2
“ڪرشيا سڀني جو آهي.” هي سلسلو ائين ئي هلندو رهيو، پر ڇهه مهينا اڳ خرم جو رت ۾ ٻڏل لاش سندس محل نما گهر مان مليو، ان جي پاسي کان هڪ خط پيل هو، جنهن تي رڳو اهو لکيل هو:
“ڪرشيا رڳو سندرتا ديس جي اصل رهواسين جو آهي.” خرم جي قتل جي ٻئي ڏينهن ميڊيا ۾ هڪ آڊيو بيان هلچل مچائي ڇڏي هئي.
“سندرتا ديس واسيو! مان ڪمانڊر ڀيرو مل آهيان، مون ۽ منهنجي ساٿين ڪرشيا رڳو سندرتا ديس جي اصل واسين جي آهي، نالي هڪ تحريڪ شروع ڪئي آهي. هر اهو ماڻهو يا سياسي ڌر جيڪا چئي ٿي ته ڪرشيا سڀني جو آهي يا ڪرشيا کي سندرتا ديس کان الڳ ڪيو وڃي اسان جو دشمن آهي ۽ اسان پنهنجي دشمن کي مارينداسين، پوءِ اهو سندرتا ديس جو اصل واسي هجي يا وديا ٻيٽ کان آيل.” هن اعلان ويتر ڪرشيا ۽ ان جي ادارن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو، ڪنهن به ڀيرو مل نالي شخص جو ڪو اتو پتو ئي نٿي مليو. خرم جي موت تي مک پارٽي جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ اندرجيت اخبار ۾ بيان ڏنو:
“ڪرشيا سڀني جو آهي ۽ اسان سڀني کي ان جي لاءِ ملي ڪم ڪرڻو آهي.”
ان رات دير تائين ايڊوڪٽ اندرجيت، جيڪو اڻونجهاهه سالن جو صحتمند شخص هو ۽ ڪرشيا جي هڪ پوش علائقي ۾ رهندو هو، سياست ۾ اچڻ کان اڳ سندرتا ديس هاءِ ڪورٽ جو مشهور وڪيل هو، پنهنجي اسٽيڊي ۾ ويهي ڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو. شيشي جي ٽيبل تي سندس اڌ ڀريل جام پيو هو. هو ڪتاب ۾ گم هو، اوچتو دريءَ جي شيشي ٽٽڻ تي هن ڇرڪ ڀريو هو ۽ ڪتاب بند ڪري ٽيبل تي رکي، اٿي دريءَ ڏانهن آيو هو، فرش تي ڀڳل شيشي جي ٽڪرن سان گڏ هڪ سروٽو پيل نظر آيو هوس، جنهن تي ڪو ڪاغذ وڙهيل هو، هن فرش تان سروٽو کڻي ان تان ڪاغذ لاهي کوليو هو، ان جو متن پڙهي سندس من اندر ڏڪي ويو هو، وچ ڪاغذ تي رڳو هڪ جملو لکيل هو: “ڪرشيا رڳو سندرتا ديس جي اصل رهواسين جو آهي.” اندرجيت دريءَ وٽ اچي ٻاهر اونداهي ۾ جهاتي پاتي هئي، هر طرف موت جهڙي خاموشي ڇانيل هئي، اوچتو ٻاهران کان دري کي نشانو بڻائي گولين جو وسڪارو شروع ڪري ڏنو هو. هڪ گولي سندس مٿي ۾ لڳي هئي. اندرجيت اچي پٽ تي ڪريو هو ۽ ماربل وارو ناسي فرش سندس رت سان ڀرجي ويو هو.
هنن ٻنهي واقعن کانپوءِ هر زبان تي ڀيرومل ۽ سندس تحريڪ جو نالو اچي ويو. انهيءَ دوران عينيءَ سندرتا ديس جي اهم جاسوسي اداري ۾ موٽي هئي. عينيءَ جي مهارت آواز سڃاڻڻ ۾ هئي. هوءَ وري وري آواز ٻڌي اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته، هن آواز واري جي عمر ڪيتري هوندي، جنس ڪهڙي هوندي، اهو ڪهڙي نسل جو ماڻهو هوندو وغيره.
ننڍي هوندي کان ئي عيني جو آوازن سان هڪ عجيب رشتو قائم ٿي چڪو هو. سندس پيءَ گلاب داس ڪرشيا جو وڏو واپاري هو ۽ ماءُ وجنتا ديوي مک پارٽي جي اڳواڻ هئي. اڪثر پ ب ت خلاف ڪو سياسي بيان ڏيڻ تي کيس ڌمڪيون پيون ملنديون هيون، هڪ ڀيري ته گهر ٻاهران فائرنگ به ٿي هون، جنهن جي ڪري عينيءَ جو ننڍپڻ خوف جي ڪاري چادر ۾ لڪي ويو هو ۽ ان خوف عينيءَ کي ماءُ پيءَ کان پري ڪري ڇڏيو هو، هنن جو هجڻ يا نه هجڻ جي عينيءَ لاءِ ڪا به اهميت نه هئي. سندس زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن انسان جي اهميت هئي ته اها هئي سندس وڏي ڀيڻ بينا جي هئي، عيني کي ائين لڳندو هو ڄڻ هوءَ بينا جي وجود جو ڪو ٽٽل حصو هجي ۽ بينا کانسواءِ هن جي ڪا به اهميت نه هئي. ٻئي ڀيڻون هڪ ئي ڪمري ۾ سمهنديون هيون، سمهن کان اڳ بينا وديا ٻيٽ جي فلمن جا گانا يا ڊائلاگ آواز مٽائي ٻڌائيندي هئي ۽ عيني کي اکيون بند ڪري اهو ٻڌائڻو هوندو هو ته بينا ڪنهن جي آواز ۾ ڳائي يا ڳالهائي رهي آهي. ان راند مان ئي عيني کي رڳو آواز جي بنياد تي ماڻهو سڃاڻڻ ۾ دلچسپي پيدا ٿي هئي. جئين جئين ٻئي ڀيڻون وڏيون ٿينديون ويون اها راند به هنن جي وچ ۾ وڌندي رهي. عيني جڏهن نائين ڪلاس ۽ بينا ڏهين ۾ هئي، هڪ رات عيني اکيون بند ڪري بيڊ تي ليٽيل هئي ۽ ڪنهن نئين آواز جي انتظار ۾ هئي، بينا گلو صاف ڪيو هو، عيني جي منهن تي تجسس مان مرڪ ٿي اچي وئي، اوچتو سندس ڪنن سان ڪو ڇوڪراڻو آواز ٽڪرايو هو، عيني هڪدم اکيون کولي بينا کي ڪاوڙ مان ڏسي ڇڙٻ ڏيندي چيو هو:
“بينا اها ڪهڙي بدتميزي آهي؟”
“ڇا مطلب؟” بينا حيراني مان هن کي ڏسندي چيو هو.
“تو ڪرش جو آواز ڪڍيو نه!” عيني ڀيڻ کي ڏسندي چيو هو.
“تون ڪرش جو آواز سڃاڻي وئين...” بينا مذاق ۾ مرڪندي چيو هيس.
“توکي خبر به آهي ته هو مونکي زهر لڳندو آهي،” عيني ويتر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو هو. ڪرش عينيءَ جو ڪالس فيلو هجڻ سان گڏ اسڪول جي ڊراما سوسائٽي ۽ ڪرڪيٽ ٽيم جو کلاڙي هو، انهن ٻنهي ڪمن مان واندو ٿي جڏهن ڪلاس ۾ ايندو هو ته سندس نظرون رڳو عينيءَ ۾ هونديون هيون، جنهن تي عينيءَ کي عجيب قسم جي مونجهه ٿيندي هئي.
“عيني مونکي لڳي ٿو هو تو تي مرندو آهي،” بينا ويتر عيني کي چڙائڻ لاءِ مرڪي چيو هيس.
“ان جي ڪري ئي ته مونکي زهر لڳندو آهي،” عيني بيڊ تي سڌو ليٽندي چيو هو: “هو هر وقت ڪلاس ۾ مستي ڪندو رهندو آهي، ٽيچرن سان بتميزي ڪندو آهي، ڪڏهن ڪنهن سان وڙهي اچي ته ڪڏهن ڪنهن سان.”
“عيني مونکي لڳندو آهي ڪرش نظر انداز ٿيل ٻار آهي، انهن حرڪتن سان هو پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياريندو آهي، جيڪڏهن کيس ٿوري توجو ۽ پيار مليو ته هو هڪ ڏينهن ضرور وڏو ڪارنامو ڪري ويندو،” هن ڀيري بينا سنجيدگيءَ سان چيو هيس، ان تي عيني طنز ۾ کلڻ لڳي هئي ۽ چيو هئائين: “ڪرش ۽ ڪارنامو ٻه الڳ الڳ شيون آهن، مون کي ته هو چريو لڳندو آهي.”
“هڪ ڏينهن مون اسانجي سائڪالاجي جي ٽيچر مس برکا کان ڪرش جي اهڙي ورتاءُ جي باري ۾ پڇيو هو، مس ٻڌايو هو ته ڪرش تخليقي صلاحيتون رکندڙ آهي ۽ اسان جي معاشري ۾ تخليقي ماڻهن کي ناڪارا سمجهيو ويندو آهي، اهڙي قسم جا ٻار تخليقي صلاحيتن کي سمجهڻ تائين هر شيءَ کي تباهه ڪرڻ گهرندا آهن، ڇو جي اهي شيون سندن مزاج موجب نه هونديون آهن، اهي شين کي هڪ الڳ نظر سان ڏسندا آهن ۽ تباهي کان تخليق جي سفر دوران اهي ضدي ٿي پوندا آهن،” بينا چيو هيس، عيني چپ ئي رهي هئي ڪمري ۾ خاموشي ڇائنجي وئي هئي.
عيني کي ڪرش جو حرڪتون ڏڪائي وينديون هيون، هوءَ هن جي ويجهو اچڻ چاهيندي هئي، پر ڪرش وري ڪا اهڙي حرڪت ڪري وجهندو هو جو عيني هن کان پري ٿي ويندي هئي. آخري ڀيرو به ائين ئي ٿيو هو، تڏهن عيني وارا ڏهين ڪلاس ۾ هئا، ڪرش اسڪول جي ڊراما سائٽي ڪرش جي حوالي هئي. ڪرشيا جي اسڪولن ۾ ڊرامن جا مقابلا ٿيڻ وارا، ڪرش وارن جي اسڪول کي مارچنٽ آف وينس ڊرامي تي پرفارم ڪرڻو هو. ڊرامي ۾ روپا نالي ڇوڪريءَ کي کينو ويو، ان تي ڪرش کي اعتراض هو، سندس خيال هو ته روپا اداڪاري نه ڪري سگهندي، ان وقت روپا نائين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي، ان سان گڏ هوءَ اسڪول جي ميوزڪ ٽيچر ۽ ڊراما سوسائٽي جي انچارج مس انجلي جي ڀاڻيجي هئي. ڪرش وارا اسڪول جي هال ۾ هئا، ڪنهن سين جي ريهرسل ٿي ڪيائون، روپا کان ڊائلاگ ياد ئي نٿي ٿيو.
“ايتري ڳالهه توکي سمجهه ۾ نٿي اچي،” ڪرش روپا گار ڏيندي تلخ لهجي ۾ چيو هو، جنهن تي روپا هن سان وڙهي پئي، ٻيا شاگرد به ڪرش کان خفا ٿي پيا هئا.
“تون ٿيندو ڪير آهين مونسان ائين ڳالهائڻ وارو؟” روپا ڪاوڙ مان ڪرش کي چيو هو ۽ هن ڏانهن اچي کيس چماٽ وهائي ڪڍي هئائين، ڪرش به سندس ڪاوڙ تي قابو نه ڪري سگهيو ۽ روپا کي ڌڪو ڏنو هئائين، روپا جو مٿو وڃي ڀت سان لڳو هو، هوءَ هيٺ اسٽيج تي ويهي روئڻ لڳي هئي. ڪجهه ڇوڪريون مس انجلي کي وٺي آيون هيون.
“هي ڇا ٿي رهيو آهي؟” مس انجلي ريهرسل هال ۾ اچي رڙ ڪئي هئي ۽ روپا جي پاسي کان ويهي رهي هئي.
“مس ڪرش روپا کي غلط ڳالهايو ۽ پوءِ هن کي ڌڪو ڏنائين.” هڪ ڇوڪريءَ انجلي کي ٻڌايو هو، انجلي جي اکين ۾ ڪاوڙ مان باهه اچي وئي هئي.
“ڪرش هاڻي کان تون ڊراما سوسائٽي جو حصو نه آهين نڪر هتان،” انجلي ڪاوڙ مان چيو هوس، ان تي ويتر ڪرش آپي مان نڪري ويو هو، ٻيو ته ڪجهه نه ڪري سگهيو هو پنهنجي هٿ ۾ جهليل اسڪرپٽ ڦاڙي مس انجلي تي اڇلايو هئائين، ان لقاءُ تي باقي شاگرد وائڙن جيان هن کي ڏسڻ لڳا هئا، انجلي اٿي ڪرش کي ٻه ٽي چماٽون وهائي ڪڍيون هيون، ڪرش جا ڳٽا ڳاڙها ٿي ويا هئا، ڪرش ريهرسل هال کان ٻاهر نڪري ويو هو. ٻئي ڏينهن اسمبلي دوران ڪرش کي اسڪول کان نڪالي جو اعلان ڪيو ويو هو. ان ڏينهن کي اڙهن سال گذري ويا آهن ۽ عيني ڪرش کي نه ڏٺو آهي. عينيءَ کي وري ڪڏهن به ڪرش جي ياد نه آئي هئي. ڪرشيا ۾ عيني ۽ سندس گهروارن جي زندگي به ڪا سولي ڪونه هئي. وجنتا ديوي جي سياست ۽ گلاب داس جي ڪاروبار جي ڪري سندن گهر تي هميشه پ ب ت جي غنڊن جي نشاني تي رهندو هو. ڇھ سال اڳ عيني وارن جي زندگي ۾ هڪ طوفاني رات آئي هئي. اهو چونڊن جو دور هو ۽ سموري سندرتا ديس ائين ٿي لڳو ڄڻ چونڊون رڳو ڪرشيا شهر ۾ ئي ٿينديون هجن، سندرتا ديس جي ٻين حصن ۾ مک پارٽي جا اميدوار سگهارا هئا پر ڪرشيا شهر ۾ پ ب ت وارن جو قبضو هو. پ ب ت جي غنڊا گردي، ڀتاخوري ۽ دهشتگردي ڪارڻ شهر ۾ سندن گهرو تنگ ٿي رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ عيني ڪنهن ٻاهرين ملڪ پڙهڻ لاءِ ويل هئي. چونڊن جي حوالي سان وجنتا ديوي ۽ گلاب داس مهم تي نڪتل هئا، جڏهن ته بينا سندرتا ويلي اسڪول آف آرٽس ۾ سندس ڪنهن پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي هئي، هوءَ صبح جو گهران نڪرندي هئي ۽ سج لهتي جو گهر موٽندي هئي، آرٽ جي دنيا ۾ پير پائڻ کانپوءِ بينا کان دنيا جي ٻئي هر شيءَ وسري وئي هئي، کيس سياست ۽ خاص ڪري ڪرشيا جي سياست کان نفرت هئي. ان شام جو وجنتا ديوي کي پارٽي جي سياسي جلسي کي خطاب به ڪرڻو هو. اهو هڪ وڏو جلسو هو، پ ب ت وارن جا سمورا اندازا غلط ثابت ٿيا هئا، هنن ڀانيو هو ته مک پارٽي جي سڏ تي ڪرشيا جو عوام نه نڪرندو، پر عوام خواف جا سڀ بند توڙي ٻاهر نڪري پيو هو. وجنتا ديوي خطاب ڪندي اعلان ڪيو هو:
“اسان پ ب ت جي غنڊن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، اسان چونڊن ۾ سندن ضمانتون ضبط ڪرائينداسين.”
“وجنتا ديوي زندهه آباد.....مک پارٽي زندهه آباد.....” عوام اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻڻ شروع ڪيا هئا. مٿان وري وجنتا ديوي ان تڪ تان چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو هو جٿان گذريل ٽيهه سالن کان پ ب ت بنا مقابلي چونڊون کٽيندي ٿي آئي. پ ب ت وارن ان کي انا جو مسئلو ڪري ڇڏيو، خرم ته پارٽي جي گڏجاڻين ۾ صاف صاف اعلان ڪيو هو ته ڪرشيا شهر ۾ ايترو ته خوف پکيڙيو جو ايندڙ سو سالن تائين ڪير به هنن خلاف چونڊن ۾ بيهڻ جي همت نه ڪري سگهي. مک پارٽي جي اميدوارن کي ڌمڪيون اچڻ شروع ٿي ويون هيون، واپارين کي ڀتن جون پرچيون ملڻ شروع ٿي ويون هيون. ڪرشيا شهر جي پوش علائقن مان امير ماڻهن جا ٻار اغوا ٿيڻ لڳا هئا. تان جو قانون نافذ ڪندڙ ادارا چرپر ۾ هئا، پر سياسي ماحول ۾ ڪنهن ۾ به هٿ وجهڻ ڏکيو ڪم هو. سج لهي چڪو هو، بينا ڪاليج جي گيٽ کان نڪري ڏانهن آئي هئي، پوڙهي ڊرائيور بهار هن لاءِ دروازو کوليو هو، هن ڪلهي ۾ لڙڪندڙ بيگ لاهي پاسي کان سيٽ تي رکيو هو، گاڏي هلڻ لڳي هئي، گاڏي اچي هڪ سگنل تي بيٺي هئي. بينا جي گاڏي جي بلڪل پاسي کان هڪ موٽر سائيل اچي بيٺي، ان تي ٻه ڄڻا سوار هئا، ٻنهي کي پينٽ شرٽ پهريل ۽ مٿي تي ڪارا هيلمٽ هئا. بينا هڪ ڀيرو موٽرسائيڪل سوارن کي ڏسي، هٿ ۾ جهليل موبائيل ۾ ڏسڻ لڳي هئي، اوچتو سگنل کليو هو ۽ گاڏين جي هارون جي وچ ۾ وري ٽريفڪ هلڻ شروع ٿي وئي، بينا جي گاڏي فلائي اوور تي چڙهي هئي موتر سائيڪل به هن جي پٺيان پٺيان ٿي آئي، اک ڇنڀ ۾ بينا جي گاڏي تي موٽر سائيڪل سوارن گوليون هلائڻ شروع ڪري ڏنيون هيون، ونڊ اسڪرين پرزا پرزا ٿي وئي ۽ ڪجهه شيشا بينا کي لڳا هئا ۽ هوءَ رخمي ٿي پئي هئي، پوءِ به سندس ذهن ڪم ٿي ڪيو ۽ هوءَ سيٽن جي وچ واري وٿي ۾ ليٽي ٻي پاسي جو در کولي هيٺ زمين تي ليٽي پئي هئي، پهرين ڪجهه فائرن ۾ ئي ڊرائيور مري چڪو هو. هو اسٽيرنگ ويل تي ڪريو پيو ۽ گاڏي جو هارون ٿي وڳو، گاڏي رت سان ڀري پئي هئي. بينا جو سمورو جسم خوف سبب ٿڙڪي رهيو هو سندس موبائيل به ڪٿي ڪري پيو هو. موٽر سائيڪل هوا ۾ زوڪاٽ ڪندي هلي وئي هئي. بينا زمين تان اٿي پل تي ويران قدمن سان هلڻ لڳي هئي، سندس جسم ۾ رڦڻي هئي، سندس پاسي کان ڪا گاڏي يا موٽر سائيل ٿي گذري ته هوءَ خوف ۾ ڇرڪي ٿي وئي. هوءَ ڪيتري ئي دير تائين ائين ئي پنڌ هلندي رهي هئي ۽ پوءِ کيس گهمري آئي هئي ۽ بيهوش ٿي ڪري پئي هئي.