ڪالم / مضمون

جڏهن خيال جاڳن ٿا

ھي ڪتاب نئين ٽھيءَ جي اڀرندڙ ليکڪ اظھر امر جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
اظهر امر جا مضمون گهڻو ڪري ڪتابن تي تبصري جي صورت ۾ آهن، جيڪو ھڪ ساراه جوڳو عمل آهي. اظهر جي ان ڪم کي ٻيو ڪوئي اهميت ڏئي يا نه پر حقيقت ۾ جس آهي اظهر کي جيڪو ان ڪم کي پنهنجو فرض سمجهي ڪري رهيو آهي. ليکڪ دوستن کي اظهر ان مضمون جي صورت ۾ حوصلو ۽ اهميت ٿو ڏئي ۽ هنن جي لاء اڃا به وڌيڪ جذبي ۽ جنون سان ڪم ڪرڻ جو ڪارڻ ٿو بنجي.
  • 4.5/5.0
  • 2629
  • 429
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اظھر امر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جڏهن خيال جاڳن ٿا

تحقيق جي دائري ۾ ايندڙ ڪتاب ”جڏهن خيال جاڳن ٿا“

تحقيق جي دائري ۾ ايندڙ ڪتاب ”جڏهن خيال جاڳن ٿا“

ماڻهُوءَ جي من اندر ۾ متل مانڌاڻ، اُڻ تُڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جو سبب بڻجي ٿي، ته نيون سوچون سرجن ٿيون. سوچوُن، جيڪي اصل ۾ هڪ نه ته ڪنهن ٻئي عمل جو رد عمل هجن ٿيون. اهو ردعمل، ٻار کان ٻُڍي تائين، هر ڪو پنهنجي انداز ۾ ظاهر ڪري ٿو. ڪي ماڻهُو، اشارن ۽ ڪناين ۾، ڪي سندن ڪردار ۽ عمل وسيلي، ته ڪي وري ان کي لفظن جو روپ ڏئي، ڪلامي يا قلمي طور ظاهر ڪندا آهن.
قلم وسيلي پنهنجي خيالن، سوچن، ويچارن، نظرين جي اُپٽار جا انيڪ طريقا آهن، جن مان ٻه، نظم ۽ نثر وارو طريقو وڌيڪ موثر رهيو آهي، پر لکندڙ جي شروعات وارين تحريرن (شاعري توڙي نثر) ۾ انيڪ ڪچايون ۽ ڦڪايون هجڻ ڪري، اهي لکڻيون ڪو خاص تاثر نه ڇڏينديون آهن. البت، جڏهن قلم جو سهارو وٺندڙ، لکڻ سان گڏوگڏ مطالعو ۽ ۾مُشاهدو ڪري ٿو، ته سندس تحريرن ۾ پختگيءَ اچڻ شروع ٿي ويندي آهي.
عام طور هر ليکڪ، شاعر توڙي نثر نويس، شروع ۾ صرف سندس من اندر مان اُڇل کائي نڪرندڙ لفظ لکي، جملا لکندو آهي، جيڪي اڳتي هلي شاعريءَ يا وري نثر جي هڪ نه ته ڪنهن ٻيءَ صنف جي صورت ۾، پڙهندڙن تائين پهچڻ شروع ٿين ٿيا. اظهر امر جي حوالي سان جيستائين مون کي اندازو آهي، ته هن لکڻ جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي ۽ پوءِ اڳتي هلي، نثر ۾ پڻ طبع آزمائي ڪرڻ لڳو.
ٻين گهڻن ليکڪن وانگر، شروع ۾ اظهر جي من ۾ جيئن به آيو، هن جيڪو به لکيو، اهو سندس مرضيءَ سان ئي لکيو، پر اڳتي هلي، اظهر پڻ، ٻين ليکڪن وانگر، ٻين جي مرضيءَ سان پڻ لکيو. ۽ سندس اهو سلسلو جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو. ايترو ته وڌي ويو، جو، جيستائين منهنجو اندازو آهي، ته اظهر، جيڪو بنيادي طور شاعر آهي، هاڻي نثر نويس ۽ گهڻو لکندڙ نثر نويس آهي. سندس اڪثر تحريرون، ٻين ليکڪن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن، مضمون نويسن، ناول نگارن جي ڇپيل ڪتابن جي حوالي سان آهن.
هيءَ ٻه اکر لکڻ کان پهرين، اظهر امر واٽس ايپ ميسيج ۾، هڪ پي ڊي ايف فائيل ۽ ”قبلا سائين ڪتاب تي رايو لکي ڏيو“ جو نياپو موڪليو. سچ اهو آهي ته منهنجي خواب خيال ۾ ئي نه هو، ته ڪو، اظهر امر سندس ڪتاب موڪليو آهي ۽ ان تي رايو لکڻ لاءِ چيو آهي. ڇو ته اظهر امر اڄ جي دور جي تڪڙي رابطي يعني موبائيل فون ۽ ان وسيلي سوشل ميڊيا جي گهڻي استعمال ٿيندڙ ذريعي فيس بوڪ ذريعي پڻ رابطي ۾ رهيو آهي، پر اسان جون روبرو ملاقاتون به ڪي گهڻيون ديرائتيون نه ٿينديون آهن. ۽ هن ڪڏهن به مون سان سندس ڪتاب جو ذڪر نه ڪيو.
واٽس ايپ فائيل ڊائون لوڊ ڪري ڏسڻ ۽ پڙهڻ سان مون کي ٻن لحاظن کان حيرت ٿي. هڪ اها ته اظهر ايترو گهڻو لکي چڪو آهي، جو سندس مجموعو اچي رهيو آهي ۽ ٻيءَ حيرت ان ڪري ٿي، ته سندس هي پهريون ڪتاب، ڪاڳرن تي ڇپجي پڙهندڙن تائين پهچڻ وارو نه آهي.
هر ماڻهُوءَ جي پنهنجي سوچ آهي. آئون پهرين عام رواجي طريقي سان ڪتاب ڇپجڻ ۽ پوءِ ان کي آن لائين ڇاپڻ جي حق ۾ آهيان. ڇو ته ان طريقي سان آئون پنهنجو هڪ ڪتاب، جيڪو مون انگريزي ۾ لکيو، آن لائين ان ارادي ۽ نيت سان، ڇپجڻ کان پهرين عام ڪيو، ته ڪتاب پڻ ترت ئي ڇپرائي وٺندس، پر پوءِ ٿيو ائين ته منهنجو اهو ڪتاب، جنهن ويب سائيٽ تي آن لائين ٿيو، اها ويب سائيٽ بند ٿي وئي ۽ منهنجي ان ڪتاب جو سمورو مواد، هڪ ٻيءَ ويب سائيٽ تان، مون کي ٻُڌائڻ کانسواءِ، منهنجو نالو ڪاٽي، باقي مواد جيئن جو تيئن ڇاپيو ويو! اهو ڪتاب انگريزي ۾ هجڻ جي ڪري، هاڻي ڪاپي رائيٽ جي اصولن مطابق، منهنجو ئي ڪتاب، منهنجو هوندي به منهنجو نه رهيو آهي.
اظهر امر جو هي پهريون ڪتاب ”جڏهن خيال جاڳن ٿا“، آن لائين ڪتابن جي معروف ۽ مقبول ويب سائيٽ ”سنڌ سلامت ڪتاب گهر“ جي سلسلي جي هڪ ڪڙي طور پڙهندڙن کي مطالعي لاءِ مُيسر هوندو. هن ڪتاب ۾ اظهر امر جون سموريون تحريرون مختلف ڪتابن ۽ انهن جي ليکڪن جي تعارف ۽ تبصرن تي مشتمل آهن. هي اهو ڪم آهي، جيڪو هاڻي نالو نڪتل ليکڪ نه ڪندا آهن. اظهر امر نوجوان آهي، اڃان شاگرد آهي، ڪُڙم وارو آهي، منهنجي سوچ مطابق ته سندس ترجيح في الحال ڪا ٻي هُجي، پر جيڪڏهن هو پنهنجي اصل ذميوارين کي سهڻي نموني سان نڀائي، مختلف ڪتاب پڙهي، انهن تي پنهنجا رايا ڏئي سگهي پيو، ته سندس هي عمل به ساراهه جوڳو ٿي پوي ٿو.
جيتوڻيڪ اظهر امر جون، هن ڪتاب ۾ شامل شروعاتي نثري لکڻيون آهن، پر جيڪڏهن ايمانداريءَ سان رايو ڏجي، ته اظهر امر جو هي پورهيو تحقيق جي دائري ۾ اچي ٿو. مون کي عام لکيڪ جي ڀيٽ ۾ ڪنهن به مضمون، ڪنهن به شعبي جو محقق وڌيڪ وڻي ٿو.
اظهر امر جي لاءِ مون وٽ خلوص ۽ نيڪ تمنائن کان وڌيڪ ٻيو ڇا اهم آهي، جيڪو هجڻ گهرجي؟ جتي به هجي، سدا خوش، خيريت سان هجي ۽ اهڙي عمل، ردعمل ۾ هجي، جنهن سان هو پنهنجي هڪ الڳ ٿلڳ ۽ منفرد سڃاڻپ پيدا به ڪري سگهي ۽ ان کي قائم به رکي سگهي.


مٺل جسڪاڻي
ٽنڊوڄام
خميس، 24 آڪٽوبر 2019ع