ڪالم / مضمون

جڏهن خيال جاڳن ٿا

ھي ڪتاب نئين ٽھيءَ جي اڀرندڙ ليکڪ اظھر امر جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
اظهر امر جا مضمون گهڻو ڪري ڪتابن تي تبصري جي صورت ۾ آهن، جيڪو ھڪ ساراه جوڳو عمل آهي. اظهر جي ان ڪم کي ٻيو ڪوئي اهميت ڏئي يا نه پر حقيقت ۾ جس آهي اظهر کي جيڪو ان ڪم کي پنهنجو فرض سمجهي ڪري رهيو آهي. ليکڪ دوستن کي اظهر ان مضمون جي صورت ۾ حوصلو ۽ اهميت ٿو ڏئي ۽ هنن جي لاء اڃا به وڌيڪ جذبي ۽ جنون سان ڪم ڪرڻ جو ڪارڻ ٿو بنجي.
  • 4.5/5.0
  • 2629
  • 429
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اظھر امر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جڏهن خيال جاڳن ٿا

مهاڳ : جڏهن خيال جاڳن ٿا سپرين جا

جيڪڏهن اسان کي نوجوانن سان شڪايت آهي ته اهي سٺو نٿا لکن ته نوجوانن کي وري سينيئر اديبن، شاعرن کان شڪايت آهي ته هُو هنن جي رهنمائي نه پيا ڪن، جڏهن ڪو به وڏو اديب ڪٿي انٽرويو ٿو ڏئي ته ان جي اها شڪايت آهي ئي آهي ته اڄڪلھ اهو معياري ادب نه پيو سرجيو وڃي ۽ نوجوان بلڪل به محنت نه پيا ڪن. پر حقيقت ته اها آهي جو نوجوان اسان کان به وڌيڪ محنت پيا ڪن، اهو ضروري ته ناهي جو هر ماڻهوء جي هر لکڻي معياري هجي، پر ها، ادبي معيار گهٽجڻ جو هڪ سبب اهو به ضرور آهي ته ”ادب جو اصلاحي تنقيد وارو شعبو“ پوئتي رهجي ويو آهي.
نوجوان قومن ۽ ملڪن جو سرمايو هوندا آهن ان جي ڪري اسان کي نوجوانن کان مايوس ٿيڻ بجاء خوش ٿيڻ گهرجي. نوجوان اسان جو سرمايو آهن اسان کي انهن جي اصلاح ڪرڻ گهرجي، رهنمائي ڪرڻ گهرجي ۽ فخر ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو اڃا به وڌيڪ محنت ڪن.
اهڙن ئي نوجوانن ۾ اظهر امر به هڪ آهي، جيڪو پڻ ادب جو شوق رکندڙن مان آهي. هونئن ته فيسبڪ تي اظهر امر جا مضمون پڙهندو رهندو آهيان پر يقينن ان وقت خوشيء جي لهر ڄڻ ته منهنجي دل تان گذري وئي جڏهن نوجوان شاعر ۽ مضمون نويس اظهر امر پنهنجي لکيل مضمونن جو ڪتاب واٽسپ ڪري مهاڳ لکي ڏيڻ جو چيو. حقيقت ته اها آهي جو ڪوبه ڪم آسان ناهي هوندو، هر ڪم محنت طلب هوندو آهي انهن ۾ مضمون لکڻ به هڪ محنت طلب ڪم آهي.
مضمون لکڻ جي شروعات ته انگريزن جي دور کان ٿي جنهن ۾ ڪيترن ئي سنڌي اديبن مضمون لکڻ شروع ڪيا، پر سڀ کان پهريان مضمون جي شروعات مرزا قليچ بيگ فرانس بيڪن جي مضمونن کي ترجمو ڪري ”مقالت الحڪمت“ جي نالي سان ڪئي. جنهن کان پوء ٻين به ڪيترن ئي اديبن پنهنجا طبع زاد مضمون لکيا. مضمون لکڻ جي لاء موضوع جي ڪابه پابندي ناهي هوندي. مطلب ڪنهن به موضوع تي لکي سگهجي ٿو. انگريزن جي دور ۾ مضمون جي شهرت جو سبب صحافي بڻيا جن مضمون جي صنف کي اوج رسايو. ان کان پوء جوت اخبار جو به مضمون جي صنف کي اڳتي آڻڻ ۾ وڏو هٿ هيو. جيڪڏهن انگريزن جي دور ۾ مضمون نويسن کي ڏسجي ته انهن ۾ پرمانند ميوارام جو نالو به نمايان آهي. جنهن جا پڻ سماجي، سياسي، اصلاحي، مذهبي ۽ تفريحي مضمون جيڪي جوت اخبار ۾ ڇپجندا رهندا هئا. مضمون شروع کان ئي پڙهندڙن وٽ پنهنجي جاء والاري چڪو هو، جنهن کي اڄ جا نوجوان اڃا به وڌيڪ خوبصورت ڪري پيش پيا ڪن.
اظهر امر جو ڪتاب ”جڏهن خيال جاڳن ٿا“ جنهن ۾ ڪالم ۽ مضمون شامل آهن. اظهر امر جا مضمون اڪثر ڪري ليکڪن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي تبصري جي صورت ۾ آهن جيڪو پڻ ساراه جوڳو عمل آهي، اظهر جي ان ڪم کي ٻيو ڪوئي اهميت ڏئي يا نه پر حقيقت ۾ جس آهي اظهر کي جيڪو ان ڪم کي پنهنجو فرض سمجهي ڪري رهيو آهي. ليکڪ دوستن کي اظهر ان مضمون جي صورت ۾ حوصلو ۽ اهميت ٿو ڏئي ۽ هنن جي لاء اڃا به وڌيڪ جذبي ۽ جنون سان ڪم ڪرڻ جو ڪارڻ ٿو بنجي.
اظهر وٽ ڪالم ۽ مضمون لکڻ جو فن آهي، مضمون لکڻ ڪو آسان ڪم ناهي ڪنهن به موضوع تي مضمون لکڻ کان پهريان ان موضوع جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري هوندي آهي. اظهر به جن ڪتابن تي لکيو آهي انهن سان ڏاڍو سٺو نباهيو آهيو. هن ڪتاب ۾ شامل مضمون جن ڪتابن تي لکيا ويا آهن انهن ۾ ڪجھ کان سواء منهنجا پڙهيل نه هيا پر اظهر جا انهن ڪتابن تي لکيل مضمون پڙهي اها خبر ضرور پئي ته اهي ڪتاب ڪنهن ڪنهن جا ۽ ڪهڙن ڪهڙن موضوعن تي لکيل آهن. اظهر امر وٽ مضمون لکڻ جو اهو ڏانء ضرور آهي ته هو ڪتاب تي تبصرو ته ڪري ٿو پر ان سان گڏ ان جي ليکڪ جي باري ۾ به ڄاڻ ڏئي ٿو. جيئن مٺل جسڪاڻيء جو سفرنامو ”سفر بخير“ آهي. ان مضمون پڙهڻ سان اها خبر پئي ته مٺل جسڪاڻي زرعي يونيورسٽيء ۾ پنهنجي نوڪري ڪرڻ سان گڏ ادبي ذوق به رکي ٿو ۽ ان سان گڏ اسان کي مٺل جسڪاڻيء جي شخصيت جي باري ۾ به معلومات ملي ٿي.
اظهر امر جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمون جن ڪتابن تي لکيل آهن اهي ڪتاب ڪجهه شاعري تي مشتمل آهن. ڪجهه سفر نامن تي ۽ ڪجهه ڪهاڻين ۽ ٻين موضوئن تي آڌاريل آهن اظهر امر جي اها چونڊ اظهر امر جي لکڻ جي گهڻ رخي پاسي کي ظاهر ڪري ٿي. اظهر امر ۾ سکڻ ۽ لکڻ جو جذبو آهي جنهن کان پوءِ ائين ضرور چئي ٿو سگهجي ته جيڪڏهن اظهر اهو پنهنجو لکڻ ۽ پڙهڻ وارو شوق جاري رکيو ته هو مستقبل جو بهترين ليکڪ ٿي سگهي ٿو.


علي عاجز شر
سرمد جو گهر پڪا چانگ
5_11_2019