ڪالم / مضمون

جڏهن خيال جاڳن ٿا

ھي ڪتاب نئين ٽھيءَ جي اڀرندڙ ليکڪ اظھر امر جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
اظهر امر جا مضمون گهڻو ڪري ڪتابن تي تبصري جي صورت ۾ آهن، جيڪو ھڪ ساراه جوڳو عمل آهي. اظهر جي ان ڪم کي ٻيو ڪوئي اهميت ڏئي يا نه پر حقيقت ۾ جس آهي اظهر کي جيڪو ان ڪم کي پنهنجو فرض سمجهي ڪري رهيو آهي. ليکڪ دوستن کي اظهر ان مضمون جي صورت ۾ حوصلو ۽ اهميت ٿو ڏئي ۽ هنن جي لاء اڃا به وڌيڪ جذبي ۽ جنون سان ڪم ڪرڻ جو ڪارڻ ٿو بنجي.
  • 4.5/5.0
  • 2629
  • 429
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اظھر امر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جڏهن خيال جاڳن ٿا

اظهر امر لفظن کي موتين جيان سينگاريندڙ ليکڪ

اظهر امر لفظن کي موتين جيان سينگاريندڙ ليکڪ

جڏهن خيال جاڳن ٿا، هيء ڪتب اخبارن ۾ ڇپيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آهي، هن ڪتاب ۾ اظهرامر پنهنجا جاڳيل خيال ٽڪ جي رليء تي رنگين ٽڪرن جيان سنهيء سوء سان سبي حسن ۾ چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. اظهر امر هڪ گهڻ پڙهيو (پڙهاڪو) ليکڪ آهي، هن ٿوري عرصي ۾ ايترا ڪتاب پڙهيا آهن ۽ وري انهن تي ڀرپور تبصرا لکي مختلف اخبارن ۾ ڇپرايا به آهن، هڪ ته پورو ڪتاب پڙهجي، وري ان تي ايمانداريء سان لکجي، سچ پچ وڏو مشڪل ۽ محنت جو ڪم آهي، جس آهي اظهر امر کي جنهن ايڏو ڏکيو ڪم سرانجام ڏنو، هن سوشل ميڊيا جي دوءر ۾ نوجوان نسل ڪتابن کان دور ٿيندو پيو وڃي،ان راء کي اظهر امر جا ڪتابن تي لکيل تبصرا رد ڪن ٿا، اسان جو نوجوان ڪتاب پڙهي ٿو، ڪڙهي به ٿو، تڏهن ئي ته لکي ٿو! ان جو ثبوت هي ڪتاب آهي. ڪتاب تي لکيل بهترين تبصرو ڪتاب جو مله مٿانهون ٿو ڪري ڇڏي، تبصري پڙهڻ سان ڪتاب پڙهڻ جو اتساهه ٿو پيدا ٿئي، ۽ ڪتاب جي وڪري ۾ به اضافو ٿو ٿئي، ان جو مثال اوهان سان ونڊيان ٿي. جڏهن منير چانڊو جو ٻيو ناول ´ تو پڄاڻا` تي لکيل تبصرو عبرت اخبار ۾ ڇپيو ته، تبصرو پڙهي ناول خريد ڪري پڙهيو، ناول پڙهڻ سان سندس پهرين ناول ´ڪيف ڌارا ڪوهه´ پڙهڻ جو تجسس وڌيو، پوء وري ٽيون ناول `ڀري هن ڀنڀور ۾´ پڙهيو، هڪ بهترين تبصرو پڙهڻ ڪري ليکڪ جا ٽي ڪتاب پڙهي ڇڏيا، تازو مگهاڻيء جي ناول ´رڃ`تي اڪبر لغاريء پنهنجي اخبار ۾ بهترين تبصرو لکيو ته ناول پڙهڻ جو اشتياق جاڳيو، ۽ ادبي بورڊ فون ڪئي ته ناول گهرجي، رڃ ناول ڪافي پراڻو هو پر اڪبر لغاريء جي تبصري نئون جنم ڏئي ڇڏيس.
جئين نئين فلم کي مشهور ڪرڻ لاء، ان جي ٽيلر کي خوبصورت ڪري ڏيکاريو ويندو آهي ته فلم بين ڏسڻ لاء بيتاب ٿي وڃي، اهڙي ريت ڪتاب تي لکيل بهترين تبصرو به پڙهندڙن کي، ڪتاب پڙهڻ لاء بيچين ٿو ڪري، اهيو تبصري نويس جو ڪمال هوندو آهي، هڪ بهترين تبصري نويس جو ڪم آهي ته هو خوبين سان گڏ خامين جي نشاندهي ڪري، اجائي تنقيد کان پاسو ڪري، ڇو جو تنقيد تقيدنگار جو ڪم آهي. اهڙي صلاحيت کان اظهر امر به مالا مال آهي، هن ۾ لفظن جي جادوگري آهي، هن به پنهنجن لکيل تبصرن ۾ ايمانداريء کان ڪم ورتو آهي، اجائي تنقيد کان پاسو ڪيو آهي، ڪتابن جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي جا سندس خوبي آهي. اظهر امر پنهنجا تبصرا ڪتابي صورت ۾ آڻي محفوظ ڪري ڇڏيا آهن، سندس تبصرا ڪتابي صورت ۾ ڏسي بيحد خوشي ٿي. جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. نوجوان ليکڪ اسان جو آئيندو آهن، اظهر امر جڏهن به ڪا لکڻي ڏيکاري، مون هميشه اهيوئي چيو لکندا رهو پاڻ ئي بهتري ايندي ٿڪڻو ناهي، نه رڪڻو آ، بس لکندا رهو، اسان جي سنڌي ساهت ۾ نئون لکندڙن جي حوصلاافضائي کان وڌيڪ حوصلا شڪنائي ئي ڪئي ويندي آهي، پر پاڻيء جا وهڪرا پنهنجا رستا پاڻ ئي ٺاهيندا آهن، اظهر امر کي به اهڙي لکڻ جاري رکڻ گهرجي، منزل ڀلي ڏور سهي منزل هڪ ڏينهن ضرور ملندي، اسان جي دعا آهي ته الله پاڪ اظهر امر کي ڪاميابيون عطا فرمائي. هي ڪتاب ڪو ادارو پبلش نه پيو ڪري بلڪ سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي رکيو ويندو، جس آهي سنڌ سلامت ڪتاب گهر وارن کي جن پڙهندڙن کي ڪتابن جا خزانا ميسر ڪري ڏنا آهن، ۽ جيڪي ليکڪ ڪتاب پبلش نٿا ڪرائي سگهن انهن لاء به بهترين ميدان آهي. اسان جا ڪيترائي بهترين ليکڪ آهن جيڪي مالي مسئلن ڪري ڪتاب نٿا ڇپائي سگهن، انهن ليکڪن کي گهرجي ته پنهنجا ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي اپ لوڊ ڪن، اجايو مواد کي ضايع نه ڪن، هن دور ۾ ڪتاب ڇپائڻ وڏي ڏچي جو ڪم آهي، مون ڪنهن ليکڪ جو مضمون پڙهيو هو هن لکيو هو ته ´ٻاهرين ملڪن ۾ يا اردو ليکڪ ڪتاب لکي ته ويهي سڄي عمر کائي، اسان سنڌي ليکڪ ڪتاب لکون ته ڇپايون به پاڻ، کپايون به پاڻ، نه کپي ته ورهايون به پاڻ، هاڻي ته اعزازي ڪاپيء جا خرچ به ڳيچيء ۾آهي.
اظهر امر ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر کي واڌايون.


ارشاد سومرو
27 آڪٽوبر 2019 حيدرآباد