معاشي زندگي
لغاري بجراڻي جي پوک جو ذڪر جيڪڏهن گدرن جي فصل کان سواءِ ڪبو ته اڌورو آهي ڇاڪاڻ ته ڳوٺ جي آس پاس لغارين جا پوکيل گدرا گهڻو مشهور هوندا هئا ۽ هن وقت به آهن پر ان وقت جي ڳالھ ٻي هئي. گدرن جي واڙي پوکڻ جا شوقين حيدر بخش ولد بهادر، قادر بخش ولد بهادر، محبوب علي ۽ نظر حسين ولد احمد فقير ۽ ٻيا به ڪيترائي لغاري هئا. اُهي واڙي پوکڻ ۽ سار سنڀال لهڻ ۾ خاص حيثيت رکندا هئا. گدرن جون واڙيون گهڻو ڪري درياھ جي ڀرسان سندس ڇڏيل پيٽ ۾ ٿينديون آهن. جيڪڏهن زمين تي پيل لٽ جي مٿان واري گهڻي انداز يعني هڪ ٻن فٽن تائين هوندي آهي ته ان ۾ ٻي ڪا پوک ٿي نه سگهندي آهي. گدرن لاءِ ان ۾ کڏا هڻي ان جو ترو پاڻي جي سيڪ تي بهاري ان ۾ ٻج پوکيندا هئا ۽ پوءِ ٿوري گهڻي لٽ واري مٽي بج جي مٿان هڪ ٻه انچ کن وجهندا هئا. اٺن يا ڏهن ڏينهن کان پوءِ سَلو نڪرندو آهي ۽ آهسته کڏن مان ٻاهر نڪري وڏو ٿي زمين تي ٽڙي ويندو آهي ۽ گل جهلي پوءِ ان ۾ گدرا ٿيندا آهن. گدرن جي پوکڻ جي موسم سياري اچڻ کان ٿورو اڳ آهي. جيڪڏهن سياري جي موسم جو سخت پارو نه پيو ته مارچ مهيني ڌاري گل ڪڍندو آهي ۽ اپريل ۾ گدرا ڏيڻ شروع ڪندو آهي. پر جيڪڏهن گهڻي سيءُ ۽ پاري سبب ڪي سلا سڙي ويا ته به وري پوکي سگهبا آهن. کڏن وارن سَلن کي سياري ۾ بچائڻ سولو آهي. ڇاڪاڻ ته کڏي جي مٿان ڪک پن يا سَر ڪانهن جو ڍڪ ڏيئي ننڍڙي سلي کي بچائي سگهجي ٿو. جتي سيڪ مٿي هوندو آهي اتي هڪ ٻه هر ڪاهي ان ۾ ناڙي رستي به گدرا پوکيا ويندا آهن. پر انهن کي سياري جي پاري کان بچائڻ مشڪل آهي. واڙي جي گڏ ڪرڻ به تمام ضرور آهي ته خاص ڪري ناڙي سان پوکيل گدرن ۾ ڇاڪاڻ ته ان ۾ گدري جو ٻوٽو زمين جي هيٺين سطح تي هوندو آهي ۽ ڀرسان غير ضروري گاھ به ڄمي ويندو آهي. جيئن اهو گاھ زمين مان نمي نه کڻي وڃي. جڏهن ٻوٽا وڏا ٿي هڪ ٻئي ۾ گڏجي ويندا آهن ته ڦر جهلڻ شروع ڪندا آهن. انهن ڦرن کي به گدڙن، مِرن يا ٻين جهنگلي جانورن کان بچائڻ به تمام ضروري هوندو آهي. انهيءَ لاءِ واڙي واري پوکيل زمين تي هڪ ننڍي اوطاق يا جهوپڙي پڻ ٺاهي ويندي آهي جيئن واڙي پوکيندڙ رات ڏينهن ان جي رکوالي ڪري سگهن. گدرا پچڻ تي هر روز شام جو گدرا ڪڍيا ويندا هئا. سج لٿي کان اڳ واڙي مان سمورا پڪل گدرا ڪڍي هڪ هنڌ ڍير ڪندا هئا. جيئن واپارين جا اُٺ راتو رات کڻي صبح جو ڪنهن مارڪيٽ تي پهچائين. ڳوٺ لغاري بجراڻي جي مارڪيٽ موري شهر يا دادو ۾ هوندي هئي. گدرن جا واپاري سمورين واڙين مان گدرا گڏ ڪري ٻورين ۾ وجهي اُٺ قطاري سومهڻي ڌاري موري يا دادو جي شهر روانا ٿيندا هئا. رات جو اُٺن کي ٻڌل ڇير جتن جون جهونگارون ۽ بيت اهو اعلان ڪندا هئا ته هي گدرن جي موسم آهي ۽ گدرا مارڪيٽ ڏانهن وڃي رهيا آهن. ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ انهي موسم جي خاص اهميت هوندي هئي. گدرا ته هينئر به ٿين پيا پر تقريبن 50 سال اڳ وارا گدرا مٺا، رسدار ۽ ڳر وارا هوندا هئا. سانجهي جو پٽيل گدرو جڏهن صبح جو سويل کائبو هو ته ڏاڍو ٿڌو ۽ مٺو هوندو هو ۽ وات جي واڇن جي ٻنهي پاسي پاڻي پيو ٽمندو هو. هينئر به جيڪڏهن انهن گدرن جو تصور ٿو ڪجي ته وات پاڻي ٿيڻ لڳي ٿو. ڳوٺ جو ڪوبه ماڻهو ڪنهن جي واڙي ۾ ويندو هو ته ان کي گدرن کائڻ جي ڪابه جهل پل نه هوندي هئي ڀلي کائي ڍوءَ ڪري ۽ ٻه ٽي گدرا گهر ڏانهن به کڻي وڃي سگهيو پئي. مٿي ذڪر ڪيل لغارين جون واڙيون 100 جريبن ۾ هونديون هيون. واڙي جي وچ ۾ هڪ سٺي لانڍي به ٺهيل هوندي هئي. جتي ڏينهن رات چهچٽو لڳو پيو هوندو هو. کاڌي پيتي جو سامان لانڍي ۾ موجود هوندو هو. واڙيون گهڻو ڪري درياھ جي وارياسي ڪنارن تي هونديون هيون. درياھ جي ڀرسان هئڻ ڪري اتي مڇي به جام ملندي هئي. ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ کان اڳ پلا جام هوندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن مڇي يا پلي جي ماري کي 5 يا 10 سير گدرا ڏيندا هئا ته هو جوڙي پلن يا مڇين جي لانڍي ۾ ڇڏي ويندو هو. مطلب ته ڪنهن به واڙي ۾ وڃي رات رهي اچڻ هڪ سٺي تفريح هوندي هئي. رات جو به راڳ روپ ۽ ٻي تفريح جو ڪافي سامان هوندو هو. جنهن ڪچهري ۾ نظر حسين ولد احمد وفير هجي اتي کل ڀوڳ ۽ نظر جا گفتا رنگ لائي ڇڏيندا هئا. گدرن سان گڏ ميها، ڇانهيون ۽ ونگا به جام ٿيندا هئا. اهو خريف ۽ ربيع جو وچ وارو فصل انتهائي فائدي وارو ۽ نفح بخش هوندو هو. ربيع جي موسم ته هن ڳوٺ ۾ عجيب موسم هوندي هئي. مٽر، چڻا، ڄانڀو، سرنھ وغيره پوکي ويندي هئي. ان کان سواءِ بوسي ڪڻڪ پڻ ناڙي رستي پوکڻ جو رواج هو. فيبروري ۽ مارچ جي مهيني ۾ جڏهن موسم بهار پنهنجي اوج تي هوندي هئي ان وقت ربيع جي فصل جي خوشبو، جهنگلي ٻوٽن ۽ وڻن جي مهڪ مست ڪري ڇڏيندي هئي. هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ هوندي هئي. شام جي وقت جڏهن گهر کان ٻاهر نڪري اولھ طرف رخ ڪبو هو ته ڏسڻ ايندو هو ته ڪو ماڻهو ڪاٺين جي ڀري کنيو پنهنجي مال سميت ڳوٺ پيو اچي. سرنهن جي ساڳ يا مٽرن، چڻن جي “پلي” پٽڻ جي ڪنهن کي جهل پل نه هوندي هئي. تنهن ڪري ساڳ پٽي رات جي ڳنڌڻ جو سٺو بندوبست ٿي ويندو هو. هونءُ به رات جو جوئر يا ٻاجهري جي ماني سان ساڳ کائي مٿان کير جو وٽو پي هر ڪو ڏڪار ڏيندو ڀر واري اوطاق ۾ ايندو هو. ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ سواءِ هندو آبادي جي ٻين ماڻهن جا گهر ڪچا هوندا هئا. يعني اوڏڪيون، ڀتيون ۽ مٿائين ڪانهن يا سرن جا ڇپر هوندا هئا. انهن جو سبب ڪجھ غربت ۽ ڪجھ ٻوڏ کان بچڻ لاءِ هوندو هو. گهڻي ٻوڏ سبب ڪنڌي وارن گهرن کي ڪوبه خطرو ڪونه هوندو هو. پر ڀتين کي بچائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪرڻيون پونديون هيون. ٻوڏ وقت جڏهن ٻوڏ جو پاڻي گهرن جي ڀتين کي ٽڪرائيندو هو ته ان وقت اڱڻ کوٽي اتان مٽي ڪڍي ڀتين کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ڀراءُ ڏيئڻو پوندو هو. هندن جا گهر گهڻو ڪري وچ شهر ۽ مٿاهين واري هنڌ تي هوندا هئا. تنهنڪري کين معمولي ٻوڏ جو خطرو ڪونه هوندو هو. ڳوٺ وارا ٻوڏ جو مقابلو وڏي جوانمردي سان ڪندا هئا. ڳوٺ کي چوڌاري پاڻي گهيري ويندو هو پر سندن منهن مان خوشي پيئي ٻهڪندي هئي. چوڻي آهي ته “ٻڏي جا ٻيڻا” ٻوڏ کان پوءِ وڌ کان وڌ پوک ٿيندي هئي. ٻوڏ ۾ ڪجھ نقصان خريف جي فصل کي ٿيندو هو پر ربيع جو وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻا اها قرباني ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار هوندو هئا. وڏي ٻوڏ ۾ شهر لغاري بجراڻي جي چوڌاري پاڻي ڦري ويندو هو. ڪن ڪن گهٽين ۾ به پاڻي اچي ويندو هو ۽ گهر گهر کان الڳ ٿي ويندو هو جنهن ڪري سندن اچڻ وڃڻ ٻيڙين کان سواءِ ڪو به ذريعو ڪونه هوندو هو. تانگهي پاڻي ۾ ور کڻي هڪ ٻئي جي گهر اچڻو وڃڻو پوندو هو. ڳوٺ جا مير بحر ٻيڙيون ڪاهي ڳوٺ جي ڀرسان بيهاريندا هئا. روزانو هڪ يا ٻه چڪر ٻيڙيون ماڻهن ۽ سامان وغيره کڻي گچيرو ۽ بند تائين وينديون هيون. جيئن ڳوٺاڻا گچيرو يا موري مان ڪم ڪار لاهي وري موٽي ٻيڙي تي چڙهي ڳوٺ پهچي سگهن. ديھ خيروديرو جي اوڀر واري دنگ مان هڪ واهڙ به هوندو هو. جيڪو اڃان تائين سُڪل حالت ۾ موجود آهي. ان واهڙ ۾ ٻوڏ جو پاڻي سڀ کان اول ايندو هو. اُهو واهڙ شهر ڪورائين کان اولھ ـ ڏکڻ طرف کان درياھ منجها نڪري واپس عرض محمد جي ڳوٺ جي سامهون درياھ منجھ ڇوڙ ڪندو هو. ان واهڙ جي ٻنهي ڪنارن تي اونهاري جي موسم ۾ جڏهن واهڙ وهي ايندو هو تڏهن نار چاڙهيندا هئا ۽ خريف جو فصل جهڙوڪ: جوئر، ٻاجهري وغيره پوکيندا هئا. انهي واهڙ جي ڪناري تي ڪن هندن جون زمينون به هيون. جن مان ڪجھ پنهنجي زمين پاڻ آباد ڪندا هئا ۽ ڪجھ ڳوٺ وارن هارين کي هارپ تي ڏيندا هئا ـ
جيئن جيئن زمانو گذرندو ويو تيئن تيئن هر ڪا شي پنهنجي اصلوڪي ماڳ تان اڳتي وڌندي يا پوئتي هٽندي پيئي اچي. 1947ع ۾ پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ هندن لڏپلاڻ ڪئي. ڳوٺ لغاري بجراڻي جا سمورا هندو هندستان هليا ويا. سندن رهڻ وارين جاين ۽ دڪانن تي پاڙيسري مسلمان قبضو ڪندا ويا. دڪان ۽ بازارون ڦٽي ويون ۽ شهري آبادي کي وڏو ڌڪ لڳو. انهي حد دوران ڪجھ ٻيون به ذاتيون ۽ قبيلا آهسته آهسته لڏڻ لڳا. جهڙوڪ لانگاھ، ڪاسائي، هُليا ۽ ڪوري وغيره. ڪن بئراج علائقي ۾ زمين کنئيءَ ۽ ڪي وري ڌنڌي خاطر گچيرو پراڻو يا مورو ۾ لڏي آيا ۽ اتي آباد ٿي ويا. مطلب ته 1947ع کان شهر لغاري بجراڻي جو زوال شروع ٿيو. ڳوٺ جا وڏا جيڪي محنتي جفاڪش ۽ ايماندار هئا سي هي جهان ڇڏي ويا ۽ وڃي ملڪ عدم وسايو. نئين ٽهي وارا محنت گهٽ ڪرڻ وارا آرام پسند ۽ ٺلهي وڏائي رکندڙ هئا سي پنهنجي ٺٺ ٺانگر ۾ پورا هئا. جنهن ڪري اهي واھ جيڪي هر سال ٿوري گهڻي کاٽي ڪري وهايا ويندا هئا سي آهسته آهسته لٽجڻ لڳا. ڪنهن به انهي ڏانهن توجھ ڪونه ڏنو. نتيجي ۾ 20 کان 25 سالن کانپوءِ انهن ڍورن ۽ واهڙ تي نارن جو رينگٽ گهٽجڻ لڳو. جيتوڻيڪ انهي وچ ۾ زمين تي کوهن جو تعداد وڌيو ۽ نارن جي جاءِ ٽيوب ويل ۽ مشين والاري وئي پر اڳين محنت گهٽجي وئي ۽ خريف جو فصل پڻ گهٽجڻ لڳو. تنهن هوندي به ربيع جو فصل ٻوڏ کان پوءِ سٺو ٿيندو هو ۽ ماڻهن جو گذر سفر آساني سان ٿيندو هو. آخرڪار درياھ بادشاھ کي اسان جي اعمالن تي ناراضگي ٿي يا کيس مٿان کان حڪم ٿيو، کيس پنهنجا چار پنج سو سال پراڻا ماڳ ياد آيا. پهريائين هڪ وڏو واهڙ جنهن کي مقامي طرح ڍنڍ ڪوٺيو ويندو هو ۽ ڳوٺ جي اولھ طرف ميل کن پنڌ تي هو ان کي پائي وڏو ويڪرو ڪيو ۽ ٻئي سال انهي واهڙ ۾ درياھ ڪاهي پيو ۽ اهو واهڙ ڍنڍ کان ڦري درياھ ٿي ويو ۽ اصلوڪو درياھ لٽجڻ لڳو. تاريخن هن درياھ کي پورالي ندي ڪوٺيو آهي. هن هميشه کان پنهنجا ماڳ مٽايا آهن. ڪڏهن شهدادپور ڀرسان سهڻي ۽ ميهار جي قبرن جي وچان وهندي هئي. ڪڏهن موهن جو دڙو، ڪڏهن ٺٽي شهر جي ڀرسان ڀنڀور سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي ۽ ڪڏهن کاري ڇاڻ ۾، خير!! انهي واهڙ يا ڍنڍ سان به ڪافي يادگيريون وابسته آهن. انهي ڍنڍ جي ٻنهي ڪنارن تي ڳوٺ جي لغارين جون زمينون هيون ۽ ڍنڍ ۾ گهڻو ڪري ڪنهن نه ڪنهن کڏ يا هيٺاهين جڳھ تي پاڻي ضرور هوندو هو. سياري توڙي اونهاري ۾ ڌنار پنهنجو مال ڪاهي ڍنڍ ٽپائي ٻئي ڪناري ڏانهن چرڻ لاءِ ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ سڄو ڏينهن ڍنڍ جي ڪپ تي رانديون ڪندا هئا. هي ڍنڍ ڳوٺ جي ٻارن توڙي نوجوانن جي لاءِ وڏي تفريح گاھ بنجي ويئي هئي، اها ڍنڍ درياھ جي چاڙھ دوران وهي ايندي هئي. جنهن ڪري گرمين ۾ تقريبن هر روز منجهند جو ڳوٺ جا ڇوڪرا ٽوليون ڪري ڍنڍ ۾ وهنجڻ ويندا هئا ۽ سڄو ڏينهن راند روند ڪري شام جو گهر موٽندا هئا. ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو جو رات جي وقت چانڊوڪين ۾ ٻلهاڙو يا ڪٻٽي راند ڪرڻ کان پوءِ ڍنڍ تان وهنجي واپس گهر ويندا هئا. ڍنڍ جي ڪپ تي بيٺل وڏن وڏن وڻن تان هيٺ پاڻي ۾ ٽپ ڏيندا هئا. جيئن اڄ ڪلھ وڏن شهرن ۾ ٺهيل تلائن ۾ اوچي ٺهيل مينار تان هيٺ پاڻي ۾ ٽپ ڏيندا آهن. ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو ڳوٺ جا ڇوڪرا ڍنڍ جي منهن کان پاڻي ۾ گهري لهوارا ٿيندا هئا ۽ ميل کن ائين ترندا تڙڳندا ڪنهن نه ڪنهن ڪاٺي يا ڪانهه جي موڙي جي سهاري ترندا ايندا هئا. هر ڪنهن ماڻهو جو ننڍپڻ جو دور هوندو آهي ۽ وڏو هوندو ۽ وڏي هوندي اهو درو سُهانو لڳندو آهي پر منهنجي مشاهدي موجب اسان جي ننڍپڻ وارو زمانو جنهن ۾ اهو سڀ ڪجھ ٿيندو هو اهڙو دور وري ڪڏهن به اسان جي ڳوٺ ۾ نه آيو. جنهن سال درياھ ڍنڍ ۾ ڪاهي پيو ان کان پوءِ ننڍن ڇوڪرن جو اهو وڏو تفريح گاھ ختم ٿي ويو ۽ درياھ آهسته آهسته ڳوٺ ڏانهن وڌڻ لڳو، ٻن ٽن سالن جي عرصي ۾ احمداڻي لغارين جو اصلي ڳوٺ پاتائين ۽ احمداڻي لڏي اچي واهڙ جي ڪپ تي ويٺا، پوءِ الهندي طرف کان پار ڀٽر پنهور کان درياھ بادشاھ سڌو اوڀر طرف رخ ڪيو. سال 1973ع ۾ ايڏي ٻوڏ ڪيائين جو لغاري بجراڻي جو سڄو شهر پاڻي هيٺ اچي ويو. سال 1973ع ۾ جيترو نقصان ڳوٺ جو ٿيو اوترو ڪڏهن به نه ٿيو. ماڻهن ٻار ٻچا گهڻو ڪري پڪي تي اماڻي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ پنهنجي ٻڏل سامان جي نگراني لاءِ پيها ٺاهي انهن تي ويٺل هوندا هئا. انهن ڏينهن ۾ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت هئي، هُو پاڪستان جو وزيراعظم هو. 1975ع جي ٻوڏ جي دوران جڏهن شهر لغاري بجراڻي چوڌاري ٻوڏ جي پاڻي ۾ گهيريل هوندو هو ته پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي هيلي ڪاپٽر ذريعي کاڌي جو سامان ڪيرايو ويندو هو، جيئن تيئن ڪري اهو سال به گذري ويو وري ٻي ٻوڏ سن 1976ع ۾ آئي جنهن رهيو کهيو شهر به غرق ڪري ڇڏيو پر ڳوٺ جا باهمت باشندا ٻوڏ کان پوءِ وري به خوش، ٻوڏ لهڻ کان پوءِ اتي سٺي آبادي ٿيندي هئي، چوندا آهن ته ”ٻوڏ جا ٻيڻا“ اهڙي طرح زندگي روان دوان هئي، انهن وڏين ٻوڏن جو سبب صرف اهو هو جو درياھ جو رخ اولھ کان اوڀر ٿي ويو. اولھ طرف پار ”ڀٽر پنهور“ کان موٽ کائي اوڀر طرف اسان جي ڳوٺ جي سامهون اچي ويو. درياھ جي رخ تبديل ٿيڻ سبب 1974ع کان وٺي لڳاتار درياھ ڳوٺ کي ويجهو ٿيندو ويو. پهريائين حاجي علي محمد وارو ڍورو، مير وارو ڍورو ۽ پوءِ پاسي وارا گهر پائڻ لڳو. انهن گهرن ۾ ماستر ميوو خان ۽ فقير خان محمد جو گهر، نئون ٺهيل اسڪول ۽ اوڏن واري کڏ به پائي ويو ۽ ٻئي سال وري شهر جي وچ بازار وارو دنگ ڪيائين. ائين ئي ٻن ٽن سالن ۾ سڄو شهر لغاري بجراڻي، نور شاھ جو قبرستان، خدا بخش جو ڳوٺ پائي اچي گڻب تي دنگ ڪيائين. اسان جي ڳوٺ وارا جن جو ڌنڌو آبادي کان علاوه واپار ۽ نوڪريون هئا سي لڏي اچي موري شهر ۾ پلاٽ جايون وٺي آباد ٿيا. باقي رهيل مارو، هاري ۽ ننڍا زميندار جن جو ڌنڌو صرف آبادي تي هو اُهي اتي رهجي ويا. هرڪو پنهنجي پنهنجي سهوليت آهر پنهنجي پنهنجي زمين تي اچي گهر جوڙيا ـ