شخصيتون ۽ خاڪا

ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟

دنيا جي نامياري اديبن جي انٽرويوز تي مشتمل هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ ۽ سنڌيڪار عبد القادر جوڻيجو آهي. هن ڪتاب ۾ پئبلو نيرودا، قرة العين حيدر، ميلان ڪنديرا، شيخ اياز، بلئس سينڊرارس، فيض احمد فيض، مايا ائنجليو، وليم بورو، وليم فاڪنر، گارشيا مارڪئز ۽ البرٽو موراويا جا انٽرويوز شامل آهن.
Title Cover of book ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟

بلئس سينڊرارس

(بلئس سينڊرارس (اصلي نالو فريڊرڪ ساسر) تاريخ پهرين سيپٽمبر 1887ع تي سئٽزرلينڊ جي شهر چاڪس ڊي فانڊس ۾ ڄائو. سندس پيءُ جيئن ته ڌنڌن جون مختلف رٿائون (جيڪي ڪڏهن به پوريون نه ٿيون.) هٿ ۾ کڻي ڏيهان ڏيهه پيو رلندو هو. ان ڪري سينڊرارس جي ننڍپڻ به پنهنجيءُ پيءُ اسڪندريه، نيپلس، برنڊسي ۽ نيوچاٽيل شهرن ۾ گذري.
بلئس سينڊرارس 15 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجو گهر ڇڏيو ۽ هيرن جي هڪ واپاريءَ سان وڃي شريڪ ٿيو. ٻنهي ڄڻن گڏجي واپار سانگي روس، ايران ۽ چين جو سفر اختيار ڪيو. 1910ع ۾ پيرس شهر ۾ بلئس سينڊرارس جي ملاقات ايپوفائر سان ٿي ۽ کانئس تمام گهڻو متاثر ٿيو. ان وقت اهو صاحب علم ۽ آرٽ جي حلقن جو مائي باپ ڪري ليکيو ويندو هو.
بلئس سينڊرارس پنهنجو پهريون طويل نظم `Les Paques a New York`1912ع ۾ آمريڪا ۾ ويهي لکيو. 1918ع ۾ اهو طويل نظم ۽ ٻيا طويل نظم گڏي پنهنجو پهريون ڪتاب شايع ڪرايائين. 1931ع ۾ آمريڪا جي مشهور ليکڪ جان ڊاس پاسوز سندس انهن نظمن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايو. سندس انهن نظمن جو جديد شاعريءَ جي پيڙهه ٻڌڻ ۾ وڏو حصو آهي.
بلئس سينڊرارس انهن نظمن کان پوءِ ناولن ۽ سوانحي ناولن لکڻ جو سلسلو به شروع ڪيو جيڪي هن ريت آهن:
Moravagine(1926) sutter’s Gold (1926), L’or (1924). Rhum (1930). Les Confessions de Dan yack (1929)
جڏهن ٻيءَ عظيم جنگ ڇڙي ته بلئس سينڊرارس رپورٽر جي حيثيت ۾ برطانوي فوجن سان شريڪ ٿي ويو. 1940ع ۾ جڏهن پيرس جرمنن جي هٿ ۾ آئي ته پاڻ سڀڪجهه ڇڏي ايڪس پراوينس ۾ رٽائر زندگي گذارڻ لڳو ۽ سندس لکڻ بند رهيو. 1944ع ۾ ٻيهر لکڻ شروع ڪيائين ۽ پنهنجين يادگيرين تي مشتمل هڪ ٻئي پويان ڪتاب لکندو ويو، جيڪي هن ريت آهي:
La Main Coupee (1946) L’ Homme Fourdroye (1945) Trop & Le Lotssement du Ciel (1949), Bour linguer (1948) C’est Trop (1957)
1957ع کانپوءِ جلد ئي کيس بيماري ٿي پيئي ۽ بيماريءَ وگهي مفلو ٿي پيو ۽ تاريخ 21 جنوري 1961ع تي پيرس ۾ وفات ڪيائين.)

بلئس سينڊرارس

انٽرويو وٺندڙ: مائيڪل مينول

انٽرويو وٺندڙ: سڀئي ليکڪ اِها دانهن ڪندا آهن ته لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ۽ ليکڪ کي ڌار ڌار دٻائن هيٺ رهي لکڻو ٿو پوي. اِها ڪيتري قدر حقيقت آهي؟
سينڊرارس: اديب مڙيئي پنهنجو پاڻ کي پڏائڻ ۽ ڳالهه کي دلچسپ بنائڻ جي چڪر ۾، ڳالهه کي ڳالهوڙو بنائي ڇڏيندا آهن. کين پنهنجي فن جي بدلي ۾ جيڪا موٽ ملندي آهي، جيڪا حاصلات ٿيندي آهي ۽ جيڪي سندن ڀاڳ کُلندا آهن، انهن جو به ته ذڪر ڪرڻ گهرجي. اهو ڇا آهي ته ’آءُ هيئن، آءُ هونئن.‘ پاڻ کي اِها ڳالهه صفا ڪو نه وڻي. آخر جيڪا ٻي خلق ويٺي آهي، اها کانئن ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ گهٽ آهي. سڀڪو پنهنجيءَ هڻ پٽ ۾ پورو آهي. اڪثر ماڻهو ويچارا ته سوسائٽيءَ جي مشين جا پرزا ئي آهن، جيڪي سوسائٽيءَ جي گيئرن کي صاف ڪري اڳتي هلائڻ ۾ ڪم ايندا رهندا آهن. آءٌ جڏهن کان پيرس موٽي آيو آهيان، ته گهر جي دريءَ مان ويهي تماشو ڏسندو آهيان ته دل دکندي اٿم. دريءَ جي بلڪل سامهون مقرر وقت تي مقرر جاءِ تي گاڏي اچي بيهندي آهي ۽ سوين ماڻهو اوڳاڇيندي آهي ۽ ايترائي ماڻهو ڳڙڪائي رواني ٿي ويندي آهي. ماڻهو نه ٿيا الاءِ ڇا ٿيو. اِها ڪا زندگي ته نه آهي. اِهو عمل انساني ته لڳيئي نٿو. اِها ته وڏي غلامي آهي. چڱا مَٺا سڀ غلام ٿا لڳن. زندگيءَ جو اِهو واهيات پڻو ته ختم ئي ٿيڻ کپي.
مون جهڙو عام ماڻهو جديد زندگيءَ جو ڏاڍو عقيدتمند آهي. نين نين فيڪٽرين جو واکاڻي آهي. پر ٿوري وقت لاءِ ويهي انهن فيڪٽرين ۽ انهيءَ جديد زندگيءَ تي سوچجي ٿو ته آخر اِهي شيون اسان کي ڪيڏانهن پيو وٺيو وڃن ته پوءِ ته تاڪ ٿا لڳيون وڃن. سچ ڪري پڇين ته اڳتي هلي معاملو ڏاڍو خراب ٿيندو.
انٽرويو وٺندڙ: ٻڌو اٿم ته تون وڏي فجر ڏيئي اُٿندو آهين ۽ پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لکندو رهندو آهين؟
سينڊرارس: مون کي خبر آهي ته ڪم وڏي لعنت آهي. ان ڪري مون ڪم کي ڪڏهن به عادت نه بنايو آهي. ان هوندي به ائين ضرور آهي ته جيئن ٻيا مقرر ٿيل گهڙيءَ کان مقرر ٿيل گهڙيءَ تائين ڪم ڪندا آهن، ائين مون کي به ڪرڻو پوندو آهي. آءٌ هاڻ پنجونجاهيءَ کان مٿي چڙهي ويو آهي. سوچيو هئم ته چار ڪتاب لکي وٺان، سو لکيا اٿم. گهڻي ئي لکيو اٿم. لکڻ لاءِ ڪو خاص طريقيڪار نه اٿم. بس ڪوشش ڪيم ۽ لکي ويس. رڳو اِهي ڪتاب ڪلهي تي رکي جيئڻو نه اٿم. ڪتابن لکڻ کان سواءِ ماڻهوءَ کي ٻيا به ڌنڌا ڌاڙي هوندا آهن. آخر زندگي رڳو ڪتابن جي ڀَرَ تي ته نه گهارڻي آهي.
ليکڪ لاءِ اِهو ڪو ضروري نه آهي ته هو اهڙي هنڌ ويهي لکي جتي لکندي لکندي اک مٿي کڻي ته سهڻا نظارا پسي. ليکڪ کي ته جيروم وانگر کُڏيءَ ۾ به ويهي لکڻ گهرجي. نظاري کي پُٺ ڏيئي به لکي سگهجي ٿو. لکڻي اصل ۾ روح جو نظارو آهي- ’دنيا اها آهي جيڪا آءُ ٿو پيش ڪريان.‘ انسانيت پنهنجي افساني تي جيئندي آهي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو جڏهن فاتح ڪو ملڪ فتح ڪندو آهي ته هو سڄي ملڪ تان ڦرهي ڦيري ان کي اهڙو بنائڻ چاهيندو آهي، جهڙو سندس دل گهرندي آهي. اڄڪلهه ته آرسيءَ ۾ به منهن ڏسڻ تي دل نٿي چوي.
ايپولي فائر کي پيرس شهر ۾ پنهنجو عاليشان گهر آهي. گهر ۾ وڏا وڏا شاندار ڪمرا اٿس. ٽئين ماڙ تي عاليشان آڳر اٿس، جتي ويهي جي نظر ڌر جي ته نظارن مان اک نه ڍاپي، پر هو آڳر يا ڇت تي ويهي لکڻ جي بدران بورچيخاني ۾ ويهي لکندو آهي. اتي به اهڙي سوڙهي ميز ڪرسي رکي اٿس، جنهن تي ويهي لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.
پيسون جو ته گهر ئي ٽڪرين ۾ ٺهيل آهي. ان گهر جي آڳر ۾ ويهي ماٿريءَ ۾ نهاريو ته سهڻي کان سهڻا نظارا ڏسڻ ۾ ايندا. پر هو انهن ڪمرن ۾ ويهي لکڻ بدران، گهر جي پُٺ ۾ ٺهيل پنهنجيءَ لئبرريءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي لکندو آهي. پاسي کان هڪ ننڍڙي دري اٿس، پر اُها به گلن سان ڍڪيل هوندي آهي. منهنجو پنهنجو گهر ٻهراڙيءَ ۾ آهي. انهيءَ گهر جي مٿئين ماڙ وارن ڪمرن ۾ ويهبو ته سامهون سهڻو باغ ڏسڻ ۾ ايندو. پر آءٌ مٿئين ڪمرن جي بدران هيٺ هڪ اهڙي ڪمري ۾ ويهي لکندو آهيان، جنهن جي هڪ دريءَ مان سامهون ڀت ڏسڻ ۾ ايندي ته ٻئي پاسي طابيلي ڏانهن ويندڙ چور گهٽي.
منهنجي تمام گهٽ اديبن سان ملاقات ٿي. پر انهن سڀني مان مون کي هڪڙو نظاري باز اديب سُجهي ٿو، جنهن جي مغز تي نيپولين جو ڀوت سوار ٿيل آهي. هو پنهنجي گهر ۾ اهڙي ڪمري ۾ ويهي لکندو آهي، جتان دريءَ مان آرڪ ڊي ٽرومڦي جي تاريخي عمارت سڄي جي سڄي ڏسڻ ۾ ايندي اٿس. پر سندس گهر جي اها دري اڪثر بند هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته سندس مرشد سڳوري(نيپولين) جو اِهو ڪارنامو کيس انسپائر نه ڪري سگهندو آهي، ۽ سندس کنڀ ٻڌل هوندا آهن. ڪن ڏيئي ٻڌندؤ ته همراهه پنهنجي اسٽڊيءَ جي ڪمري ۾ ايندو ويندو، پنهنجون سٿرون ڪُٽيندو، پنهنجا لکيل جملا ٻاڪاريندو، ڪنجهڪارون ڪندو، رئندو ۽ جفاڪشيون ڪندو ٻڌڻ ۾ ايندو. انهيءَ وقت سندس زال نوڪرن کي چئي ڇڏيندي آهي ته ”صاحب پنهنجي فن جي مستيءَ ۾ آهي، مٿي ڪو به ڌيان نه ڏيو.“
انٽرويو وٺندڙ: پڙهيو به ڏاڍو هوندءِ؟
سينڊرارس: تمام گهڻو پڙهيو اٿم. پڙهڻ منهنجو خفت آهي. آءٌ مختلف هنڌن تي مختلف ماحولن ۾ هر قسم جا ڪتاب پڙهندو آهيان، جيڪو ڪتاب ور چڙهندو اٿم ان کي چٽي ويندو آهيان.
انٽرويو وٺندڙ: تو هڪ هنڌ چيو آهي ته تولاءِ پڙهڻ زمان ۽ مڪان ۾ سفر ڪرڻ نه آهي بلڪه ڪردار جي اندر ۾ بنا اٺسٺي جي پيهي وڃڻ آهي؟
سينڊرارس: پڙهڻ منهنجو وڏو نشو آهي. قلم جي مس مون کي نشي ۾ آڻي ڇڏيندي آهي.
انٽرويو وٺندڙ: ڪجهه غير معمولي شيون به پڙهيون هوندءِ؟
سينڊرارس: ڪيپٽن ليڪ روئڪس نالي هڪ پوڙهو جهازي آهي. سندس لکيل ڪتاب نه آهن، پر ڪتابن اندر ميڙا متل آهن. قسمت سان ساڻس ملاقات ٿي نه سگهيو آهيان. نئنتيس ۽ سائنٽ ناذائر شهرن ۾ ڳولا ڪئي مانس، پر ملي نه سگهيوسانس. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته همراهه اسي ورهين کي پهتل آهي، پر اڃان تائين ڀڙ لڳو پيو آهي. جڏهن ڏٺائين ته هاڻي سامونڊي سفر اختيار ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ته وري ٻيڙن جو ويمو ڪرڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيو اٿس ۽ اڃا تائين اونهي ۾ ٻيڙيءَ کي ائين آلائيندو آهي، جو کيس پنهنجي زندگيءَ جي ٻيڙيءَ جا ڪڻٺا ياد اچي ويندا آهن. انهيءَ عمر ۾ اهو وڏو ڪارنامو آهي. مون کي لڳي ٿو ته هو پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي گهر مَچُ دُکايو ويٺو آهي. سامونڊي هوا سندس گهر جي مٿان گهلي رهي آهي. سياري جون راتيون ڊگهيون آهن ۽ هو وقت گذارڻ لاءِ لتاڙيل ستن سمنڊن ۽ ٻيڙين کي ياد ڪري ڪتاب مٿان ڪتاب لکندو وڃي.
سندس انهن ٿلهن ڪتابن ۾ ڏاڍي سچائيءَ سان اڪيومينٽيشن ٿيل آهي. ڪن ڪن هنڌن تي اهي ڪتاب ٿورا ٿورا ڳرا لڳن ٿا، پر منجهن ڏاڍي تازگي هوندي آهي، پڙهندي ٿڪائين نٿا. کيس جيئن حالتون درپيش اينديون ويون آهن، هو جيڪي ڪجهه ڏسندو ويو آهي، اُهو لکندو ويو آهجي. کيس ڪيپ هارن کان وٺي چيني سمنڊ تائين ۽ تسمانيه کان وٺي يوشانت تائين جيڪا به شيءِ ڏسڻ ۾ آئي آهي، ان جو تذڪرو ڪيو اٿس- لائيٽ هائوس، وهڪرا، هوائون، سامونڊي ڇپون، طوفان، وانئرون، ٻيڙا، سامونڊي آمدرفت، جهازن جون برباديون، مڇيون، پکي، آسماني ڏيک، سامونڊي آفتون، تاريخ، ريتون رسمون، قومون، سمنڊ سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ پنهنجيون پراڻيون چوڻيون مطلب ته ڪا شيءِ ڇڏي نه اٿس. هڪ ايماندار سامونڊيءَ وانگر جنهن ڏينهن کان ٻيڙن جي پيار ۾ سمنڊ جي ڇاتيءَ تي پير رکيو اٿس، ان ڏينهن کان وٺي هڪ هڪ ڳالهه چٽي اٿس. ها! ان ڪتاب کي تون هروڀرو ادب جي خاني ۾ به جاءِ ڏيئي نٿو سگهين. ڪتاب جي هر صفحي تي توکي ڪجهه نه ڪجهه حاصلات ٿيندي. ۽ ڪتاب جا پورا ڏهه ٿلها جلد آهن. ڪتاب جيترو دلسوز آهي اوترو ئي سندس وانگيان سادو آهي. پڙهڻ سان ائين لڳندو آهي ڄڻ پنهنجيءَ آڱر سان دنيا جي سڄي گوليءَ کي ڇُهي ورتو هجيس.
ان کان سواءِ نوسترا داموس جا پيشنگوئين وارا شعر آهن، جيڪي ايڏيءَ سهڻيءَ زبان ۾ لکيل آهن، جو پڙهڻ سان اندر ٽڙيو پوي. حالانڪه منجهن ابهام به ڏاڍو آهي. اِهي شعر پاڻ چاليهن سالن کان پڙهندو اچان. اهي شعر پڙهندو نه پر پيئندو ۽ اوڳاريندو رهندو آهيان. پر ان جي باوجود اڄ تائين اهي شعر چڱيءَ طرح سمجهه ۾ نه آيا اٿم. نظم يا نثر کي سمجهڻ لاءِ آئون ڪنهن گائيڊ وغيره کي هٿ نه لائيندو آهيان. هيستائين جيڪي به گائيڊون ڇپيون آهن، اُهي سڀ نظرن مان ڪڍيون اٿم. سڀ بي معنيٰ ۽ ڪوڙيون آهن. ڪو هڪڙي گائيڊ ڇپيندو آهي ته ٻن ٽن سالن کان پوءِ وري ڪو ٻي گائيڊ ڇپيندو آهي ۽ اڳئين گائيڊ کي رد ڪري ڇڏيندو آهي. ڪُلف بند جو بند رهندو آهي. ڪنجي ڪنهن کي به هٿ نه ايندي آهي. ڪُجا گائيڊن جي مڪينزم ڪجا اعليٰ تخليق جو ڪم. فرينچ زبان ۾ هيتائين جيڪي به عظيم شاعر پيدا ٿيا آهن، نوسترا داموس انهن مان هڪ آهي.
انٽرويو وٺندڙ: هن وقت پڙهڻ لاءِ تازو ڪهڙو ڪتاب ڳولي لڌو اٿئي؟
سينڊرارس: پڙهڻ لاءِ تازو جيڪو ڪتاب ڳولي لڌو اٿم ان جو عنوان آهي`Reportoire General` اهو ڪتاب ريتن رسمن جي ڊڪشنري آهي. 1937ع ۾ ڇپيو آهي. ٻن وڏن جلدن تي ٻڌل آهي ۽ منجهس 58 ڪلو وزن آهي. آءٌ جيڏانهن به ويندو آهيان ته اهو ڪتاب گڏ کڻي ويندو آهيان. ڇاڪاڻ ته آءٌ ميري ميگلڊالين جي سوانح تي مشتمل هڪ عدد ناول لکي رهيو آهيان. ميري ميگڊالين دنيا جي اها واحد عورت آهجي، جنهن حضرت عيسيٰ کي رئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ڪتاب لکڻ ۾ ريتن ۽ رسمن جي فهرست جي ضرورت پوندي اٿئي ڇا؟
سينڊرارس: منهنجا مٺڙا سائين مسئلو ٻوليءَ جو آهي. ڪيترا سال ٿيا آهن جو آءٌ جڏهن به ڪو ڪتاب لکندو آهيان ته ڪتاب لکڻ کان اڳ لفظن جو ذخيرو گڏ ڪندو آهيان. مثلنِ `L’ Homme Foundroye’ لکڻ کان اڳ پورا ٽي هزار لفظ گڏ ڪري لڪکي رکيا هئم ۽ جڏهن ڪتاب لکڻ ويٺس ته ٽيئي هزار لفظ ڪتاب ۾ استعمال ڪيم. انهن لفطن منهنجو تمام گهڻو وقت بچايو ۽ منهنجيءَ لکڻيءَ کي گهربل روشني عطا ڪيائون. اِهو طريقو مون پهريون ڀيرو استعمال ڪيم. انهن لفطن منهنجو تمام گهڻو وقت بچايو ۽ منهنجيءَ لکڻيءَ کي گهربل روشني عطا ڪيائون. اِهو طريقو مون پهريون ڀيرو استعمال ڪيو هو، جيڪو ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو. مسئلو سڄو ته ٻولي ئي آهي. ٻولي اُها شيءِ اٿئي، جنهن مون کي ڌتاريو آهي، بگاڙيو آهي، ٺاهيو آهي ۽ ڦٽايو آهي. جيئن ته آءٌ شاعر آهيان، ان ڪري ٻوليءَ جي معاملي ۾ ڏاڍو حساس آهيان. ٻوليءَ ۾ صحيح يا غلط تي منهنجي نظر رهي ٿي. گرامر کي مون هميشه نظر انداز ڪيو آهي، بلڪه ڌڪاريو آهي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ڌڪاريندو رهندس. پر ان جي باوجود آءٌ ڊڪشنرين جو وڏو پڙهاڪو آهيان. ڇاڪاڻ ته منهنجو ڌيان هجي ۽ اُچارن تي رهندو آهي. هجي ۽ اُچار ئي ٻوليءَ کي زندهه رکندا آهن. آلاپ اڳ ۾ پيدا ٿيو آهي، لفظ پوءِ پيدا ٿيا آهن. پکين جا آواز ئي ٻڌي ڏس ته خبر پئجي ويندءِ.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته ٻولي اهڙي شيءِ نه آهي جيڪا هڪ هنڌ ڄمي ويل يا مُئل آهي، بلڪه هڪ اهڙي شيءِ آهي، جيڪا زندگيءَ ۽ حقيقت سان ڳانڍاپيل آهي ۽ زندگيءَ سان گڏ سفر ڪندي رهي ٿي؟
سينڊرارس: اهو ئي ته ڪارڻ آهي جو ريتن رسمن جي فهرست تي ٻڌل ڪتاب`Reportoire General` مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي. مثلن: `Ribbon`لفظ کي ئي کڻي وٺ. ان اکر جي معنيٰ پورن 21 صفحن تي ڏنل آهي. عجب ته اِهو آهي جو اهو لفظ هن وقت جي الٽرا ماڊرن دنيا ۾ ۽ نئين مشينن ۽ ڪارخانن جي دنيا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڪم اچي ٿو.
انٽرويو وٺندڙ: لوڪ ادب ۾ تنهنجي دلچسپي ڪڏهن ۽ ڪٿي پيدا ٿي؟
سينڊرارس: منهنجي سڄي حياتي گيرارڊي نيروال جي تخليقن جي اثر هيٺ گذري آهي. مون کي مقبول عام شاعري ۽ لوڪ گيتن سان جيڪو پيار آهي، اُهو سندس ئي تخليق جو پيدا ڪيل آهي. آءُ سڄيءَ دنيا ۾ روس، چين ۽ برازيل وغيره جتي جتي به ويو آهي اُتي جي موسيقيءَ ۾، شاعريءَ ۾، ۽ ادب ۾ دلچسپي ورتي اٿم. ٻڌو اٿم، پڙهيو اٿم ۽ نوٽ ڪيو اٿم. ڊوملس جون لکڻيون، محلاتي سازشن تي ٻڌل ناول، ٽائپسٽن جي پيار تي ٻڌل ڪهاڻيون- اهي سڀ پڙهڻ جهڙيون شيون آهن. دنيا جي سڀني اسٽينو گرافرن جي ذهنيت تقريبن ساڳي ئي آهي. هر ملڪ ۾ ادب جا ڪي نه ڪي اهڙا نمونا هوندا آهن، جيڪي وڏي عام مقبوليت رکندا آهن. جيئن `The key of dreams` آهي يا `The language of flowers` يا ٻيا اهڙا هزارين مثال موجود آهن. مڃان ٿو ته گهورڙين جيڪو لوڪ ادب تخليق ڪيو آهي، پيرس جهڙي شهر ۾ اُن جو اُهو ساڳيو مان نه آهي پر برازيل جهڙن ملڪن ۾ اڄ به ويندؤ ته اُتي جي اڻ پڙهيلن ۾ ’ڪامڻ‘ ۽ ’ست بگهاڙي‘، ’ڪنڌ وڍيو چراغ‘، ’اڇي مائي‘، جنن ڀوتن جا قصا، پرين جون آکاڻيون، سورمن جا قصا، مسافرن جا جوکا، ڏاڍن مڙسن جا ڏاڍ مڙسيون، مطلب ته ڪيترن ئي قسمن جا ادب پارا مشهور آهن. ان کان سواءِ انگلينڊ جا جاسوسي ناول، آمريڪي ڪائو بوائز جا قصا ۽ عشق و محبت متعلق ٺهيل فلمون به انهيءَ ادب جو ئي حصو آهن، جنهن ادب جي پيڙهه لوڪ ادب ۽ عوامي ادب تي ٻڌل آهي.
انٽرويو وٺندڙ: برازيل جو جيڪو لوڪ ادب آهي، اهو شيدين جي لوڪ ادب تان ته ورتل نه آهي؟
سينڊرارس: نه. اِهو ادب پورچو گال مان آيل آهي. گهورڙئي جو پيدا ڪيل جيڪو به لوڪ ادب آهي، اُهو پورچو گال مان ئي آيل آهي. هونئن اهو ادب برازيل جو قومي ادب آهي. اُن ادب جي جُڙت ۾ اُتي جي استادن جو حصو نه آهي، بلڪه استاد اديب ان کان ئي متاثر آهن. اِها ٻي ڳالهه آهي ته اهي استاد اديب فرنيچ زبان جي ادب کان به متاثر آهن. برازيل جي اديبن جي جيڪا صفا نئين پيڙهي آهي، اُها اتر آمريڪا جي انهن اديبن کان متاثر آهي، جيڪي اديب ٻن جنگين جي وچ ۾ پيدا ٿيا ۽ زندگيءَ جو وچ عرصو پيرس ۾ به گذاريائون. انهن اديبن ۾ هيمنگوي، جان ڊاس پاسوس ۽ هينري ملر اچي وڃن ٿا.
انٽرويو وٺندڙ: پر جيڪي شيدي اُتي اچي آباد ٿيا آهن، انهن ڪجهه ته لکيو هوندو؟
سينڊرارس: شيدين جي ڳالهه ٿو ڪرين، غلام ويچارا لکندا ٿورو ئي آهن. سندن لکڻ تي ته پابندي هئي. انهن مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ٻه اکر پڙهي وٺندو هو ته اُها ئي وڏي ڳالهه هوندي هئي. اهو ته ٺهيو پر برازيل ۾ مورڳو ڪتابن ئي ڇپڻ تي پابندي لڳل هئي. پورچو گال مان ڪتاب ڇپجي ايندا هئا. 1818ع ۾ شهنشاهه جي حڪومت دوران پهرين پريس ريوڊي جينرو ۾ لڳي. ان کان اڳ اُتي پريس به ڪا نه هئي. 1633ع کان 1696ع جي وچ ڌاري تائين گريگوريو ماتوس نالي هڪ شاعر پنهنجا شاهڪار شعر لکيا هئا، جن ۾ بيٺڪي راڄ جي سماج تي وڏي طنز ٿيل هئي. اهي شعر 1882ع ۾ ريوڊي جينرو ۾ ڇپيا. 1882ع کان اڳ ۾ اهي شعر مخطوطن ذريعي ۽ زباني طرح سماج جي هڪ خاص طبقي يعني باهيا جي بوهيميا طبقي ۾ گردش ڪندا رهيا.
انٽرويو وٺندڙ: اهو شاعر ته شيدي نه هو؟
سينڊرارس: نه. سندس پيءُ وڏو زميندار هو. سندن ٻنيءَ تي 130 شيدي غلامن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندا هئا. ڀاڳ وارو ماڻهو هو، جو کيس پورچو گال جي مشهور يونيورسٽي ڪوئمبرا ۾ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو. همراهه پورچو گال مان پڙهي جڏهن باهيا موٽيو ته وات بند ئي نه ٿيئس، ملامتن ۽ گارين جا ڌوڙهيا چاڙهيو ويٺو هو. ان ڪري کيس انگولا ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو. جلاوطني ختم ڪري جڏهن واپس موٽيو ته همراهه ڪاوڙ ۾ اڳي کان به رتيون ڪسر بيٺو هو، اُن ڪري کيس ڪجهه عرصي لاءِ پرنامبوڪو ۾ سندس گهر ۾ ئي قيد رکيو ويو. اُتان آزاد ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي حالت سڌارڻ جي بدران نشي ۾ ٽٻ ۽ بندرگاهه ۾ڪم ڪندڙ نيگرو ڇوڪرين سان عياشيءَ ۾ غرق رهڻ لڳو. ان شاعر جيڪي پيار جا گيت لکيا آهن، انهن مان ڪجهه گيت ته اهڙا آهن جو دل کي جهٻيون ڏيو ڇڏين. مسڪيني حال ۾ وفات ڪيائين. جڏهن کيس هڪ غريب ماڻهوءَ وانگر دفن ڪيو ويو ته سندن سڄي ملڪيت رڳو هڪ گٽار ئي هئي.
انٽرويو وٺندڙ: 15 سالن جي ڄمار ۾ جڏهن تون گهران ڀڄي نڪتين ته اها تنهنجي رٿا اڳ ۾ رٿيل هئي يا ائين منهن ڪري ڀڳو هئين؟ موٽڻ جو به خيال هيئي يا نه؟
سينڊرارس: مون اوڀر طرف رُخ رکيو. ڇاڪاڻ ته مون کي جيڪا پهرين ٽرين ملي اُها اوڀر طرف پئي ويئي. ان جي جاءِ تي جيڪڏهن اولهه طرف ويندڙ ڪا ٽرين مليم ها ته ڪر ايشيا جي بدران اولهه طرف آمريڪا مان وڃي نڪران ها.
انٽرويو وٺندڙ: جنهن تاريخ تي تون گهر کان ڀڳين، اُها تاريخ تنهنجي حياتيءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان تاريخ کان پوءِ تنهنجي زندگي ٻن واٽن ۾ ورهائجي ويئي. هڪڙي واٽ ايشيا جا جوکا هئا ۽ ٻي واٽ مغرب جا جوکا. ڀانيان ٿو ته تڏهانڪر تو وٽ مٿي ڍڪڻ لاءِ ڇت ئي نه هئي؟
سينڊرارس: اِهي واٽن ۽ حصن ۾ ورهائجڻ جون ڳالهيون تڏهن ڪبيون آهن، جڏهن پنهنجي متعلق ويهي افساني طرازي ڪبي آهي. منهنجي زندگيءَ جا ٻه حصا رهيا ئي نه آهن. ها! ائين ته ڪو چاهي ته ٻه حصا ته ڇا پنهنجي زندگيءَ جا چار، اٺ، يا ٻارهن سورهن حصا به ڪري سگهي ٿو.
انٽرويو وٺندڙ: Transsiberien`, Paquese a New york` ۽ `Panama`جهڙا نظم لکي ٿو ته جيڪو نئون تجربو ڪيو، سيٽن ۽ تِک آندءِ ۽ شاعريءَ جي نئين ٽڪنڪ اختيار ڪيئي. ان تجربي کي اڳتي هلي تو ڇو نه جاري رکيو؟
سينڊرارس: 1917ع ۾ مون هڪ نظم لکيو هو. اُهو هڪ ڀرپور جديد نظم هو، جنهن ۾ مون پنهنجي اندر جي پوري قوت ڀري ڇڏي هئي. اهو نظم آڪوتا (Anti- poetic) هئو ۽ ان جي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. مون ان ئي وقت سوچي ڇڏيو هو ته اهو نظم نه ڇپائبو، ۽ اهو ڏسبو ته ٻيا جيڪي جديد شاعري لکي رهيا آهن، ڏسان ته اُهي ڇا ٿا ڪن. اهو نظم لکي صندوق ۾ بند ڪيم ۽ اُها صندوق ٻهراڙيءَ جي هڪ بالاخاني ۾ رکي ڇڏيم ۽ سوچيم ته ڏهن سالن کان پوءِ اهو نظم ڇپائبو. ان ڳالهه کي چاليهارو سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، پر سوچيان ٿو ته اڃا تائين ان جي ڇپائڻ جو وقت نه آيو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: ان نظم جو عنوان شايد `Au Coeure du Monde` ته نه آهي؟
سينڊراس: ها! ڏس نه! ڇپجڻ کان اڳ ئي مشهور ٿي ويو آهي. هڪ ايڊيٽر مون کي ٻه هزار ڊالر آڇيا به آهن ته به نٿو ڏيانس. توکي اڳ ۾ ئي ٻڌايو اٿم ته آءٌ هاڻي نظم لکندو نه آهيان، پر پنهنجي ليکي اُچاريندو رهندو آهيان ۽ ائين ڪرڻ سان مون کي ڏاڍو مزو ايندو آهي. آئون نٿو چاهيان ته پنهنجي شاعري ڪنهن کي ٻڌايان، پوءِ ڀلي ڪو گهاٽو يار کڻي ڇو نه هجيم. اها شاعري آءٌ لکندو نه آهيان. ان مان اهڙو ئي مزو ايندو اٿم، جيئن پهه پچائڻ مان ايندو آهي، جيئن ڪو راز ٻين کان لڪائي مزو ايندو آهي. هونءَ ايڏي خود غرضي آهي ته گناهه.
لکڻ جو ڌنڌو خلوص جي باوجود بي شڪرائيءَ وارو آهي. منجهائنس تمام ٿورو اطمينان ٿيندو آهي. پنهنجو پاڻ کي صفا ڪڏهن ڪڏهن ائين چئي سگهبو آهي ته ”ميان سينڊرارس اطمينان جوڳو اٿئي!“ ...ڪتاب ته لکجي پورو ٿيندو آهي، پر لکندڙ نراس ئي رهندو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجا نظم The`Transsiberien`, Paques a New york`۽ ...
سينڊرارس: پهرين اهو ٻڌاءِ ته انهن نظمن جو ڪٿي تذڪرو نڪتو آهي ڇا؟
انٽرويو وٺندڙ: انهن نظمن جو گهڻو ئي تذڪرو ٿيو آهي. انهن نظمن کي جديد شاعريءَ جو بنياد سمجهي محفل ۾ پڙهيو ويو آهي. اهي نظم جديد اُمنگ جو ذريعو آهي.
سينڊرارس: اها ڳالهه قطعي غلط آهي. آءٌ ڪنهن به شيءِ جو بنياد نه آهيان. بلڪه جيڪا هيءَ جديد دنيا آهي، جيڪا وچئين دور وانگر وسيع ۽ لذيذ آهي، اِها ئي دنيا بنياد آهي، آهنگ جو ذريعو آءٌ نه پر وائلن آهي. جيڪڏهن ميڪس جيڪب جي لکپڙهه ڇپجي پوي ته پوءِ پتو پوندو ته شيءِ جو اصل بنياد ڪهڙو آهي، ان جا ذريعا ڪهڙا آهن ۽ ان جي موڪلاڻي ڪهڙي آهي ۽ ان جي پهچ ڪهڙي آهي. اهو ئي ماڻهو آهي، جنهن کي اِها خبر آهي ته ناريل جو وڻ ڪيئن ڌوڻجي. اهو ئي ماڻهو آهي جنهن کي اِها خبر آهي ته ڪوڙو ڪير آهي- سچو ڪير. خالص ڪير آهي ته گاڏڙ ڪير ۽ سندس زبان! سائين سندس زبان کان الله پناهه ڏي. ڳالهه کي ايترو ته نٿو ڇاڇولي جو ڪر شيطان پاڪ پاڻيءَ کي به ايترو نه ڇاڇولوي.
شاعرن لاءِ چوڻ ۾ ته هاڻ ڪا به وندر نه رهي آهي، جيڪا وڏي مصيبت ٿي لڳيم. حقيقت اها آهي ته شاعر حضرات جنهن به شيءِ کي ڇُهن ٿا ان کي ايترو سنجيدگيءَ سان ٿا ڇُهن جو وندر رهي ئي نٿي.
انٽرويو وٺندڙ: جوانيءَ ۾ ڪو انڌو شوق ته نه ڪيئي؟
سينڊرارس: منهنجا مٺڙا سائين! انهيءَ زماني ۾ ڪمرشل ليکڪن کي ته سِٽن جي حساب سان پئسا ملندا هئا. پر ايپولي فائر جهڙو مهان ليکڪ مهينن جا مهينا معمولي معاوضي جو ۽ نوڪريءَ جو انتظار ڪندو هو. اهو ئي ڪارڻ هو جو هن مانيءَ ڳڀي ڪاڻ فحش لکڻيون لکيون. تون اندازو ئي نٿو لڳائي سگهين ته ان وقت اسان لاءِ سڀ در ڪيئن بند هئا. اوهين اڄڪلهه جا ليکڪ ته موجن ۾ آهيو. انهن ڏينهن ۾ ريڊيو ۽ اخبارن ۾ مطلب ته هر هنڌ منهنجي نوجوان ليکڪن سان ملاقات ٿيندي رهندي هئي. 1914ع کان اڳ جن کي نوڪرين جو کپ هوندو هو، انهن کي نوڪري ڏياريندڙ آفيسن جي درن تي بيهي بيهي پيرن تي هيٺان ڄمي ويندا هئا، پر انهن لاءِ در نه کلندا هئا. ٻيا همراهه وري شهر جي گهٽين ۾ سانن ۽ ڍڳن وانگر کيچل لڳايو ويٺا هوندا هئا. نوڪري نٿي ملي ته وڃي ڊوڙ ۾ پوي، ماڻهو پنهنجي کِل کڙڪو ته نه وڃائي! کلي وقت گذاريوسين. پيرس جون ڇوريون به واهه جون هونديون هيون.
انٽرويو وٺندڙ: موجوده پيڙهيءَ ۾ خچرپڻو آهي؟
سينڊرارس: هر ماڻهوءَ جو پنهنجو مزاج آهي ۽ اِهو مزاج هر نوجوان ماڻهوءَ جو حق ٿئي ٿو. سانَ ڍڳي کي جيستائين ڪُهي، ان جو گوشت لُوڻي، دٻن ۾ بند ڪري ٻاهر نه موڪلبو، تيستائين سندس کيچل بازي جاري رهندي. نوجوان جي حيثيت ۾ هڪ صلاح ٿو ڏيان ته اخبار جو، ريڊئي جو، سئنيما جو، بئنڪ جو- ڪنهن جو به در کليل ڏسين ته اندر نه گهڙ. ٽيهن سالن جي ڄمار کي پهچڻ کان پوءِ ته ماڻهوءَ جو قصو ئي ڪوتاه ٿيو وڃي، ٽهڪ در تي ئي رهجيو وڃن. منهنجو تجربو آهي ته شاعري گهٽين مان جنم وٺندي آهي ۽ ٽهڪن سان هٿ هٿ ۾ ملائي هلندي آهي. شاعريءَ جو وڏو ذريعو موالين جا ٺڪاڻا آهن. اتي گڏ ٿيندڙ ماڻهن جو ٽهڪن ۾ ايڏو ته رَسُ ۽ سندس ڳالهين ۾ ايتري ته وهڪ ۽ خوبصورتي آهي، جنهن جو ڪو جواب ناهي.
انٽرويو وٺندڙ: 1912ع ۾ نيويارڪ شهر ۾ هُئين؟
سينڊرارس: 1912ع ۾ نيويارڪ ۾ ڪجهه مهينا بُک ۽ بيروزگاريءَ ۾ گذاريم. وقت بوقت ضرورتن کان تنگ ٿي نوڪري وٺندو هوس. ڪا به نوڪري هفتي کان وڌيڪ نه هلندي هئي. پڙهڻ جو شوق کنيو بيٺو هوندو هوم، سو سينٽرل لئبرريءَ ۾ وڃي لاڳيتو پرهڻ جي چوس ۾ پگهار وٺڻ کان اڳ ئي نوڪري ڇڏي ڏيندو هوس. منهنجو غاريباڻو حال انتها تي پهتل هو. ڏاڙهي وڌيل، ڪپڙن ۾ ٽُنگ ٿيل، جوتا ڦاٽل، وار وڏا ۽ ڪوٽ جا بٽڻ ڇڳل هوندا هئم. هڪ عدد ٽوپلو ۽ ٽائي هيم، اُهي به ٻن پئسن تي وڪڻي ڇڏيم. تماڪ چٻڻ جي عادت هئم، سو ٽوپلو ۽ ٽائي وڪڻي دنيا جو خراب ۾ خراب تماڪ چٻڻ لاءِ ورتم. وقت گذرندي ويرم ئي ڪو نه ٿو ڪري، سو ايسٽر به اچي ويو. ايسٽر ۾ آچر جي ڏينهن لئبرري بند هئي، سو ان شام جو پريسبئٽيرين چرچ ۾ گهڙي ويس. چرچ ۾ ٽرپکڙ ماڻهو ويٺل هئا ۽ اسٽيج تي نوجوان ۽ فيشني سهڻين ڇوڪرين قديم سازن تي ڏاڍو سريلو پاڪ گيت پئي ڳايو. پر پنجن پنجن منٽن کان پوءِ نامراد پادري وچ ۾ ٽپي ٿي پيو ۽ پنهنجي ٽان ٽان اچي ٿي لڳايائين. اسٽيج تان ٽان ٽان ڪندو وري اچي اسان وٽان نڪتو. هڪ پاسي نصيحتون پئي ڪيائين ته ٻئي پاسي پنهنجي لڙڪندڙ ٻٽونءَ تي هٿ پئي لاتائين. اسان کي پنهنجي سُڃائي کنيو بيٺي هئي، سو خير گيت اڃا پورو ٿيئي مس ته تنهن کان اڳ چرچ مان ڀڄي نڪتس. سڌو پنهنجو گهر هليو آيس. صبح جا ٻه يا ٽي وڳا هئا، مانيءَ جو ٽڪر پاڻيءَ جو گلاس سان ريڙهيم ۽ سمهي پيس. سمهي جڏهن اٿيس ته لکڻ جي زوردار خواهش من ۾ اُڀري آيم ۽ لکڻ ۾ لڳي ويس. لکي لکي ٿڪس ته وري سمهي پيس. وري جڏهن سمهي اٿيس ته لکڻ ۾ لڳي ويس، تان جو فجر اچي ٿي ۽ وري گهري ننڊ وٺي ويئي. ان بعد مان شام جو پنجين بجي جڏهن جاڳيس ته منهنجو نظم `les paques a New York` تيار هو.
انٽرويو وٺندڙ: سڄو نظم لکي ورتئه‘؟
سينڊرارس: جيئن لکينم، تيئن جو تيئن ڇپيو آهي. البت ٽن هنڌن تي معمولي ڪاٽ ڪوٽ ڪئي اٿمانس.
انٽرويو وٺندڙ: ان نظم جو هٿ اکر مسودو ڪيڏانهن ويو؟
سينڊرارس: اصلي مسودي جي پڪي خبر ته نه اٿم ته ڪٿي آهي. ڪنهن مينهوڳيءَ جي ڏينهن تي وڪڻي ڇڏيانس ها، پر بچي ويو. جيڪڏهن ڀلجان نٿو ته اهو مسودو پال اليويارڊ وٽ آهي، انهن ڏينهن ۾ جيئن ئي آءٌ نيويارڪ مان ٿي واپس پيرس موٽيس ته مون اهو مسودو ايپولي فائر وٽ امانت رکي ڇڏيو. اهو مسودو ڪنهن وڪيو؟ ڪڏهن وڪيو؟ پال اليويارڊ اِهو ڪڏهن خريد ڪيو؟ اها ڪا به خبر نه اٿم. آءٌ کيس مُنهن ڏٺي سڃاڻان ئي ڪو نه.
انٽرويو وٺندڙ: اهو نظم لکجي وڃڻ کان ڪيترا سال پوءِ ڇپيو؟
سينڊرارس: نظم کان پوءِ منهنجي هڪ ئي خواهش هئي ته جيترو ٿي سگهي اوترو جلدي نيويارڪ مان نڪري پيرس هليو اچان. هفتي اندر ڍور نئيندڙ هڪ ٻيڙيءَ ۾ اچي چڙهيس ۽ 5 ڊالر ڀاڙو ڀريم. سوچ ته سهي ان وقت نيويارڪ مان پيرس وڃڻ لاءِ 5 ڊالر ڀاڙو لڳندو هو. آءٌ جيئن ئي پيرس پهتس ته اهو نظم ڇپايم.
انٽرويو وٺندڙ: اهو ڪيئن ڇپيو؟ پبلشر ڪيئن ڳولي هٿ ڪيئه؟
سينڊرارس: مريو ڪو نه ٿي ويس، پرنٽر ڳولي لڌم. اهو پرنٽر هڪ انارڪسٽ هو، جنهن شهر جي هڪ ڪنڊائتي هنڌ لِڪ ۾ پنهنجي پريس هڻائي هئي. ايڊيشن تي جيڪو خرچ اچڻو هو، اهو خرچ ڪڍڻ لاءِ وٽس ڪجهه عرصي لاءِ ملازم ٿي ڪم ڪيو. ٽائيپو گرافي سکڻ ۾ مون ڪجهه عرصي لاءِ جيڪي ڪجهه ڀوڳيو هو، اُها ڀوڳنا ڪم اچي ويم. منهنجو، نظم تي مشتمل ننڍڙو ڪتاب ڇپجي پيو. ان ڪتاب تي منهنجي هڪ واهيات تصوير به ڇپي. ٽوٽل سؤ فرانڪ خرچ آيو. 125 ڪاپيون ڇپيون. قيمت سستي رکيمانس، پر ان هوندي به هڪ به ڪاپي نيڪال ٿي نه سگهي.
انٽرويو وٺندڙ: هڪ ڪاپي به نيڪال نه ٿي!
سينڊرارس: هڪ ڪاپي به نه.
انٽرويو وٺندڙ: اُهي ڪاپيون ڪيڏانهن ويون؟
سينڊرارس: جيڏانهن ٻيا ردي ڪاغذ هليا ويندا آهن، اوڏانهن هليون ويون. انهيءَ ايڊيشن جي هڪ به ڪاپي مون وٽ نه آهي.
انٽرويو وٺندڙ: ان نظم جي ڪري شاعرن جي حلقي ۾ تنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ٿي؟
سينڊرارس: نه. ان نظم کان اڳ ۾ ئي ڪيترا شاعر مون کي سڃاڻندا هئا. ڪيفي فليوريس ۾ جيڪي سندن گڏجاڻي ٿينديون هيون، انهن ۾ وڃي آءٌ کين چيڙائيندو هوس ۽ گڏجاڻيون ڦٽائي ڏيندو هوسان. سو ان ڳالهه جي مون کي ضرورت ئي نه هئي ته ڪتاب ڇپائي شاعرن ۾ پنهنجو ڄاڻ سڃاڻ ڪرايا. 1912ع ۾ جڏهن منهنجو نظم `Les paques a New york` ڇپيو ته ادب ۽ ثقافت جي ٺيڪيدارن جي مون سان دشمني شروع ٿي ويئي ۽ ڌاڙ گهوڙا شروع ڪري ڏنائون. منهنجو ٻيو نظم `Le Transsiberien` جڏهن جون 1913ع ۾ ڇپيو ته سندن دشمني عروج تي پهچي ويئي. مون کي ڪريل قسم جو شاعر ڪري سڏڻ لڳا. اهي فن تي قبضو ڪري ويٺل پوڙها کڳ شاعر جيڪي پنهنجو پاڻ کي پوتيءَ پاڪ شاعر سڏيندا آهن ۽ پاڻ سان سدائين علامتن جا پُڇ هڻيو هلن، انهن جو ڏٺو ته هڪ صحيح نوجوان شاعر اُڀري رهيو آهي، سو کين ڳالهه ڏاڍي ڏکي لڳي. ڏاڙهه ڪنهن جاءِ جا! مون کي ته مٿن کِل ايندي هئي. انهيءَ وقت ايپولي فائر واحد شاعر هو، جنهن وٽ آءٌ هلي ويندو هوس. ايپولي فائر مون تي تمام گهڻو مهربان هو ۽ مون کي نوڪري به وٺرائي ڏنائين.، جنهن مان ٻه پئسا پيو ڪڍندو هوس. بابا! اِهي همراهه ويهي جيڪي شيطاني ٻٽاڪ هڻندا آهن ۽ چوندا آهن ته فلاڻو يا فلاڻي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، انهن تي ڪن ئي نه ڏي. ايفل ٽاور کي گهڻي ئي پيا ڳائين وڄائين پر ڳائڻ وڄائڻ جو هر ڪنهن جو پنهنجو رنگ ڍنگ آهي.
انٽرويو وٺندڙ: توسان لهه وچڙ ۾ اچڻ کانپوءِ ايپولي فائر پنهنجي شاعراڻيءَ اهليت ۾ جيڪا تبديلي آندي، اِها تبديلي عجيب وسوسا پيدا ڪندڙ آهي!
سينڊرارس: پهريون شخص جولس رومينس آهي، جنهن ان تبديليءَ جو تذڪرو ڪيو آهي. آءٌ ان ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيان. اهو مسئلو منهنجو نه آهي پر نقادن جو آهي. آءٌ اِها ڳالهه ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهيان. بس! مون ته ايفل ٽاور کي جيئن محسوس ڪيو تيئن لکيو اٿم.
انٽرويو وٺندڙ: آءٌ ايفل ٽاور جي ڳالهه ڪو نه ٿو ڪريان. آءُ ته...
سينڊرارس: سمجهان ٿو سمجهان ٿو. تنهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته مون ايپولي فائر کي متاثر ڪيو آهي. اِها خوامخواه جي گهنڊڻي رابرٽ گوفن ٽنگي ڇڏي آهي. هاڻي جيڪو ٿو اچي سو اِها گهنڊڻي ٿو وڄائي ته ايپولي فائر سينڊرارس کان متاثر ٿيو. اها ته سنئين سڌي بدمعاشي آهي. جڏهن به اِها بدمعاشيءَ جي گهنڊي وڄندي آهي ته مون کي لڳندو آهي ته آءٌ نقادن، شاعريءَ جي شاگردن ۽ تاريخدانن جي سامهون نه آهيان، بلڪه نئينءَ مان ٿيل جاسوسن جي اڳيان آهيان، جيڪي نشان پيا ماپين ۽ آڱرين جا نشان پيا وٺن.
انٽرويو وٺندڙ: تو زندگيءَ ۾ جيڪي جوکا کنيا ۽ ڏٺا، انهن جوکن کي تو پورا ڏهه سال پوءِ پنهنجي ڪتاب Panarama ۾ چٽيو. وچ ۾ ايڏو ڊگهو عرصو ڇو؟
سينڊرارس: ها! تمام ڊگهي عرصي لاءِ آري تي ويٺو هوس. اهو آرو اصلي نڪتي تي پهچڻ لاءِ منهنجو وڏو لاشعوري پورهيو هو. عام طور تي آءٌ عنوان کان شروع ٿيندو آهيان، پهرين عنوان ڳوليندو آهيان. آءٌ گهڻو ڪري تمام سٺا عنوان ڳولي وٺندو آهيان، ايتريقدر جو ٻيا به مون تي ريس ڪندا آهن. بلڪه ڪجهه ليکڪ ته پنهنجي ڪتاب لاءِ سٺو عنوان ڳولڻ لاءِ مون وٽ هلي ايندا آهن. عنوان ڳولڻ کان پوءِ آءٌ ان تي سوچ ويچار ڪندو آهيان ۽ شيون گڏ ٿينديون وينديون آهن. شعوري طور تي يا لاشعوري طور تي جيڪو مال پاڻي ذهن ۾ ايندو اٿم، اُهو عنوان جي چوڌاري گڏ ٿيندو ويندو آهي. آءٌ ڪا به پڪي شيءِ ايستائين لکي نه سگهندو آهيان، جيستائين ڪه ڪردارن جي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين پوري خبر نه هجيم ۽ پوءِ ڀلي اِهي ڪردار افسانوي هجن يا حقيقي. ڪردارن جي مڪمل ڄاڻ کان پوءِ ئي انهن کي ماحول ۾ آڻيندو آهيان. منهنجو اهو ڪم سالن جا سال هلندو آهي. ان ڪم دوران ڪاپيءَ تي نوٽس به وٺندو آهيان ۽ انهن جا خاڪا به لکندو آهيان، جيڪي تصوراتي هوندا آهن. حقيقي ڊاڪيومينٽيشن مون کي تنگ ڪندي آهي.
انٽرويو وٺندڙ: تو ٻڌايو هو ته تون ڪو ’اصلي ناول‘ پيو لکين؟
سينڊرارس: ها! اهو ناول ’اصلي‘ هوندو. جي نه هوندو ته ڇپبو ئي ڪو نه.
انٽرويو وٺندڙ: ڪيئن به آهي، آءٌ سمجهان ٿو ته انهيءَ ناول ۾ تنهنجي زندگيءَ جا به ڪجهه حصا بيان ٿيل هوندا؟
سينڊرارس: نه، نه، نه، نه، قطعي نه، ناول ۾ منهنجي زندگي توکي ڏسڻ ۾ ئي نه ايندي. آءٌ ناول کي هميشه ناول سمجهي لکندو آهيان ۽ پنهنجو پاڻ کي ان ۾ نه آڻيندو آهيان. جيڪڏهن ناولن ۾ آءٌ پنهنجو پاڻ کي آڻي وجهان ته پوءِ سڀني ناولن ۾ هڪ ئي ڪردار نظر ايندو ۽ اهو هوندو سينڊرارس.
آءٌ نٿو چاهيان ته منهنجو ڪردار هر ناول ۾ ڳچي ڪڍيو ويٺو هجي. هونئن ٻين ناولن جي سلسلي ۾ به اهو سمجهڻ نه کپي ته ناول جي ڪردارن ۾ ناول نگار جون پنهنجون ڪرداري خصوصيتون هونديون آهن. فلابرٽ ميڊم بواري نه آهي. حالانڪه پاڻ چيو اٿس ته ”آئون ميڊم بواري آهيان.“ ليکڪ لاءِ اها وڏي خطري جي ڳالهه آهي. هو پنهنجيءَ تخليق جو پاڻ شڪار ٿي وڃي، پنهنجيءَ اڏيل ڪوڙڪيءَ ۾ پاڻ ڦاسي پوي.
انٽرويو وٺندڙ: تو پنهنجن ايندڙ 33 ڪتابن جو تذڪرو ڪيو آهي. ڀلا 33 ڪتابن جو انگ ڇو؟
سينڊرارس: گذريل چاليهن سالن کان آءٌ 33 ڪتابن جي جنهن فهرست جو اعلان ڪندو ٿو اچان، اها فهرست ته غير معمولي آهي، نه پڪي پختي آهي ۽ نه وري ان تي ڪي پابنديون عائد ٿين ٿيون. 33 جو انگ دراصل تحرڪ جو ۽ زندگيءَ جو بنيادي انگ آهي. هڪ اڌ ڏينهن اڳ مون کي اهو معلوم ڪري تعجب ٿيو ته 1948ع ۾ جيڪو منهنجو ڪتاب `Main Coupee` ڇپيو آهي. اِهو ڪتاب 1919ع کان وٺي انهيءَ لسٽ تي موجود آهي. مون کي ته ڳالهه ئي وسري ويئي هئي. منهنجي لسٽ تي جيڪي به ڪتاب موجود آهن، انهن کي وري هٿ ۾ کڻندس ۽ مستقبل ۾ اِهي ڇپجي پڌرا ٿيندا. منهنجيءَ ٺاهيل انهيءَ لسٽ ۾ `Notre Pain Quotidien` جا ڏهه جلد به ڏنل آهي. اِهي ڏهه ئي جلد مون لکي ته ڇڏيا آهن پر انهن کي صندوقن ۾ بند ڪري ڏکڻ آمريڪا جي بئنڪن ۾ رکائي ڇڏيا اٿم. انهن ڪتابن تي منهنجي صحيح به نه آهي ۽ رکايل به ڪوڙي نالي سان آهي. ڪندو خدا ته اِهي به ملي ويندا. انهيءَ لسٽ ۾ منهنجا اُهي نظم به موجود آهن جيڪي مون کي منهنجين اکين کان به وڌيڪ پيارا آهن. پر مون فيصلو ڪيو آهي ته اُهي نظم نه ڇپائبا. مون اِهو فيصلو ان ڪري ڪو نه ڪيو آهي ته ڪو آءٌ ڊڄان ٿو يا مون کي هروڀرو جو وڏائو آهي. پر انهن نظمن سان مون کي پيار آهي. ان کانسواءِ ان لسٽ ۾ منهنجا لکيل اهڙا ڪتاب به آهن، جيڪي ڇپائيءَ لاءِ بلڪل تيار هئا، پر پبلشرن کي بڇڙو ڪرڻ لاءِ اهي ساڙي ڇڏيم. مثلن `La Vie et la Mort du Soldat` جا پنج جلد. آخر ۾ اهو به عرض ڪري ڇڏيان ته آءٌ لکڻ ۾ ڪڏهن به گند نه مَئيندو آهيان.
انٽرويو وٺندڙ: جان ڊاس پاسوز پنهنجي ڪتاب Orient Express جو هڪ سڄو باب تنهنجيءَ واکاڻ ۾ صرف ڪري ڇڏيو آهي ۽ توکي `Transsiberien`لکندڙ هومر ڪري سڏيو اٿس.
سينڊرارس: جنهن زماني ۾ جان ڊاس پاسوز شادي ڪئي هئي، انهيءَ وقت آءٌ پيروگورڊ ۾ هوس ۽ گالمانٽ تي ڪتاب لکڻ جا اٺسٺا پئي ڪيم. همراهه شادي ڪري هني مون ملهائڻ لاءِ نيويارڪ مان سڌو مونپازيئر اچي پهتو، جتي گالمانٽ ڄائو هو. مونپازيئر تقريبن 625 ماڻهن جي آباديءَ تي مشتمل هڪ تاريخي ننڍڙو شهر آهي، جنهن جي چوڌاري قلعو ٺهيل آهي. اهو قلعو 1426ع ۾ انگريز بادشاهن ٺهرايو هو. ان شهر جي بناوت هوبهو آمريڪا جي ننڍن شهرن جهڙي آهي. وچ ۾ ٻه بازاريون آهن، جن کي مختلف گهٽيون 90 ڊگرين تي هڪ ٻئي کي ڪٽين ٿيون. ان ئي شهر جي پاسي ۾ ڊي لانڊرسين نالي سان بهترين هوٽل آهي، جنهن ۾ رهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جو بادشاهي بندوبست آهي. آءُ ان ئي هوٽل ۾ ترسيل هوس. انهيءَ هوٽل جي مالڪياڻي مسز ڪيسا گنول هئي. جان ڊاس پاسوز جڏهن اطلاع ڏنو ته پاڻ اچي پيو ته سڌو وڃي مسز ڪيسا گنول سان ڳالهايم ۽ کيس ٻڌايم ته ”منهنجا ڪجهه يار نيويارڪ مان سڌا هتي پيا پهچن ۽ تنهنجيءَ هوٽل ۾ ئي رهندا. ان ڪري مهمانن کي چاڪرين سان ٻوڙي وجهجهانءِ.“ کائڻ پيئڻ ڪهڙا هجن. ان لاءِ ڳالهايومانس ئي ڪو نه، جو پاڻ ئي ان معاملي ۾ شاهه ڪاريگر هئي. خير سائين مهمان پهتا. مائي هجي هٿ جي سُڄر سو روز اهڙو کاڌو تيار ڪري، جو ڪر ماڻهو پليٽون ئي کائي وڃي. سو به روز ڏس ته نئين قسم جو کاڌو پيتو تيار آهي- ڳوڻاٺي مڌ، شيمپئين، کنڀين جو ٻوڙ، تريل مڇي، چيڪلي ۽ ٻين ننڍڙن پکين جو پڪل گوشت، کنڀيل شڪار چُور، روسٽ، جهنگلي ڪاهو، هارين جي گهرن ۾ واهپي ۾ ايندڙ پنير، ماکيءَ ۾ ٻڏل انجير ۽ ڪڻ ۽ ڪافي- مطلب ڪهڙين شين جو ذڪر ڪري ڪهڙين جو ڪجي. مزو ته وري اهو آهي ته مال صفا سستو هو. ۽ جنهن ڏينهن جان پاسوز ۽ جوڻس موڪلاڻي پئي ڪئي، ان ڏينهن ته رتونبو کارايوسون. حالانڪه ان موسم ۾ رتونبا ته لڏ پلاڻ ڪري چڪا هوندا آهن. بابا، پيريگورڊ علائقي جي ڳالهه ئي ڇڏي ڏي، الائي ڇا ڇا مليو وڃي.
انهيءَ کان پوءِ به جان سان ملاقاتون ٿينديون رهيون، پر سڀ پيرس ۾ ٿيون. اِها عجيب ڳالهه آهي ته آءٌ جڏهن به آمريڪا ويند آهيان ۽ آمريڪي ليکڪ دوستن سان ملڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته ڪنهن سان ملاقات ئي نه ٿي سگهندي آهي. ڪنهن به آمريڪي ليکڪ سان آمريڪا ۾ منهنجي ڪڏهن به ملاقات ئي نه ٿي آهي. گهر ۾ هوندا ئي نه آهن ۽ جڏهن فون تي پڇا ڪندو آهيان ته پتو پوندو آهي ته صاحب وئڪيشن تي آهي يا ڪٿي يورپ وغيره ۾ گهمڻ ويو آهي. هڪڙي همراهه جي ته گهران پڇا ڪيم، سندس اخبار جي آفيس مان پڇا ڪيم، پبلشر کان پڇيم ته جواب مليو ته ”همراهه هتي نه آهي.“ مطلب ته فونون هڻي هڻي ٿڪجي پوندو آهيان. آءٌ ڪنهن جي گلا ڪو نه ڪريان، پر مون کي لڳي ٿو ته آمريڪي ليکڪ پنهنجي ملڪ ۾ ايترو آزاد نه آهن ۽ خاص ڪري اُهي جڏهن يورپ مان موٽن ته سندن ضمير کي ڌڪ لڳندو محسوس ٿيندو آهي ۽ مٿن ماڻهن جي راءِ جو دٻاءُ هوندو آهي. انگريز جي برعڪس آمريڪي ليکڪ وٽ کائڻ پيئڻ جي به تميز نه آهي- اهو هڪ خالص آمريڪي مونجهارو آهي.
انٽرويو ڪندڙ: تنهنجا جيڪي آمريڪي ليکڪ گهاٽا يار آهن، هينري ملر به انهن مان ئي آهي؟
سينڊرارس: هينري ملر جڏهن به مون کي مليو آهي ته پيرس ۾ ئي ملي آهي، نه ڪه ٻئي هنڌ. وڏو خوش مزاج ۽ ارباش ماڻهو هو.
انٽرويو وٺندڙ: ٻين سان به واقفيت هونديئه؟
سينڊرارس: ڇو نه! الاهي شاعر ٿو سڃاڻان. گذريل وڏيءَ جنگ کان اڳ ته پيرس ۾ همراهن جون ڇَليون ٽٽي پيون هيون. البت نالا وسري ويا اٿم.
انٽرويو وٺندڙ: چيو وڃي ٿو ته انهن شاعرن لاءِ تون هڪ نمونو آهين ۽ ڪن خاص آمريڪي ناول نگارن تي تنهنجو تمام گهڻو اثر رهيو آهي؟
سينڊرارس: اهو سنئون سڌو ڪوڙ آهي. سمجهه کڻي ته ڪنهن تي منهنجو اثر پيو هجي ته اُها خبر نه مونکي آهي نه کيس هوندي. بهرحال آءٌ ڪنهن لاءِ نمونو ثابت نه ٿيو آهيان. نمونو ته صرف وڪٽر هيوگو ۽ موپسان ثابت ٿيا آهن. خاص ڪري انهن آمريڪي اديبن لاءِ جيڪي وڏيءَ جنگ جي آخر ۾ پيرس ۾ آيا. اهي همراهه گهڻو ڪري ايمبولينس ڊرائيور، فوجي سپاهي ۽ سفارتڪار ٿي پيرس ۾ پهتا ۽ ٻنهي جنگين جي وچ واري عرصي ۾ ٿوري يا گهڻي وقت لاءِ ايندا ويندا رهيا. ۽ کين ڪنهن خاص ليکڪ جي بدران پيرس جي اُٿڻيءَ وهڻيءَ ۽ فضا متاثر ڪيو. هڪڙي ڏينهن جان ڊاس پاسوز مون کي ٻڌايو ته ”اوهان وٽ فرانس ۾ وڪٽر هيوگو جهڙا نالا موجود آهن، پر هن کان اڳ آمريڪا ۾ ڪنهن کي انهن جي خبر ئي نه هئي.“
انٽرويو وٺندڙ: اها ته عجيب ڳالهه ڪئي اٿس!
سينڊرارس: مون کي پاڻ تو وانگر ان ڳالهه تي تعجب ٿيو. پر ڳالهه آمريڪا جي اهم اديب ڪئي آهي، ان ڪري هر صورت ۾ مڃڻي پيئي. هونئن ائين ته انهيءَ صورتحال کان ڪجهه وقت پوءِ ته اسان آمريڪا جي نوجوانن ناول نگارن تي تمام گهڻو اثر ڇڏيو آهي ۽ اهي نوجوان ناول نگار اڃا انهيءَ حد تي نه پهتا آهن جو وڏن وڏن ادبي رسالن لاءِ لکي پاڻ کي قدآور چوائي سگهن يا پنهنجو پاڻ کي صفا لکڻين جي حوالي ڪري ڇڏين. بهرحال انهن اثرن کان پوءِ انهن آمريڪي اديبن پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ورتو آهي. سِي بروڪ، هيمنگوي ۽ جان ڊاس پاسوز ٻي مهاڀاري جنگ متعلق جيڪي رپورتاز لکيا آهن، انهن کي پڙهڻ ضروري آهي. دراصل انهن رپورتازن آمريڪي لکڻين ۾ نئين جان وڌي آهي.`Asylum` جي عنوان سان سِي بروڪ جو لکيل رپورتاز وڪٽر هيوگو جي`La Mort de Balzca` وانگر هڪ شاهڪار آهي ۽ ان ئي ڪتاب ۾ وڪٽر هيوگو هڪ شاهڪار تخليق ڪندڙ ليکڪ طور آمريڪي اديبن اڳيان اچي ٿو. ڊاس پاسوز صحيح ڳالهه ڪئي آهي.
انٽرويو وٺندڙ: فاڪنر کي سڃاڻين؟
سينڊراس: نه. آءٌ ڪو نه سڃاڻانس. ڪڏهن ملاقات ئي نه ٿي آهي. هڪ ڀيري آندري مالرو مون کي چيو ته آءٌ فاڪنر جي ڪتاب `Light in August` جي فرينچ ترجمي لاءِ مهاڳ لکان پر منهنجي دل مهاڳ لکڻ لاءِ نه چيو. ڇاڪاڻ ته فاڪنر جون لکڻيون هڪ ته حد کان وڌيڪ ادبي قسم جون آهن، ٻيو ته صفا علائقائي آهن. اهي لکڻيون ٻيو ڪو به اهڙيءَ خوبيءَ سان لکي نه سگهندو.
انٽرويو وٺندڙ: هيمنگوي سان ملاقات نيويارڪ ۾ ٿي يا ڪنهن ٻئي هنڌ؟
سينڊرارس: نيويارڪ ۾ نه پر پيرس ۾ ٿي. هڪڙي هنڌ پيتم ويٺي ته ڏٺم ته سامهون هيمنگوي به ويٺو پيئي. موڪل وٺي هڪ آمريڪي جهازيءَ سان گڏ آيو هو. ڀُلجان نٿو ته ايمبولينس ڊرائيور واري يونيفارم پهريل هيس. ٻي عظيم جنگ پيون پساهن ۾ هئي. پنهنجين پنهنجين ميزن سامهون ويٺي هڪ ٻئي سان ڳالهايوسين. ٻنهين تي خنڪي چڙهيل هئي، سو ائين ئي پئي ڳالهايوسين، جيئن خنڪيءَ کان پوءِ ماڻهو ڳالهائيندو آهي. مون کي اُتان اُٿي شاعر آندري ديپونٽ جي گهر واريءَ وٽ وڃڻو هو ۽ ساڻس همدرديءَ جو اظهار ڪرڻو هو، جو سندس مڙس تازو ورڊون ۾ مارجي ويو هو. آءٌ هر جمع تي ساتي، جارج آئزڪ، پال لومبارڊ ۽ ميڪس جيڪب سان گڏجي وٽس ويندو هوس. انهي؟ءَ زماني ۾ مون وٽ آمريڪي موالي يار آيل هئا ۽ دل گهرندي هئي ته کين ڍوَ تي سٺي ماني کارائجي. پر آمريڪي ماڻهو سٺيءَ ماني مان ڄاڻن ئي ڪو نه. گهر ۾ ئي سٺي ماني نه ملندي اٿن. بلڪه اِها به خبر نه اٿن ته سٺي ماني ٿيندي ڇا آهي. سو هيمنگوي ۽ سندس يار جهازيءَ سان به ساڳي حالت هئي. کين کائڻ جي بدران پيئڻ سان دلچسپي هوندي هئي. ان ڪري ايستائين ويٺا پيئندا هئا، جيستائين وڃي اُڃ نه اُجهامين. سو ٻنهين ڄڻن کي مارٽرس ۾ ويهاري آءٌ پنهنجي مرحوم شاعر دوست جي گهر سندس زال جي سار سنڀال لهڻ لاءِ هليو ويندو هوس.
انٽرويو وٺندڙ: سنڪليئر ليوِس سان به ڄاڻ سڃاڻ هُيئي؟
سينڊراس: ها! اهو وري قصو ئي ٻيو اٿئي. 1930ع جو زمانو هو. ان زماني ۾ اٽليءَ جي ادبي حلقن ۾ سندس لکڻين تي وڏي ڏي وٺ ٿي رهي هئي. هڪڙي ڏينهن پاڻ نيويارڪ جون درجن کن ڇوريون ساڻ گهيلي اچي روم شهر مان نڪتو. مون ان زماني ۾ روم ۾ فلم پئي ٺاهي. اچڻ سان ملاقات جو حڪم ڪيائين. چيومانس ته ’سڌو فلم اسٽوڊيو هليو اچ’ پر جواب ڏنائين ته هڪ ته کيس ٿڌ آهي، ٻيو ته کيس فلم اسٽوڊيو ايڻهئي نه وڻندو آهي. ٽيون ته پاڻ تمام تڪڙو آهي، جو کيس ٻئي ڏينهن اسٽاڪ هوم وڃي نوبل انعام وٺڻو آهي. آءٌ پاڻ ڪم ۾ گتو پيو هوس. پر پوءِ ڏهين بجي ڌاري مون کي فرصت ملي ويئي. هوٽل جي ڪمري ۾ اچي ڇا ٿو ڏسان ته اڌ درجن کن ڇوريون نشي ۾ ٽٻ آهن ۽ هڪ ٻئي سان چوٽيءَ پٽ لڳي پيئي اٿن. منهنجي ڌيان ۾ ئي نه هو ته آءٌ هنن چرين بلائن جي وچ ۾ ڦاسندس. هڪڙيءَ ڄڻيءَ ته مون کي صلاح به هنئي، پر مون کي ته هن سڄيءَ مشڪريءَ جي ڌڻيءَ سائينءَ سان ملڻو هو. لاڪائنس هيڏانهن هوڏانهن جهوتَ ڏنم ته ڇا ٿو ڏسان ته باٿ روم جو در اڌ کليو پيو آهي ۽ اندران پاڻي وهي ٻاهر پيو اچي. سڌو باٿ روم ۾ هليو ويس. ڇا ٿو ڏسان ته همراهه ٽب ۾ پيل پاڻيءَ ۾ نشي ۾ خطا پنڪن ۾ پيو آهي. ڇڪي ٻاهر ڪڍيومانس. ٿورو دير سان پهچان ها ته يار پورو ٿيو پيو هجي ها. سو ائين سندس حياتي بچايم. ٻئي ڏينهن همراهه کي نوبل پرائيز وٺڻ لاءِ ريل ذريعي اسٽاڪ هوم روانو ٿيڻو هو. هاسيڪار پنهنجو وقت سيڙائي کيس وڃي ريل تي چاڙهيم. ڏٺم ته هاڻي پيئڻ جو نالو نه وٺندو ۽ يڪي توبهه ڪئي هوندائين، پر موالين جون ڪهڙيون توبهائون، ڪهڙا قسم، ٿورو وقت گذرندو ته وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه.
انٽرويو وٺندڙ: 1912ع ۾ پيرس لاءِ تو جڏهن نيويارڪ مان موٽ کاڌي ته ڪٿي هُئين؟
سينڊراس: موڪٽائين پاڙي ۾. اليشان پاڙو هو. انهيءَ پاڙي ۾ آءٌ ڌار ڌار وقتن تي ڌار ڌار گهرن ۾ رهيو آهيان. انهيءَ پاڙي تي آءٌ ماٺو ۽ آرام ڏيندڙ وڏو ڪتاب لکي سگهان ٿو. بلڪه انهيءَ ڪتاب لاءِ عنوان به ڳولي ڇڏيو اٿم. عنوان آهي`Voyage Autour de L Lma` ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪتاب به نه لکان. منهنجي ذهن ۾ اهڙا ٻيا به ڪيئي ڪتاب آهن، جن جي باري ۾ سالن جا سال پهه پڇايا اٿم، پر لکي نه سگهيو آهيان.

انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ پاڙي جي ڪا نه وسرڻ جهڙي ياد ٻڌائيندين؟
سينڊرارس: يادگيريون ته گهڻي ئي آهين، پر ڪا اهڙي خاص ياد ذهن ۾ نه اٿم....پاڙي ۾ هڪڙو پهريدار رهندو هو، نالو هئس ڊان جُئان، وڏو خفتي مڙس هوندو هو. آڙي پاڙي جي گهرن ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻين کي ڦاسائي وٺندو هو ۽ پوءِ پنهنجو پاڻ کي انهن سان گڏ ٿنڀي سان لڳ هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيندو هو. اها ڪوٺڙي برازيل جي سفارتخاني جي بلڪل سامهون هئي، اتي ئي آسپاس جي شرابخانن ۾ راتين جون راتيون ويهي پيئندو هوس. سگار مٿان سگار ڇڪيندو هوس ۽ پنهنجي پياري دوست سوزا ڊانٽاس سان چرين وانگر ويٺو ڳالهيون ڪندو هوس، ٻيا ماڻهو کيس بوهيمين سفير چوندا هئا، ڇاڪاڻ ته وٽس بسترو به نه هوندو هو. ڳالهيون ڪندي ڪندي جڏهن ننڊ کڻندي هيس ته اتي جو اتي ڪالر ڪنن تي چاڙهي ٽوپلو اکين تي ڍاري، سڌو ٿي سمهي پوندو هو کن پل ۾ گهاٽي ننڊ کڻي ويندي هيس، اِهو فڪر ڪونه هوندو هوس ته يار ويٺا يا ويا هليا.
1993ع ۾ گرانڊ ٿيئٽر جي افتتاحي موقعي تي روسي موسيقيءَ تي هڪ ڪتاب لکيو هجيم: پيٽروچڪا جي پريميئر جي شام هجي. هڪڙي مائي ڏاڍا هيرا جواهر پائي اچي محفل ۾ شريڪ ٿي، اِها مائي اسٽراونسڪيءَ جي موسيقي ٻڌي پاڻيءَ مان نڪري ويئي، جنهن سيٽ تي ويٺي هئي، اتان اڙي اها نئين نڪور سيٽ سٽ ڏيئي ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين ۽ ٺڪاءُ منهنجي مٿي ۾ ڪيائين. ڌڪ ايڏو زور سان هنيائين جو سيٽ چِرجي پيئي. منهنجو مٿو ان سيٽ مان مٽي ويو ۽ سيٽ منهنجي ڪنڌ ۾ اچي پيئي. منهنجو منهن مٿو رهڙجي ويو ۽ رت وهڻ لڳو، مون به اها سيٽ ڪنڌ مان ڪونه ڪڍي ۽ انهيءَ حال ۾ سڄي رات اسٽراونسڪيءَ، دياغليف ۽ ڪجهه روسي بيلي ڊانسرن سان ويهي شيمپئن پيئڻ ۾ گذاري ڇڏيم. انهيءَ عرصي دؤران پيرس ۾ مختلف ٿئيٽرن جيڪو عروج حاصل ڪيو، ان دوران آءُ انهيءَ ٿئيٽر جي وڏين وڏين شخصيتن سان گڏ مصروف رهيس ۽ ٿئيٽرن جي ان ترقيءَ ۾ منهنجو به حصو رهيو.
انٽرويو وٺندڙ: پيرس ۾ ڪا اجنبي شخصيت به وڻيئه؟
سينڊرارس: مونسٽائين ايوينيو مان ايندي ويندي منهنجي هڪ انتهائي اجنبيءَ چريءَ عورت سان ملاقات ٿي. نالو هئس ماڻي ليفري، لنڊن لنڊن جي ڪنهن ٽانگي هلائيندڙ جي زال لڳندي هئي، لاريسٽن پاڙي ۾آ رهندي هئي، چائلوٽ مان ٿيندي مانٽين چونڪ ۾ ايندي هئي. اتي هوٽل پلازا جي سامهون هڪ بينچ تي اچي ويهندي هئي ۽ سڄو وقت بيخوديءَ ۾ گذاريندي هئي. سندس منهن مهانڊو سُود بُود ايڪٽريس مورتيو جهڙو هندو هو. رڳو بت ۾ ٿوري هلڪي هوندي هئي. مٿي تي بخمل جو ٽوپو پيو هوندو هوس، ٽوپ ۾ مٿا وري شتر مرغ جا ميرا کنڀ لڳل هوندا هئس. آڱرين ۾ ميرا ڪنا ڇلا پيل هوندا هئس. جسم تي جَهٻُو ڊگهو وڳو پيل هوندو هوس. جنهن ۾ هنڌان هنڌان ٽنگ ٿيل هوندا هئا ۽ ڌاڳا پيا لڙڪندا هئا. ڪلهن تي پوتي ڍاريل هوندي هيس، جيڪا پوتي گهٽ ۽ ڪاري ڦاٽل اڳڙي وڌيڪ لڳندي هئي. پيرن ۾ وڏين کڙين واري جتي پيل هوندي هيس، وٽس هڪ عدد وڏو پرس به هوندو هو، جيڪو بينچ کان هيٺ پٽ تي رکي ڇڏيندي هئي. جتي اچي ويهندي هئي، اتي آڙي پاڙي جا سڀ ماڻهو سڃاڻندا هئس. ايندو ويندو هر ڪو ساڻس کل ڀوڳ ڪندو هو. مائي صفا ڌُڌ چري هئي. ڪڏهن به ڪنهن سان ٻه اکر به نه ڳالهائيندي هئي. پنهنجي هٿ، اعتماد ۽ وڏي مان شان واري عورت هئي. جتي اها مائي ايندي ويندي هئي، اتي ئي ڀر ۾ جين اچي رهيو هو ۽ جين وٽ منهنجو روزانو اچڻ ٿيندو هو، ان ڪري ها مائي روز ڏسندو هوس.
انٽرويو وٺندڙ: تون جڏهن سامونڊي سفر تي نڪرندو آهين، تڏهن توهين ڇا ڪندو آهين؟ ڪيبن ۾ ويهي لکندو آهين يا ويهي منزل تي پهچڻ جو انتظار ۾ ڪندو آهين؟
سينڊرارس: ڊگها سامونڊي سفر ڏاڍا وڻندا اٿم، سمنڊ مٿان حياتي گذارڻ دوران ڪم ڪرڻ جو ماڻهو سوچي ئي نه سگهندو آهي. سمنڊ جي سفر دوران سستي ڏاڍي ٿيندي آهي، اتي ڪجهه لکڻ جي بدران ٻيڙيءَ کي لڏندو، انجڻ کي ڌڪ ڌڪ ڪندو ۽ سمنڊ کي ڦرندو ڏسبو آهي. هوا جو سٽڪو پيو پوندو آهي ۽ زمين آسان ڦرندا ڏسڻ ۾ پيا ايندا آهن ۽ ڪائنات ائين ڏسڻ ۾ ايندي آهي ڄڻ ڪنهن اڇل تي منجهانئس پار ٿي وڃبو، سامونڊي سفر دوران منزل تي پهچڻ جي تڪڙ نه هوندي اٿم. مون سامونڊي سفر ۾ ڪيترا ڀيرا ڪپتان کي ڌتارڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي ته ”يار طئي ٿيل بندرگاهه ڏانهن ويندڙ رستو ڇڏي ڪو ٻيو رستو وٺ” هڪ ڀيري هڪ پيـڙهي ڊچ مون کي چيو ته ”آءُ ٽيهن سالن کان روٽرڊم ۽ بوئنس آٿرس جي بندرگاهن جي وچ ۾ ائين پيو هلان، جيئن ٽرين جو انجنيئر ٻن اسٽيشن جي وچ ۾ پيو هلندو آهي. انهن ٽيهن سالن ۾ مون اهو پرايو آهي ته سامونڊي سفر ۾ ڪابه شيءَ تبديل ڪرڻ ناممڪن آهي. ڪهڙو رستو وٺي وڃڻو آهي، ڪهڙي ٽائيم ۽ ڏينهن تي روانو ٿيڻو آهي ۽ ڪڏهن منزل تي پهچڻو آهي. اهو سڀڪجهه اڳواٽ ئي ڪمپني طرفان طئي ٿيل هوندو آهي. ڪمپنيءَ وارا الله سائين کان پوءِ ٻئي نمبر تي اسان جا مالڪ آهن، جيئن کپين تيئن هلائين. مون کي ته رڳو اها ڳالهه تنگ ڪندي آهي ته جيڪي اسان مٿان حڪم هلائيندا آهن ۽ جيڪي آفيسر، سياستدان، نواب، بئنڪر ۽ سفارتخانن جا نوڪر جهاز تي اچي چڙهندا آهن، اهي سڀ هڪجهڙا ۽ هڪ رنگا هوندا آهن. ٽيهه سال گذري ويا اٿم، ذر ذر ساڳيءَ خلق سان وسطو پوندو اچي. مون ۾ جي ايتري همت هجي جو تنهنجي اونڌيءَ صلاح تي لڳي پوان ۽ ٻيڙي جا سکان اوڀر يا اولهه طرفن ڦيري ڇڏيان ته ڪا ڳالهه نه آهي. رڳو ڪيپ واري سامونڊي علائقي مان گذرڻو پوي ۽ پوءِ سڌا ڏاکڻين سمنڊن اندر ڌوُ وڃي ڪريون.”
ها! تو سامونڊي سفر دؤران لکڻ جو پئي پڇيو ته ٻڌائي ڇڏيانءَ ته جهاز ۾ آئون نه لکندو آهيان.
انٽرويو وٺندڙ: تو شايد هڪ ڀيري اهو به چيو آهي ته تو پنهنجو پاڻ کي پيار ۽ گوشه نشينيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه ڪيتري قدر آهي؟
سينڊرارس: سچ ڪري پڇين ته جيڪي فنڪار آهن، اُهي زندگيءَ ۽ انسانيت جي ڇيڙي تي ويٺل هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اُهي يا ته تمام وڏا ماڻهو هوندا آهن يا وري صفا ننڍا ماڻهو هوندا آهن.
انٽرويو وٺندڙ: هڪ آرٽسٽ جي صورت ۾ ڇا تون انسانيت جي ڇيڙي تي ويٺل نه آهين ڇا؟
سينڊرارس: نه، آءُ رڳو فنڪار نه آهيان، بلڪه ٻيا ڇيهه ڌندا ڪندو رهيو آهيان. سڀاڻي صبح کان ته صفا هڪڙو نئون ڪم شروع ڪرڻ وارو آهيان.
انٽرويو وٺندڙ: زندگيءَ گذرڻ لاءِ پئسي ڏوڪڙ حاصل ڪرڻ ۾ توکي ڪڏهن به دقت درپيش نه آئي، ايتري قدر جو جڏهن ملڪ تي قبضو هو تڏهن به تو پنهنجي ايڪسين پراونسين واري باغ ۾ اهڙيون ٻوٽيون ۽ گل پوکيا جنهن مان توکي سٺو اپراسو پيو ٿيندو هو؟
سينڊرارس: ها!. اهي جيڪي گل ۽ ٻوٽا هئا، انهن مان ڪي ائين ئي هئا ته ڪي وري دوائن طور ڪم ايندا هئا.
انٽرويو وٺندڙ: ماکيءَ ۾ به تنهنجي دلچسپي رهي آهي؟
سينڊرارس: ماکيءَ ۾ منهنجي تمام گهڻي دلچسپي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته ماکيءَ مان آءُ سٺو پئسو ڪمائي وٺندو آهيان. ماکيءَ ۾ منهنجي دلچسپي مائٽرلنڪ واري آهي جو ويهي ماکيءَ جي مکين جون عادتون جانچيان ۽ پوءِ انهن عادتن مان بيهودا ۽ اڻ سهائيندڙ اخلاقي نتيجا ڪڍان ۽ ماڻهن کي ويهي چوان ته ماکيءَ جي مکين مان سبق پرايو. ڪٿي ماکي ڪٿي ماڻهو. دنيا ۾ اهڙا سوين هزارين ماڻهو پيا آهن، جيڪي ماکيءَ جي مکين ۽ ماڪوڙين تي تحقيق ڪندا آهن ۽ پوءِ انهن جي ترتيب کي انساني سماجي جوڙجڪ تي نافذ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندا آهن. هاڻي ڪٿي ماڻهو ڪٿي جيت، جيتن ۾ ته انسانيت وانگر اخلاقيات ۽ انصاف جو ڪم تصور ئي نه هوندو آهي. آءُ ته ماکي ۾ ان ڪري دلچسپي وٺندو آهيان جو ماکيءَ جي گراهڪن وٽان چڱا ڏوڪڙ مليو وڃن.
انٽرويو وٺندڙ: هڪ ڀيري تو چيو هو ته تون ٻين ليکڪن وانگر لکڻ لاءِ جنگ ۾ شامل نه ٿيو آهين، حالانڪه جنگ جي وقت تون فوجي سپاهي هئين ۽ بندوق تنهنجي هٿ ۾ هئي.
سينڊرارس: آءُ ڪڏهن به فوجي سپاهي واڌو ليکڪ نه رهيو آهيان. ڪو ماڻهو يا ته فوجي سپاهي ٿي سگهي ٿو يا وري ليکڪ. ٻئي شيون ٿي نٿو سگهي. جنگ ۾ بندوق سان ماڻهو مارڻ هڪڙو ڪم آهي ۽ لکڻ وري صفا ٻيو ڪم آهي. جيڪو ليکڪ آهي، اُهو جنگ کان اڳ توڙي پوءِ ليکڪ ئي آهي.
انٽرويو وٺندڙ: سارتري جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟
سينڊرارس:: سارتري جي باري ۾ منهنجي ڪابه اهڙي خاص راءِ نه آهي. هو مون کي پنهنجا ڪتاب ئي نه موڪليندو آهي ۽ وجوديت پسندي! جيتريقدر انهي فلسفي جي سکيا ۽ متن جو تعلق آهي ته اهي جيڪي فلسفي جا پروفيسر هوندا آهن، اهي پهرين سرڪاري ڪورس پورو ڪندا آهن، پوءِ ان کي غور ڪري هڪڙا ميني فيسٽو گهڙيندا آهن. سارتر به هڪ اهڙو ئي پروفيسر ماڻهو هو. اهڙي پروفيسرن جي شوپنهائر چڱي لاک لاٿي آهي. ٿئيٽر ۾ جيڪي فلسفيانه قسم جا ڊراما پيش ڪيا ويندا آهن، اهي بيحد بور ڪندڙ هوندا آهن. سارتر به اسٽيج تي فلسفو ئي اوڳاڇيو آهي، پنهنجي ٿيسز کي ڇڪي تاڻي ڊرامو بنائڻ جي ڪوشس ڪئي اٿس. وجوديت پسنديءَ تحت جيڪي چڱا يا مُٺا ناول لکيا ويا آهن، اهي هڪڙي ئي انگ ۾ آهن. جڏهن کان آءُ پيرس موٽيو آهيان ته نوجوان ليکڪن تي غور ڪندو رهيو آهيان ته اهي ڪيڏيءَ حد تائين ۽ ڪٿي ڪيئن وجوديت پرست ٿا ليکجن. اهي جوان شام جو پنهنجن وڏن وانگر ڇنڊ ڦوڪ ڪري نڪرندا آهن ۽ ڪلبن يا ٻين اهڙن ٺهيل ٺڪيل توريل تڪيل هنڌن تي وڃي شام گذاريندا آهن ۽ دانشوري هلائيندا آهن. اهو هڪڙو فيشن اچي نڪتو آهي. جيڪو ڪجهه ختم ٿي ويو آهي ۽ ڪجهه اڳتي هلي ختم ٿي ويندو. مون کي ته خير انهن جي پروانه آهي، پر دنيا کي ڏاڍو بور ڪيو اٿن.
انٽرويو وٺندڙ: ادب ۾ جيئن پروفيسر سڳورا ڪاهي پيا آهن، ان جي باري ۾ ڪا چٽي ڳالهه ته چئي نٿي سگهجي، پر اِها حقيقت پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته سارتري جي تحريڪ ڪوبه شاعر پيدا نه ڪيو آهي. اِها تحريڪ شاعرن جي ڪم جي ئي نه آهي.
سينڊرارس: تون صحيح ٿو چوين. ها! جيڪي سر ريئلسٽ آهن، انهن ۾ هڪڙو غير معمولي شاعر پيدا ٿيو آهي. اُهو آهي رابرٽ ڊينوسس، رابرٽ ڏاڍو هوشيار ۽ سٺو ماڻهو هو. رڊوليءَ ۾ هڪڙي بار ۾ ساڻس گڏجي ويهڻ ٿيندو هو ۽ ڏاڍو پيئندا ۽ کلندا کڙڪندا هئاسين. جنهن هنڌ ويهندا هئاسين اتان هڪڙي پاسان پيرس شهر جو نظارو نظر ايندو هو ته ٻئي پاسان عورتن جو غسلخانو ڏسڻ ۾ ايندو هو. غسلخاني ۾ مائيون ايندي ويندي منهن تي رڪ ٻڌي هلنديون هيون ۽ اِهو خيال هوندو هون ته متان سامهون ڏسندڙ وٽ سندن مان شان نه گهٽجي.
انٽرويو وٺندڙ: تو هڪ ڀيرو چيو ته تون ماريا ڪووسڪيءَ تي ڏاڍو سڙندو آهين، جو هن کي روس ۾ تمام گهڻو پڙهيو ۽ ٻڌو ويندو آهي.
سينڊرارس: مون کي ٻيو ڪوبه اهڙو ڀاڳ وارو شاعر نٿو سُجهي، جنهن جي شاعريءَ سان اخبارون ۽ گهٽيون ڀَري ۽ ٻُري اٿيون هجن ۽ اها حقيقت نه ته پروپئگنڊا آهي ۽ نه وري ڪا اشتهار بازي، ماياڪو وسڪيءَ کي ماڻهن سان ۽ شاعريءَ سان اجهل پيار هو. سوچ ته سهي ته هڪ شاعر روس ۾ لکها ماڻهن کي پنهنجي شاعري ٻڌائي. کين جوش ۾ آڻي پاڻيءَ مان ڪڍي ڇڏي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو آئون ماياڪو وسڪيءَ تي سڙندو آهيان. سندس شعر چيل نه هوندا هئا. لکيل نه هوندا هئا. پر چٽيل هوندا هئا. ماياڪو وسڪيءَ جا اهي چٽيل چٽ اڻ پڙهيا به سمجهي سگهن ٿا. ماياڪووسڪيءَ جي ڀيٽ رڳو والٽ ڊزنيءَ سان ئي ڪري سگهجي ٿي. والٽ ڊزني، ماياڪووسڪيءَ جيترو خالص ته نه آهي، پر بهترين موجود آهي ۽ ڪمسڙلائيز ٿيڻ جي باوجود آمريڪا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي. مون کي پڪ آهي ته ماياڪووسڪي جيڪڏهن اڄ به ريڊ اسڪوائر ۾ لائوڊ اسپيڪر تي پنهنجا شعر پڙهي يا ريڊيو تان پڙهي ته سڄي دنيا هوند ڪَنُ ڏيئي ٻڌيس. سندس هر نئون شعر جيئن پوءِ تيئن فارم توڙي مواد جي خيال کان وڌيڪ انقلابي هوندو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: تون چوندو آهين ته دنيا ۾ رڳو لکڻ اهم ڪم نه آهي، پر ٻيا به وڏا وڏا ڪم پيا آهن، جيڪي لکڻ کان وڌيڪ اهم آهن. پر تون اِهي ڳالهيون چوڻ جي باجود غير معمولي محنت سان ڪتاب لکيا آهن.
سينڊرارس: اوهين ئي غير معمولي ڪتاب ٿا لکرايو. توهان سڀ چاهيو ٿا ته اسان بنا وقفي جي بس ڪتاب ئي لکندا رهون. انهن ڪتابن جو آخر ڇيهه ڪٿي وڃي ٿئي. ٿوري تڪليف وٺي ’ببلوٿيڪ نيشنل‘ ۾ وڃي ڏس ته پاڻيهي خبر پئجي ويندئي ته ڪتاب جو ڇيهه ڪٿي ٿو ٿئي. اُتي توکي ڪتاب جو وڏو قبرستان نظر ايندو. لکها جلد ڪيڙن جي حوالي آهن. ڪنهن کي به اِها خبر نه آهي ته اِهي ڪتاب ڪنهن لکيا آهن. ڪو پڇا ئي ڪونه ٿو ڪري. اها صورتحال مايوس ڪندڙ آهي.
آءُ غير معمولي ليکڪ نه آهيان پر غير معمولي پهه پهچائڻ وارو آهيان. آءُ جيئن پوءِ تيئن خيالي دنيا ۾ رهندو ٿو وڃان. لکندو به خيال ئي خيال ۾ آهيان.