شخصيتون ۽ خاڪا

ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟

دنيا جي نامياري اديبن جي انٽرويوز تي مشتمل هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ ۽ سنڌيڪار عبد القادر جوڻيجو آهي. هن ڪتاب ۾ پئبلو نيرودا، قرة العين حيدر، ميلان ڪنديرا، شيخ اياز، بلئس سينڊرارس، فيض احمد فيض، مايا ائنجليو، وليم بورو، وليم فاڪنر، گارشيا مارڪئز ۽ البرٽو موراويا جا انٽرويوز شامل آهن.
Title Cover of book ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟

وليم فاڪنر

]وليم فاڪنر سن 1879ع ۾ نيوالنبي، مسپيءَ ۾ ڄائو، سندس پيءُ ريل جي پٽڙين جي سار سنڀال جو ٺيڪيدار هو. اهي ريل جو پٽڙيون سندس پڙ ڏاڏي ڪرنل وليم فاڪنر جون وڇرايل هيون. اِهو ڪرنل وليم فاڪنر اهو ساڳيو شخص هو، جنهن `The White rose of Memphis` جي عنوان سان مشهور ڪتاب لکيو هو.
وليم فاڪنر جي جنم کان ستت ئي پوءِ سندس خاندان لڏي وڃي آڪسفورڊ ۾ ويٺو. آڪسفورڊ سندس اباڻي ڳوٺ کان 35 ميلن جي پنڌ تي هو. آڪسفورڊ ۾وليم فاڪنر تمام گهڻي پڙهائي ڪرڻ جي باوجود هاءِ اسڪول مان گريجوئيشن ڪري نه سگهيو. 1819ع ۾ وري رائل ڪينڊين ايئروفرس ۾ هوائي جهاز اڏائڻ جي سکيا وٺڻ لاءِ داخل ٿيو، پر اتان به سگهو ئي ڪڪ ٿي ڇڏي ڏنائين. بعد ۾ سال کن اسٽيٽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو، پر اتي به پڙهائي راس نه آيس، ان ڪري اتان پڙهڻ ڇڏي اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جي اسٽيشن تي اسٽيشن ماستر وڃي مقرر ٿيو. کيس ڪتابن پڙهڻ جو تمام شوق هو. ان ڪري پوسٽ ماستري ڪرڻ بدران آفيس ٽائيم ۾ ويٺو ڪتاب پڙهندو هو. سندس اِها حالت ڏسي اختياريءَ وارن کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. 1826ع ۾ آمريڪا جي مشهور ترقي پسند ليکڪ شيروڊ ايڊرسن جي همت ڏيارڻ تي `soldier`s pay` جي عنوان سان ڪتاب لکائي ڇپايائين، پوءِ ته هڪٻئي پويان سندس ڪتاب اچڻ لڳا، جيڪي هن ريت آهن، `Mosquitoes` (1927)، `Sartoris` (1929)، `The sond and the furry`(1929)، `As I Lay dying` (1930). کيس صحيح معنيَ ۾ ڪاميابي تڏهن ٿي، جڏهن 1930ع ۾ جذبات سان ڀرپور ناول `Sanctuary` لکيائين. ان ڪتاب کان پوءِ مسلسل ڪاميابي سندس قدم چمندي رهي ۽ هي ڪتاب لکائين، `light in August`(1932)، `Pylon`(1935)، `Absalom Absalom` (1936)، `The unvanquished`(1938)، `The wild palms` (1939)، `The Hamlet`(1940)، `Godown Moses`(1941)، `Intruder in dust`(1948)، `A Fable` (1954) ۽`The Town`(1957). (1949ع ۾ کيس سندس ڪهاڻين تي نيشنل بڪ ايوارڊ مليو. اهو ساڳيو ايوارڊ کيس 1955ع ۾ `A Fable` تي پڻ مليو. 1949ع ۾ دنيا جو مشهور انعام نوبل انعام به حاصل ڪيائين.
هي انٽرويو کائنس 1956 ۾ نيويارڪ ۾ ورتو ويو.

وليم فاڪنر

انٽرويو وٺندڙ: جين اسٽيئن وانڊين هيو ويل

انٽرويو وٺندڙ: فاڪنر صاحب ڪجهه عرصي کان تو بار بار اهو پئي چيو آهي ته انٽرويو ڏيڻ جو ڪم توکي نٿو وڻي. اها ڳالهه ڪيتري قدر آهي؟
فاڪنر: انٽرويو ڏيڻ ان ڪري نٿو وڻيم جو انٽرويو ۾ وٺڻ وارا ذاتي زندگيءَ متعلق سوال ٿا پڇن. ذاتي سوالن تي مون کي چڙ لڳندي آهي. ها! البت سوال جيڪڏهن منهنجين لکڻين جي باري ۾ هوندا ته انهن جا جواب ڏيندو آهيان. پر جيڪڏهن سوال منهنجي متعلق هوندا، ته پوءِ منهنجي مرضيءِ ته انهن جا جواب ڏيان نه ڏيان. ذات متعلق جواب ڏيندي ائين به ٿيندو آهي ته اڄ آئون هڪڙي ڳالهه ڪريان ۽ سڀاڻي ان تان ڦري وري ٻي ڳالهه ڪريان.
انٽرويو وٺندڙ: ليکڪ جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ کي ڇا ٿو ڄاڻين؟
فاڪنر: آءٌ هجان، دوستو وسوڪي هجي يا همنگوي هجي- اسان نه هجون ها ته اسان جي جاءِ تي ڪو ٻيو اچي اهڙيون لکڻيون لکي ها. در حقيت اهميت لکڻيءَ جي آهي، نه ڪه ليکڪ جي. اهميت شيڪسپيئر جي نه، پر Hamlet جي آهي. ليکڪ جيڪا اهميت حاصل ڪري ٿو سان پنهنجين لکڻين جي ڪري ڪري ٿو. لکڻين کان ٽٽي هو پاڻ ته ڪا به شيءِ نه آهي. شيڪسپيئر، هومر ۽ بالزاڪ جيڪڏهن هزار ٻه هزار سال جيئرا رهن ها ته ڪو ذر ذر ساڳئي ڍنگ جون شيون لکن ها ۽ پبلشر وٽانئن ڀڄي جند ڇڏائين ها.
انٽرويو وٺندڙ: پر ليکڪ لاءِ پنهنجي انفراديت به ته ضروري آهي!
فاڪنر: تمام ضروري آهي پر رڳو پنهنجو پاڻ لاءِ. هر ليکڪ کي پنهنجي لکڻيءَ ۾ انفراديت قائم رکڻ کپي.
انٽرويو وٺندڙ: پنهنجن همعصر ليکڪن جي باري ۾ ڪهڙي راءِ اٿئي؟
فاڪنر: اسان سڀني جيڪو تڪميل جو خواب ڏٺو، اُهو پورو نه ٿيو آهي. اسان کي ان معاملي ۾ جيڪا ڪاميابي نصيب ٿي آهي، اُها اُن ڪري ٿي آهي جو اسين اڻ ٿيڻيءَ جي پويان پيل آهيون. آءٌ اڳ ۾ ئي لکيل پنهنجين لکڻين کي جيڪڏهن ٻيهر لکڻ ويهان ته پڪ سان اڳي کان سٺو لکي ويندس. هڪڙي فنڪار لاءِ اها صورتحال صحتمنديءَ واري آهي. اها صحتمنديءَ جي ئي نشاني آهي، ته ليکڪ جيئن پوءِ تيئن بهتر کان بهتر ڳالهه چوڻ جي چڪر ۾ رهندو آهي ۽ ائين ئي سوچيندو آهي ته من هن ڀيري تڪميل تائين پهچي وڃان. اها حقيقت به پنهنجيءَ جاءِ تي قائم آهي ته ليکڪ تڪميل تائين پهچي نه سگهندو آهي. تڪميل جي باري ۾ ليکڪ جيڪو تصور گهڙيندو آهي، جيڪو خواب ڏسندو آهي ۽ هو ان طرف جڏهن ڊوڙندو آهي ته ڪجهه به نه ورندو اٿس. الٽو دل کي وڍ ايندا اٿس. بلڪه ائي کڻي چئجي ته هو هڪ طرح سان خودڪشي ڪندو آهي. مون لکڻ جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي. شاعريءَ ۾ ڦٻي نه سگهيس ته شاعري ڇڏي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيم. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ ۾ ناڪاميابيءَ کان پوءِ ڪهاڻي ئي ماڻهوءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي. ڪو ماڻهو جڏهن ڪهاڻي لکڻ ۾ به ڪامياب نه ٿيندو آهي ته پوءِ ئي هو ناول لکندو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: سٺي ناول نگار لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون ضروري آهن؟
فاڪنر: 99 سيڪڙو ڏات، 99 سيڪڙو جوڙجڪ جو شعور ۽ 99 سيڪڙو محنت، ناول نگار پنهنجي ڪم مان ڪڏهن به مطمئن نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو جيترو سُٺو لکڻ گهري ٿو اوترو سٺو لکي نٿو سگهي. جيئن پوءِ تيئن اڳتي وڌڻ جو خيال ذهن ۾ رکجي. پنهنجي همعصر ليکڪن جي مقابلي ۾ اچڻ جي بدران پنهنجين اڳين لکڻين کان بهتر لکڻ جي خواهش من ۾ ڌارجي. فنڪار هڪ اهڙي قسم جو جنازو آهي جنهن کي الائي ڪهڙا جن ڀوت ٿا هلائين. کيس اها به خبر نه هوندي آهي ته آخر اهي جن ڀوت کيس ڇو ٿا هلائين. فنڪار هڪ اهڙو بداخلاق شخص هوندو آهي جيڪو مواد جي ڏِس ۾ ڪنهن کان ڦُر ڪري سگهي ٿو، ڪنهن جي به چوري ڪري سگهي ٿو ۽ ڪنهن کان به پِني يا قرض کڻي سگهي ٿو. ڪجهه به ڪرڻو پوي پر لکڻ جو ڪم ضرور ٿئي.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته فنڪار صفا بي رحم هوندو آهي؟
فاڪنر: ليکڪ ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه سان ٻڌل نه آهي، هو صرف پنهنجي فن سان ٻڌل آهي، جيڪڏهن ڪو سٺو ليکڪ ٿيڻ گهري ته کيس سورهن جا ويهه آنا بي رحم ٿيڻو پوندو. ليکڪ کي سندس پنهنجا ئي خواب پيڙا ڏيندا رهندا آهن ۽ هو انهيءَ پيڙا مان جند ڇڏائڻ چاهيندو آهي. ڪتاب لکڻ جي چڪر ۾ هو ڪنهن به خوشيءَ، تحفظ، چڱائي، عزت ۽ وڏائيءَ کي صفا نه ليکيندو. ليکڪ کي لکڻ لاءِ جيڪڏهن ماءُ کان ڦر ڪرڻي پوي ته هو اُها به ڪري `Ode on Grecian urn` جهڙيون لکڻيون گهڻين پوڙهين کان چڱيون آهن.
انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته ليکڪ کي تخليق ڪرڻ وقت ڪنهن به تحفظ، خوشيءَ عزت جي ضرورت نه آهي؟
فاڪنر: اهي شيون ماڻهوءَ جي ذاتي امن ۽ سڪون لاءِ ته ضروري آهن پر فن جو وري امن ۽ سڪون سان ڪو به تعلق نه آهي.
انٽرويو وٺندڙ: ته پوءِ ليکڪ لاءِ ڪهڙي ماحول جي ضرورت آهي؟
فاڪنر: فن ليکڪ جي ماحول سان ٻڌل نه آهي. ماحول ڀلي ڪهڙو به هجي، ان سان ڪو فرق نٿو پوي. هونئن مون سان هيستائين جيڪي به ڌنڌا ڏٺا آهن، انهن مان سٺي ۾ سٺو ڌنڌو چڪلي جي چڱمڙسي آهي. منهنجي خيال ۾ ليکڪ لاءِ اِهو سٺي ۾ سٺو ڌنڌو آهي ۽ تمام سٺو ماحول پيدا ڪري ٿو ڏي. انهيءَ ڌنڌي ۾ مڪمل اقتصادي آزادي آهي. ڍءُ تي ماني ۽ مٿو لڪائڻ لاءِ ڇت آهي. صرف ٿورو گهڻو حساب ڪتاب رکڻو ٿو پوي ۽ هر مهيني پوليس کي خرچي ڪرائڻي ٿي پوي. چڪلي ۾ صبح جو ماٺ ئي ماٺ لڳي پيئي هوندي آهي، ڪو به گوڙ شور نه هوندو آهي. لکڻ جو بهترين وقت به صبح جو پهر آهي. شام جو آتڻ تي رونق لڳي پيئي آهي. حساب ڪتاب به ڪو ايترو گهڻو ڪو نه ٿو رکڻو پوي. حساب به وچ واريون ڌريون پاڻيهي پيون ڪنديون ۽ ’سائين سائين‘ به ڪنديون. ٽياڪڙ به حاضريءَ ۾ بيٺا هوندا. پوليس وارا به وهڻ لاءِ ريڙهي ڪرسي ڏيندس. بهرحال ماحول ڪهڙو به هجي، پر ماڻهو تنهائيءَ ۽ آرام ۾ هجي، بشرطيڪه ليکڪ کي انهيءَ جي قيمت ادا ڪرڻي نه پوي. اڻوڻندڙ ماحول ليکڪ کي پاڻيءَ مان ڪڍيو ڇڏي، مون کي ته لکڻ وقت صرف ڪاغذن، تماڪ، مانيءَ ٽڪر ۽ وسڪيءَ جي ڍُڪ جي ضرورت هوندي آهي. وڌيڪ ڪجهه پاڻ کي کپيئي ڪو نه.
انٽرويو وٺندڙ: بوربون؟
فاڪنر: نه. هرڀرو بوربون ڪا ضروري نه آهي. ڪا به اسڪاچ هجي، ڪم ٽپي ويندو.
انٽرويو وٺندڙ: تو اقتصادي آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي. ڇا ليکڪ کي اقتصادي آزاديءَ جي ضرورت آهي ڇا؟
فاڪنر: نه ليکڪ کي اقتصادي آزاديءَ جي ضرورت نه آهي. بس پنا ۽ پينسل ملي وڃي. مفت ۾ مليل امداد جا ڏوڪڙ ليکڪ کي نه کپن. سٺو ليکڪ ڪڏهن به پئسن جيءَ پِن تي نه ڀاڙيندو آهي. ليکڪ ته بس رڳو پنهنجي لکڻ جي ڌنڌي سان ٻڌل آهي. جنهن کي سٺو لکڻ ئي نه ايندو آهي، اُهو پوءِ اِهي رڙيون ڪرڻ شروع ڪندو آهي، ”سائين مون وٽ وقت ڪونهي.“ يا ”سائين مون کي ڪا به اقتصادي آزادي نه آهي.“ وغيره وغيره. ڪو به کاٽڙيو، ڪو به دلال، ڪو به چوراٽيو سٺو فن تخليق ڪري سگهي ٿو. بُک ۽ ڏوجهرا ماڻهوءَ کي برابر تنگ ڪندا آهن، پر سٺي ليکڪ جو ڪنهن به ڍنگ ۾ خاتمو آڻي نٿو سگهجي. سٺي ليکڪ جو خاتمو موت ئي آڻي سگهي ٿو. سٺي ليکڪ کي پئسي ڏوڪڙ جو فڪر نه ماريندو آهي. ڪاميابي، جنس، مونث آهي عورت وانگر آهي، اُنهيءَ جي اڳيان ويهي ليلڙاٽيون پائيندين ته گوڏا ڏيئي توتي چڙهي ويهي رهندي، تنهنڪري بهتر ائين آهي ته پري کان آڱوٺو ڏيکارينس ته پوءِ اُها ساڳي ڪاميابي تنهنجا پير اچي جهليندي.
انٽرويو وٺندڙ: تون فلم انڊسٽريءَ ۾ به ڪم ڪندو رهيو آهين، اهو ڪم لکڻين کي نقصان ته نٿو پهچائي؟
فاڪنر: ڪا به اهڙي شيءِ نه آهي، جيڪا صف اول جي ليکڪ جي لکڻين کي نقصان پهچائي. ها! جيڪڏهن ليکڪ صف اول جو نه آهي ته پوءِ کيس ڪا به شيءِ مدد ڪري نٿي سگهي. صف اول جي ليکڪ کي ڪا به رڪاوٽ آڏي نه ايندي آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي دل ته اڳ ۾ ئي لکڻ جي عشق کي ڏيو ويٺو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: فلم لکڻ وقت ليکڪ کي فلم ٺاهڻ وارين ٻين ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي ڇا؟
فاڪنر: جي ها! وقت بوقت سمجهوتو ڪرڻو ئي پوندو آهي. ڇاڪاڻ ته فلم اهڙي شيءِ آهي جنهن کي ڳچ ڌريون گڏجي ٺاهينديون آهن. ان ڪري فلم لکڻ وقت هڪ ٻئي سان ڇڏڇوٽ ڪبي آهي. ڌرين جو جيڪو پاڻ ۾ تعاون ٿئي ٿو اُهو تعاون ئي سمجهوتو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ دوران توکي ڪهڙو ايڪٽر ڪم ۾ سولو لڳو؟
فاڪنرِ هينري بوگارٽ. `To have and have not` ۽ `The big sleep`فلمن ۾ اسان گڏجي ڪم ڪيو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: ٻيءَ ڪنهن فلم ٺاهڻ جو ارادو اٿيئي؟
فاڪنر: ها! جارج آوريل جي ناول ’1984ع‘ تي فلم ٺاهڻ لاءِ دل چئي ٿي. آءٌ جيڪو اهو سدائين پيو چوندو آهيان ته، ”آزاديءَ جي معمولي خواهش رکڻ جي ڪري انسان لازوال ٿي پيو آهي.“ اِهو ناول منهنجيءَ انهيءَ ڳالهه جي پٺڀرائي ٿو ڪري.
انٽرويو وٺندڙ: فلم ٺاهڻ وقت ڪو خاص طريقو به اختيار ڪندو آهين ڇا ته جيئن فلم موچاري ٿي پوي؟
فاڪنر: ڀلي فلم ٺاهڻ لاءِ سٺي ۾ سٺو ڪم اِهو ڪجي ته ڪئميرا اڃا حرڪت ۾ اچي ئي اچي، تنهن کان اڳ آخري ريهرسل دوران ايڪٽر توڙي ليکڪ اڳ ۾ لکيل اسڪرپٽ کي ڦٽو ڪري ڇڏين ۽ اُتي جو اُتي پڙ تي نيون سينو تخليق ڪري وٺن. بهرحال هاڻي مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو آهي ته آءٌ فلم جي ڪم جو نه آهيان. ان ڪري فلم لکڻ جي ايتري وڌيڪ ضرورت محسوس نٿو ڪريان. مون وٽ جڏهن اظهار جو ٻيو سٺو ذريعو ناول آهي ته، پوءِ ان کي ڇو نه استعمال ڪريان. فلم جي بکيڙي ۾ ڇو پوان.
انٽرويو وٺندڙ: هالي ووڊ دنيا جو تمام مشهور ادارو آهي. ان اداري ۾ ڪم ڪندي توکي ڪافي دلچسپ تجربا ٿيا هوندا. انهن تجربن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندين؟
فاڪنر: MGM فلم ڪمپنيءَ سان منهنجو معاهدو تازو تازو ختم ٿيو هو ۽ آءٌ واپس گهر موٽڻ جا اٺسٺا پيو ڪريان ته مون وارو ڊائريڪٽر هلي مون وٽ آيو ۽ چيائين، ”جيڪڏهن تون اڃان فلم ڪمپنيءَ جو ڪم ڪرڻ ٿو گهرين ته رڳو مون کي ٻڌاءِ ته آءٌ ڪمپنيءَ وارن سان تنهنجو نئون معاهدو ڪرائي ڇڏيان.“ مون ٿورا مڃيامانس ۽ سڌو گهر هليو آيس. ڇهن مهينن کان پوءِ مون پنهنجي ساڳئي ڊائريڪٽر کي خط لکيو ته، ”فلم ڪمپنيءَ ۾ مون کي ٻيهر نوڪري ٿي کپي.“ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مون کي هڪرو خط اچي مليو ۽ خط سان گڏ هفتي جي پگهار جو چيڪ به هو. ڏاڍي حيرت ٿيم ته نه ڪو معاهدو ڪيو اٿن، نه ڪو نوڪريءَ جو آرڊر ڪڍيو اٿن، ائين کڻي پئسا ڏياري موڪليا اٿن. سوچيم ته شايد آرڊر جي ڪاپيءَ يا معاهدي جي فارم پوسٽ ۾ دير ڪئي هوندي، پاڻيهي پهچي ويندا. پر ٻئي هفتي وري اچي چيڪ ڪڙڪو ڪيو آرڊر ندارد. چيوسين ‎ٺهيو سائين. چيڪن جو اِهو سلسلو نومبر 1932ع کان شروع ٿيو ۽ مئي 1933ع تائين هلندو رهيو. ان کان پوءِ اوچتو ئي اوچتو MGM ڪمپنيءَ وارن جيءَ تار اچي ڪڙڪو ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو، ”وليم فاڪنر! ڪٿي غائب آهين. پتو ڏي.“ مون جواب ۾ تار لکي، ”MGM اسٽوڊيو! ڪلورسٽي ڪيليفورنيا- وليم فاڪنر.“ تار وصول ڪرڻ واريءَ ڇوڪريءَ چيو ته ”هن تار ۾ ته رڳو نالا لکيا پيا آهن. نياپو ڪئي“ چيومانس، ”اهو ئي نياپو آهي.“ جواب ڏنائين ته ”اسان جي قاعدن قانونن مطابق توکي تار ۾ ڪو نه ڪو چِٽو نياپو ڏيڻو آهي، نه ته تار نه ويندي.“ خير! سندس ئي صلاح سان تار ۾ نياپو لکيم، جيڪو هاڻي وسري ويو اٿم. تار رواني ٿيڻ کان پوءِ ستت ئي اسٽوڊيو مان فون ذريعي حڪم آيو ته ”جيڪو به پهريون هوائي جهاز ور چڙهيئي، ان تي چڙهي نيو اورلينس ۾ فلاڻيءَ هوٽل تي اچي حاضر ٿي ۽ دخلڪاريءَ جي رپورٽ ڏي.“ آءٌ هوائي جهاز ۾ چڙهڻ جي بدران جيڪڏهن ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي روانو ٿيان ته اُتي پهچڻ ۾ وڌ ۾ وڌ مون کي اٺ ڪلاڪ لڳن ها. پر مون کي حڪم مڃڻو هو ان ڪري ٽيڪسي ڀاڙي ڪري ميمفس هوائي اڏي تي پهتس، جتان ٽئين ٽئين ڏينهن نيو اورليئنس لاءِ جهاز نڪرندو هو. ان ڪري آءٌ ٽي ڏينهن دير سان پهتس. شام جو ڇهين بجي ڊائريڪٽر صاحب مسٽر برائوننگ وٽ هوٽل تي پهتس. پهچڻ ساڻ چيائين ته، ”في الحال وڃي پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪر. صبح جون ڳالهيون صبح سان.“ فلم جي ڪهاڻيءَ متلق پڇيومانس ته جواب ڏنائين ته، ”في الحال فلاڻي ڪمري ۾ هليو وڃ. اُتي فلاڻو خان ويٺو اٿئي، اُهو توکي ڪهاڻي ٻڌائيندو.“ آءٌ سندس ڪمري مان نڪري فلاڻي خان وٽ پهتس ته چيائين ته، ”پهريون ته ڊائلاگ لکي وٺ، پوءِ ڪهاڻي ٻڌائيندوسانءِ.“ آءُ اِها عجيب ڳالهه ٻڌي موٽي وري برائوننگ وٽ پهتس ته چيائين، ”في الحال وڃي پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪر. صبح جون ڳالهيون صبح سان.“ ٻئي ڏينهن صبح جو سڀ ڄڻا گڏجي لانچ تي وڃي ويٺاسينج، جو اسان کي گرانڊ ٻيٽ تي وڃڻو هو، جتي فلم ٺهڻي هئي. ڏٺم ته ڪهاڻيءَ وارو فلاڻو خان لانچ ۾ موجود ئي نه آهي. خير! سؤ ميل ڪري ٻيٽ تي پهتاسين، ايستائين منجهند جي مانيءَ جو ٽائيم اچي ٿيو. ماني کائي بس ڪئي سين ته ٽپهري اچي ٿي ۽ پوئتي موٽڻ جو وقت ڀرجي آيو. ڇاڪاڻ ته سنجهي کان اڳ هوٽل تي پهچڻو هو. اسان جي انهيءَ اچ وڃ جو سلسلو ٽي هفتا جاري رهيو. صبح جو روانا ٿيندا هئاسين، ٻيٽ تي ماني کائي وري واپس اچڻ لاءِ لانچ تي اچي چڙهندا هئاسين. مون کي ڪهاڻيءَ جي ڳڻتي کڻيو بيٺي هئي. برائوننگ کان روز پيو پڇندو هوس ته جواب ڏيندو هو ته ”ميان ڳڻتي نه ڪر. في الحال آرام ڪر. صبح جون ڳالهيون صبح سان.“
هڪڙي ڏينهن شام جو جيئن ئي پنهنجي ڪمري ۾ گهڙيس ته برائوننگ جي فون آئي ته ”هڪدم مون وٽ پهچ.“ آءٌ وٽس پهتس ته مون کي تار هٿ ۾ ڏنائين، جنهن ۾ لکيل هو ته ”فاڪنر کي نوڪريءَ مان گولي ٿو ڪجي. MGMاسٽوڊيو.“ تار پڙهي حيرت مان برائوننگ ڏانهن ڏٺم ته هن چيو، ”ميان ڳڻتي نه ڪر. آءٌ هينئر جو هينئر اسٽوڊيو ۾ فلاڻي وڏي صاحب کي فون ٿو ڪريان ۽ چوانس ٿو ته نه رڳو توکي ٻيهر نوڪري ڏين، پر معافي به وٺن.“ هُن اُها ڳالهه چئي ئي بس ڪيو ته در کليو ۽ ٻيءَ تار اچي ڦهڪو ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو، ”برائوننگ کي نوڪريءَ مان گولي ٿو ڪجي.“ سو آءُ گهر موٽي آيس. برائوننگ جيڏانهن جي بلا هو اوڏانهن ويو. باقي رهيو ڪهاڻيءَ وارو فلاڻو خان، انهيءَ کي شايد هفتي جو پگهار اچي مليو هوندو. مطلب ته فلم نه ٺهڻي هئي سا نه ٺهي.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجو چوڻ آهي ته فلم لکڻ وقت ليکڪ کي ٻين ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي. اها ڳالهه ته ٺيڪ، پر ڪتاب لکڻ وقت به خلق جي دٻاءُ هيٺ رهڻو پوندو آهي؟ سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي ڇا؟
فاڪنر: ڪتاب لکڻ وقت ليکڪ کي ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ جي دٻاءَ هيٺ اچڻ نه کپي. هو صرف پنهنجو پاڻ جو دٻاءُ قبول ڪري. جيترو ٿي سگهي اوترو پنهنجي منهن سٺو لکڻ جي پرواهه ڪجي. لکڻ کان پوءِ جيئن وڻيس تيئن پڙهندڙن جي اعتراض کي منهن ڏي. جيستائين منهنجيءَ ذات جو تعلق آهي ته آءٌ پنهنجي لکڻ ۾ ايڏو رُڌل هوندو آهيان جو خلق جي پرواهه ڪريان ئي ڪو نه. مون وٽ ايترو وقت ئي نه آهي جو اِهو سوچيندو وتان ته ڪير مون کي پڙهي ٿو يا نٿو پڙهي يا پسند ڪري ٿو يا اعتراض ٿو ڪري. جان ڊو جهڙا نقاد منهنجين لکڻين جي باري ۾ يا ڪنهن ٻئي ليکڪ جي ڪم جي باري ۾ ڪهڙي راءِ ٿا ڏين. ان سان آءٌ ٻڌل نه آهيان. ها! ائين ضرور ٿيندو آهي ته آءٌ جڏهن `La Tentation de Saint Antoine` يا `Old Testament` پڙهندو آهيان ته ائين ئي محسوس ڪندو آهيان، جيئن پنهنجي لکڻ جي باري ۾ محسوس ڪندو آهيان. اها ڳالهه مون کي وڻندي آهي. وڻندي ته مون کي پکين جي اُڏام به آهي. جُوڻ ۾ آءٌ پڪ سان گرڙ پکي ٿيندس، جنهن کي ڪا به پرواهه، ڪو به کٽڪو نه هوندو آهي. بُک ۾ جيڪي ڪجهه ور چڙهندو اٿس، ان کي کائي ويندو آهي. پنهنجا ٻچا ئي کائي ويندو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: تون جو هن درجي تي پهتو آهين ته ايستائين پهچڻ ۾ لکڻ جي ڪهڙي ٽيڪنڪ اختيار ڪئي اٿئي؟
فاڪنر: جيڪڏهن ڪو ليکڪ ٽيڪنڪ ۾ ٿو دلچسپي وٺي ته ڇڏينس ته هو پنهنجي منهن وڍ ٽڪ جو عمل اختيار ڪري يا سِرَ سِرَ ۾ ڀڇائي ڀت ٺاهي. لکڻ هڪ اهڙو ڪم آهي جنهن ۾ ڪنهن به ڏسيل طريقي سا شارٽ ڪٽ جي گنجائش نه آهي. ڪو جوان مڙس جيڪڏهن ڪنهن ٺهيل ڍڪيل ۽ گهڙي ٿيوريءَ تي عمل ٿو ڪري ته اهو وڏو بيوقوف آهي. سکڻو اٿئي ته پنهنجين غلطين کان سِک. ماڻهو صرف پنهنجين غلطين مان ئي سکندو آهي. سٺو فنڪار اُهو آهي جيڪو ڪنهن جي به صلاح نه مڃي. صلاح ڏيڻ وارو ڀلي ڪيترو به هوشيار هجي، پر ليکڪ لاءِ هو صفا سکڻو آهي. صلاح ڏيڻ وارو لکڻيءَ جي ڪيڏي به واکاڻ ڪندو هجي، پر جڏهن صلاح به ڏيندو ته مارائي وجهندو.
انٽرويو وٺندڙ: ٽيڪنڪ جي سچائيءَ ۾ اعتبار نه اٿئي ڇا؟
فاڪنر: سوچيل سمجهيل ٽيڪنڪ جو ته سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. ٽيڪنڪ ته مواد سان گڏ ئي هوندي آهي. ڌار ڪا به شيءِ نه آهي. ليکڪ جڏهن ڪتاب لکڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻندو ئي مس آهي ته ٽيڪنڪ پاڻيهي جو پاڻهي احساسن ۽ جذبن سان ٻُٽ ٿي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ليکڪ جڏهن پهريون اکر لکڻ شروع ڪندو آهي ته کيس اِها خبر پئجي ويندي آهي ته ڪتاب ڪٿي وڃي ڇيهه ڪندو. اکر پويان اکر پڇندو ويندو آهي. سڄو ڪم سِرن جي اوساريءَ وانگر هوندو آهي. منهنجو ڪتاب `As I lay dying` به ائين ئي جڙيو. سڄو مواد اڳ ۾ ئي منهنجي ذهن ۾ موجود هو. سڄي خبر هيم ته تان ڪٿان کڻي ڪٿي وڃي ٽوڙجي. روزانه صبح جو اٿي ٻارهن ڪلاڪ لکندو هوس. ڇهن هفتن اندر ڪتاب کي گهمائي ورتم. سڄو پورهئي جو ڪم هو. اِهو ڪتاب لکڻ وقت منهنجي ذهن ۾ ماڻهن جو هڪ ننڍڙو گروپ هو، جنهن کي باهه ۽ پاڻيءَ جهڙين معمولي قدرتي آفتن مان فطري ڍنگ ۾ ٽپي ٻاهر نڪرڻو هو. منهنجي ذهن ۾ رڳو اهو نڪتو هو ته اِهي ڪردار ڪٿي اُڀار ٿا کائين ۽ ڪٿي پنهنجو ڪم پورو ٿا ڪن. فنڪار جي لياقت انهيءَ ڳالهه ۾ لڪل آهي ته هو پنهنجي ڪم کي پرکڻ جي ڪيتري همت ۽ ايمانداريءَ ٿو ڏيکاري. جيڪڏهن منهنجي ڪا لکڻي انهيءَ معيار تي نٿي لهي ته مون کي ايترو ئي ڏک ۽ اوتري ئي پيڙا ٿيندي آهي، جيتري ماءُ کي پنهنجي اولاد جي کرڻ تي ٿيندي آهي.
انٽرويو وٺندڙ: اهڙي قسم جي لکڻيءَ جو نالو ٻڌائي سگهندين؟
فاڪنر: `The Sound and the Furry` اِهو ڪتاب ڌار ڌار وقتن تي مون کي پنج ڀيرا لکڻو پيو. مون کي ڪهاڻي بيان ڪرڻي هئي ۽ پيڙا مان نڪرڻو هو. اها ڪهاڻي ڪئڊيءَ نالي عورت ۽ سندس ڌيءَ جي ٽرئجڊي هُئي، جيڪي ٻئي ڄڻيون غائب ٿي ٿيون وڃن. ان ڪتاب جو هڪ ڪردار ڊزلي، منهنجيءَ پسند جو ڪردار آهي. ڊزلي هڪ بهادر، باهمت، فياض، سيبائتيءَ ۽ ايماندار عورت آهي. بلڪه ائين کڻي چئه ته اها مائي مون کان وڌيڪ بهادر، ايماندار ۽ فياض آهي.
انٽرويو وٺندڙ: `The Sound and the Furry` ڪتاب جي شروعات ڪيئن ٿي؟
فاڪنر: ان جي شروعات منهنجي ذهن ۾ جُڙيل هڪ تصوير سان ٿي. ان وقت مون کي اها خبر نه هئي ته اِها تصوير علامتي رنگ اختيار ڪندي. اُها تصوير اِها هئي ته هڪ ننڍڙي نينگري آهي، جيڪا ماڙيءَ تي هڪ مِٽيءَ هاڻيءَ جاءِ تي ويٺي آهي ۽ دريءَ مان پنهنجيءَ ڏاڏيءَ کي دفن ٿيندي به ڏسي پيئي ته هيٺ بيٺل پنهنجن ڀائرن کي اکين ڏٺو احوال به ٻڌائي پيئي. ان ڪهاڻيءَ ۾ پهرين پهرين مون اِهو سمجهيو ته اِهي سڀ ڪير آهن ۽ ڇا پيا ڪن ۽ ننڍڙيءَ نينگريءَ جي پئنٽ مٽيءَ هاڻيءَ ڇو ٿي آهي. پوءِ ڏٺم ته اِها صورتحال مختصر ڪهاڻيءَ ۾ بيان ڪرڻ کان چڙهيل آهي. ان ڪري مختصر ڪهاڻيءَ جي بيان ڪرڻ بدران ڪتاب لکڻو پوندو. اِها ڳالهه ڌيان ۾ اچڻ کانپوءِ ڇوڪريءَ جي مٽيءَ هاڻي پئنٽ هڪ علامت طور منهنجي دماغ ۾ آئي ۽ منهنجي تصور ۾ هڪ اهڙي ٻارڙي هئي، جنهن جو پيءُ ماءُ نه آهن. جنهن گهر ۾ هوءَ رهي ٿي، ان گهر ۾ کيس ڪا به قربت، ڪو به پيار نٿو ملي، ان ڪري هوءَ نيساري جي پائيپ ذريعي ماڙيءَ تان هيٺ لهي ٿي ۽ گهر مان ڀڄي وڃي ٿي.
ان ڪهاڻيءَ جي شروعات مون ان ننڍڙيءَ نينگريءَ جي واتان ڪئي، پر پوءِ ڏٺم ته ائين ڪهاڻي مزو نٿي ڪري ته اِها ساڳي ڪهاڻي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي واتان بيان ڪرايم، جنهن کي اِها ته خبر آهي ته ڇا پيو ٿئي، پر اُها خبر نه اٿس ته ائين ڇو پيو ٿئي. ائين ڪرڻ سان به ڏٺم ته ڪهاڻيءَ جا پير نٿا کُپن، ان ڪري اِها ساڳي ڪهاڻي وري نينگريءَ جي هڪڙي ڀاءُ جي واتان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، تڏهن به ڳالهه ساڳي رهي. وري ڇوڪريءَ جي ٻئي ڀاءُ کي جهليم، پر تڏهن به اصل ڳالهه کان گُسي ويس. نيٺ ڇا ڪيم جو سڀني بيانن کي گڏي هڪ ٽياڪڙ جي بيان جي ذريعي ناول جوڙيم ايڏين سارين ڪوششن کان پوءِ ۽ ڪتاب ڇپجڻ کان پندرنهن سال پوءِ به ناول نامڪمل ٿو لڳيم. منهنجي اِها تخليق اهڙي آهي، جنهن سان مون حد کان وڌيڪ نرمي اختيار ڪئي آهي ۽ اڪيلو ڇڏي نه سگهيو آهيانس. ڪوشش ڪندس ته ان ناول کي ٻيهر لکان، پر لڳي ٿو ته ان ۾ به ناڪامياب ٿي ويندس.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجو هڪڙو ڪردار آهي بئنجي. ان ڪردار جي باري ۾ تنهنجا جذبات ڇا ٿا چون؟
فاڪنر: بئنجيءَ جو ڪردار منهنجي من ۾ لاڪائنس ڏک ۽ رحم جا جذبا پيدا ٿو ڪري. ڪو به ماڻهو بئنجيءَ جي جذبات جي باري ۾ ڪجهه محسوس ڪري نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته بئنجي خود پنهنجي باري ۾ به ڪجهه محسوس نٿو ڪري. مون کي ته رڳو اهو ڏسڻو پيو آهي ته ڪردار جيئن مون تخليق ڪيو آهي، اُهو تيئن جو تيئن اعتبار جوڳو لڳي ٿو يا نه. ايلزبيٿين دور ۾ جيڪي اسٽيج ناٽڪ ٿيندا هئا، جن ۾ هڪ ڪردار اهڙو هوندو هو، جيڪو اسٽيج تي اچي ناٽڪ جي تمهيد ٻڌندو هو. پنهنجو اهو مقصد پورو ڪندو هو ۽ هليو ويندو هو، بئنجي به هڪ اهڙي ئي قسم جو ڪردار آهي. هو نه بُرو آهي ۽ نه ڀلو. ڇاڪاڻ ته کيس بُري ۽ ڀلي جي فرق جي ڪا به خبر نه آهي.
انٽرويو وٺندڙ: بئنجي پنهنجي اندر ۾ پيار ته محسوس ٿو ڪري!
فاڪنر: بئنجي ايترو ته بي سمجهه آهي جو منجهس خود شناسائي نالي ماتر به نه آهي. هو هڪ صفا جانور آهي. کيس نرميءَ ۽ پيار جو اڻ لکو احساس ته آهي، پر هو ان کي ڪو به نالو ڏيئي نٿو سگهي. سمجهي نٿو سگهي ته اهو سڀڪجهه آخرڪار آهي ڇا. هو جڏهن ڪئڊيءَ ۾ تبديل محسوس ٿو ڪري ۽ کيس اهو ساڳيو نرم ورتاءُ وٽانئس نٿو نصيب ٿئي ته هو رڳو جانور وانگر رنڀي ٿو. هو ايترو ته بي سمجهه آهي، کيس اها به خبر نٿي پوي ته هو ڪئڊيءَ کي وڃائي ويٺو آهي. ان تي کيس ڏک ٿو ٿئي ۽ هو اِهو خال پُر ڪرڻ ٿو گهري. اِهو خال ڪئڊيءَ جي ڇڏيل ڦاٽل جُتي پُر ٿي ڪري. اِها ڦاٽل جُتي لاڪائنس پيار ڀريو ڇهاءُ آهي. هو ان جتيءَ کي ڪو نانءُ نٿو ڏيئي سگهي. کيس جيئن بري ۽ ڀلي جي خبر نه آهي، تيئن گندگي ۽ صفائيءَ جو فرق به معلوم نه اٿس. ڪئڊيءَ جي پاٽل جُتي کيس سڪون ته ڏئي ٿي پر اها خبر نه اٿس ته اها جُتي ڪنهن جي آهي ۽ کيس آخر ڏک ڇو ٿي رهيو آهي. اِهو هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن اڳيان ڪئنڊي ٻيهر پنهنجو پاڻ پڌاري ته شايد ساڃاڻيس به نه.
انٽرويو وٺندڙ: بئنجيءَ جي هٿ ۾ جيڪو گل ڏنو ويو آهي، ان جو خاص مقصد آهي ڇا؟
فاڪنر: اهو گل هروڀرو شعوري طور تي سندس هٿ ۾ نه ڏنو ويو آهي. البت هٿ ۾ گل اچڻ کانپوءِ اِهو گل سندس ڌيان ضرور ڦيرائي ٿو.
انٽرويو وٺندڙ: `A fable` ناول ۾ تو عيسائي تمثيل کان ڪم ورتو آهي. ڇا ناول ۾ تمثيل کي ڪم ۾ آڻڻ سان ڪو لاڀ ملي ٿو ڇا؟
فاڪنر: `A fable` ۾ عيسائي تمثل کي ان ڪري استعمال ڪيو اٿم جو ان جي نوعيت جي لحاظ کان ناول ۾ خاص ضرورت هئي. ائين جيئن گهر ٺاهڻ وقت اِهو ڏسبو آهي ته گهر جي نوعيت مطابق ڪهڙي سِرَ ڪٿي هڻجي.
انٽرويو وٺندڙ: ان جو مطلب اِهو ٿيو ته فنڪار عيسائيت کي هٿيار طور استعمال ڪري سگهي ٿو، جيئن واڍو واهولي کي استعمال ڪندو آهي؟
فاڪنر: پاڻ جنهن واڍي (اديب) جي ڳالهه پيا ڪريون انهيءَ وٽ واهولو ته هوندو ئي آهي. ڪو به ماڻهو عيسائيت کان آجو ناهي، بشرطيڪ وٽس اهو طئي ٿي وڃي ته عيسائيت لفظ جي معنيٰ ڇا آهجي. عيسائيت هڪ منفرد شخص جي ورتاءَ جو انفرادي دستورِ عمل آهي. ان دستور جي چٽائي ڪبي ته اُها هيءَ وڃي بيهندي ته انسان پنهنجين فطري ضرورتن جي باوجود پنهنجيءَ فطرت کان وڌيڪ سٺو ٿي ڏيکاري. پوءِ وٽس نشان ڀلي ڪهڙو به هجي، اُهو نشان ڪراس هجي يا کڻي هلال جو هجي، ان سان فرق نٿو پوي. بس ماڻهو رڳو انسانذات ۾ رهندي پنهنجو فرض ياد رکي. انهيءَ دستور عمل جون ڌار ڌار تمثلون آهن ۽ اهي تمثيلون اهڙا چارٽ آهن، جن سامهون ماڻهو پاڻ کي رکي توري تڪي ٿو ۽ اهو ڄاڻڻ گهري ٿو ته هو پاڻ آخر آهي ڇا! اِهو چارٽ ماڻهوءَ کي چڱائي ته سيکاري ٿو، پر ائين نٿو سيکاري ته پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ڳولي لهجي. اهو چارٽ لاڪائنس اهڙي قسم جو اخلاقي دستور عمل ۾ معيار پڌرو ڪري ٿو، جنهن تحت هو پنهنجين لياقتن ۽ آرزوئن مطابق پنهنجو پاڻ کي ڳولي لهي. ليکڪ حضرات هن کان اڳ ۾ توڙي هن وقت توڙي هن کان پوءِ به اخلاقيات جي شعور تحت انهن تمثيلن کي استعمال ڪندا رهندا. ڇاڪاڻ ته اهي تمثيلون فاني نه آهن، مستقل موجود رهنديون آهن. Moby Dick ڪتاب ۾ ٽي اهڙا ڪردار آهن جيڪي ضمير جي تثليث جو اظهار ڪن ٿا. اها تثليث هيئن ٺهي ٿيِ (1) ڪجهه به نه ڄاڻڻ. (2) ڄاڻڻ جي پرواهه نه ڪرڻ. (3) ڄاڻڻ ۽ ان جي پرواهه ڪرڻ.
منهنجي ناول `A fable` ۾ به اهڙي تثليث موجود آهيِ (1) نوجوان يهودي چوي ٿو، ”ڏاڍو ڀيانڪ آهي. آءٌ ان کي مڃڻ کان انڪاري آهيان، ائين ڪندي مون کي ڇو نه کڻي زندگيءَ کان ئي انڪاري ٿيڻو پوي.“ (2) فرينچ ڪوارٽر ماسٽر جنرل چوي ٿو، ”ڏاڍو ڀيانڪ آهي. پر اسين کيس برداشت ڪري سگهون ٿا، روئي سگهون ٿا.“ (3) بٽالين جو اڳواڻ انگريز چوي ٿو، ”ڏاڍو ڀيانڪ آهي، پر تڏهن به ان لاءِ ڪجهه نه ڪجهه بندوبست ڪري وٺندس.“
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي ڪتاب `The wild Palms` ۾ به اهڙا موضوع اچي ويا آهن، جن جو هڪٻئي سان ڪو به تعلق نه آهي. تو انهن ٻن موضوعن کي ڪنهن خاص مقصد تحت گڏ ڪيو آهي ڇا؟ ڪجهه مشهور نقادن جو چوڻ آهي، اِها جمالياتي تمثل آهي. اِها واقعي جمالياتي تمثيل آهي يا اتفاقن سڄيءَ ڪهاڻيءَ جي جوڙجڪ ائين بيهي رهي آهي؟
فاڪنر: نه، ائين نه آهي. اِها هڪ ئي ڪهاڻي آهي، جيڪا چارلوٽ رٽين ميئر ۽ هيري ولبورن جي آهي. اهي ٻئي ڄڻا پيار لاءِ هر شيءِ قربان ڪري ڇڏين ٿا. پوءِ اڳتي هلي اهو پيار نٿو رهي. ڪتاب شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ مون کي اها خبر نه هئي ته اهي ڌار ڌار ڪهاڻيون ٿينديون. ڪتاب جو پهريون حصو `The wild palms` لکي پورو ڪيم ته محسوس ڪيم ته ڪهاڻيءَ ۾ ڪا کوٽ رهجي ويئي آهي. ڪٿان ڪا تانَ ڪو سُر رهجي ويو آهي. اها ڳالهه ڌيان ۾ ڌري سُر سُر ۾ ملائڻ لاءِ ڪتاب جو ٻيو حصو `Old man` لکيم ۽ ائين ٻئي ڪهاڻيون وارڙيون ٿي پني تي آيون.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي لکڻين ۾ ڪيترو ۽ ڪهڙو حصو تنهنجي ذاتي تجربي جي پيڙهه تي ٻڌل هوندو آهي؟
فاڪنر: ان باري ۾ ڪجهه به چئي نٿو سگهان. مون ڪڏهن به ويهي ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي ته منهنجين لکڻين جو ڪيترو حصو ذاتي تجربي تي ٻڌل آهي. اهڙي قسم جي ڳڻپ ڪرڻ جي ڪڏهن ضرورت ئي محسوس نه ڪئي اٿم. بس! اها پڪ اٿم ته لکڻ لاءِ ٽن شين جي ضرورت آهي هڪ تجربو، ٻيو مشاهدو ۽ ٽين تصور جي قوت. انهن ٽنهي شين مان ڪا به ڪسي هوندي ته ٻن ٻين کي ڌڪي وجهندي. منهنجيءَ ڪهاڻيءَ جي ابتدا ڪنهن خيال يا ڪنهن ياد يا ذهن ۾ آيل ڪنهن تصوير سان ٿيندي آهي. جنهن وقت ائين ٿيندو آهي، تيئن وقت ئي ان تي ڪم شروع ڪري ڏجي ۽ پوءِ اهو سمجهائجي ته ائين ڇو ٿيو ۽ ان جو ڪارڻ اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟ سٺي ليکڪ جي هميشه اِها ڪوشش هوندي آهي ته جيڪي ڪرادر تخليق ڪيا وڃن، اُهي حقيقي هجن ۽ حقيقي صورتحال ۽ پنهنجيءَ فطرت مطابق چرپر ڪري اڳتي وڌن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ليکڪ کي اُهو ئي ماحول تخليق ڪرڻو پوندو آهي، جيڪو سندس ڏٺل وائٺل هجي، جنهن جي کيس پروڙ هجي. جيڪڏهن اِها ڳالهه کڻي ويهي سوچجي ته منهنجي خيال ۾ اظهار جو سولو ذريعو سنگيت آهي. ڇاڪاڻ ته سنگيت ماڻهوءَ جي تجربي ۽ تاريخ ۾ اڳ ۾ ئي آيل آهي، پر منهنجي ڏات سُرن جي بدران لفظ آهن. مڃيان ٿو ته سُرن جي جاءِ تي لفظن وسيلي اظهار وڌيڪ ڏکيو ۽ اڍنگو آهي، پر ان هوندي به آءٌ لفظن کي وڌيڪ اهميت ڏيندو آهي. ٻڌڻ بدران پڙهڻ وڌيڪ پسند ڪندو آهيان. خاموشيءَ کي آوازن تي ترجيح ڏيندو آهيان، تصور لفظن ۾ تڏهن ايندو آهي جڏهن چُپ هوندي آهي. نثر جي گجگوڙ ۽ موسيقي ماٺ ۾ ئي جنم وٺندي آهي.
انٽرويو وٺندڙ ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته تنهنجيون لکڻيون ٻه ٽي ڀيرا پڙهڻ کان پوءِ به سمجهه ۾ نٿيون اچن، انهن کي ڪهڙي صلاح ڏيندين؟
فاڪنر: چوٿون ڀيرو پڙهن.
انٽرويو وٺندڙ: تو تجربي، مشاهدي ۽ تصور جي قوت کي ليکڪ لاءِ ضروري ڄاڻائو آهي. انهن شين ۾ انسپائريشن جو اضافو نه ڪندين ڇا؟
فاڪنر: انسپائريشن متعلق مون کي ڪابه خبر نه آهي. ڇاڪاڻ ته مون کي ته اهو به پتو آهي ته انسپائريشن ڪهڙيءَ بلا جو نالو آهي. ان جي باري ۾ ٻڌو ته گهڻي ئي اٿم، پر اڃا اکين سان ڏٺي ڪانه اٿم.
انٽرويو وٺندڙ: چيو وڃي ٿو ته ليکڪ جي حيثيت ۾ تنهنجو ذهن مار ماران ۾ ورتل آهي؟
فاڪنر: اهو چوڻ ائين ئي آهي، جيئن ڪو چئي ته هاري پنهنجيءَ ڪوڏر ۾ ورتو پيو آهي، خير هاري ته ڪوڏر مان ڪم ڪڍيو وڃي، پر ليکڪ لاءِ ٻيا به گهڻا اوزار کپن.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي ليکڪ بنجڻ شروعات ڪيئن ٿي؟
فاڪنر: آءُ نيو اوزلئين ۾ رهندو هوس. ٻه پئسا ڪمائڻ لاءِ ڪونه ڪو ڌنڌو پيو ڪندو هوس. اتي ئي منهنجي سنگت شيروڊ اينڊرسن سان ٿي. ٻئي ڄڻا گڏجي روز ٽپهريءَ جو شهر ۾ گهمڻ نڪرندا هئاسين. ايندن ويندن ماڻهن سان وات ٽُڪاڻي پيئي ٿيندي هئي. جڏهن رات ڍرندي هئي ته ٻئي ڄڻا بوتل کڻي ويهي رهندا هئاسين ۽ پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا هئاسين، هو ويهي ڳالهائيندو هو ۽ آءُ ٻڌندو هوس. صبح جو همراهه غائب رهندو هو، ڪٿي ڪو گوشائتو ڌنڌو ڌاڙي پيو ڪندو هو. اسان جي روز جي اها ڪار هوندي هئي. سوچيم ته جيڪڏهن ليکڪ جي اِها ئي زندگيءَ آهي ته پوءِ واهه واهه. سو پنهنجو پهريون ڪتاب لکڻ شروع ڪيم. لکندي خبر پيم ته لکڻ وڏي وندر آهي. سو پورا ٽي هفتا لکڻ ۾ لڳو رهيس. اينڊرسن جو يڪا ٽي هفتا مون کي غائب ڏ‎ٺو. سو ڪهي اچي منهنجو در جهلائين، اڳي آءُ سندس در تي هليو ويندو هوس. هن ڀيري لاچار کيس اچڻو پيو. اچڻ سان پڇيائين ”ڪهڙي مار پئي اٿئي؟ ڪاوڙجي ته نه پيو آهين؟” جواب ڏنو مانس، ”ڪتاب پيو لکان،” رڙ ڪيائني ”حق منهنجا مولا!” ۽ ائين چئي ٻاهر نڪري ويو. جڏهن اهو ڪتاب `Soldier`s Pay` لکي پورو ڪيم ته واٽ ويندي اينڊرس جي زال ملي. ملڻ سان پڇيائين ”ڪتاب جو ڇا ٿيو؟” ٻڌايومانس، ”لکي پورو ڪيو اٿم.” ٻڌايائين، ”اينڊرسن ڪنهن پبلشر سان ڳالهائي تنهنجو ڪتاب ڇپائڻ چاهي ٿو.” چيومانس ”جيڪا سنگت جي مرضي.”
انٽرويو وٺندڙ: تو جيڪو ٻڌايو ته توهن به پئسا ڪمائڻ لاءِ ڪو نه ڪو ڌنڌ ڌاڙي پيو ڪندو هئين، اِهي ڌنڌا آخر هئا ڪهڙا؟
فاڪنر: جيڪو ڌنڌو منهن ۾ ايندو هوم اهو پيو ڪندو هوس. ٻيڙي هلائڻ، گهرن جون ڀتيون رڱڻ، هوائي جهاز اڏائڻ. مطلب ته گهڻي ئي ڌنڌا ايندا هئم. انهيءَ زماني ۾ شهر ۾ ڏاڍي سستائي هوندي هئي. مون کي به ايترن گهڻن ڏوڪڙن جو کپ نه هوندو هو. پاڻ کي ته سمهڻ لاءِ مختصر جڳهه ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ ٿورو گهڻو کاڌو ٿي کتو. تماڪ جو سوٽو ۽ وسڪيءَ جو ڍڪ ٿي کتو. سو پورت پيئي ٿيندي هئي. ان ڪري ٻه ٽي ڏينهن، ڏينهن رات هڪ ڪري ڌنڌ ڪندو هوس ۽ پوءِ مهينو ويهي ڪري ڪمائي کائيندو هوس. طبيعتن رولاڪ ماڻهو آهيان. پئسي جي پويان ڊوڙان ئي ڪونه، اها ته وڏي بي شرمائي آهي جو دنيا ۾ رڳو ڪم ئي ڪري سگهجي ٿو. دنيا ۾ ڪو به ماڻهو اٺن ڪلاڪن لاءِ کائي نٿو سگهي. پي نٿو سگهي ۽ پيار ڪري نٿو سگهي. بس رڳو ڪم ئي ڪري سگهجي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو دنيا ۾ هر ڪو ماڻهو ڏکارو ۽ ناخوش ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انٽريو وٺندڙ: اها ته پڪ آهي ته تون شيروڊ اينڊرشن جا ٿورا ڳائيندين، پر هو ليکڪ جي حيثيت ۾ توکي ڪيئن ٿو لڳي؟
فاڪنر: منهنجي همعصر ليکڪن گڏجي آمريڪي ادب جي جيڪا ريت وڌي آهي، جنهن ريت کي کڻي ايندڙ نسل جا ليکڪ اڳتي وڌندا. شيروڊ ان ريت جو ۽ منهنجو ۽ منهنجي همعصر ليکڪن جو پيءُ آهي. کيس صحيح معني ۾ اڃا مڃوتي نه ملي آهي. لکڻين جي لحاظ کان، ڊريزيئر سندس وڏو ڀاءُ لڳي ۽ مارڪ ٽوائن وري ٻنهيءَ جو پيءُ لڳي.
انٽرويو وٺندڙ: پنهنجي همعصر يورپي ادبين جي باري ۾ ڇا خيال اٿئي؟
فاڪنر: منهنجي يورپي همعصر ليکڪن ۾ ٿامس مئن ۽ جيمس جوائس تمام وڏا اديب آهن. جوائس جو ناول `Ulysses` ته ائين ويهي پڙهجي جيئن پڪو پادري وڏي عقيدي سان ويهي `Old Testament` پڙهندو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي پس منظر ۾ بائيبل جو ڪيترو دخل آهي؟
فاڪنر: منهنجو پڙ ڏاڏو هيري اسان ٻارن لاءِ هڪ پيار ڪندڙ ۽ مهربان شخص هو. جيتوڻيڪ اسڪاٽ ماڻهو هو، پر ان هوندي به اسان سان نه ايترو کهرو پوندو هو ۽ نه وري مذهب تي ايترو خاص زور ڏيندو هو. البت پڪن اصولن وارو ماڻهو هو. ان جي باوجود سندس هڪ خاص اصول هوندو هو ته روز جڏهن به اسين صبح جي پهر ناشتي جي ميز تي گڏ ٿيندا هئاسين ته هر ڪنهن کي بائيبل مان ڪا نه ڪا سِٽ ٻڌائڻ پوندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن کي سِٽ ياد نه هوندي هئي ته ان کي بنا ناشتي جي ايستائين ڪمرو ڇڏڻو پوندو هو، جيستائين هو ڪا سِٽ ياد نه ڪري. اها سِٽ بلڪل صحيح نموني ۾ پڙهڻي پوندي هئي. اسان لاءِ هر صبح انهيءَ ڍنگ ۾ گذرندو هو. پڙ ڏاڏو مرحوم پنهنجين نيرين اکين سان اسان ڏانهن ڏاڍي پاٻوهه ۾ پيو ڏسندو هو ۽ سِٽ ٻڌندو هو. نيٺ وڏا ٿياسين ۽ هن دنيا ۾ گهڙياسين.
انٽرويو وٺندڙ: پنهنجن همعصرن جون لکڻيون پڙهندو آهين”
فاڪنر: نه. آءُ گهڻو ڪري اُهي ڪتاب پڙهندو آهيان، جيڪي جواني ۾ پڙهيم ۽ پسند ڪيم. انهن ڪتاب ڏانهن آءُ ائين ئي موٽ کائيندو رهندو آهيان. جيئن ڪنهن پراڻي يار ڏانهن موٽ کائبي آهي. آءُ هر سال بائيبل Don quixot, Old Testament ۽ ڊڪنز ۽ ڪوانراڊ جا ڪتاب پڙهندو آهيان. ساڳيءَ طرح فلابرٽ ۽ بالزاڪ کي به پڙهندو آهيان. بالزاڪ ته پنهنجي اهڙي دنيا ويهي تخليق ڪئي آهي، جيڪا رت ڌارا وانگر ويهن ڪتابن مان پار ٿيندي آهي. دوستو وسڪي ۽ ٽالسٽاءِ به پڙهندو آهيان. ان کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن ميلوائيل کي به پڙهيو آهي. شاعرن سان مارلو، ڪيمپئن، جانسن، هيرڪ، ڊوني، ڪيٽس ۽ شيليءَ کي پڙهندو رهندو آهيان. اهي ڪتاب مون ايترو ته گهڻو پڙهيا آهن جو هاڻي ڪڏهن به ائين نه ڪندو آهيان ته پهرين صفحي کان شروع ڪري آخر تائين پڙهي وڃان. ڪڏهن به ائي نه ڪندو آهيان ته پهرين صفحي کان شروع ڪري آخر تائين پڙهي وڃان. ڪڏهن هڪ اڌ سين پڙهندو آهيان يا هڪ اڌ ڪردار، بس ائين ئي هوندو آهي جيئن ڪنهن دوست سان چند منٽن لاءِ ملاقات تي ٿوري گهڻي ڳالهه ٻولهه ڪبي آهي.
انٽرويو وٺندڙ: ڀلا فرائيڊ؟
فاڪنر: آءُ جڏهن نيواورليئنس ۾ رهندو هوس ته هرڪو دانشور فرائڊ جي باري ۾ پيو ڳالهائيندو هو، پر مون کيس ڪڏهن به نه پڙهيو. نه ئي وري شيڪسپيئر کي پڙهيم.
انٽرويو وٺندڙ: پراسرار ڪهاڻيون پڙهندو آهين؟
فاڪنر: آءُ سائيمنون کي پڙهندو آهيان ته هو مون کي چيخوف جي ياد ڏياريندو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: پنهنجي پسند جي ڪردارن جي باري ۾ ٻڌاءِ؟
فاڪنر: مون کي ساراهه گيمپ جو ڪردار وڻندو آهي. هوءَ هڪ ظالم ۽ بي رحم عورت آهي. نشي ۾ ٻڏل، خود غرض ۽ بي گري عورت آهي. سندس ڪردار خراب هئڻ جي باوجود اصلي ڪردار آهي. ان کان سواءِ مسز هيرس، فلاسٽاف، پرنس هال، ڊان ڪئڪزاٽ، سانچو اوڦيليا ۽ باٽم پڻ وڻندا اٿم. ليڊي ميڪبيٽ جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي. مرڪيوٿيو ۽ مسز گيمپ جا ڪردار زندگيءَ جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ مدد لاءِ نٿا ٻاڏائين. هڪفن ۽ جم به وڻندا اٿم. ٽام سوايئر ڪونه وڻيم، جو اهو تنگدل ڪردار آهي. جارج هارٽ 1840ع يا 1850ع ڌاري ٽينيسي جبلن جي باري ۾ هڪ ڪتاب لکيو هو. ان ڪتاب جو ڪردار سوٽ لونگ گُڊ به مون کي ڏاڍو وڻيو. کيس پنهنجي باري ۾ ڪوبه مونجهارو نه آهي. هن کان جيڪي پڄي ٿو، اهو ڪري ٿو. ڪن خاص وقتن تي کانئس گڏ هيڻو به ٿي وڃي ٿو پر ان جي باوجود هو ڦڪو نٿو ٿئي. هو ڪڏهن پنهنجي بدقسمتيءَ کي نٿو لوئي ۽ نه وري الله سائينءَ تي ڪا ميار ٿو رکي.
انٽرويو وٺندڙ: ناول جي مستقبل جي باري ۾ ٻڌاءِ؟
فاڪنر: جيستائين ناول لکڻ وارا لکندا رهندا. تيستائين پڙهڻ وارا پڙهندا رهندا. اهو قصو ايستائين هلندو جيستائين وڃي با تصوير رسالا ۽ ٽوٽڪن جا ننڍا ڪتاب ماڻهن جي پڙهڻ ۾ گهٽتائي آڻين. حقيقت اِها آهي ته ادب واپس غارن ۾ چٽيل تصويرن ڏانهن موٽ پيو کائي.
انٽرويو وٺندڙ: نقادن جي ڪارڪردگيءَ جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟
فاڪنر: فنڪار وٽ ايترو وقت ئي نه آهي، جو ويهي نفاد جي ڳالهه ٻڌي. اُهي ماڻهو جيڪي نالي جا ليکڪ بنجڻ گهرن ٿا، اهي تبصرا پڙهندا اهن، پر جيڪي ماڻهو صحيح معني ۾ لکڻ گهرن ٿا اُهي نفاد جي ڳالهه تي ڪن نٿا ڏين، نفاد جو مخاطب فنڪار نه هوندو آهي. فنڪار نفاد کان مٿانهون آهي. ڇاڪاڻ ته هو اهڙي شيءَ تخليق ڪندو آهي جيڪا نفاد کي تحريڪ ۾ ٿي آڻي. نفاد جيڪي ڪجهه لکي ٿو اها لکڻي ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي تحرڪ ۾ آڻي سگهي ٿي، پر خود فنڪار کي متحرڪ نٿي ڪري.
انٽرويو وٺندڙ: ان جو مطلب اهو ٿيو ته تون پنهنجي لکڻي جي باري ۾ ڪنهن سان بحث ڪرڻ نٿو گهرين؟
فاڪنر: نه. آءُ لکڻ ۾ مصروف آهيان، منهنجي لکڻي مون کي مزو ڏئي ٿي. جڏهن اُها ئي لکڻي مزو ڏئيم ته ٻئي سان اُن تي ڇو ويهي ڳالهايان. ڀلا سمجهه ته جيڪڏهن پنهنجي لکڻي نٿي مزو ڏئيم ته پوءِ ان تي ٻئي سان ڳالهائڻ ۾ سڌارو ته نه ايندو. ان جو سڌارو صرف ان صورت ۾ ايندو ته ان تي وڌيڪ ويهي ڪم ڪريان. آءُ ڪو ادبي چغاداري نه آهيان، بس هڪڙو ليکڪ آهيان. پنهنجيءَ لکڻيءَ جي باري ۾ ڳالهائڻ مان مون کي مزو نه ايندو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: نقادن جو چوڻ آهي ته رت جا رشتا تنهنجن ناول ۾ مرڪزي حيثيت رکن ٿا؟
فاڪنر: اهو به هڪڙو نڪته نگاهه آهي.توکي ٻڌايو اٿم ته آءُ نفادن کي نه پڙهندو آهيان. جيڪڏهن ڪڏهن ڪردار جي نڪ جو گهاڙيٽو ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌائي ٿو ته آءُ نه ٿو سمجهان ته ليکڪ نڪ جي گهاڙيٽي کي ڇڏي رت جي رشتن جي ڳالهه ڪرڻ شروع ڪندو. مسئلو ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌائڻ جو آهي. نڪ جي گهاڙيٽي يا رت جي رشتن جو نه آهي. ليکڪ جو اصل مسئلو سچ ۽ انساني دل آهي، نڪن جي گهاڙيٽي ۽ رت جي رشتن متعلق حقيقتن ۽ ويچارن جي حيثيت ثانوي آهي. انهن شين جو سچ سان تمام ٿورو واسطو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: نقادن جو چوڻ آهي ته تنهنجن ڪردارن جي نفسيات ۾ بري ۽ ڀلي جي پرک نه آهي؟
فاڪنر: زندگي بري ۽ ڀلي سان ٻڌل نه آهي. ڊان ڪئڪوزاٽ لاڳيتو بري ۽ ڀلي مان چونڊ ۾ رڌل هوندو آهي، پر ان لاءِ ته کيس خيالي دنيا ٺاهڻي پيئ ٿي. هڪ هڪ چريو ماڻهو آهي. هو خيالي دنيا مان نڪري حقيقت ڏانهن صرف تڏهن اچي ٿو، جڏهن هن جو واسطو ماڻهن سان پوي ٿو ۽ ان وقت کانئس بري ۽ ڀلي جي فرق جي پرک ڦرجيو وڃي. جيستائين انسان ذات جو وجود برقرار آهي. تيستائين ماڻهو رڳو زندهه رهڻ لاءِ وقت ٿو گذاري. زندگيءَ تحرڪ آهي ۽ اهو تحرڪ ماڻهو کي لوڀ، طاقت ۽ آسودگي حاصل ڪرڻ ڏي وٺي ويندو آهي. تحرڪ ماڻهوءَ کي ان طرف ڏانهن وٺيو پيو وڃي ته پوءِ ماڻهو وٽ ٽائيم ئي ڪهڙو ٿو بچي جو هو اخلاقيات جي پويان ڊوڙندو وتي. خبر ائين آهي ته اڄ يا سڀاڻي ماڻهو ان ڳالهه تي مجبور آهي ته چڱي ۽ بري مان چونڊ ڪري، ڇاڪاڻ ته اها کائنس اخلاقيات جي ضمير جي گهر آهي ته جيئن هو سڀاڻي پنهنجو پاڻ سان رهي سگهي. انسان جي اخلاقيات جو ضمير ديوتائن جو ڏنل هڪ سراپ آهي.
انٽرويو وٺندڙ: تو ’فنڪار‘ ۽ ’تحرڪ‘ جي تعلق جي ڳالهه ڪئي ، ان جي وڌيڪ چٽائي ڪندين؟
فاڪنر: فنڪار جو مقصد آهي تحرڪ جي جهٽڻ، ڇاڪاڻ ته تحرڪ زندگي آهي، فنڪار اهو تحرڪ جهٽي پنهجيءَ تخليق ۾ اهڙي طرح ڏئي ٿو، جئين سؤ سال پوءِ ڪو به تخليق کي ڏسي چوي ته واقعي زندگيءَ اِها آهي. ۽ هو ان زندگيءَ کان پاڻ ئي پاڻ متحرڪ ٿي ويندو. جيستائين انسان فاني آهي، تيستائين کيس پويان اهڙي شيءَ ڇڏڻ کپي، جيڪا لافاني هجي ۽ جيڪا ايندڙ زندگيءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪندي رهي.
انٽرويو وٺندڙ: مالڪولم ڪائولي چوي ٿو ته تنهنجا ڪردار قسمت جا ٻانها آهن، تون ڇا ٿو چوين؟
فاڪنر: اهو ڪائوليءَ جو نقطه نگاهه آهي. آءُ ته ائين چوندس ته منهنجا ڪي ڪردار قسمت جا ٻانها آهن ته ڪي وري نه به آهن.
انٽرويو وٺندڙ: ڪائوليءَ جو اهو به چوڻ آهي ته تنهنجي جيڪي ڪردار 20 سالن کان 40 سالن تائين جي ڄمار جا هوندا آهن، اُهي همدرديءَ لائق نه هوندا آهن. اِهو ڇا آهي؟
فاڪنر:20 سالن کان 40 سالن تائين جي ڄمار جا ماڻهو همدردي لاءِ هوندا آهن. ٻار ۾ ڪجهه ڪرڻ جي لياقت آهي، پر سمجهڻ جي نه، 40 سالن کان مٿي ڄمار جا جيڪي ماڻهو هوندا آهن، انهن ۾ سمجهڻ جي لياقت نه هوندي آهي پر ڪجهه ڪرڻ جي نه رهندي آهي. وچ واري جيڪا عمر آهي، ان عمر ۾ ماڻهو وڌيڪ طاقتور ٿيڻ ۽ وڌيڪ خطرناڪ ٿيڻ جي اهليت رکندو آهي، پر سندس سمجهڻ جي اڃا شروعات هوندي آهي. ان وقت ۾ ماڻهوءَ ۾ ڪجهه ڪرڻ جي نئين نئين اهليت پيدا ٿيڻ شروع ٿيندي آهي ۽ ماڻهو ماحول جي پيش نظر ڌار ڌار دٻائن هيٺ اچي برائيءَ جي واٽ ڏانهن ايستائين ڌڪيو ويندو آهي، جيستائين مري نٿو. دنيا کي جيڪا پيڙا ملي آهي، اُها 20 کان 40 سالن جي عمر تائين جي ماڻهن ڏني آهي. منهنجي پاڙي ۾ ايمينٽ ٽِل جو جيڪو خون ٿيو، ان جا گورا جوابدار هجن يا اُهي شيدي هجن جيڪي ضد ۾ اچي گوريءَ عورت سان زوري زنا ٿا ڪن، ڳالهه ساڳي آهي. هٽلر هجي، نيپولين هجي يا لينن وارا هجن، اهي سڀ ماڻهو دنيا ۾ ايندڙ تڪليفن ۽ پيڙائن جا جوابدار آهن ۽ اهي سڀئي 20 کان 40 سالن تائين جي عمر جا هئا.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي پاڙي ۾ ايمينٽ ٽِل جو جيڪو خون ٿيو، جنهن جي باري ۾ تو اخبارن ۾ به بيان ڏنو آهي، ان باري ۾ وڌيڪ ڪجهه ٻڌائيندين؟
فاڪنر: ان ڏس ۾ جيڪا ڳالهه مون کي چوڻي هئي سا چئي ڇڏي. اٿم. ان کي ٻيهر ورجائيان ٿو. اسان آمريڪين کي جيڪڏهن زندهه رهڻو آهي ته اسان کي کپي ته اسين جيڪي ڪجهه به هجون، اُهي سڀ کان اڳ آمريڪي ئي آهيون، اسين ڀلي کڻي گورا هجون، ڪارا هجون يا ساوا نيلا هجون پر پهرين آمريڪي آهيون. منهنجي پاڙي ۾ ٻن نوجوانن کي گورن جيڪو ڪاريءَ ننڍيءَ ٻارڙي جو خون ڪيو، اِهو بيحد دکدائڪ واقعو آهي. اِهو واقعو اسان جي وجود ڏانهن اشارو ٿو ڪري. ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي ثقافت پنهنجي مايوسيءَ جي ان حد تائين پهچي ويئي آهي. جو ننڍڙا ٻار پيا مارجن. اهڙا واقعا اسان کي جيئڻ جو ڪوبه حق نٿا ڏين، قطعي نه.
انٽرويو وٺندڙ: `Soldiesr`s Pay` ۽ `Sartoris` لکڻ واري عرصي دوران توکي ڇا ٿيو جو تون پنهنجي علائقي يوگنا ڦاٽا وڦا جو تذڪرو کڻي ويهن رهين؟
فاڪنر: `Soldier`s Pay` ته وندر طور لکيم، پر ان کان پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته نه رڳو ڪتاب کي پنهنجي هڪ الڳ صورت آهي، پر خود ليکڪ جي سڀني لکڻين جي هڪ گڏيل صورت آهي. `Soldier`s Pay` ۽ `Mosquitoes` ته ائين سمجهي لکيم ته بس ڪتاب لکڻو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي وندرائڻو آهي. پر جڏهن `Sartoris` لکڻ شروع ڪيم ته پتو پيم ته منهنجي لکڻ لاءِ پنهنجي علائقي ۾ تمام گهڻو مواد موجود آهي ۽ اهو مواد مون پاڻ ۾ موجود آهي. ان کي ٻاهر نه ڪڍيم ته اڳتي هلي ئي نه سگهبو. ان سڄي اعليَ مواد کي پنهنجي ڏات ذريع ٻاهر آڻڻ وڏو ڪم ٿيندو. ان ڪري مون پنهنجي علائقي کي سون کاڻ سمجهي پنهنجي دنيا پاڻ تخليق ڪئي. اِها منهنجي مرضي هئي ته پنهنجن تخليق ڪيل ڪردار کي فاصلي توڙي وقت ۾ سفر ڪرايان. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مون کي پنهنجي اندازي مطابق پنهنجن ڪردارن کي ڪاميابيءَ سان وقت ۾ سفر ڪرايو آهي. وقت هڪ وهندڙ پاڻي آهي، ان ڪري اُهو ’اَهي‘، ’نه ڪه ’هو‘. مون جيڪا دنيا تخليق ڪئي آهي، اها ڪائنات جي پيڙهه ۾ پٿر آهي، اِهو پيڙهه جو پٿر تمام ننڍو آهي، پر ان کي ڪڍي ڇڏيندين ته پوري ڪائنات ڦهڪو اچي ڪندي. منهنجو جيڪو آخري سونو ڪتاب هوندو اهو ياڪنا پاٽاوڦا علائقي متعلق هوندو، ان کان پوءِ آءُ قلم ڀڃي ڇڏيندس ۽ چپ ٿي ويندس.