ناول

ڪرشيا شهر جو قصو

ڪتاب ”ڪرشيا شهر جو قصو“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ڪليم ٻُٽ جو لکيل ناوليٽ آهي.
ڪليم ٻُٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي ۽ ناول جي حوالي سان نوجوان ٽهيءَ جو ڪافي متحرڪ نالو آهي. سندس ڪيتريون ئي لکڻيون وقفي وقفي سان پڙهڻ لاءِ اکين آڏو اينديون رهن ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 1302
  • 801
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڪليم ٻُٽ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪرشيا شهر جو قصو

1

اڻٽيهه سالن جي ايجنٽ عيني هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيپ کي غور سان ٻڌو. هوءَ ڪرشيا جي جاسوسي اداري جي هيڊڪائوٽر جي هڪ بند ٿڌي ڪمري ۾ ويٺل هئي، ڪمري ۾ خاموشي هئي، سندس ڪنن تي ڪارا هيڊفون پيل هئا، ڪمرو ننڍڙو هو، ان ۾ رڳو هڪ ڪاٺ جي ميز ۽ هڪ ڪرسي رکيل هئي، ميز تي عينيءَ جو سلور ڪلر جو ليپ ٽاپ ۽ ان جي پاسي کان هڪ ڊائري ۽ بال پين پيل هئي. اڪثر هوءَ هڪ سٽ ٻڌي ڊائري تي ڪجهه لکندي هئي، پر ان ڏينهن هوءَ لاڳيتو اڌ ڪلاڪ کان ان ريڪارڊ ٿيل آواز کي ٻڌندي رهي، هن هڪ آهه ڀري آواز کي پاز ڪيو ۽ ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهي. عينيءَ ڇهه مهينا اڳ ئي ولايت جي هڪ يونيورسٽي مان سائونڊ ريڪگنيشن ۾ ڊگري وٺي موٽي هئي، هي ڪورس رڳو جاسوسي ادارن جي ايجنٽن کي ئي ڪرايو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن اهڙي گهربل ماڻهو کي جنهن جي شڪل صورت واضح نه هجي، آواز وسيلي سڃاڻي ان جو خاڪو تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. عينيءَ سان گڏ هن ڪورس ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي جاسوسي ادارن جا ايجنٽ گڏ هئا. ڇهه مهينا پهريان هن جڏهن وري پنهنجي اداري سان ڪم شروع ڪيو هو ته انهن ئي ڏينهن ۾ ڪرشيا شهر ۾ هڪ عجيب تحريڪ زور پڪتو هو ۽ ان جي نالي ۾ ماڻهن کي قيل ٿي ڪيو ويو. ڪنهن مٿي ڦريل سندرتا ديس واسي “ڪرشيا رڳو سندرتا ديس واسين جو آهي” تحريڪ شروع ڪري ڏني هئي. اول ته هر ڪنهن ان کي مذاق ۽ ٻاراڻي سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو، پر ٻه مهينا اڳ جڏهن پاڻ بچايو تحريڪ (پ ب ت) جي اهم اڳواڻ خرم کي سندس محل نما گهر ۾ ماري پيغام ڇڏيو ويو هو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هن ٽولي جي ڳولا ۾ لڳي ويا هئا، پر اڃا به کين ڪا خاص ڪاميابي نه ملي هئي، اهو اندازو نٿي ٿي سگهيو ته هي ٽولي ڪنهنجي سرپرستي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. بس هڪ فرضي نالو هو ڀيرومل جنهن جو ڪٿي به ڪو ريڪارڊ نٿي مليو. ڪرشيا سندرتا ديس جو اهم شهر هو، شهر سمنڊ ڪناري تي هو ۽ ان تي وديا ٻيٽ جي ماڻهن چاليهه سال اڳ اچي قبضو ڪيو هو، وديا ٻيٽ ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي هئي ۽ ان جي نتيجي ۾ اُتان جا واسي امن جي ڳولھا ۾ سندرتا ديس آيا هئا، سندرتا ديس جي اهم شهر ڪرشيا ۾ راتو رات ماڪوڙن جيان پکڙجي ويا هئا. هنن کي ته امن ملي ويو پر هنن سندرتا ديس جي واسين جو سک چين برباد ڪري ڇڏيو. وديا ٻيٽ کان آيل ماڻهن ڏيهن سالن جي عرصي ۾ ڪرشيا جي هڪ طاقتور سياسي ٽولي جي شڪل وٺي ڇڏي هئي، سندن ڪم ڪرشيا جي زمينن تي قبضو ڪرڻ، نوڪريون ڦٻائڻ، ڪليم ۾ گهر ۽ ملڪيتون وٺڻ وغيره ۽ سندرتا واسين کي ڪرشيا شهر مان تڙي ڪڍڻ شامل هو. جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هنن ۾ هٿ ٿي وڌو ته اهي مظلوميت جو راڳ الاپڻ شروع ٿي ويندا هئا، پر جڏهن سندن گهيرو تنگ ڪيو ويو ته هنن پاڻ بچايو تحريڪ (پ ب ت) جو بنياد وڌو، جيڪا ڪرشيا ۾ وديا مان آيلن جي حقن جي علمبردار ٿي پئي هئي. پ ب ت جو اڳواڻ هڪ ٿلهو متارو پنجونجاهه سالن جو سانورو شخص اجغر خان هو، جنهن کي سندس چاهيندڙ “ڊان صاحب” جي نالي سان سڏيندا هئا، ڊان صاحب جو روعب ۽ دٻدٻو ويهارڻ لاءِ سندس ساٿين رت جون نديون وهائي ڇڏيون هيون، ڀتي خوري ۽ پيسن لاءِ وپارين کي اغوا ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو. پ ب ت ايتري ته طاقتور ٿي وئي هئي جو ان جو نالو ٻڌي عام ماڻهن جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويندو هو. سندرتا ديس جا واسي هي سمورو تماشو ڏسي چپ رهڻ جا عادي ٿي چڪا هئا. پنهنجي اثر کي وڌائڻ لاءِ پ ب ت وارن 1998ع ۾ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو هو. ڊان صاحب سندس پارٽي جي مقامي عهديدارن کي ايترو ته طاقتور ڪري ڇڏيو هو جو ڪرشيا شهر ۾ ڪجهه به ڪري ٿي سگهيا، ڪنهن ماڻهو ۾ سندن نالي وٺڻ جي همت نه هئي. انهن چونڊن دوران پ ب ت ۽ ڊان صاحب جو لاڏلو خرم منظر عام تي آيو هو، ان وقت سندس عمر رڳو چويهه سال کن هئي. سنهڙو سيپڪڙو شخص، ڪارا ريشمي وار ۽ تمباڪو چٻاڙڻ ڪارڻ سندس ڏند هيڊا ٿي چڪا هئا. چونڊن ۾ ڪرشيا جي ٻي اهم سياسي طاقت سندرتا ديس مک پارٽي هئي. چونڊ مهم دوران خرم سندس ساٿين سان گڏ هڪ رات جو نڪتو هو ۽ مک پارٽي جي دفتر تي حملو ڪري ڏنو هو. دفتر ٻاهران بيهي خرم وارن هٿيارن جا منهن مک پارٽي جي دفتر تي کولي ڇڏيا هئا. آفيس ۾ پارٽي جا ڪجهه ڪارڪون ويٺل هئا، گولين جي آواز تي هنن ۾ ٿرٿلو مچي ويو هو. مک پارٽي جا ڪارڪن جان بچائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، ڪو ڪيڏانهن ٿي ڀڳو ته ڪو ڪيڏانهن، پر سندن ساٿياڻي رضيا خرم وارن جي ور چڙهي وئي هئي. اهي کيس اغوا ڪري هڪ بلڊنگ جي قبضي ڪيل فليٽ تي کڻي آيا هئا. رضيا روئيندي ۽ ٻڏائيندي رهي هئي. خرم هن وٽ اچي ويٺو هو، رضيا کي هن جي جسم مان عجيب قسم جي بوءَ آئي هئي.
”ڪجهه ته خدا جو خوف ڪريو،“ رضيا ٿڙڪندڙ لبن سان هن کي چيو هو، اهو ٻڌي خرم اُڀ ڏاريندڙ ٽهڪ ڏنو هو، جنهن تي راضيا جو هانءُ ئي ڏڪي ويو، هن جي حالت بلڪل ان هرڻيءَ جيان هئي جيڪا ڪنهن بکيءَ شينهن جي ور چڙهي ويندي آهي. خرم رضيا جي گول چهري تي آڱريون ڦيرڻ لڳو هو. رضيا سٽ ڏئي هن جو سانورو هٿ پري ڪيو هو، خرم تمباڪو جي ڳاڙهي ٿڪ ڪنڊ ۾ اڇلائي رضيا کي وارن کان پڪڙي پاڻ ڏانهن سوريو هو. رضيا جي واتان هڪ آهه نڪتي هئي سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا هئا، خرم سندس جسم کي مرون جيان نچوڙڻ لڳو هو. سندس پنج ساٿين به رضيا سان ڏاڍائي ڪئي هئي. ٽين رات جو اذيتن ۽ ڏاڍائي کانپوءِ خرم وارا رضيا کي قتل ڪري سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري مک پارٽي جي دفتر ٻاهران اڇلائي آيا ويا هئا. اهڙي هيبتناڪ واقعي کانپوءِ مک پارٽي مجبور ٿي پ ب ت سان چونڊن دوران سمجهوتو ڪري ڇڏيو هو ۽ شهر ڪرشيا هنن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. پ ب ت وارن ان ڳالهه جو فائدو کڻندي نعرو هنيو هو:
“شهر اسان جا، ڳوٺ اوهان جا....” ڪرشيا ۾ خرم موت جو ٻيو نالو بڻجي پيو هو. جئين ئي چونڊن جا ڏينهن ويجهي آيا هئا خرم سندس وحشي ساٿين سان ڪرشيا جي مختلف علائقن جي ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيا هئا ۽ چونڊ ۾ ٻه ڏينهن هئا جو هن اعلان ڪيو هو:
”چونڊون پوريون ٿيڻ تائين ڪير به گهران نڪتو ته پاڻ ذميوار هوندو.” چونڊ واري ڏينهن پ ب ت وارن پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪري ڇڏيو هو، چونڊ واري عملي کي هٿيارن جي زور تي پولنگ اسٽيشنن جي ڪمرن ۾ بند ڪري پنهنجي نشان تي اتيرا ته ٺپا هنيا هئا جو ڪن علائقن ۾ ماڻهن جي انگ کان ووٽن جو انگ وڌي ويو هو. پر پوءِ به ڪنهن ۾ همت نه ٿي هئي جو پ ب ت خلاف ڪا ڪاروائي ڪري سگهن. پ ب ت ڪرشيا جي اهم سياسي ڌر بڻجي وئي هئي، هنن اخبارن کي ڌمڪيون ڏئي ڪرشيا جي خبرن ۾: “ڪرشيا ۽ سندرتا ديس..” لکرائڻ شروع ڪري ڏنو هو، جنهن تي سندرتا ديس جي اصل واسين اعتراض ڪيو هو، جلوس ڪڍيا هئا ۽ نعرا هنيا هئا:
“اهو سندرتا ديس جو ورهاڱو کين منظور نه آهي.” ان تي ويتر ڪرشيا ۾ خون رزي شروع ٿي وئي هئي، پر اخبارون دستور موجب “ڪرشيا ۽ سندرتا ديس” ئي لکنديون رهيون. اهو جملو پڙهي ۽ پ ب ت وارن جي واتان ٻڌي سندرتا ديس جي حقيقي رهواسين جو رت ٽهڪڻ لڳندو هو، پر هاڻي اهي ايترا ڪمزور ٿي چڪا هئا جو ڪجهه نٿي ڪري سگهيا. خرم ڪرشيا جي واپارين کي ڌمڪيون ڏئي هنن کي به پاڻ سان ملائي ڇڏيو هو ۽ ڪرشيا جي زمينن تي قبضو ڪري مختلف پلازا اڏرائڻ شروع ڪيا هئا. خرم جي لالچ ايتري ته وڌي وئي هئي جو هاڻي هو سندرتا ديس جي قديم وسندين تي به قبضو ڪرڻ جي ارادي سان نڪري پيو هو.
اٺيتالهه ورهين جي روبانو پ ب ت جي اهڙي رويش خلاف آواز اٿارڻ شروع ڪيو هو. روبانو جسم ۾ ڀريل عورت هئي. هو سماجي ڪمن سان گڏ سندرتا ديس ناٽڪ منڊلي نالي ٿئيٽر جي مالڪڻ به هئي، تان جو هن شادي نه ڪئي هئي پر ڪرش نالي نوجوان کي پٽ ڪيو هئائين. ڪرش انقلابي گيت لکندو هو ۽ ناٽڪن جي هدايتڪاري به ڏيندو هو، ٿيئٽر جي مک اداڪارا اُجالا به وڏي عرصي کان هنن سان گڏ ڪم ڪندڙ هئي. هڪ ڏينهن روبانو ٿيئٽر جي هال ۾ سڀني کي گڏ ڪري هڪ گڏجاڻي ڪئي هئي. اهو شام جو وقت هو، هال ۾ لڳ ڀڳ 35 ڄڻا گول دائرو ڪري ويٺا هئا، روبانو وچ ۾ ويٺل هئي. هڪ سپورٽنگ اداڪار سڀني ويٺلن کي چانهه ڏئي رهيو هو. روبانو کنگهي گلو صاف ڪيو هو ۽ پوءِ ڌيمي لهجي ۾ ڳالهايو هو:
“مون فيصلو ڪيو آهي ته مان پ ب ت جي سندرتا واسين جي وسندين تي قبضي خلاف احتجاج ڪريان.” سڀئي هن کي غور سان ٻڌي رهيا هئا، سندن چهرن جي تاثرن مان اهو صاف ظاهر هو ته اهي سوچي رهيا هئا ته پ ب ت خلاف احتجاج ڪرڻ جي سگهه ڪٿان اچي.
“هاڻي مان هنن جي ناانصافين خلاف چپ نه وهينديس،” روبانو وري ڳالهايو هو.
“آپا اسان ڪهڙو احتجاج ڪنداسين؟” ڪرش سوال ڪيو هوس، روبانو کي سڀئي پيار مان آپا سڏيندا هئا.
“اسان هنن خلاف اسٽريٽ پلي ڪنداسين، ڪرشيا پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ۾ وهنداسين،” روبانو چانهه جي سرڪي ڀريندي چيو هو.
“آپا اسان اوهان سان گڏ آهيون،” هن ڀيري سهڻي، ملوڪ ۽ وڏين ڪارين اکين واري اُجالا ڳالهايو هو. روبانو هن کي ڏسي مرڪي هئي.
“ڪرش تون اڄ کان ئي اسڪرپٽ لکڻ شروع ڪر،” روبانو سندس ساڄي هٿ تي ويٺل هلڪڙي ڏاڙهي واري نوجوان کي چيو هو.
“جي آپا،” ڪرش به چانهه مان سرڪي ڀري جواب ڏنو هوس.
“شام ۽ نيتن اوهان پلي ڪارڊ ۽ بينر تيار ڪيو،” روبانو اُجالا جي ڀر ۾ ويٺل ٻن نوجوانن کي چيو هو.
“جي آپا،” ٻنهي هڪ ئي آواز ۾ چيو هو.
“ٺيڪ آهي اوهان هاڻي کان ئي ڪم کي لڳي وڃو.” روبانو چئي اٿي هئي ۽ ٿيئٽر جي مٿان سندس ڪمري ڏانهن هلي وئي هئي. ڪرش وارا ڪم کي لڳي ويا هئا. رات دير تائين اهي پلي ڪارڊن تي نعرا ۽ بيئنر ٺاهيندا رهيا هئا. صبح جو سڀ روبانو سان گڏ ڪرشيا جي پريس ڪلب ٻاهران اچي گڏ ٿيا هئا، هنن پهريان اسٽريٽ پلي ڪيو هو ۽ پوءِ احتجاج ۾ ويهي رهيا هئا.
“سندرتا ديس جي قديم وسندين کي لينڊ مافيا کان بچايو وڃي،” روبانو وڏي واکي نعرو هنيو هو، سندس ساٿين نعري جو جواب ڏنو هو. اهي سج لٿي تائين احتجاج ۾ ويٺا رهيا هئا.
روبانو وارا اڃا ٿيئٽر تي مس پهتا هئا جو هنن تي ڪيترين ئي موٽر سائڪلن تي سوار هٿياربندن حملو ڪري ڏنو هو، هنن ڏنڊن سان روبانو وارن تي حملو ڪيو هو ۽ گاريون ڏيندي چيو هون:
“حرامخورو ڪرشيا ۾ رهڻو اٿئو ته ماٺ ڪري رهو نه ته هليا وڃون پنهنجي سندرتا ديس.”
“ڪرشيا به سندرتا ديس ئي آهي،” روبانو اڳيان وڌي هنن کي للڪاريو هو. ٻئي پل ڪنهن سندس مٿي تي ڏنڊو وهائي ڪڍيو هو. هن جي واتان هڪ آهه نڪتي هئي، رت سندس چهري تي ڪرڻ لڳي.
“آپا....” اُجالا رڙ ڪري روبانو ڏانهن آئي هئي، کيس سندس وارن ۾ ڪا مضبوط گرفت محسوس ٿي هئي، ڪرش ڦڙتي ۾ اڳيان وڌيو هو ۽ ان شخص جي نڪ تي زور سان ٺونشو وهائي ڪڍيو هو. هن جي واتان هڪ گار نڪتي هئي ۽ اُجالا جي وارن مان هٿ ڪڍيو هئائين. اُجالا گوڏن ڀر ويهي روبانو کي پنهنجي هنج ۾ ڪيو هو ۽ هن جي منهن تان رت صاف ڪرڻ لڳي هئي. حملو ڪندڙ ٿيئٽر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري هليا ويا هئا. ڪرش ۽ اُجالا روبانو جي پٽي ڪرائڻ لاءِ هسپتال کڻي ويا هئا. ٻئي ڏينهن روبانو زخمي حالت ۾ ئي احتجاج لاءِ نڪتي هئي. سندرتا ديس جي اصل ٻولين واري اخبارن کان سواءِ ڪنهن به سندن احتجاج جي خبر نه ڏني هئي. جڏهن ته رڳو هڪڙي فرنگي اخبار ٿيئٽر تي ٿيل حملي ۽ روبانو جي زخمي ٿيڻ جي خبر هلائي هئي.
روبانو وارا هفتي تائين احتجاج ۾ ويٺا رهيا هئا، هڪ شام جو هوءَ پنهنجي سلور ڪلر جي مهراڻ گاڏي ۾ ٿيئٽر موٽي رهي هئي جو رستي ۾ ٻه موٽر سائڪل سوارن جن جا منهن ٻٽن ۾ ٻڌل هئا، سندس گاڏي تي گولين سان حملو ڪيو هو، روبانو کي پيٽ ۾ ٽي گوليون لڳيون هيون ۽ هڪ گولي سندس مٿي ۾ لڳي هئي. هوءَ ٿڏي تي ئي مري وئي هئي. ان حملي کانپوءِ ڪرشيا ۾ ڪم ڪندڙ انساني حقن وارا به احتجاج ۾ نڪري پيا هئا، پريس ڪلب ٻاهران روبانو جي فوٽون جي سامهون ميڻ بتيون ٻاريون ويون هيون. ان ڏينهن ڪرش هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي هئي. هال ۾ صحافي ويٺا هئا، فوٽوگرافر هن جون تصويرون ڪڍڻ لڳا هئا.
“اسان پنهنجا گهر بچائڻ نڪتا هئاسين،” هن سڏڪو ڀريندي ڳالهايو هو: “اسان جي ڪنهن سان به ذاتي دشمني نه آهي، ان هوندي به اسان تي حملو ڪيو ويو، ٿيئٽر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، جنهن ۾ اسان جي اڳواڻ آپا روبانو زخمي ٿي پئي، اسان پوليس کان مدد جي گهر ڪئي،” هن وري هڪ سڏڪو ڀريو هو ۽ پوءِ چيو هئائين: “اڄ وري اسان تي هٿياربندن اسان تي حملو ڪيو ان جي نتيجي ۾ اسان جي اڳواڻ آپا روبانو شهيد ٿي وئي.” ڪرش وري هڪ سڏڪو ڀريو هو ۽ پوءِ وري چيو هئائين: “هاڻي اسان هي احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيا آهيون، اسان جو ڪنهن به سياسي ڌر سان واسطو نه آهي.” ڪرش ڳالهائڻ بس ڪيو هو ته صحافين سوالن جي بوڇاڙ ڪري ڏني هوس:
“اوهان کي ڪنهن تي شڪ آهي؟”
“ڇا اڃا به اوهان کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن؟” ۽ ٻيا به اهڙا ڪيترا ئي سوال، ڪرش انهن جا جواب سڏڪن ۾ ڏيندو رهيو هو. هو پريس ڪلب کان نڪري ٿئيٽر آيو هو. ان رات دير تائين ٿيئٽر جي هال هو اُجالا سان خاموش ويٺو رهيو هو.
“ڪرش هاڻي ڇا فيصلو ڪيو اٿئي؟” اُجالا ڌيمي لهجي ۾ پڇيو هوس.
”آپا جي ٽيجهي کانپوءِ وري ٿيئٽر شروع ڪنداسين،” هن هال جي خالي ڪرسين کي ڏسندي جواب ڏنو هو.
“۽ آپا جو مشن؟” اُجالا حيراني مان سوال ڪيو هوس.
“اهو آپا سان گڏ ختم ٿي ويو،” هن شرٽ جي اڳئين کيسي مان سگريٽ ڪڍي چپن جي وچ ۾ ڦاسائي ماچيس سان دکايو هو، ڪرش جا چپ گهڻا سگريٽ ڇڪڻ ڪري ڪارا ۽ خشڪ ٿي چڪا هئا.
“ڇا مطلب ختم ٿي ويو؟” اُجالا حيراني مان هن کي ڏسندي پڇيو هو.
“مون ۾ اتيري سگهه نه آهي جو پنهنجن جون وڌيڪ لاشون کڻي سگهان،” ڪرش ڪش هڻي خالي ڪرسين ڏانهن ڏٺو هو.
“تون بزدل شخص آهين،” اُجالا ڪاوڙ ۾ اهو چئي هن کي اتي ڇڏي روبانو جي ڪمري ڏانهن هلي وئي هئي. ڪرش اُتي ئي اونداهي ۾ ويٺو رهيو هو ۽ سگريٽ ڇڪيندو رهيو هو.