺيون سٺيون رپورٽون لکڻ جو وجهه ملندو ته آئون انهن موقعن مان ڏاڍو مزو وٺندو آهيان.
انٽرويو وٺندڙ: تو لاءِ صحافت جي ڪم ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون سٺيون رپورٽون آهن؟
گارشيا مارڪئز: جان هيريسيءَ جي رپورٽ ’هيروشيما‘ صحافت جو غير معمولي ڪارنامو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: اڄڪلهه ڪا اهڙي خبر آهي، جنهن تي تون رپورٽ لکڻ گهرندو هجين؟
گارشيا مارڪئز: ڪيتريون ئي آهن. ڪجهه ته لکيون اٿم. پورچو گال، ڪيوبا، انگولا ۽ ويٽنام تي لکيون اٿم. هينئر ته دل گهري ته پولينڊ تي ڪا رپورٽ لکان. جيڪڏهن اهو لکي وڃان ته پولينڊ ۾ ڇا پيو وهي واپري ته ڪر تمام اهم رپورٽ ٺهي پوي. پر اڄڪلهه پولينڊ ۾ سيءُ ڏاڍو آهي ۽ آئون وري اهڙو صحافي آهيان، جنهن کي ٿوري گهڻي آرام پسندي کپي ٿي.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي نظر ۾ ناول ۾ ڪي اهڙيون خاص شيون هونديون آهن، جيڪي صحافت ۾ لکي نه سگهجن؟
گارشيا مارڪئز: ڪجهه به نه. ٻنهين ۾ ڪو فرق ناهي. وسيلا ساڳيا آهن. مواد ساڳيو آهي، ٻولي ۽ ٻيا ذريعا ساڳيا آهن. ڊينئيل ڊيفو جو ڪتاب “The Journal of the plague year.” عظيم ناول آهي، ساڳئي طرح ’هيروشيما‘ صحافت جو عظيم ڪارنامو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: ڇا حقيقت ۽ تصور ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي ڏس ۾ صحافتي ۽ ناولسٽ جي ذميوارين ۾ ڪو فرق آهي؟
گارشيا مارڪئز: صحافت ۾ جيڪڏهين ڪا به هڪڙي ڳالهه ڪوڙ تي يا تعصب تي ٻڌل هجي ته سڄي ڪم کي ڦٽايو ڇڏي. ٻئي پاسي ناول ۾ ڪا به هڪ رکي حقيقت بيان ٿي وڃي ته سڄي ناول کي ڦٽايو وجهي. اهو ئي فرق آهي، پر ڏسڻو اهو آهي ته لکڻ واري جي ڪمنٽمنٽ ڪهڙي آهي. ناولسٽ کي اها آزادي آهي ته هو جيڪي دل چئيس اُهو لکي، ماڻهن کان پنهنجي ڳالهه مڃرائي.
انٽرويو وٺندڙ: ڪجهه سال اڳ تو انٽرويو ڏنا هئا. ته تون مُڙي جڏهين پنهنجي صحافت جي پهرئين دور ڏانهن نهارين ٿو ته وڏو فخر ٿو محسوس ڪرين ته تون ڪيڏيءَ نه تيزي سان لکي ويندو هئين؟
گارشيا مارڪئز: اڳي جيڏو آئون تيزيءَ سان لکندو هوس، اُنهيءَ جي ڀيٽ ۾ هاڻي ناول توڙي صحافت لکڻ ۾ ڏکيائي ٿو محسوس ڪريان. آئون جڏهين اخبارن لاءِ لکندو هوس ته آئون پنهنجي هڪڙي هڪڙي اکر کي خبرداريءَ سان نه لکندو هوس ته هن اکر جي الائي ڪهڙي معنيٰ نڪرندي، هُن اکر جو ڇا ٿيندو. آئون جڏهن ايل ايسپيڪٽاڊور اخبار ۾ ڪم ڪندو هوس ته هفتي ۾ ٽي ٽي رپورٽون لکي ويندو هوس. روزانو ٻه يا ٽي ايڊيٽوريل نوٽ يا فلمن تي تبصرا لکي ويندو هوس. پوءِ جڏهين رات ٿيندي هُئي ته منهنجا ٻيا ساٿي صحافي گهرن ڏانهن هليا ويندا هئا ته آئون آفيس ۾ ويهي ناول لکندو هوس. مون کي لائينو ٽائيپ مشينن جو گوڙ ڏاڍو وڻندو هو. ائين جيئن ڄڻ مينهن وسندو هجي. جڏهن مشينون بند ٿي وينديون هيون ته آئون ماٺ ۾ پئجي ويندو هوس ۽ لکي نه سگهندو هوس. هاڻي آئون ايترو لکي ئي نٿو سگهان. جڏهين لکڻ لاءِ ڪو سڀاڳو ڏينهن هوندو آهي ته صبح جو نوين وڳي کان وٺي ٻين يا ٽين وڳي تائين لکان ٿو ته مس مس چئن يا پنجن ستن تي ٻڌل ننڍڙا پيرا گراف لکندو آهيان. ٻئي ڏينهن وري اُهي ڦاڙهي ڇڏيندو آهيان.
انٽرويو وٺندڙ: تو ۾ اها جيڪا تبديلي آئي آهي، اُها انهيءَ ڪري ته نه آئي جو تنهنجي ڪم کي تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي؟ يا ڪنهن سياسي ڪمنٽمينٽ جي ڪري آئي آهي؟
گارشيا مارڪئز: ٻنهين ڳالهين جي ڪري آئي آهي. مون ڪڏهين به اهو ڪو نه سوچيو هو ته مون کي ايترن گهڻن ماڻهن لاءِ لکڻو پوندو. هاڻي جڏهين گهڻن ماڻهن لاءِ پيو لکان ته انهيءَ خاص ڳالهه جي ڪري مون ۾ ادبي ۽ سياسي ذميواري پئجي ويئي آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ مون کي پنهنجين لکڻين تي فخر به ٿي پيو آهي ته ائين نه ٿئي ته جهڙو اڳي پئي لکيم. انهيءَ درجي تان هيٺ نه ڪري پوان.
انٽرويو وٺندڙ: لکڻ شروع ڪيئن ڪيئه؟
گارشيا مارڪئز: تصويرن ٺاهڻ سان شروعات ڪيم. ڪارٽون ٺاهيندو هوس. جڏهين لکڻ ۽ پرهڻ جهڙو ٿيس. تنهن کان اڳ اسڪول ۽ گهر ۾ ويهي مزاحيه تصويرون ٺاهيندو هوس. مزيدار ڳالهه اها آهي ته هاڻي وڃي مون کي خبر پيئي آهي ته آئون جڏهين هاءِ اسڪول ۾ هوس تڏهن مون کي اُتي ليکڪ سمجهيو ويندو هو. جيتوڻيڪ اُنهيءَ وقت مون ڪجهه به نه لکيو هو، انهيءَ زماني ۾ ڪو پمفليٽ لکڻو پوندو هو يا ڪا درخواست لکڻي پوندي هُئي ته اِهو ڪم اڪيلو آئون ئي ڪندو هوس، انهيءَ ڪري مون کي ليکڪ ڪري سمجهيو ويندو هو. جڏهين ڪاليج ۾ داخل ٿيس ته عام طور تي منهنجو سٺو ادبي پس منظر بڻجي چڪو هو. مون کي پنهنجن ٻين هم ڪلاسين کان مٿانهون سمجهيو ويندو هو. بوگوٽا يونيورسٽيءَ ۾ پهچي مون نوان ۽ واقفڪار ۽ دوست ٺاهيا، جن مون کي اُنهيءَ وقت جي ليکڪن سان متعارف ڪرايو، هڪ رات منهنجي هڪ دوست مون کي فرانز ڪافڪا جي ڪهاڻين جو ڪتاب ڏنو. اُهو مون گهر وڃي پڙهيو. پهرئين سِٽ ئي مون کي ڌڪ هنيو ۽ اُٿي ويهي رهيس. مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. اها سٽ هن طرح هئي ته، ـگريگور سم سا صبح جو جيئن ئي پنهنجن تڪليف ڏيندڙ خوابن مان اُٿيو ته هن پنهنجي بستري تي پنهنجو پاڻ کي هڪ وڏي جيت ۾ تبديلي ٿيندي محسوس ڪيو.“ مون جڏهين اها سٽ پڙهي ته پنهنجي ليکي سوچيم ته مون کي ته اها خبر ئي نه آهي ته ليکڪ کي ماڻهو ڪي اهڙيون ڳالهيون لکڻ ڏيندا. جيڪڏهن اها مون کي خبر هجي ها ته آئون ڪڏهوڪو لکڻ شروع ڪري ڇڏيان ها. بس پوءِ ته مون جلدي ئي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. منهنجون اهي ڪهاڻيون مڪمل طرح تي دانشورانه هيون، ڇاڪاڻ انهن جو بنياد منهنجو پڙهڻ وارو ادبي تجربو هو ۽ اڃا تائين مون کي اها خبر نه هئي ته زندگي ۽ ادب جا پاڻ ۾ ڪهڙا لڳ لاڳاپا آهن. منهنجون اهي ڪهاڻيون ’ايل ايسپيڪٽاڊور‘ اخبار جي ادبي ايڊيشن ۾ ڇپيون. انهيءَ وقت ٿوري گهڻي ڪاميابي به ماڻيائون، ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت ڪولمبيا ۾ ڪو دانشورانه ڪهاڻيون لکڻ وارو هوئي ڪو نه. انهيءَ وقت اتي لکڻ وارا ڳوٺن جون ۽ اتان جي سماج جون ڪهاڻيون لکندا هئا، پر منهنجون جڏهن پهريون ڪهاڻيون ڇپيون ته مون کي ٻڌايو ويو ته توتي جيمس جوائس جو اثر آهي.
انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ وقت تو جيمس جوائس کي پڙهيو هو؟
گارشيا مارڪئز: مون ته جوائس کي ٺُپ ڪو نه پڙهيو هو. پوءِ ماڻهن جي چوڻ تي سندس ناول ’پوليسس‘ پڙهڻ شروع ڪيم. انهيءَ وقت انهيءَ ڪتاب جو اسپينش ترجمو پڙهيم. پوءِ وڃي اصل انگريزيءَ ۾ ۽ فرانسيسي ترجمو به پڙهيم. جيڪو ڏاڍو سُٺو هو، باقي اسپينش ترجمو ته تمام واهيات هو، پر انهيءَ مان مون هڪڙي ڳالهه سکي، جيڪا اڳتي هلي مون کي ڪم آئي. اها ڳالهه هئي ته پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ واري ٽيڪنڪ ۾ ڪيئن لکجي. اڳتي هلي اها ٽيڪنڪ مون کي ورجينيا وولف ۾ به نظر آئي ۽ ڏٺم ته انهيءَ ٽيڪنڪ ۾ ورجينيا وولف، جوائس کان وڌيڪ سگهاري آهي. اڳتي هلي مون کي خبر پيئي ته پهرئين پهرئين اها ٽيڪنڪ هڪ اڄاتي ليکڪ لازرِيل ڊِي ٽوريس ايجاد ڪئي هئي.
انٽرويو وٺندڙ: توتي جيڪي شروعاتي شروعاتي اثر پيا، انهن جي باري ۾ ٻڌائي سگهندين؟
گارشيا مارڪئز: جن ماڻهن سچي پچي مون کي دانشورانه ڪهاڻين لکڻ جي چڪر مان ڪڍيو، اُهي آمريڪا جي ادبي تحريڪ ’گم ٿيل نسل‘ جا لکيڪ هئا. مون اها ڳالهه سَهي ڪري ورتي ته سندن تخليق ڪيل ادب جو لڳ لاڳاپو زندگيءَ سان آهي ۽ آئون جيڪي ڪهاڻيون پيو لکان، انهن جو زندگيءَ سان ڪو لڳ لاڳاپو ناهي. پوءِ هڪڙو تمام وڏو واقعو ٿي پيو، جنهن منهنجي ادبي لاڙن تي وڏو اثر ڇڏيو. اهو زمانو هو 9 اپريل 1948ع جو ۽ هنڌ هو بوگوٽازو شهر. انهيءَ تاريخ تي گائيٽان نالي هڪ سياسي ليڊر کي گولي هنئي وئي. بوگاٽا جا ماڻهو انهيءَ واقعي تي ڇتا ٿي گهٽين ۾ ڪاهي پيا. مون پنهنجي ٺڪاڻي تي منجهند جي ماني کائڻ جي تياري پئي ڪئي، ته مون تائين اها خبر پهتي. آئون ڀڄي سڌو اتي پهتس، جتي گائيٽان کي گولي لڳي هئي، پر ماڻهو کيس ٽئڪسي ۾ وجهي اسپتال کڻي ويا هئا. آئون گهر واپس ٿيس، تيستائين ماڻهن جا ميڙ گهٽين ۾ گڏ ٿي ويا. مظاهرا، ڦرمار ۽ باهيون شروع ٿي ويون. آئون به عوام سان گڏجي ويس. انهيءَ ڏينهن شام جو مون اک پٽي ته آئون ڪهڙين حالتن واري ملڪ ۾ پيو رهان ۽ انهن حالتن جي مقابلي ۾ منهنجن ڪهاڻين جي ڪهڙي حيثيت آهي. انهيءَ کان پوءِ جڏهن مون کي زوري باران ڪُئيلا مولين، جتي مون پنهنجي ننڍپڻ گذاري هئي ته مون کي اها ڳالهه دل سان لڳي ته زندگيءَ جو اهوئي رنگ آهي، جنهن کي پنهنجين لکڻين ۾ چٽجي.
1950ع يا 1951ع ۾ وري ٻيو واقعو ٿي گذريو. منهنجيءَ ماءُ مون کي چيو ته ”تون مون سان گڏجي آراڪاٽاڪا هل.“ اُتي آئون ڄائو هوس ۽ امان کي اهو گهر وڪڻڻو هو، جنهن ۾ آئون زندگيءَ جا پهريان پنج سال رهيو هوس، جڏهن آئون اتي پهتس ته منهنجيءَ دل کي ڌڪ لڳو. انهيءَ وقت منهنجي عمر ٻاويهه سال هئي ۽ مون اٺن ورهين جي ڄمار کان پوءِ اباڻا پٽ ڪو نه ڏٺا هئا، اتي ڪا به شيءِ تبديل نه ٿي هئي، پر مون اهو محسوس ڪيو ته آئون پنهنجي ڳوٺ نه پيو ڏسان، پر هڪ تجربي مان پيو گذران ۽ ڳوٺ کي ڏسڻ جي بدران ڳوٺ کي پڙهڻ شروع ڪيم. مون کي لڳو ته پنهنجو ڳوٺ ۾ دل جي پٽيءَ تي ته لکجي چڪو آهي، هاڻي مون کي اها شيءِ پني تي لاهڻي آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جا پريڪٽيڪل رُخ منهنجين لکڻين ۾ پيا اچن. گهر، ماڻهو ۽ يادگيريون. مون کي پڪ ناهي ته انهيءَ زماني ۾ مون فاڪنر کي پڙهيو هو يا نه، پر هاڻي خبر پئي اٿم ته جيڪي ڏٺم، اُهو صرف فاڪنر جي ٽيڪنڪ اختيار ڪندي اُتان جي باري ۾ لکي پيو سگهان. مون ڳوٺ جو جيڪو ماحول، زوال ۽ گرمي محسوس ڪيو ته اهي شيون اهڙيون ساڳيون هيون، جيڪي مون فاڪنر جي لکڻين ۾ محسوس ڪيون آهن، اُتي جيڪي ڪيلن جا فصل هئا، اُتي انهن فروٽ ڪمپنين جا آمريڪي ماڻهو رهندا هئا، جن اهو ئي ماحول پيدا ڪري وڌو هو، جيڪو سائوٿ جي ليکڪن پنهنجين لکڻين ۾ چٽيو هو. نقاد ته چون ٿا ته مون تي فاڪنر جو اثر آهي، پر آئون انهيءَ کي اتفاق واري هڪجهڙائي ٿو سمجهان. سولي سنواٽي ڳالهه پيئي آهي ته مون کي اُتي اهوئي مواد ملي سگهيو، جنهن جهڙو مواد ساڳئي طريقي سان فاڪنر لکيو.
ڳوٺان موٽي مون اچي ’پنن جي وانئر‘ نالي ناول لکيو، جيڪو منهنجو پهريو ناول هو. ڳوٺ وڃي مون کي جيڪا اصل ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته مون جيڪي ڪجهه ننڍپڻ ۾ ڏٺو ۽ سَٺو، انهيءَ زندگيءَ جو هڪ ادبي مُلهه هو، جنهن کي هاڻي وڃي مڃيو اٿم. جڏهن مون ’پنن جي وانئر‘ ناول لکيو ته مون کي خبر پيئي ته مون ۾ ليکڪ جا جيوڙا آهن ۽ هاڻي مون کي ڪو به لکڻ کان روڪي نٿو سگهي، ۽ اهو ته هاڻي مون لاءِ رڳو اها واٽ وڃي بچي آهي ته آئون دنيا جو بهترين ليکڪ بڻجان. اهو 1953ع جو سال هو. پر مون کي 1967ع کانپوءِ پنهنجي اٺن ڪتابن مان پنجن ڪتابن جي رائلٽي ملي.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي خيال ۾ اها عام ڳالهه آهي ته ڇا ته نوجوان ليکڪ پنهنجي ننڍپڻ جي گذاريل زندگيءَ کي لکڻ جي لائق نه سمجهندا آهن ۽ دانشورانه ڳالهيون لکندا آهن، جيئن تو ڪيو؟
گارشيا مارڪئز: نه نه. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن نوجوان ليکڪن کي صلاح ڏجي ته لکڻ جو سلسلو تو واريءَ چيل ڳالهه جي ابتو وڃي بيهندو. آئون ته چوان ٿو تهته ڀاءُ اهو ئي ڪجهه لکو، جيڪو اوهان ڏِٺو، سَٺو، پڙهيو ۽ ٻُڌو آهي. پئبلو نيرودا پنهنجي نظم جي هڪ سٽ ۾ چوي ٿو، ”منهنجا رب! جڏهن آئون ڳائڻ ويهان ته مون کي راڳ ايجاد ڪرڻ کان بچاءِ.“ مون کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻندي آهي ته مون هيستائين جيڪي ڪجهه لکيو آهي، انهيءَ جي هڪ سٽ ۾ به تصور جي جاءِ پوٺي تي پيل حقيقت نه والاري آهي. مسئلو اهو آهي ته ڪيريبين حقيقتون ڇتي تصور جهڙيون آهن.
انٽرويو وٺندڙ: هن وقت جڏهن تون لکندو آهين ته لکندي ڪنهن سان مخاطب هوندو آهين؟
گارشيا مارڪئز: مون ڪتاب ’پنن جي وانئر‘ لکيو ته اهو ناول مون پنهنجن انهن دوستن لاءِ لکيو، جيڪي منهنجي مدد ڪندا هئا، ڪتاب پڙهڻ لاءِ اُڌارا ڏيندا هئا ۽ منهنجين لکڻين جي اوسيئڙي ۾ رهندا هئا. هونئن عام طور تي لکڻ وارو ڪنهن نه ڪنهن سان مخاطب ٿي لکندو آهي. جڏهن آئون لکڻ ويهندو آهيان ته منهنجي دماغ ۾ اها ڳالهه کُتل هوندي آهي ته فلاڻو يار هن حصي کي پسند ڪندو، فلاڻو يار وري منهنجين هنن ٻين سٽن کي يا باب کي پسند ڪندو. منهنجا خاطب ڪجهه خاص ماڻهو هوندا آهن، حاصل مطلب ته آئون پنهنجن دوستن کي مخاطب ٿي لکندو آهيان. ’اوجاڳي جا سؤ سال لکڻ کان پوءِ مون لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿي ويو آهي ته هاڻي مون کي اها خبر نٿي پوي ته اُهي ڪهڙا ۽ ڪير لکين پڙهندڙ آهن، جن لاءِ آئون لکندو آهيان. انهيءَ حقيقت هڻي مون کي مُنجهائي وڌو آهي. توڏانهن جڏهن لکين اکيون ڏسنديون هجن ته توکي اها خبر ته نه پوندي ته اُهي ڇا ٿيون سوچين.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجن ناولن ۽ ڪهاڻين تي صحافت جو ڪيترو اثر آهي؟
گارشيا مارڪئز: منهنجي خيال ۾ اهو اثر ٻه طرفو آهي. مون جيڪي ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا، انهن مون کي صحافت ۾ مدد ڪئي. ڇاڪاڻ جو صحافت جي ادبي حيثيت بڻجي ويئي. ٻئي پاسي وري صحافت منهنجين ڪهاڻين ۽ ناولن لکڻ ۾ مدد ڪئي، ڇاڪاڻ صحافت زندگيءَ جي حقيقت کي ويجهو ٿي آڻي.
انٽرويو وٺندڙِ ظاهر آهي ته تو پنهنجي اسٽائيل قائم ڪرڻ لاءِ سوچ ويچار ڪيو هوندو. ته ’پنن جي وائنر‘ کان ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ تائين تنهنجي اسٽائيل ڪيئن ٺهي؟
گارشيا مارڪئز: مون جڏهن ناول ’پنن جي وانئر‘ لکي پورو ڪيو ته منهنجي دماغ ۾ اها ڳالهه آئي ته پنهنجي ڳوٺ ۽ ننڍپڻ تي لکندي، مون ملڪ جي سياست کان ڪن ٽار ڪئي آهي. مون تي اهو ڪهڙو اثر ويٺل هو ته آئون انهيءَ قسم جي اُڪير جي پويان لڪو ويٺو آهيان، جڏهن ته لکندي مون کي انهن سياسي حالتن سان به وڙهڻ کپندو هو، جيڪي حالتون ملڪ ۾ موجود هيون. اهو ئي وقت هو، جڏهن ادب ۽ سياست جي لڳ لاڳاپن تي گهڻي بحثا بحثي ٿي. ٻنهين جي وچ ۾ جيڪو ويڇو هو، اهو مون ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. پهرئين آئون فاڪنر وانگيان هوس، پوءِ هاڻي هيمنگوي وانگر آهيان. مون ’ڪرنل کي ڪو به خط نٿو لکي‘، ’نڀاڳي گهڙي‘ ۽ ’وڏيءَ امان جو جنازو‘ جيڪي لکيا، سي لڳ ڀڳ ساڳئي وقت ۾ لکيم. انهن ۾ گهڻيون شيون هڪ جهڙيون هيون. انهن ڪهاڻين انهيءَ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ۾ جنم ورتو هو، جنهن ڳوٺ ۾ ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ ۽ ’پنن جي وانئر‘ جنم وٺن ٿيون. اهو هڪ اهڙو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ ڪو به جادو ٻادو ناهي. اهو صحافيا نه ادب هو. پر مون جڏهن، ’نڀاڳي گهڙي‘ لکي پورو ڪيو. مون ڏٺو ته منهنجا خيال وري غلط ٿي ويا. مون کان اهو خيال ٿي بيٺو ته مون کان ڪا ڳالهه گُسي ويئي آهي ۽ مون کي اهڙي ڪا پڪ به نه هئي ته هڪ ڏينهن اها گُٿل ڳالهه به جهلي وٺندس. پوءِ اها گٿل ڳالهه مون ’او جاڳي جا سؤ سال‘ ۾ جهلي ورتي. اهو ناول مون انهيءَ طرز ۾ لکيو، جنهن طرز ۾ منهنجي ڏاڏي مون کي ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي، ڏاڏيءَ جون ٻڌايل ڪهاڻيون مون کي پليون ۽ مافوق الفطرت لڳنديون هيون، پر انهن ڪهاڻين جي طرز حقيقت پسنديءَ واري هئي. مون جڏهن اها طرز ڳولي لڌي ته پوءِ يڪا ارڙهن مهينا ڏينهن رات هڪ ڪري پيو لکندو هوس.
انٽرويو وٺندڙ: توکي اهڙيون غير معمولي ڀليون ڳالهيون ڪيئن حقيقت ڀريون لڳيون؟
گارشيا مارڪئز: مون لاءِ جيڪا ڳالهه اهم هئي، سا اها هئي ته جڏهن ڏاڏي ڪهاڻي ٻڌائيندي هئي سندس چهري جا تاثرات ڏاڍا زبردست هوندا هئا. ڪهاڻي ٻڌائڻ وقت منهن تي سَرُ به ڪو نه ايندو هوس ۽ ٻيا جيڪي ٻڌندا هئا، سي به حيران ٿي ويندا هئا. ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ کان اڳ ۾ ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ مون جيڪي ناول ۽ ڪهاڻيون لکيون ته انهن تي مون کي پاڻ کي ڪو ايترو پڪو پختو اعتبار نه هوندو هو. پوءِ وڃي انهيءَ ڳالهه تي بيٺس تي آئون اهڙيون ڪهاڻيون لکان، جن تي منهنجو پنهنجو ته اعتبار هجي، جيئن ڏاڏيءَ کي پنهنجين ڪهاڻين تي پڪو پختو اعتبار هوندو، جيڪو سندس چهري جي تاثرات مان پڌ پڌرو هوندو هو. اصل مُنهن تي رُڪ ٻڌي ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي.
انٽرويو وٺندڙ: ائين لڳي ٿو ته انهيءَ ۾ صحافيانه طرز استعمال ٿيل آهي. تنهنجا غير معمولي واقعا پڙهندي پڙهندي لڳي ٿو ته تون منٽ منٽ ۾ اهڙي ڳالهه ڪري ٿو وڃين، جو اهي ڪهاڻيون حقيقي ٿيون لڳن. اها شيءِ تو صحافت تان ته نه کنئي آهي؟
گارشيا مارڪئز: اها طرز ئي صحافيانه آهي، جيڪا ادب ۾ استعمال ڪرڻ کپي. مثال ته تون چئي ٿو ويهي رهين ته، ”هاٿي آسمان ۾ پئي اڏاڻا.“ ته تنهنجيءَ انهيءَ ڳالهه تي ڪو به اعتبار نه ڪندو. پر انهيءَ جي بدران اهو چوندين ته ”مون آسمان ڏانهن ڏٺو ته مون کي پنجويهه هاٿي نظر آيا.“ ته ماڻهو اعتبار ڪندا ته شايد متان ائين توکي محسوس ٿيو هجي. ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ اهڙين ڳالهين سان ڀريو پيو آهي. اها ئي طرز ڪهاڻي بيان ڪرڻ وقت منهنجي ڏاڏي استعمال ڪندي هئي. مون کي سندس هڪ ڪهاڻي خاص طور تي ياد ٿي اچي ته انهيءَ ۾ هڪڙو ڪردار آهي، جنهن جي چوڌاري پوپٽ اُڏامندا آهن. آئون اڃا تمام ننڍڙو هوس ته اسان جي گهر ۾ بجليءَ وارو ايندو هو. مون کي انهيءَ تي حيرت ٿيندي هئي ته هو پاڻ ساڻ هڪ پَٽو کڻي ايندو هو، جيڪو کيس بجليءَ جي شاڪ کان بچائيندو هو. انهيءَ بجليءَ واري لاءِ ڏاڏي چوندي هئي ته اهو بجليءَ وارو جڏهن هليو ٿو وڃي ته پويان گهر پيلن پوپٽن سان ڀرجيو وڃي. پر جڏهن اها ساڳئي ڳالهه لکڻ ويٺس ته مون اهو نه لکيو ته پوپٽ پيلي رنگ جا هئا. ڇو ته ماڻهو مون تي اعتبار نه ڪندا. مون جڏهن ريڊيوس نالي هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ جي ڳالهه لکي ته اها بهشت ڏانهن هلي ٿي وڃي. ته انهيءَ ڳالهه کي اعتبار جوڳو بنائڻ لاءِ مون کي لکڻ تي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئجي ويئي. هڪڙي ڏينهن باغ ۾ نڪري ويس، اُتي هڪ عورت ڏٺم، جيڪا گهر اچي ٿانءِ ڌوئيندي هئي ۽ ٿالهيون کڻي ٻاهر سُڪائيندي هئي ۽ هوا لڳندي هئي ته پليٽون اڏامي وينديون هيون. مائي هوا سان وڙهڻ شروع ٿي ويندي هئي ته ”نه لڳ.“ مون محسوس ڪيو ته آئون انهن پليٽن کي ائين بيان ڪريان ته اهي پليٽون ريڊيوس ڏانهن ٿيون وڃن ته ڪر مائي مڃي وڃي. مون جڏهن اها ڪهاڻي ائين لکي ته اعتبار جوڳي بڻجي ويئي. هر ليکڪ لاءِ جيڪو مسئلو آهي، اُهو آهي ته هن جي لکڻيءَ جي ساک هجي. هر ماڻهو ايترو ڪجهه لکي، جيڪو اعتبار جوڳو هجي. (هيءُ معاملو سنڌيءَ ۾ ائين آهي ته جيئن ڪو ماڻهو ائين بيان ڪري ته، ”فلاڻو ماڻهو جڏهن گهوڙي تي چڙهي نڪرندو هو ته وڻ پيا ڏڪندا هئا.“ جيتوڻيڪ وڻ ماڻهوءَ کي ڏسي ڏڪندا ناهن، پر ماڻهو گهوڙيسوار جي حشمت تي اعتبار ڪندا آهن. مترجم)
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي ناول ۾ ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ ۾ جيڪا اوجاڳي جي وبا(Insomnia) پکڙجندي آهي ته انهيءَ جو بنياد ڪهڙو هو؟
گارشيا مارڪئز: منهنجي شروعات کان وٺي وبائن ۾ دلچسپي رهي آهي. وچئين دور ۾ جيڪي وبائون آيون، انهن جي مون اسٽڊي ڪئي. منهنجو پسند جو هڪڙو ڪتاب “The Journal of plague year.” به رهيو آهي، جيڪو ڊينئل ڊيفو جو لکيل آهي. انهيءَ جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته ڇاڪاڻ ته ڊيفو هڪ اهڙو صحافي هو، جيڪو ايڏيون ته زبردست رپورٽون لکندو هو جو اُهي جاڳ جا خواب نظر ايندا هئا. پهرئين پهرئين ڪافي سال ته آئون اهو سوچيو ويٺو هوس ته سندس ڪتاب لنڊن ۾ پکڙيل وبا جي رپورٽ آهي ۽ جيئن ڏٺي اٿائين، تيئن لکي ڇڏي اٿس، پر پوءِ خبر پيئي ته جڏهن لنڊن م پليگ پکيڙي هئي، ته ڊيفو انهيءَ وقت ستن سالن جو ٻار هو ۽ سندس ڪتاب رپورٽ ناهي، پر ناول آهي. وبا منهنجي پسند جو موضوع رهيو آهي. جنهن کي مون ڌار ڌار نمونن ۾ لکيو آهي. ’نڀاڳي گهڙي‘ ۾ جيڪي پمفليٽ بيان ٿيل آهن، اهي به هڪ وبا آهن، ڪيترن سالن لاءِ اهو سوچيندو رهيس ته ڪولمبيا ۾ جيڪي ڦڏا فساد هلندا ئي رهن ٿا. اُهي به هڪ قسم جي وبا آهن. ’سؤ سالن جي اوجاڳو‘ لکڻ کان اڳ مون هڪ ڪهاڻي لکي، ’ڇنڇر کان پوءِ،‘ انهيءَ ڪهاڻي ۾ پکي وبا ۾ مرندا نظر اچن ٿا. ’سؤ سالن جو اوجاڳو‘ ۾ جيڪا اوجاڳي (Insomnia) جي وبا آهي ته اها مون هڪ ادبي اٽڪل ڪئي آهي ۽ انهيءَ کي ’ننڊ جي وبا‘ جي خلاف ابتڙ وبا ڄاڻائي اٿم، حقيقت اها آهي ته ادب ٻئي ڪا شيءَ ناهي، اُڻت ئي اُڻت آهي.
انٽرويو وٺندڙ: ڌار ڌار قسم جي تخليقن ۾ جيڪا هڪجهڙائي ٿيندي آهي، اها ڳالهه وڌيڪ کولي ٻڌاءِ؟
گارشيا مارڪئز: ٻئي ڪم سخت پورهئي جا طالبُو هوندا آهن، لکڻ به ايڏو ئي ڏکيو ڪم آهي، جيڏو ميز ٺاهڻ، ٻنهين ڪمن ۾ توکي حقيقتن کان ڪم وٺڻو پوندو. لکت جو مواد به ڪاٺ وانگيان سخت آهي، ٻنهين ڪمن ۾ اٽڪل ۽ ٽيڪنڪ ئي کپي. ٿورو جادو هجي ۽ گهڻي محنت هجي، پرائوسٽ صحيح چيو آهي ته، ”لکڻ جي ڪم ۾ 10 سيڪڙو اتساهه کپي ۽ 90 سيڪڙو پگهر وهائڻ کپي.” مون ڪڏهن به ڪنهن غاليچي جي اُڻت جو ڪم نه ڪيو آهي، پر انهي ڪم کي آئون تمام گهڻو مان ڏيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته اهو ڪم توهان پاڻ لاءِ نه ڪندا آهيو.
انٽرويو وٺندڙ: تو پنهنجي ناول ’اوجاڳي جا س‍ؤ سال‘ ۾ ماڻهن تي ڪيلن جي چڙهيل تپ جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي، انهيءَ جي باري ۾ ڇا ٿو چوين؟ انهيءَ ڳالهه جو يونائيٽيڊ فروٽ ڪمپنيءَ سان ڪيترو تعلق آهي؟
گارشيا مارڪئز: ڪيلن جي باري ۾ جيڪي لکيو اٿم، اها هڪ حقيقت آهي. ها! مون لکڻ ۾ جيڪو اٽڪلون استعمال ڪيون آهن، انهن کي تاريخ جي بنياد تي ثابت ڪري نٿو سگهجي. مثلاَ چونڪ ۾ جيڪو قتل عام ٿئي ٿو ته اهو واقعو پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي، پر جيتري قدر انهيءَ واقعي جي پڪين شاهدين ۽ ثبوتن جو تعلق آهي ته انهن کي بنياد بڻائي لکان ها ته اها ته خبر پئجي نه سگهي ها ته اصل ۾ مرڻ وارو جو ڪيترو تعداد آهي. مون ٽن هزارن جو انگ استعمال ڪيو. جنهن ۾ وڏاءُ هو(تخليق کي زوردار بنائڻ لاءِ. مترجم) مون کي ياد آهي ته ننڍپڻ ۾ جڏهن هڪ ڊگهي ريل گاڏيءَ کي ڪيلن جي فصل مان نڪرندي ڏسندو هوس، جنهن لاءِ چوندا هئا ته انهيءَ ۾ ڪيلا پيل آهن ۽ ڪيلن سان گاڏي سٿيل آهي، پر اهو به ٿي پئي سگهيو ته انهيءَ ريل گاڏيءَ ۾ ٽي هزار ماڻهن جا لاش پيل آهن، انهن کي سمنڊ ۾ اڇلائڻ لاءِ نيو پيو وڃجي. هاڻي جڏهن ڪانگريس ۾ ۽ اخبارن ۾ آهي ڳالهيون پيون اچن ته اهي واقعي ٽي هزار لاش هئا ته مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ٿئي. انهيءَ ڪري مون کي اهو شڪ آهي ته جيڪا اسان تاريخ لکي پئي وڃي انهيءَ جو اڌ انهيءَ طريقي سان لکيو ويو آهي. منهنجي ڪتاب ’حاڪم جي سرءُ‘ ۾ ڊڪٽيٽر ائين ٿو‘ چوندو نظر اچي ته، ”اها ڪا ڳالهه ئي سچ بڻجي ويندو.” اڄ يا سڀاڻي ماڻهو حڪومت جي ڳالهين کي مڃڻ جي بدران ليکڪن جون ڳالهيون مڃيندا.
انٽرويو وٺندڙ: ائين نه پوءِ ليکڪ ڏاڍا سگهارا آهن. ناهن؟
گارشيا مارڪئز: ها، آهن، آئون به انهيءَ ڳالهه کي محسوس ٿو ڪريان. آئون چاهيان ٿو ته آئون صحافت جي طرز تي ڪو مضمون لکان، جيڪو اصل ۾ سچو هجي، پر گڏوگڏ ايڏو سگهارو ۽ زوردار هجي، جيڪڏهن ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي ۽ مون کي ماضي ياد ايندو پيو وڃي ته آئون اهو ٿو سمجهان ته صحافت ۽ ادب هڪ ٻئي سان تمام گهڻو لاڳاپيل آهن.
انٽرويو وٺندڙ: اوهان جي ڪتاب ’حاڪم جي سرءُ‘ ۾ هڪ ملڪ پنهنجي حصي جو سمنڊ غير ملڪي قرض ۾ ٻئي ملڪ کي ڏيئي ٿو ڇڏي. اوهان ائين ڇو لکيو آهي؟
گارشيا مارڪئز: پر ائين ٿيو آهي. نه رڳو اڳ ۾ ٿي چڪو آهي، پر ايندڙ وقت ۾ به ائين ڪيترا ئي ڀيرا ٿيندو رهندو. ’حاڪم جي سرءُ‘ نه مڪمل تاريخ ڪتاب آهي، اصلي حقيقتن مان انديشا ڪڍڻ ته صحافيءَ ۽ ناول نگار جو ڪم آهي، حقيقت اها آهي ته گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته آئون خيالي ڪهاڻين ۽ ناولن جو ليکڪ آهيان، جڏهن ته آئون حقيقت پسند ماڻهو آهيان ۽ جيڪي ڪجهه لکان ٿو ته اها سوشلسٽ حقيقت نگاري آهي.
انٽرويو وٺندڙ: اها ڪا يوٽوپيا آهي؟ مون کي اها پڪي پختي خبر ناهي ته يوپوٽيا حقيقت آهي يا خيال پرستي، پر آئون سمجهان ٿو ته يوٽوپيا حقيقت آهي؟ مثلاَ جيئن حقيقي قسم جا ڊڪٽيٽر هئا، جهڙوڪ فرانڪو، پيرون ۽ ٽراجيلو.
گارشيا مارڪئز: هر ناول جو ڪردار گهڻين خاصيتن وارو ماڻهو هوندو آهي، ائين کڻي چئو ته اهو مختلف ڪردارن جو مجموعو آهي، جن کي اوهان سڃاڻندا آهيو، ٻڌندا آهيو ۽ پڙهندا آهيو. آئون هر اها لکڻي پڙهندو آهيان. جنهن ۾ گذريل صديءَ جي لپٽن آمريڪي ڊڪٽيٽرن جو ذڪر هوندو آهي. الاهي ماڻهن کان سندن باري ۾ پڇائون به ڪيون اٿم، ائين ڏهه سال لڳي ويا، جڏهن مون کي اها پڪ ٿي ويئي ته ڪردار ڪهڙي قسم جو هئڻ کپي. انهيءَ کان پوءِ مون پڙهيل ۽ ٻڌل ڳالهيون وسارڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن آئون پنهنجا ڪردار تخليق ڪري سگهان ۽ اهي اهڙا ڪردار هجن، جيڪي اصلي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ حالتن جا محتاج نه هجن. هڪ مرحلي تي پهچي مون کي اهو به احساس ٿيو ته مون پاڻ پنهنجي زندگيءَ جو ڪو حصو ڪنهن ڊڪٽيٽرشپ هيٺ نه گذاريو آهي. سو مون سوچيو ته جيڪڏهن آئون اسپين ۾ رهي لکان ها ته جيئن مون کي خبر پوي ها ته ڊڪٽيٽرشپ جي ماحول ۾ رهندي ماڻهو ڇا ٿو سوچي، پر اُتي مون کي اهو خيال به آيو ته جنرل فرانڪو جي اسپين کان ڪيريبئن ڊڪٽيٽرشپ هڪ ڌار شيءَ آهي، ائين سال لاءِ منهنجو ڪتاب روڪجي ويو. ڪا ڳالهه مون کا گسي ويئي هئي ۽ مون کي پڪ نه هئي، ته اها ڪهڙي ڳالهه هئي انهيءَ کان پوءِ مون راتو رات فيصلو ڪري ورتو ته ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته ڪيريبئن ڏانهن موٽ کائجي، ائين اسان ڪولمبيا موٽي آياسين. مون صحافين کي بيان ڏنو ته سمجهيائون ته آئون ساڻن چرچا پيو ڪريان، مون کين چيو ته ” مون کي پنهنجي ملڪ جي ميويدار وڻن جي خوشبوءِ وسري ويئي هئي.” جڏهن اها حقيقت آهي ته مون کي اهڙين حالتن جي ضرورت هئي. جن ۾ ويهي آئون لکان پر سڄي ڪيريبئن جو دورو ڪيم. جيئن جيئن هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين گهمندو رهيس ته مون کي اها خبر پيئي ته ڪيتريون ئي اهڙيون حقيقتون آهن، جيڪي ناول ۾ مون کان گسي ويون آهن.
انٽرويو وٺندڙ: تو پنهنجين اڪثر لکڻين ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل سگهارين قوتن کي اڪيلو بڻائي پيش ڪيو آهي؟
گارشيا مارڪئز: توکي جيترو وڌيڪ پاور ملندو ويندو، اوترو وڌيڪ منجهندو ويندين ته ڪير توسان سچ ٿو ڳالهائي، ڪير ڪوڙ ٿو ڳالهائيءَ جڏهن توکي حڪمرانيءَ جي مڪمل سگهه ملي ويندي، تڏهن تنهنجو حقيقت سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه رهندو ۽ تون اڪيلو رهجي ويندين ۽ اها اڪلائي خراب ۾ خراب شيءَ آهي، ڊڪٽيٽر جي چوڌاري اهڙا ماڻهو گڏ ٿي ويندا آهن، جن جون پنهنجيون غرضون هونديون آهن، انهن ماڻهن جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته ڊڪٽيٽر کي حقيقتن کان پري ڪري اڪيلو بڻائي ڇڏجي.
انٽرويو وٺندڙ: ليکڪ جي به اڪيلائي ٿيندي آهي. ڇا اِها اڪيلائي ڊڪٽيٽر جي اڪيلائي کان الڳ آهي؟
گارشيا مارڪئز: اڪيلائي جو گهڻو واسطو حاڪمن سان هوندو آهي، ۾ پر ليکڪ جي اڪيلائي وري کيس حقيقتن کان ائين پري ڪندي آهي ته هو حقيقت چٽڻ وقت، حقيقت جي شڪل ڦٽائي وجهندو آهي، پوءِ اهو ليکڪ پنهنجي هٿ جون گهڙيل ڳالهيون ماڻهن جي مٿي ۾ ٺوڪيندو آهي ۽ پاڻ ٽپ ڏيئي جبل جي چوٽيءَ تي ويهي رهندو آهي. انهيءَ صورتحال کان بچڻ لاءِ صحافت تمام ذميوار پهريدار آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو آئون صحافت جو به ڪم ڪندو آهيان. ڇاڪاڻ ته صحافت مون کي اصلي دنيا جي ويجهو رکندي آهي، خاص ڪري سياسي صحافت ۽ خود سياست به. ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ لکڻ کان پوءِ مون کي جيڪو اڪيلائي جو احساس ٿيو، اها اڪيلائي ليکڪ جي نه هئي، پر شهرت جي اڪيلائي هئي. شهرت ۽ حاڪميت جون اڪيلائيون هڪ ٻئي سان ملن ٿيون. منهنجن دوستن مون کي شهرت جي اڪيلائي کان بچائي ورتو. پنهنجا يار جتي ڪٿي جڏهن ڪڏهن گهڻي ئي آهن.
انٽرويو وٺندڙ: ڪيئن بچايائون؟
گارشيا مارڪئز: ڇاڪاڻ ته مون پراڻن يارن کي ڌار نه ڪيو، منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته آئون پنهنجن يارن کان ڪٽجي نه ويو آهيان ۽ اهي ئي يار آهن، جيڪي مون کي واپس زمين تي لاهيو وجهن، اهي يار ايڏا ڪي مشهور ماڻهو ناهن، عام ماڻهو آهن ۽ سندس پير ڌرتيءَ تي کتل آهن.
انٽرويو وٺندڙ: لکڻ جي شروعات ڪيئن ڪندو آهين؟ تنهنجو جيڪو ڪتاب آهي ’حاڪم جي سرءُ‘ اهيءَ ۾ اهو تصور ٿو اچي ته ڍڳيون محل ۾ بيٺيون آهن، ڇا اهو اصلي تصور آهي؟
گارشا ماڪئز: مون وٽ فوٽو گرافيءَ جو هڪ ڪتاب پيل آهي، اهو توکي ڏيکاريندس، مون ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته منهنجي ڪتابن جا جيڪي به جُزا آهن، انهن ۾ تصور ته هوندو ئي هوندو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ پهريون تصور اهو ئي هو ته عاليشان محل ۾ هڪ تمام پوڙهو ماڻهو ويٺو آهي ته اتي ڍڳيون اچن ٿيون ۽ پردا کائڻ لڳن ٿيون، پر اهڙو ڪو تصور منهنجي ذهن ۾ ايستائين نه ايندو آهي، جيستائين ڪو اهڙو فوٽو گرافر ڏسان، روم شهر ويس ته اُتي ڪتاب جي دڪانن ۾ گهڙي ويس ۽ فوٽو گرافيءَ جا جام ڪتاب ورتم، فوٽو گرافيءَ ڪتابن گڏ ڪرڻ جون مون کي خفت آهي، سو اُتان ئي ورتل هڪ ڪتاب ۾ اهڙو ساڳيو فوٽو گراف ڏٺم سي ڏسڻ کان پوءِ تصور جي شروعات ٿي ويئي، آئون ڪو ايڏو وڏو دانشور ناهيان. آئون ته روزانه زندگيءَ جي عام شين ۽ ڳالهين مان علم اخذ ڪندو آهيان. وڏا وڏا شاهڪار پڙهي انهن مان ته پرائيندو آهيان.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجن ناولن ۾ ڪهاڻي هلندي هلندي اوچتو بي خبريءَ ۾ موڙ کائيندي آهي؟
گارشيا مارڪئز: پهرئين پهرئين ائين ٿيندو هو. بيخبريءَ ۾ ڪهاڻي موڙ کائي ويندي هئي، منهنجين شروعاتي ڪهاڻين ۾ پهرئين ته ڪهاڻي ته مرڪزي خيال تي هلندي هئي ۽ پوءِ اوچتو موڙ کائي ويندي هئي. شروع شروع ۾ مون کي اها سٺي صلاح ڏني ويئ ته لکڻ جو اهو طريقو ٺيڪ آهي، ڇاڪاڻ ته آئون نوجوان هئس ۽ اتساهه جو ماريل هوس، پر مون کي اها به صلاح ڏني ويئي ته مون کي ٽيڪنڪ سکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اڳتي هلي اتساهه جي جڳهه ٽيڪنڪ والاريندي. جيڪڏهن آئون اهي صلاحون نه مڃيان ها ته اڳتي هلي تڪليف ۾ اچان ها ۽ اڳواڻ ناول يا ڪهاڻيءَ جي آئوٽ لائين ٺاهي سگهان ٿو. گهاڙيٽو خالص ٽيڪنيڪل مسئلو آهي، جيڪڏهن اوهان شروع ۾ اهو نه سکيا ته پوءِ ڪڏهن به سکي نه سگهندئو.
انٽرويو وٺندڙ: تو لاءِ لکڻ ۾ ڊسيپلين ضروري آهي؟
گارشيا مارڪئز: آئون نٿو سمجهان ته بنا غير معمولي ڊسيپلين جي ڪو ئي سٺو لکي سگهندو.
انٽرويو وٺندڙ: ڪجهه ليکڪ ڪجهه اُڀاريندڙ نشا پتا ڪري لکندا آهن، اوهان جو ڇا خيال آهي؟
گارشيا مارڪئز: مون کي ته هيمنگوي جي لکيل هڪ ڳالهه ڏاڍي وڻي ته، ”مون لاءِ لکڻ جو ڪم باڪسنگ وانگيان آهي.” هيمنگوي پنهنجي صحت جو ڏاڍو خيال رکندو هو، وليم فاڪنر شراب جي نشي ۾ ٽٻ رهندو هو، پر هن هر انٽرويو ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي ته هو جڏهن به نشيءَ ۾ رهيو آهي ته به لکي نه سگهيو آهي. هيمنگوي به ساڳئي ڳالهه ڪئي آهي ته جيڪي واهيات پڙهندڙ آهن، اهي مون کان پڇندا آهن ته، ”تو جيڪي ڪجهه لکيو آهي، نشو وٺي پوءِ لکيو آهي؟” سندن انهيءَ سوال مان پڌرو آهي ته کين نه ادب جي ڪا خبر آهي نه ئي وري نشي جي، سٺو ليکڪ هئڻ لاءِ صحت جو سٺو هئڻ ضروري آهي. آئون لکڻ جي انهيءَ رومانوي تصور جي خلاف آهيان ته لکڻ قرباني ڏيڻ وانگيان آهي ۽ بک ۽ خراب جذباتي حالتن ۾ ماڻهو سٺو لکي سگهي ٿو. منهنجي خيال ۾ لکڻ لاءِ جسماني توڙي نفسياتي صحت درست هجي. تخليق سٺيءَ صحت مان جنم وٺندي آهي، منهنجي اها ڳالهه آمريڪا جي ‘گم نسل‘ چڱيءَ طرح سمڌي آهي. اهي ماڻهو زندگيءَ سان پيار ڪندڙ آهن.
انٽرويو وٺندڙ: بلئس سئنڊرارس چوي ٿو ته ٻئي ڪم جي مقابلي ۾ لکڻ سولو ۽ لئه واري ڪم آهي ۽ ليکڪ پنهنجيون تڪليفون وڌائي بيان ڪندا آهن، ڄڻ ڪا سندن ماءُ مئل هجي، انهيءَ ڳالهه جي باري ۾ تنهنجو خيال ڇا آهي؟
گارشيا مارڪئز: آئون سمجهان ٿو ته لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پر ٻيو ڪم به ڏکيو آهي. باقي لکڻ ۾ لئه وري ڪهڙي آهي، ماڻهو پنهنجيءَ تسڪين لاءِ لکي ٿو. انهيءَ معاملي ۾ آئون نه پنهنجو پاڻ کي ۽ نه ئي وري ٻين کي معاف ڪرڻ وارو آهيان، ڇاڪاڻ ته غلطي معافي جوڳي ناهي. باقي جيستائين لئه ڪرڻ جو تعلق آهي ته جيڪو به ڪم هجي ته اُهو سٺو ڪجي ۽ پوءِ پنهنجي سٺي ڪم تي ڀلي ماڻهو لئه ڪري. باقي اها ڳالهه صحيح آهي ته ليکڪ هرو ڀرو پنهنجو پاڻ کي سماج جو ٺيڪيدار ۽ دنيا جو مرڪز سمجهندا آهن، ته دنيا ڦري ئي سندن چوڌاري ٿي. آئون ته انهيءَ ڳالهه جو حامي آهيان ته مون کي انهيءَ ڳالهه تي خوشي ٿيندي آهي ته پائليٽ پنهنجي ڌنڌي ۾ ليکڪ کان وڌيڪ بهتر هوندا آهن.
انٽرويو وٺندڙ: اڄڪلهه ڪهڙي وقت تون لکندو آهين؟ تو وٽ ڪم جو شيڊول هوندو آهي؟
گارشيا مارڪئز: جڏهن کان آئون پروفيشنل ليکڪ بڻيو آهيان، تڏهن کان وٺي منهنجو وڏو مسئلو شيڊول آهي. صحافت ۾ ته رات جو ڪم ڪرڻو پوندو آهي. آئون جڏهن کان فُل ٽائيم ليکڪ ٿيو آهيان، تڏهن منهنجي عمر چاليهه سال هئي. منهنجو شيڊول ائين آهي ته آئون صبح جو نوين وڳي کان لکڻ ويهندو آهيان ۽ ٻين ٽين وڳي تائين پيو لکندو آهيان. ايستائين منهنجا پٽ، اسڪول مان موٽي ايندا آهن. جڏهن مون گهڻي محنت ڪئي ته مون کي جرم جو احساس ٿيو ته آئون رڳو صبح جو ڪم ٿو ڪريان. انهيءَ ڪري مون شام جو به ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جڏهن شام جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته ٻئي ڏينهن صبح جو وري ساڳيو ڪم ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ ڪري فيصلو ڪيم ته صبح جو نوين وڳي کان اڍائي وڳي تائين ڪم ڪرڻو آهي ۽ بس، شام جو ملاقاتن، انٽرويوئن ۽ ٻين ڳالهين جو وقت رٿيل هوندو آهي. منهنجو ٻيو مسئلو اهو آهي ته آئون اهڙن هنڌن تي ويهي لکي سگهندو آهيان، جن تي اڳ ۾ ئي آئون هريل هوندو آهيان. آئون هوٽلن يا مسواڙ تي ورتل جڳهين ۾ يا مسواڙ ورتل ٽائيپ رائيٽر تي ڪم ڪري نه سگهندو آهيان. آئون جڏهن سفر ۾ هوندو آهيان ته ڪم ڪري نه سگهندو آهيان. آسپاس جو اوپريون حالتون ڪم کي ته گهٽائينديون آهن، جهڙو به هجي چون ٿا ته، آسپاس جو ماحول جهڙو به هجي اُتساهه ته ملندو آهي. اُتساهه جو لفظ کي رومانويت پسندن ڏاڍو استعمال ڪيو آهي. منهنجا مارڪسٽ دوست انهيءَ لفظ کان گهڻي ئي ڪن هڻندا آهن، جيڪي ڪجهه به هجي، انهيءَ لفظ کي ڪجهه به چئو، پر منهنجو انهيءَ ڳالهه تي ڀروسو آهي ته ليکڪ جي دماغ جي ڪا اهڙي حالت ضرور هوندي آهي، جڏهن هو وڏي سولائيءَ سان لکي سگهندو آهي ۽ قلم وهندو ويندو اٿس. اهڙي دماغي ڪيفيت ۾ ٻيون ڳالهيون وسري وينديون اٿس. ايستائين جو پنهنجو گهر به وساري وهندو آهي، جتي ماڻهو ويهي لکندو آهي. اهڙو پل ۽ اهڙي دماغي ڪيفيت تڏهن ايندا آهن، جڏهن لکڻ وارو مناسب موضوع ۽ انهيءَ موضوع کي لکڻ جي طرز ڳولي وٺندو آهي، اها ڳالهه ليکڪ لاءِ خوشيءَ جهڙي هوندي آهي ته هو ٻيا اڻ وڻندڙ ڪم ڇڏي ڏي ۽ لکڻ ويهي رهي. جنهن ڪم تي دل نه چوي اهو ڪم ڇو ڪجي.
لکڻ ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو مرحلو پهريون پئراگراف هوندو آهي. آئون ته مهينن جا مهينا پهرئين پئراگراف لکڻ لڳائي ڇڏيندو آهيان. جڏهن پهريون پئراگراف منهنجي قبضي ۾ اچي ويندو آهي، ته رهيل ڪم وڏيءَ سولائي سان ڪري ويندو آهيان. پهرئين پئراگراف ۾ ڪتاب لکڻ ۾ درپيش ايندڙ مسئلا حل ٿي ويندا آهن. موضوع پڌرو هوندو، اسٽائيل ملي ويندو ۽ لهجو درست بڻجي ويندو. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي معاملي ۾ ته پهريون پئراگراف سڄي ڪتاب جو نمونو بڻجي ويندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪهاڻين جو ڪتاب لکڻ ناول جي ڪتاب لکڻ کان وڌيڪ ڏکيو آهي. جڏهن به ڪتاب جي نئين ڪهاڻي لکڻ ويهندين ته هر ڀيري توکي ساڳين مرحلن سان لنگهڻو پوندو.
انٽرويو وٺندڙ: ڇا خواب ۾ به اُتساهه جو وسيلو هوندا آهن؟
گارشيا مارڪئز: شروع شروع ۾ آئون خوابن تي ڌيان ڏيندو هوس، پر پوءِ ڄاتم ته خود زندگيءَ اُتساهه جو وڏي ۾ وڏو وسيلو آهي، خواب ته زندگيءَ جي ڪنهن ننڍڙي حصي جي بگڙيل صورتحال هوندا آهن، منهجين لکڻين جي باري ۾ خواب جي حقيقت اها آهي، ته مون وٽ خواب جي باري ۾ پنهنجو نڪته نگاهه ۽ پنهجي سمجهاڻي آهي. خواب برابر زندگيءَ جو حصو آهن پر حقيقتون وڌيڪ امير آهن. هونئن منهنجن خوابن ۾ ڪا اهڙي خاص ڳالهه نه هوندي آهي.
انٽرويو وٺندڙ: اُتساهه ۽ ڪشف ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
گارشيا مارڪئز: اُتساهه هڪ اهڙي ڪيفيت آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ کي دل وٽان موضوع هٿ اچي ويندو آهي ۽ پوءِ انهيءَ تي اڳتي لکڻ ۾ سولائي پيدا ٿي ويندي آهي. باقي ڪشف ته لکڻ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ڪشف ته تمام وڏي خصوصيت آهي. جنهن ۾ نه ڪنهن سائنسي معلومات جي ضرورت هوندي آهي ۽ نه ڪنهن ٻيءَ معلومات حاصل ڪرڻ جي. ڪشف ته اُتساهه جي جبلتن مان ڦاٽ کائيندو آهي. جيڪي مرڪزيت جا قائدا قانون آهن، انهن به ڪشف ذريعي جلدي ۽ سولائي سان معلومات حاصل ٿي وڃي. ناولسٽ لاءِ ته ڪشف بنيادي شيءَ آهي. ڪشف دانشوريت جي بلڪل ابتڙ آهي ۽ دانشوريت ته مون کي اکين پيل آهي. ڇاڪاڻ دانشوريت حقيقي ۽ چڙندڙ ٻرندڙ دنيا کي هڪ غير متحرڪ نظرئي ۾ قيد ڪري ٿي ڇڏي. جڏهن ته ڪشف کي انهيءَ ڪري سرسي حاصل آهي ته اُهو ’ها‘ يا ’نه‘ ۾ فيصلو ڪري ٿو وٺي ۽ توهان کي کُتِ سان تلاءِ کوٽڻ جي ضرورت نٿي پوي.
انٽرويو وٺندڙ: ڇا تو نظريا ٺاهيندڙن کي ناپسند ٿو ڪرين؟
گارشيا مارڪئز: صحيح. آئون کين سمجهي ئي نه سگهندو آهيان، اهو ئي ڪارڻ آهي، جو جڏهن مون کي ڪي ڳالهيون سمجهائڻيون هونديون آهن ته اهي مثالن ۽ لطيفن سان سمجهائيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته مون ۾ تجريديت ۾ وڃڻ جو دم ناهي، انهيءَ ڪري منهنجا ڪي نفاد مونکي ڄٽ سمجهندا آهن. نالا ڪو نه ٿو ٻڌايان.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي خيال ۾ جيڪي نفاد آهن، توکي خانن ۾فٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن؟
گارشيا مارڪئز: منهنجيءَ نظر ۾ دانشوريت جو وڏي ۾ وڏي مثال نفاد آهن. هو پهرئين ته نظريو گهڙندا آهن ته ليکڪ کي ڇا لکڻ کپي. تنهن کان پوءِ پنهنجي ٺاهيل ماڊل ۾ ليکڪ کي فِٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ليکڪ کي ڦُسي زوريءَ خاني ۾ وجهندا آهن. تو پڇيو آهي، تڏهن آئون سندس ذڪر پيون ڪريان. هونئن سالن کان وٺي نه منهنجي نفادن ۾ ڪا دلچسپي ٿي آهي ۽ نه ئي کين پڙهندو آهيان. نفاد هروڀرو پنهنجو پاڻ کي پٽڪو ٻڌائي ليکڪ ۽ پڙهندڙن جي وچ ۾ چڱا مڙس ٿي ويهندا آهن. پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي هوندي اٿن، آئون چٽيون ۽ مختصر ڳالهيون لکندو آهيان، جيڪي نفاد جي مدد کان سواءِ پڙهندڙ پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو.
انٽرويو وٺندڙ: مترجمن جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟
گارشيا مارڪئز: آئون مترجمن جي عزت ڪندو آهيان، سواءِ انهن مترجمن جي، جيڪي سمجهاڻيءَ لاءِ فوٽ نوٽ هڻندا آهن. اهڙي قسم جا مترجم پڙهندڙن کي اهڙيون ڳالهيون سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪي ليکڪ ڄاڻايون ئي نه هونديون آهن. ترجمو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، هڪ تي مترجم کي نه داد ملندو آهي ۽ نه ئي وري ايترو پئسو. اصل ۾ سٺو ترجمو اهو آهي جنهن ۾ اصل لکڻيءَ کي ٻيهر تخليق ڪجي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو آئون گرگلويري راباسا جي تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان. منهنجا ڪتاب ايڪويهن ٻولين ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن. پر راباسا واحد مترجم آهي، جيڪو پنهنجا فوٽ فوٽ نوٽ هڻي پڙهندڙن کي نه سمجهائيندو آهي، منهنجي خيال ۾ انگريزيءَ ۾ منهنجين لکڻين کي ٻيهر تخليق ڪيو ويو آهي. ڪتاب جا ڪيترائي اهڙا حصا هوندا آهن، جن کي ٻيءَ ٻولي ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. ماڻهو ائين سمجهندا آهن ته مترجم ڪتاب پڙهندو آهي ۽ پوءِ پنهنجي دماغ تي روز ڏيئي ياد ڪري پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ لکندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو آئون مترجمن جي عزت ڪندو آهيان. مترجم دانشور هئڻ جي بدران تخليقڪار هوندا آهن، نه رڳو پبلشر کين گهٽ پئسا ڏيندا آهن پر کين تخليق ڪار به نه سمجهندا آهن. ڪيترائي اهڙا ڪتاب آهن، جيڪي آئون پاڻ اسپينش ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ گهران ٿو. پر انهن ۾ ايڏي ئي محنت ڪرڻي پوندي جيتري پنهنجي ڪتاب لکڻ ۾، ۽ پوءِ ايترا پئسا به نه ملندا. جو آئون پنهنجو پيٽ ڀري سگهان.
انٽرويو وٺندڙ: ڪهڙا ڪتاب ترجمو ڪرڻ ٿو چاهين؟
گارشا مارڪئز: آندري مالرو جا سڀ ڪتاب، ڪونراڊ ۽ ايڪسوپيريءَ جون لکڻيون. جڏهن آئون ڪو سٺو ڪتاب پڙهندو آهيان ته منهنجي دل گهرندي آهي ته انهيءَ کي ترجمو ڪريان. وڏن شاهڪارن کي ڇڏي آئون وچولي قسم جا ڪتاب اصلي ٻوليءَ ۾ پرهڻ جي ڪوشس ڪندو آهيان. پر ٻين ٻولين ۾ ڪتاب پڙهندي، آئون مصيبت ۾ اچي ويندو آهيان، ڇاڪاڻ ته آئون هڪ ئي ٻوليءَ جي لکڻين کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪندو آهيان، اها آهي منهنجي مادري زبان اسپينش، انهيءَ هوندي به آئون اٽالين ۽ فرينچ ٻوليون ڳالهائي ويندو آهيان. مونکي انگريزي ٻولي به چڱي طرح سمجهه ۾ ايندي آهي، انگريزي سمجهڻ جي ڪري آئون گذريل ويهن سالن کان رسالي ”ٽائيم” جو زهر پيئندو ٿو اچان.
انٽرويو وٺندڙ: ڇا هن وقت ميڪسيڪو توکي پنهنجو گهر ٿو لڳي؟ ڇا تون هتان جي ليکڪن مان پنهنجو پاڻ کي هڪ حصو ٿو سمجهين؟
گارشيا مارڪئز: عام طور تي آئون ليکڪن ۽ فنڪارن سان انهيءَ ڪري دوستيءَ نه رکندو آهيان جو هو ليکڪ يا فنڪار آهي. منهنجي ياري گهڻن ڌنن وارن ماڻهن سان آهي. جن ۾ ليکڪ فنڪار به اچي وڃن ٿا. آئون ليٽن آمريڪا جي سڀني ملڪن کي پنهنجو وطن ٿو سمجهان، نه ڪنهن ٻئي ملڪ کي. ليٽن آمريڪا جا ماڻهو محسوس ڪندا آهن ته صرف اسپين اهڙو ملڪ آهي، جيڪو پنهنجو ملڪ ٿو لڳي، پر آئون ذاتي طرح تي پنهنجو پاڻ کي اسپين سان ڳانڍاپيل نه سمجهندو آهيان. ليٽن آمريڪا جي مُلڪن جي سرحدن کي آئون ليکيندو ئي ناهيان. مون کي خبر آهي ته ليٽن آمريڪا جو هڪ ملڪ ٻئي ملڪ کار ڌار وجود رکي ٿو، پر منهنجيءَ دل ۽ دماغ ۾ سڀ ملڪ هڪجهڙا آهن، ڪيريبئن آئون پنهنجو گهر سمجهندو آهيان. پوءِ اهو علائقو کڻي فرينچ جو هجي، ڊچ جو هجي يا وري انگريزي جو هجي. آئون جڏهن باران ڪُٽيلا مان جهاز تي چڙهندو آهيان ته نيري رنگ جي ڪپڙن واري ڪاري ڇوڪري منهنجي پاسپورٽ تي ٺپو هڻندي آهي. جڏهن آئون جميڪا مان جهاز تي چڙهندو آهيان ته نيرن ڪپڙن واري ڪاري ڇوڪري منهنجي پاسپورٽ تي ٺپو هڻندي آهي ۽ انگريزي ۾ هڻندي آهي ته آئون انهيءَ ڳالهه کان متاثر ٿيندو آهيان. منهنجو انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ناهي ته ٻوليءَ سان ڪو فرق اچي ويندو آهي پر انهن پنهنجن ملڪن کي ڇڏي دنيا جي ٻئي ملڪ ۾ هوندو آهيان ته آئون پنهنجو پاڻ کي پرديسي سمجهندو آهيان ۽ پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ به. اهي منهنجا هڪڙا ذاتي احساسات آهن ۽ مون کي اقليتي هئڻ جو احساس هوندو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي خيال ۾ ليٽن آمريڪي ليکڪن کي ٿوري گهڻي وقت لاءِ يورپ ۾رهڻ ضروري آهي؟
گارشيا مارڪئز: ٻاهران ويهي جيڪو پنهنجي ملڪ جو پس منظر نظر ايندو آهي، اُهو شايد وڌيڪ ساکائتو بڻجي ويندو آهي، آئون سوچيندو آهيان ته يورپ وڃي اُتي پنهنجي ملڪ جي باري ۾ ڪهاڻيون سوچجن، اها ڳالهه ويهن سالن کان منهنجي مٿي ۾ ويٺل آهي، پر ميڪسيڪن ماڻهن کي يورپ ۾ سک نه ايندو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: ڪيوبا جي انقلاب ليٽن آمريڪن ادب تي ڪهڙا اثر ڇڏيا آهن؟
گارشيا مارڪئز: هيستائين ته ناڪاري اثر پيو آهي. ڪيترائي اهڙا ليکڪ آهن، جيڪي سياسي طرح تي انهيءِ انقلاب سان ٻڌل آهن ته اهي جيڪي ڪهاڻيون لکن ٿا سي سياسي ٻنڌڻن کي مان ڏيڻ لاءِ لکندا آهن، نه خاص ٽائيپ جون بڻجي وينديون آهن. جن جو ڪشف سا يا تجربي سان ڪوبه واسطو نه هوندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪيوبا جي ثقافتي اثر جي خلاف سوچ وڌيل آهي، خود ڪيوبا ۾ نئين قسم جو ادب يا فن تخليق نه پيو ٿئي ۽ نه ئي ڪي ان جا جيوڙا نظر اچن ٿا. ڀانيان ٿو ته انهيءَ ۾ اڃا وقت لڳندو. ڪيوبا جي جيڪا وڏي ثقافتي اهميت آهي ته انهيءَ جي تقاضا آهي ته ليٽن آمريڪا ۾ جيڪو اڳي ادب تخليق ڪيو پئي ويو آهي، سالن کان وٺي ته انهيءَ ادب کان پُلِ جو ڪم وٺجي. باقي آمريڪا ۾ جيڪا ليٽن آمريڪن ادب ۾ بابت هاڪار مَتي آهي ته اها ڪيوبا جي انقلاب جو نتيجو آهي. اڳ ۾ جيڪي ويهن سالن کان ليٽن آمريڪي ليکڪ لکندا رهيا. انهن لکڻين کي آمريڪا ۽ يورپ جي پبلشرن کنگهيو ئي ڪونه، پر جڏهن ڪيوبا ۾ انقلاب آيو ته يورپ ۽آمريڪا جي پبلشرن هڪدم ڪيوبا ۽ ليٽن آمريڪا جي ٻين ملڪن جي ادب تي ڌيان ڏنو. ڪيوبا جو انقلاب هڪ کپائيندڙ شيءَ بڻجي ويو. ليٽن آمريڪا ادب فئشن بڻجي ويو. اها ڳالهه سامهون اچي ويئ ته ليٽن آمريڪن ناول ترجمو ڪري ڇپائڻ جهڙا آهن، جيڪي بين الاقوامي ادب بنجڻ جهڙا آهن، پر ڏک جي ڳالهه آهي ته ليٽن آمريڪا جي جيڪا ثقافتي ڪالونيءَ جي حيثيت هئي. ان جي ڪري ليٽن آمريڪي ناولن کي ايستائين سُٺو نه ليکيو ويندو هو، جيستائين ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو انهيءَ جي واکاڻ ڪن.
انٽرويو وٺندڙ: لٽن آمريڪا جا ڪجهه اهڙا ليکڪ هوندا، جيڪي ايترا گهڻا مشهور نه هوندا. اهڙا ڪي ليکڪ آهن، جن کي تو مڃتا ڏني هجي؟
گارشيا مارڪئز: مون کي شڪ آهي ته ڪو اهڙو ليکڪ ناهي، هن وقت ليٽن آمريڪا جي ادب جي جيڪا دنيا هاڪار آهي، ته انهيءَ جو اهو نتيجو نڪتو آهي، ته جيڪو به ليٽن آمريڪي ليکڪ وڻ مان ڪاٺي وڍي ڏاڍو مڙس بڻجي ٿو وڃي. انهيءَ کي به پبلشر ڇپائڻ ۽ ترجمو ڪرائڻ کان نٿا مُڙن. بدقسمتي سان ڪيترائي نوجوان ليکڪ انهيءَ ڪري لکن ٿا ۽ انهيءَ خيال سان لکن ٿا ته محنت ڪرڻ جي بنا کين شهرت ملي وڃي. هڪڙو فرينچ پروفيسر ليٽن آمريڪا جي ادب تي لکندو آهي، انهيءَ کي اسان جا نوجوان خط لکندا آهن ته هو سندن باري ۾ نه لکي. ڇاڪاڻ ته کين ضرورت ناهي ته ڪو مٿن ٽيڪا ٽپڻي ڪري. پر اهي اها ڳالهه وساري ٿا ويهن ته جڏهن آئون سندن عمر جو هوس ته نفاد مون تي لکندا ئي نه هئا. منهنجي انهيءَ ڳالهه ڪرڻ جو اهو مقصد آهي ته نوجوان ليکڪن کي نقادن ڏانهن خط لکڻ جي بدران پنهنجيءَ تخليق تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. وڌيڪ اهميت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته لکائڻ جي بدران پاڻ لکجي. وڏي ڳالهه اها آهي ته منهنجو ادبي ڪيئريئر چاليهن سالن جي ڄمار کان پوءِ اٿيو. منهنجا پنج ڪتاب ڇپجي چڪا هئا. تيستائين مون کي ڪابه رائلٽي نه ملي.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجو اهو خيال ته ناهي ته ننڍيءَ عمر ۾ ليکڪ کي جيڪا شهرت ملي ٿي، اها ليکڪ جي ڪيريئر لاءِ سٺي ناهي؟
گارشيا مارڪئز: شهرت ته عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ملي ته اها خراب آهي. مون کي جيڪا شهرت ملي سا بابي جي وفات کان پوءِ ملي. گهٽ ۾ گهٽ سرمائيدار ملڪن ۾ ته ليکڪ جي شهرت بازار جي جنس بڻجي ٿي وڃي.
انٽرويو وٺندڙ: هڪڙا ته ليکڪ اهي آهن، جيڪي توهان جيءَ خاص پسند جا آهن، انهن کي ڇڏي تون اڄڪلهه ڇا پڙهي رهيو آهين؟
گارشيا مارڪئز: پڙهڻ جي معاملي ۾ اڄ ڪلهه آئون آواره گرد بڻجي ويو آهيان. گذريل ڏينهن مون ٺونشي باز محمد علي جون يادگيريون پڙهيون. برام اشوڪر جو ڪتاب ’ڊراڪولا‘ به ڏاڍو سٺو آهي. اهو ساڳيو ڪتاب اڳ ۾ نه پيو پڙهان، جو خيال هئم ته اهو ڪتاب پڙهڻ پنهنجو وقت وڃائڻ جي برابر آهي. آئون ڪنهن به ڪتاب سان ايستائين نه واڳجندو آهيان، جيستائين ڪو اهڙو ڪتاب پڙهڻ جي صلاح ڏئي، جنهن تي منهنجو اعتبار هجي. آئون اهڙ يادگيرين جا ڪتاب پڙهندو آهيان يا دستاويزي ادب پڙهندو آهيان، جيڪي منهنجي مغز ۾ واڄٽ ڪرائي وجهن. باقي جيڪي منهنجي پسند جا ليکڪ آهن، انهن کي ورائي ورائي پڙهندو آهيان. ورائي ورائي پڙهڻ مان اهو فائدو آهي ته جيڪي صفحا، جيڪو حصو توکي وڻي، اهو ويهي پڙهه، رڳو ’ادب پڙهڻ‘ جو جيڪو ڀوت مغز ۾ ويٺل آهي، انهيءَ کان آئون بچيل آهيان. آئون ادب کان هٽي ڪري ٻيا ڪتاب به پڙهندو آهيان. آئون پنهنجو پاڻ کي اپ ٽو ڊيٽ رکندو آهيان. آئون تازيون تازيون خبرون به پڙهندو آهيان. آئون دنيا جهان جون اخبارون پڙهندو آهيان ۽ منهنجي زال به مون کي تازيون خبرون ٻڌائيندي آهي. آئون جڏهن کانئس پڇندو آهيان ته ”تو اهي خبرون ڪٿي پڙهيون آهن؟“ ته ٻڌائيندي آهي ته بيوٽي پارلر ۾ پڙهيون اٿس. ٻيو آئون ائين فيشن جا رسالا ۽ عورتن جي باري ۾ نڪرندڙ رسالا ۽ افواهن وارا رسالا به پڙهي ويندو آهيان. انهن مان آئون گهڻو ڪجهه سکندو آهيان. آئون پڙهڻ ۾ هر وقت مصروف رهندو آهيان.
انٽرويو وٺندڙ: اهو تون ڇو ٿو سوچين ته شهرت ليکڪ لاءِ نقصانڪار آهي؟
گارشيا مارڪئز: پهريون نقصان اهو آهي ته شهرت تنهنجي پرائيويٽ زندگيءَ تي حملو ڪندي آهي. ٻي ڳالهه ته توکي جيڪو دل گهرين دوستن سان ڪچهري ڪرڻ ۽ لکڻ جو وقت ملندو آهي، اُهو خراب ٿيندو آهي، ٽين ڳالهه ته تون اصلي دنيا کان ڪٽجي ويندين. مشهور ليکڪ کي پنهنجي بچاءَ ۾ به وقت خراب ڪرڻو پوندو آهي. آئون اهڙي ڪا ڳالهه ڪرڻ نٿو گهران، جيڪا دل وٽان هجي. پر آئون اهو چاهيندو آهيان ته منهنجا ڪتاب مرڻ کان پوءِ ڇپجن ته جيئن آئون پنهنجي شهرت کان پوءِ وڏو ۽ مشهور ماڻهو هئڻ جي کٽراڳ کان بچي پوان. منهنجي شهرت جو صرف هڪ ئي ڪارج آهي، اُها آهي سياست. باقي ٻيءَ صورت ۾ ته منهنجو سک ڦٽل هوندو آهي. شهرت جو وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو آهي ته تون تون چوويهه ئي ڪلاڪ مشهور ماڻهو هجين ته اهو چئي نٿو سگهين، ”ٺيڪ آهي، ائين کڻي سمجهه ته سڀاڻي کان اڳ تون مشهور ماڻهو ناهين.“ يا ڪو بٽڻ دٻائي چئي ته، ”هن وقت آئون مشهور ناهيان.“
انٽرويو وٺندڙ: توکي جيڪا شهرت ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ لکڻ مان ملي، انهيءَ کي تون پاڻ کان الڳ ڪيئن ٿو ڪري سگهين؟
گارشيا مارڪئز: مون کي خبر آهي ته منهنجي انهيءَ ڪتاب تي ٻين ماڻهن کان وڌيڪ منهنجا دوست خوش ٿيا آهن. مون کي منهنجي اسپينش پبلشر جڏهن اهو ٻڌايو ته ڪتاب جون اٺ هزار ڪاپيون ٿيون ڇپجن ته منهنجا وڻ وڄي ويا. ڇاڪاڻ ته منهنجن اڳين ڪتابن مان ڪو به ڪتاب 700 ڪاپين کان مٿي نه ڇپيو آهي. مون کيس چيو ته پهرئين ٿوريون ڪاپيون ڇپاءِ، پر هن چيو ته کيس پڪ آهي ته ڪتاب تمام سٺو آهي. اٺ هزار ڪاپيون هلي وينديون، خاص ڪري مئي جي مهيني کان وٺي ڊسمبر تائين. پر حقيقت اها آهي ته اهي اٺ هزار ڪاپيون رڳو بيوئينوس ايئرس شهر ۾ وڪامجي ويون.
انٽرويو وٺندڙ: توکي اهو خيال ڪيئن ٿيو ته ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ ماڻهن کي ايترو وڻندو؟
گارشيا مارڪئز: منهنجي ته خواب خيال ۾ به اهڙي ڳالهه نه هئي. ڇاڪاڻ ته آئون پنهنجي ڪم جو ڏاڍو خراب نقاد آهيان. ٻين ماڻهن مون کي ٻڌايو ته اهو ڪتاب ليٽن آمريڪا جي ماڻهن جي نِجي زندگيءَ ۾ گهڙي ويو آهي. اهو ڪتاب منهنجيءَ دل مان ڦٽي نڪتو هو. ماڻهن جيڪا اها ڳالهه ئي ته مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب جو مون پهريون عنوان ئي رکيو هو ’گهُر‘ مون ناول جي جيڪا اُڻت ڪئي هيم. انهيءَ ۾ مون ’گهر‘ کان قصو شروع ڪيو هو، پوءِ انهيءَ گهر تي پوندڙ ٻاهرئين اثرن جو ذڪر ڪيو هو. پر پوءِ جڏهن سڄو قصو ماڪانڊو شهر ۾ هليو ٿو وڃي ته مون ’گهر‘ وارو عنوان ختم ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪتاب جي باري ۾ جيڪا ٻي ڳالهه مشهور ٿي، اُها اِها هئي ته انهيءَ ڪتاب جي ڪردارن کي پڙهندڙ پنهنجي گهر جا ڀاتي ٿو سمجهي. انهيءَ ڪتاب جي مون فلم ٺاهڻ نه ڏني، ڇاڪاڻ ته ماڻهو جيڪي ڪردار ڏسي ٿو ڪتاب ۾، انهن کي تصور يا شڪل ۾ آڻي نٿو سگهي.
انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ناول تي فلم ٺاهڻ ۾ تنهنجي دلچسپي ڇا آهي؟
گارشيا مارڪئز: انهيءَ ناول تي فلم ٺاهڻ وارن کي ڀڄائڻ لاءِ منهنجيءَ ايجنٽ ڏهه لک ڊالر گهريا، پر فلم وارا پوءِ به نه مُڙيا ته قصو ٽيهه لک ڊالرن تائين پهچائي ڇڏيائين. مون کي انهيءَ ناول تي فلم ٺاهڻ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي ۽ جيترو مون کان پهچندو ته آئون فلم ٺاهڻ نه ڏيندس. ڇاڪاڻ ته ناول ۽ ان جي پڙهندڙن ۾ جيڪي تعلقات پيدا ٿي پيا آهن، آئون انهن تعلقاتن کي ٽوڙڻ نٿو گهران.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجو ڇا خيال آهي ته ڪتابن تان ڪامياب فلمون ٺاهي سگهجن ٿيون؟
گارشيا مارڪئز: آئون نٿو سمجهان ته ڪو سٺن ناولن تي سٺيون فلمون ٺاهي سگهجن ٿيون پر اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ اچي ٿي ته خراب ناولن تي سٺيون فلمون ٺاهيون ويون آهن.
انٽرويو وٺندڙ: تو پاڻ ڪڏهن فلم ٺاهڻ تي سوچيو آهي؟
گارشيا مارڪئز: هڪڙو زمانو هو، جڏهن مون فلم ڊائريڪٽر ٿيڻ پئي گهريو. انهيءَ لاءِ مون روم ۾ ڊائريڪٽريءَ جي سکيا به ورتي. منهنجو خيال هو ته سئنيما هڪ اهڙو ميڊيم آهي، جنهن ۾ ڪي حدون ناهن ۽ هر شيءِ کي فلم ۾ آڻي سگهجي ٿو. موٽي ميڪسيڪو آيس ته مون فلم تي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ئي، پر ڊائريڪٽر جي حيثيت جي بدران اسڪرپٽ رائيٽر جي حيثيت ۾. پر مون کي خبر پيئي ته فلم جيئن ته انڊسٽري آهي، انهيءَ ڪري فلم ٺاهڻ ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون آهن. تون جيڪي ڪجهه چوڻ چاهيندين، اُهو سڀ ڪجهه فلم ۾ چئي نه سگهندين. ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. آئون اڃا به دوستن ۾ ويهي فلم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندو آهيان، مڙيئي تفريح وٺڻ لاءِ، مون کي ڪا به اهڙي اُميد نه آهي ته فلم ذريعي آئون پنهنجون ڳالهيون سمجهائي سگهان. ائين آئون ڏينهون ڏينهن فلم کان پري ڀڄندو ويس. آئون ۽ فلم پاڻ ۾ اهڙا زال مڙس آهيون، جيڪي نه گڏ ٿا رهي سگهون ۽ نه ڌار ٿي ٿا سگهون. منهنجي اڳيان تون فلم ۽ ڪتاب رکندين ته آئون ڪتاب هٿ ۾ کڻي وٺندس.
انٽرويو وٺندڙ: هن وقت تون ڪيوبا تي ڪتاب لکي رهيو آهين، اهو ڪم ڪيئن پيو هلي؟
گارشيا مارڪئز: اصل ۾ اهو ڪتاب اخبار ۾ ڇپجندڙ ڪنهن ڊگهي مضمون وانگر آهي. جنهن ۾ اهو ٿو چوڻ چاهيان ته ڪيوبا جا گهر ڪيئن ٿا هلن. کوٽ ٽوٽ ۾ ڪيئن ٿو پورائتو ٿئي. اصل ۾ گذريل ٻن سالن ۾ مون ڪيوبا جا تمام گهڻا چڪر لڳايا آهن. اتي ’ضرورت جي ثقافت‘ جي ڪري ڪيتريون ئي رڪاوٽون پيدا ٿي پيون آهن. ماڻهن کي ڪيترين ئي شين کان سواءِ گذارو ڪرڻو ٿو پوي. مون کي ڪيوبا جي زندگيءَ جي جنهن خاص پهلوءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي پيئي آهي، اُها اِها آهي ته رڪاوٽن ماڻهن جي نفسيات تي ڪهڙو اثر ڇڏيو آهي. اسان وٽ دنيا ۾ هڪ پاسي کائڻ، پيئڻ ۽ کپائڻ وارو سماج پيدا ٿي پيو آهي ته ٻئي پاسي انهيءَ جي خلاف سماج پيدا ٿي پيو آهي. ٻنهين قسمن جي سماج ۾ هڪ ٽڪراءُ پيدا ٿي پيو آهي. اُهو ڪتاب سوچڻ کانپوءِ آئون انهيءَ نتيجي تي پهتو هوس ته اهو هڪ صحافيانه مضمون بڻجي پوندو پر اهو ڪتاب هاڻي هڪ ڊگهي ۽ منجهيل ڪتاب ۾ بدلجي چڪو آهي. پر مون کي انهيءَ ڳالهه جي پرواهه ناهي، ڇاڪاڻ ته منهنجا سڀ ڪتاب اهڙا ئي آهن. گڏوگڏ اهو ڪتاب ڪجهه تاريخي حقيقت جي ذريعي ڪيريبئن دنيا جي حقيقتن تي تخليقي ڪهاڻين تي ٻڌل هوندو. ائين جيئن ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ ۾ ٿيو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: تو وٽ ڊگهي مدي واريون اُميدون آهن يا ڪي نا اُميديون به؟
گارشيا مارڪئز: انهيءَ سوال جو اهو ئي جواب ٿيندو، جيڪو مون توکي شهرت جي باري ڏنو هو. اڳئين ڏينهن ڪنهن مون کان پڇيو هو، ”تون نوبل ادب انعام وٺڻ ۾ دلچسپي رکين ٿو؟“ پر آئون سوچيان ٿو ته جي اهو انعام مليو ته منهنجي وڏي تباهي آڻيندو. اها مون کي پڪ آهي ته آئون انهيءَ انعام جو حقدار آهيان، پر اهو انعام وٺڻ وقت مون کي اندران ٻاهران لوڏي وجهندو، جيئن شهرت هڻي مون کي منجهائي وڌو آهي، تيئن اهو انعام اڃا به وڌيڪ منجهائي وجهندو. جيتريقدر نا اُميدين جو تعلق آهي ته اُها اِها آهي ته مون کي ڌيءُ نه ڄائي.
انٽرويو وٺندڙ: ڪي رٿائون تنهنجي هٿ هيٺ هونديون. انهن جي باري ۾ ڪجهه ٻُڌائي سگهندين؟
گارشيا مارڪئز: مون کي اها پڪ بيٺي آهي ته آئون پنهنجي زندگيءَ جو سٺي ۾ سٺو ڪتاب لکندس پر اها خبر نه اٿم ته اهو ڪتاب ڪهڙو ۽ ڪيئن هوندو. آئون جڏهن اها ڳالهه سوچڻ ويهندو آهيان ۽ جيڪا هينئر به محسوس پيو ڪريان. اُها اِها آهي ته مون کي خاموش رهڻ کپي، ته جيئن انهيءَ ڪتاب جو مواد ۽ موضوع منهنجي ڀر مان لنگهي ته اُن کي پڪڙي وٺان.