رانديون رونديون
ان کان علاوه ٻي راند جيڪا چانڊوڪين ۾ کيڏي ويندي هئي ان جو نالو هو “باڊي باڊي” اها راند هڪ ميدان ۾ نه پر تقريبا سڄي ڳوٺ سان واسطو رکندي هئي. ان ۾ به ٻه ٽوليون ٿينديون هيون. ان راند ڪرڻ جو طريقو اهو هوندو هو ته ٻنهي پارٽين جا رانديگر هڪ ٻئي جي سامهون ٿي وهندا هئا پوءِ هڪ وچ وارو يا رئفري ڪنهن پکي جو سوچي ٻنهي پارٽين کي اشاري سان چوندو هو ته هيڏو هيڏو پاڻ، هيڏيون هيڏيون ٽنگون، هيڏو هيڏو پڇ، هيڏي هيڏي چُهنب ۽ هيڏا هيڏا پر، اها پرولي ٻنهي ڌُرين جا سڀئي ڇوڪرا واري واري سان اهڙي قسم جي پکي جو نالو وٺندا هئا. جيڪڏهن مذڪوره پکي جو نالو اچي ويو ته رئفري چوندو نه ته چڙهي چيلھ ڀڳي يعني ڳجهارت ڀڄي پيئي پوءِ “باڊي باڊي” چوندا پنهنجي ٽولي جي ڇوڪرن کي ڪنهن به هڪ کي ڪٿي نه ڪٿي لڪائڻ لاءِ وٺي ويندا هئا. لڪڻ واري جاءِ گهڻو ڪري ٻوٽن جي جهڳٽي جي اوٽ يا ڪنهن ديوار جي اوٽ يا ڪنهن وڻ جي اوٽ هوندي هئي. انهي وچ ۾ رئفري ۽ ٻي پارٽي هڪ ٻئي جي صلاح سان ڳوٺ جي ڪنهن پڌري وڻ جو سوچيندا هئا، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو جي قد کان وڏو هجي. اهو وڻ ڀلي ڪنهن جي گهر اندر هجي يا ٻاهر پر هوندو ڳوٺ جي ايراضي اندر، جڏهن پهرين پارٽي وارا ڇوڪرا ڪنهن نه ڪنهن پنهنجي پارٽي جي ڇوڪر کي لڪائي موٽندا ته پري کان “باڊي باڊي” چوندا ڊوڙندا ايندا، هاڻي ويٺل پارٽي مان گهڻا ڇوڪرا ان لڪل ڇوڪري کي ڳولڻ ويندا. جنهن لاءِ کين صرف ان طرف ڏانهن اشارو ڪيو ويندو. جيڏانهن اهو ڇوڪرو لڪل هوندو. هاڻي ٻي پارٽي جا باقي ٻه ٽي ڇوڪرا رئفري سان گڏ پهرين پارٽي وارن کي ان طرف اشارو ڏيندا جيڏانهن اهو وڻ هوندو ۽ پڇندا ته اهو وڻ ڪهڙو ۽ ڪٿي آهي. جيڪڏهن پهرين پارٽي وارا اهو وڻ ڳولي ويا ۽ صحيح ٻڌايائون ته وڏي واڪي “باڊي باڊي” پڪاريندا يعني انهن راند کٽي انهي آواز تي لڪل ڇوڪرو پنهنجي پارٽي وارن جو “باڊي باڊي” جو آواز ٻڌي نڪري ايندو، جيڪڏهن پهرين پارٽي وارا انهي وڻ کي ڳولڻ ۽ نالي وٺڻ ۾ ناڪام ٿيا ۽ انهن گهڻو وقت ورتو ته ان دوران ٻي پارٽي وارا ڇوڪرو ڳولي ويا ته ٻي پارٽي جي جيت ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڇوڪرو نه ڳولي سگهيا ۽ موٽي آيا ته پهرين پارٽي جي جيت ٿيندي. اهڙي طرح راند پوري ٿيندي هئي. انهي راند ڪندي ڪندي ڪڏهن صبح ٿي ويندو هو. هڪ دفعي جي ڳالھ آهي ته انهي راند هلندي پهرين پارٽي وارن هڪ ڇوڪري کي لڪائڻ لاءِ هڪ اوطاق ۾ وٺي ويا جيڪا خالي هئي ان اوطاق ۾ ڪجھ ديڳون به رکيل هيون جيڪي صبح ٿيڻ تي خيرات لاءِ گڏ ڪيل هيون. پهرين پارٽي وارن هڪ ڇوڪري کي وهاري مٿانئس ديڳ اونڌي ڪري لڪائي ڇڏيو ۽ پاڻ باڊي باڊي چوندا هليا ويا. جڏهن هي واپس پهتا ته ڪجھ دير کان پوءِ ڪنهن سبب جي ڪري ڇوڪرن راند بس ڪئي ۽ کين اهو به وسري ويو ته ڪو ڇوڪرو ديڳ هيٺان لڪائي آيا آهيون. ديڳ هيٺان پيل ڇوڪري کي به ڪجھ دير کان پوءِ اتي ئي ننڊ اچي ويئي. صبح جو اَسُر مهل خيرات ڪرڻ وارا کڻي ديڳ اٿلائين ته ان مان جيئرو جاڳندو ڇوڪر نڪري آيو ـ
ٻي هڪ راند جنهن جو نالو ڊگهي ڪوڏي ڪوڏي هوندي هئي. اها به رات جو چانڊوڪين ۾ کيڏي ويندي هئي. ان ۾ به ٻه پارٽيون هونديون هيون. ٻنهي جي وچ ۾ هڪ ليڪو هوندو هو. جيئن ٻئي پاسا الڳ هجن. ليڪن جي وچم ۾ خالي جڳھ ڇڏيندا هئا. جيڪو ڄڻ ته دروازو هوندو هو. پوءِ هڪ ٽولو ليڪي جي هڪ پاسي ۽ ٻيو ٻئي پاسي هوندو هو. ٽاس ڪرڻ کان پوءِ جنهن ٽاس کٽي اهو اول حملو ڪندو. يعني انهي پارٽي جو هڪ رانديگر “ڪوڏي ڪوڏي” چوندو ٻئي پاسي جي ڪنهن رانديگر کي هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ساڳئي وقت “ڪوڏي ڪوڏي” به بنا ساھ کڻڻ جي ڏاڍيان چوندو رهندو ۽ ٻئي پاسي جي رانديگر کي هٿ لائي آئوٽ ڪري واپس ليڪي جي درميان ڇڏيل دروازي مان لنگهي پنهنجي پاسي ڏانهن ايندو، پر جيڪڏهن مخالف ڌر جي ڪنهن رانديگر کيس پنهنجي حد اندر پڪڙي وڌو ته هو آئوٽ ٿي ويندو. انهي راند ۾ رانديگر اهو سٺو ليکيو ويندو هو جنهن جي ساهي وڏي هجي ۽ کيس ايترو وقت ملي جو مخالف ڌر مان ڪنهن هڪ يا ٻن رانديگرن کي هٿ لائي وري ساڳي ساهي ۾ ڪوڏي ڪوڏي چوندو پنهنجي حد ۾ پهچي وڃي. اسان جي ٽهي ۾ مرحوم مدد علي ميراڻي يڪ ساهي ڪيترن ئي مخالف ڌر وارن کي آئوٽ ڪندو هو. باقي مرحوم حَسني پارا ليڪو ٽپي ٻه ٽي قدم هلي موٽي ايندا هئا. يا مخالف ڌر کين ساهي کڻڻ ڪري پنهنجي حد اندر پڪڙي قابو ڪندا هئا. اها راند گهڻو وقت تائين هلندي رهي تان جو اڄ ڪلھ واري “ڪٻٽي ڪٻٽي” راند هن جي جاءِ والاري ۽ ڊگهي ڪوڏي ڪوڏي جو دور ختم ٿيو. گرمين ۾ منجهند جو وقت آرام جو هوندو آهي پر اسان جي ڳوٺ لغاري بجراڻي جا ٻار يا ته پاڻي جي ڍورن ۾ وهنجندا ترندا نظر ايندا يا وري ڀرسان ننڍن وڻن جي هيٺيان “ڏاڪ چُم” راند ڪندي نظر ايندا هئا. “اٽي ڏڪر” مشهور راند به گهڻو ڪري منجهند جو کيڏي ويندي هئي جنهن ۾ آڳ وٺڻ وارا ڇانو ۾ هوندا ۽ آڳ ڏيڻ وارا اُس ۾ هوندا هئا. اسان جي تر ۾ اڄ ڪلھ واري ڪٻٽي پهريائين موري جي شهر ۾ کيڏي ويئي جتي ان وقت جا مشهور رانديگر جهڙوڪ محمد هاشم ملنگ، محمد هاشم ميمڻ پنڊول ۽ ٻيا هوندا هئا. اها راند پنجاب کان سنڌ لاءِ ان وقت جي پنجابي رانديگر آندي ان کان متاثر ٿي اها راند نظر حسين ولد غلام حسين ۽ مون ڳوٺ ۾ رائج ڪئي. هن راند جي مقبوليت کانپوءِ ٻلهاڙو راند جو زوال شروع ٿيو ۽ آخري وقت ۾ اها راند بلڪل بند ٿي ويئي. انهن کان علاوه سياري جي موسم ۾ صبح جو بلورن جي راند، بهار جي موسم ۾ لغڙ اڏائڻ، ونجھ وٽي يا ٻاري راند به ٿيندي هئي ـ
درياھ جو چاڙھ ٿيندو هو ته ڳوٺ جي چوڌاري پاڻي ڦري ويندو هو ۽ شهر کان ٻاهر نڪرڻ جا سڀ رستا ٻوڏ سبب بند ٿي ويندا هئا ته ڳوٺ وارا ڪوبه ڪم ڪار ڪري ڪونه سگهندا هئا. سڄو ڏينهن اوطاقن ۾ پتن يا تاش راند مثلا چوباز يا ڇھ باز ڪندا هئا. ڳوٺ جي اندر تاش ذريعي جُوا ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آئي. هر هڪ اوطاق ۾ هڪ يا ٻه ٽولا رانديگرن جا ضرور هوندا هئا. ڪي ملازم پيشه سفيد پوش نوجوان والي بال پڻ ڪندا هئا. اها راند شام جي وقت ۾ ٿيندي هئي. اسان جي ڳوٺ ۾ بال راند ڪافي وقت تائين هلي، ڪڏهن ڪڏهن ڀر وارن ڳوٺن سان مئچون به ٿينديون هيون. مطلب ته سڄو ڳوٺ زندھ دلي ۽ سادگي جو نمونو هو. ڪٿي رات جو اوطاقن ۾ ڪچهريون، ڪٿي ميدانن ۾ نوجوانن جون رانديون، ڪٿي اوتارن ۾ موالي ۽ ڪٿي راڳ جون محفلون، هڪ حيرت انگيز دور هو جو گذري ويو. هاڻي ڪهڙي دانهن ڏجي درياھ جي آهي ته مٺو مهراڻ آهي ته سون جي ندي آهي. ڪچي واسين جو ان داتا ۽ پالڻهار پر جيئن شهر لغاري بجراڻي کي پائي هضم ڪري ويو تيئن اتي جي ڳوٺاڻن جون محفلون، ڳوٺاڻن جون اوطاقون ۽ داريا به هميشه لاءِ ختم ٿي ويا. درياھ بادشاھ جي مزاج بدلجڻ ڪري اتي جي ڳوٺاڻن جا مزاج به بدلجي ويا آهن. ڪڻو ڪڻو ٿي ويا آهيون. اڳ هڪ ٻئي کان سواءِ ڪانه سرندي هئي ۽ اڄ هڪ ٻئي کي ڏسي به منهن ڦيرايو ٿا وڃون. ڪٿي اهو وقت هو جو ڳوٺ جو سڀ مال متاع رات جي وقت ۾ گرمي جي موسم ۾ قبرستان جي ڀرسان شهر جي سامهون “علودي خان” واري زمين جي نمبر ۾ وهندو هو. جنهن جي رکوالي صرف الله جي حوالي هئي. مجال آهي جو لغاري جو مال ڪو چور يا ڌاڙيل رات جو چوري ڪري ڪاهي وڃي لغارين جو وڏو رُعب ۽ دٻدٻو هو ـ
هڪ دفعي جي ڳالھ آهي ته دادو مان ڪي پوليس وارا چوري ٿيل سائيڪل جي ڳولا ۾ نڪتا ۽ ڳوٺ جي سامهون پتڻ تان درياھ پار ڪري اچي ڳوٺ لغاري بجراڻي پهتا. اتي کين ڏينهن تپي ويو ۽ بازار ۾ تاري مل هندو جي پراڻي بيٺڪ جنهن ۾ ان وقت اوطاق هئي اتي اچي لٿا. کين ملائشيا جا ڪپڙا ۽ ڪلهن تي رائفلون هيون. ڪن ماڻهن وٺي شهر ۾ هُلايو ته ڌاڙيل اچي ويا آهن ۽ فلاڻي اوطاق تي ويٺا آهن. اها چوٻول ڪجھ انهن پوليس وارن کي به پئجي ويئي. جن روئشي خاطر اهڙو نمونو ڪيو جو ڄڻ هو واقعي ڌاڙيل آهن. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ڳوٺ جي هر گهٽي ۽ لنگھ تي ٽي ٽي چار چار ڄڻا بندوقن سان ليس ڪرائي وهاريا ويا. جيڪڏهن هو جلدي ۾ نڪرڻ جي ڪوشش ڪن ته يقينا ڳوٺ وارن جي بندوقن جو شڪار ٿي وڃن پر الله ڪيو ائين نه ٿيو. ڳوٺ جي اترين پاڙي مان غلام عباس خان هڪ ٻيو ماڻهو ساڻ ڪري اوڏانهن ويو. هو پڙهيل ۽ سمجھو ماڻهو هو ۽ قاعدي قانون جو واقف هو. هن انهن کان سڄا حال احوال ورتا ته ڪيئن آيا آهيو ۽ ڪير آهيو ۽ کين لغارين جي ناقه بندي بابت ٻڌايو. انهن تي پوليس وارا ڊڄي ويا ۽ سندن جمعدار چيو ته اسين سائيڪل جي چوري جي ڳولا لاءِ نڪتا آهيون ۽ ڏينهن گرم هئڻ سبب هتي ترسيا آهيون. جيڪڏهن اوهان کي اعتبار نٿو اچي هي سڀ رائفلون پاڻ وٽ رکو ۽ گهيرو ٽوڙيو. انهيءَ کان پوءِ مس مس وڃي ڳوٺ ٺريو. واپسي ۾ پوليس وارن پنهنجي اکين سان بندوقن وارا ماڻهو مورچن ۽ گهٽين مان نڪرندي ڏٺا ۽ امن ٿي ويو. هينئر به ماڻهو ساڳيا يا سندن اولاد آهي پر ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن. سج لٿي کان پوءِ ڳوٺ جو ڪو مال ته ٺهيو پر ماڻهو پاڻ به گهر کان ٻاهر ڪونه ٿو نڪري، ڪاڏي ويون رانديون ڪاڏي ويون ڪچهريون، ڪو گهر ڪاٿي ڪو گهر ڪاٿي. هڪ ٻئي جو آواز به ٻڌي ڪونه ٿا سگهون. هڪ ٻئي جي ڏک سور جي ڪابه خبر ڪانهي. هر هڪ پاڙو ٽن چئن گهرن تي مشتمل هڪ وڏي جهنگ ۾ گهيرل. اونداهي ۾ غرق، چوڌاري موت جو نظارو، شڪاري ڏينهن جوگهاٽن ٻيلن ۾ رات جو نڪرن ٻاهر، شل نه ڪو ڳوٺاڻو کين نظر اچي. الله پيو رکي ..، وڌيڪ ڪڇڻ به ڏوھ لکڻ به ڏوھ ... ـ