مختلف موضوع

نه اُهي وڻ نه واهيرا

اسان جي اھا خواھش آھي تہ سنڌ جي ھر شھر، وستي ۽ واھڻ جي تاريخ لکي وڃي. اتان جي ريتن، رسمن، رواجن، اتي رھندڙ ماڻھن جي ڪرت، ذاتين ، اتان جي سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي ڳالھين جو ذڪر ڪتابي صورت ۾ ھجي. ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي ھي ڪتاب، جنھن ۾ ڳوٺ لغاري بجراڻي تعلقي موري جو تعارف، مذهبي رسمون، معاشي زندگي، سماجي زندگي، اتي رھندڙ ذاتين، ڪچهرين، راندين، شڪار وغيره بابت يادگيريون سھيڙيل آھن.
Title Cover of book نه اُهي وڻ نه واهيرا

سماجي زندگي

ڳوٺ لغاري بجراڻي جنهن جو نالو لغاري بجراڻي جو ميلاپ آهي. انهي جو مطلب ته اهو ڳوٺ لغارين جي بجراڻي قبيلي جو ٻڌايل آهي. بجراڻين ۾ ٻيا به سڀ پاڙا لغارين جا اچي وڃن ٿا. دراصل اها هڪ ذات هڪ قبيلو ۽ هڪ ڏاڏي جا اولاد آهن. ڪن محققن جو چوڻ آهي اهي سڀ مقصودي لغاري جا اولاد آهن. جن مان چاڪر ۽ مُراد ٿيا، پر اها تصديق شده حقيقت آهي ته هي سڀئي پاڻ ۾ اهڙي طرح ڳنڍيل آهن جو سندن سڃاڻپ به هڪ ٻئي کان علحيده ڪين آهي. هو پاڻ ۾ مٽي مائٽي ۽ ڀائپي واري رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. سندن اٿڻ، ويهڻ، شادي غمي هڪ ٻئي جي شرڪت کانسواءِ نامڪمل آهي. جيئن مٿي واضح طور تي لکي آيا آهيون ته هر ڪنهن عيد نماز مهل، صفون ٺاهڻ مهل جيڪو ڪو اڃان نماز تي نه پهتل هوندو هو ته ان جو شدت سان انتظار ڪيو ويندو هو. جيئن هو پهچندو هو ته پوءِ نماز شروع ڪندا هئا. بلڪل اهڙي طرح سان شادي، مرادي جي موقعي تي هر ڪنهن جي شرڪت ضروري هوندي هئي ٻي دنيا وانگر رُساڻا پرچاڻا به هوندا هئا، هتي به ڪنهن شادي جي وقت ائين ٿيندو هو ته سڀ چڱا چڱا گڏ ٿيندا هئا. يعني هر هڪ پاڙي جا پير مرد گڏجي تاريخ مقرر ڪندا هئا. ڳوٺ ۾ سڏ ڏيڻ جو رواج ائين هوندو هو ته گهوٽ طرف واري ڌر کان هڪڙو ماڻهو ڪنهن ميراثي مڱڻهار کي ساڻ ڪري هر هڪ پاڙي ويندو هو ۽ سندن اوطاق تي وڃي فرد فرد سڀني کي رات ۽ ڏينهن جي کاڌي جي دعوت ۽ نڪاح جو سڏ الڳ الڳ ڏيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن به فرد کي گهوٽ وارن طرفان ڪا شڪايت يا رنجش هوندي هئي ته اهو پنهنجو نقطو اٿاريندو هو. سندس رنجش روڪڻ لاءِ گهوٽ وارن طرفان ٻه ٽي چڱا مڙس اچي کيس پرچائيندا هئا ۽ رنجش جو پاءُ پلاند ڏيندا هئا ڪهڙي به طرح کيس راضي ڪندا هئا ٻي حالت ۾ ان رٺل همراھ پاران سندس ڀائر يا ٻيا عزيز به شادي نه کائيندا هئا. اها ڳالھ گهوٽ وارن کي ڪڏهن به پسند نه هئي. هي سڀ ڳالهيون ماضي جون آهن. شادي جي تاريخ گهڻو ڪري ائين مقرر ڪئي ويندي هئي جيئن اهي ڏينهن چانڊوڪين وارا هجن ۽ فصل کڻڻ بعد هجي. شادي واري رات کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتو اڳ گهوٽ وارن جي اوطاق تي خوشين جون محفلون ۽ مجلسون ٿينديون هيون. ان کان علاوه ڏونڪي هڻڻ جو بندوبست به هوندو هو. ڏونڪي هئڻ لاءِ هڪ عدد مڱڻهار دهل کڻي وچ تي بيهندو هو ان جي چوڌاري دهل جي دهن ۾ ڏونڪي باز ناچ ڪندا هئا. ڏونڪا ٺڙڪائيندا جهمريون پائيندا ڦرندا ويندا هئا. ڏونڪي ماهر ان زماني ۾ ميرڻ خان ميراثي، غلام علي بجراڻي خاص سمجهيا ويندا هئا. ڏونڪن کان پوءِ آڌي رات تائين محفل گرم رهندي هئي. جنهن ۾ کل، ڀوڳ، بيت، ڳجهارتون ۽ ٽوٽڪا وغيره ٿيندا هئا. ننڍن ننڍن ڇوڪرن جا ميڙاڪ انهن کان علاوه ٿيندا هئا، جي پڻ ڏسڻ جي لائق هوندا هئا، شايد شادي واري رات کي “ڦنڊرليڪ” واري رات ڪري چوندا هئا. اول هڪ عدد ڪڪڙ ڪهي شروعات ڪندا هئا. ان کان پوءِ ٻيا جانور جهڙوڪ ڍڳو، پاڏو يا ٻڪرو ذبح ڪندا هئا، ضرورت آهر هڪ يا ٻه جانور يا ان کان وڌيڪ جانور ذبح ٿيندا هئا. شادي ۾ ذبح ٿيل جانور کي ڦنڊر چوندا هئا. انهي حوالي سان ان رات کي ڦنڊر ليڪ جي رات چوندا هئا. ان رات رواجي محفل ختم ٿيڻ کان پوءِ اٽڪل آڌي رات مهل ڦنڊر ذبح ڪندا هئا. باقي رات ان جي گوشت جا ٽڪر ٽڪر ڪري ديڳين ۾ وجهندا هئا. ديڳيون رڌڻ يعني ٻوڙ يا چانور رڌڻ ڳوٺ جا حجم ڪندا هئا. جيڪي اطلاع ملڻ تي هڪ ڏينهن اڳ پهچي ويندا هئا. پاڻي جي بندوبست لاءِ ڳوٺ جا ملاح ذميوار هوندا هئا. جن کي اڳواٽ ئي ٻڌايو ويندو هو. اڄ ڪلھ قناطون ۽ شاميانه لڳائڻ جو رواج آهي پر ماضي ۾ ڇنو يا منهن ٺاهيندا هئا. اهو ڇنو هڪ کلئي ميدان تي تقريبن هڪ جريب جي ايراضي تي مشتمل هوندو هو. اهو سڀ ڪم ڳوٺ وارا ملي ڪري شادي کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ تيار ڪري ڇڏيندا هئا. ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن مزور يا ڪمي ڪا سبي جي ڪابه ضرورت ڪانه پوندي هئي. هر هڪ پاڙي مان ٻه ٽي ماڻهو رضاڪارانه وڏي خوشي سان گهوٽ وارن جي ڪم ۾ جنبي ويندا هئا. هنن کي اهو فخر ٿيندو هو جو کين پنهنجو سمجهي هن ڪم لاءِ منتخب ڪيو ويو آهي. صبح ٿيڻ تائين ڪافي ديڳون گوشت جون ۽ چانورن جي پلاءُ جون تيار ٿي وينديون هيون، نڪاح پڙهڻ جو وقت اڪثر ڪري صبح جي پهرين پهر ۾ هوندو هو. البت طوهر ڪرڻ جو وقت شام جو هوندو هو. نڪاح ڳوٺ جو مُلو يا ٻيو ڪو مولوي يا عالم پڙهندو هو. اسان جي يادگيري ۾ اهو ڪم حاجي خان ولد عبدالله خان لغاري ڪندو هو. ان کان اڳ خانڻ فقير يا ڳوٺ ۾ رهندڙ سيد به نڪاح پڙهندا هئا. نڪاح کان پوءِ گهوٽ کي گهوڙي تي چاڙهي سرڪس گهمائڻ به ضروري سمجهيو ويندو هو. اڳيان نچڻ ڳائڻ وارا پٺيان گهوڙي تي گهوٽ جلوس سميت ڪنوار جي گهر روانه ٿيندا هئا. ٻارن جو رونشو ڏسڻ لاءِ پتاشا يا کارڪون پڻ جلوس جي اڳيان اڇلايون وينديون هيون. ڪي شوقين پئسا سِڪن جي صورت ۾ کُليا ڪرائي اُهي جلوس جي اڳيان ڇٽيندا هئا. جيئن اڳيان ٻارن جي پئسن کڻڻ جي ويڙھ ڏسن. گهوٽ ڪنواريتن جي گهر روانو ڪري واپس اچي سڀ ڇني تي ڪٺا ٿيندا هئا ۽ پوءِ ماني کارائڻ جو دور هلندو هو. پهريائين ٻاهرين مهمانن کي کارايو ويندو هو ۽ پوءِ راڄ جا ماڻهو، ڇني ۾ کٽون وڇايل هونديون هيون ۽ هر هڪ کٽ تي ٻه چار ڄڻا گڏجي ويهي کائيندا هئا. ماني ٺڪر جي ننڍن ننڍ پاٽوڙن ۾ ڏني ويندي هئي. اُهي پاٽوڙا سَون جي تعداد ۾ نزديڪ واري ڳوٺ جا ڪنڀر ڏيئي ويندا هئا. گوشت ڏيڻ لاءِ الڳ ماڻهو، پاڻي پيارڻ لاءِ الڳ، هر حال ۾ پنهنجي راڄ ۽ ڀائرن کي کارائي خوش ڪيو ويندو هو. کاڌي کائڻ کانپوءِ راڄ وارا ماڻهو ڪنهن وڏي ٿالھ يا پاٽ ۾ گهر لاءِ ماني وٺندا هئا. ماني هميشه پنهنجي مرضي مطابق کڻندا هئا. جيسين ماني وٺندڙ بس نه چوي يا پاٽ ڀرجي نه وڃي تيسين پل وارو ڍڪڻ ڀري ماني ڏيندو رهندو، اهو صرف ان ڪري لکجي ٿو ته ان وقت اسان جي ڳوٺ وارن ۾ زندهه دلي ۽ ڪشاده دلي جو اندازو ڪري سگهجي. شادي وارن کي مَنَهن يا پَوو ايترو ڪونه ملندو هو جو سندس ڀت جو خرچ نڪري سگهي. اڄ ڪلھ پارٽين جو رواج آهي جنهن ۾ گهڻو ڪري سمورو پارٽي جو خرچ منافعي سميت نڪريو اچي. حجم ۽ مڱڻهار جي الڳ الڳ گهور ٿيندي هئي. تن کي به ڪافي ڪجھ ملي ويندو هو. حجم کي چيڙائڻ جو پڻ رواج هو. حجم جڏهن ڪنهن ٻار جي طوهر ڪندا هئا ته ان ٻار کي سيکاريو ويندو هو ته جيڏي مهل حجم پاڪي سان طوهر ڪري بس ڪري ته طوهر ٿيندڙ ٻار حجم کي چماٽ وهائي ڪڍي، چماٽ جهلڻ سبب حجم ڪاوڙجي پوڻ جي اداڪاري ڪندو، ان کي پرچائڻ لاءِ وڌيڪ پئسا يا ڇيلو ٻڪرو ڏيڻو پوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شادي ۾ راڳ روپ جو بندوبست به ڪيو ويندو هو. اتي مختلف ڳائڻ وارن کان علاوه آسي پاسي وارا ناچو ڇوڪرن جا ٽولا به ايندا هئا، انهن سان گڏ سندن مائٽ ڪي باجي وارا ڪي ڍولڪ وارا به هوندا هئا. ڇوڪرن کي ساڙهي پارائي زنانو روپ ڏيئي نچايو ۽ ڳارايو ويندو هو. شوقين مٿائن پئسا گهوريندا هئا، هر شادي جي محفل وڏي جوش خروش سان ملهائي ويندي هئي .
ڳوٺ جي قبرستان ۾ نور شاھ سيد جو مقبرو ٺهيل هو. جنهن تي ڪڏهن ڪڏهن ميلو به لڳايو ويندو هو. جنهن ۾ ملاکڙي جو بندوبست به ڪيو ويندو هو. 1947ع کان اڳ اسان جي يادگيري ۾ ٻه ٽي ميلا لڳا هئا ۽ پوءِ به شايد ٻه ٽي دفعا لڳو هو. پر ماضي قريب ۾ ڪوبه ميلو نه لڳو. ڳوٺ لغاري بجراڻي جي ڀرسان ڳوٺ گچيرو پراڻو ۾ هندن جي وقت ۾ شِوِ مهاراج جو ميلو لڳندو هو. اهو ميلو اتي جا هندو ڪرائيندا هئا. ميلي ۾ ڀڳت جو خاص انتظام ڪيو ويندو هو. وڏا وڏا ناميارا هندو ڀڳت هن ميلي ۾ ڳائي وڄائي ويا جن مان ڪنور ڀڳت، نارو ڀڳت، جاڙو ڀڳت پنهنجي ساٿين سميت قابل ذڪر آهن. هاڻي اُهي جايون ۽ بلڪل کنڊرات ۽ دڙا ٿي ويا آهن، چوندا آهن ته اوطاقون ڳوٺ جو سينگار هونديون آهن ۽ چلم يا حقو وري اوطاق جو سينگار آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ اوطاقون ۽ داريا جام هوندا هئا. اوائل ۾ شادمن فقير جو داريو هوندو هو جتي پري پري جا ماڻهو فقير سان ڪچهري ڪرڻ ايندا هئا. ان کان پوءِ اهو وداريو سندس پٽن، پوٽن کان ٿيندو سندس پڙ پوٽي غلام حسين فقير تائين هلندو آيو. پوءِ غلام حسين جي لڏي وڃڻ کانپوءِ اهو داريو ڦٽي ويو ۽ اتي جهنگ ٿي ويو. ماضي قريب ۾ هيٺ بيان ڪيل اوطاقون موجود هيون ۽ وسندڙ هيون پنهل خان جي اوطاق، قادر بخش جي اوطاق، صاحب فقير جو داريو، سليمان جي اوطاق، يار محمد جي اوطاق، مڱڻ خان جي اوطاق، حسن ۽ خانڻ سهراباڻي جي اوطاق، خدا بخش جي ڳوٺ واري اوطاق، مٺي فقير جو اوتارو، وچ بازار ۾ تاري مل هندو جي بيٺڪ، مٺي موچي جو گهر ۽ دڪان جنهن ۾ پڻ مارڪو ٿيندو هو. رات جو هر ڪو ماڻهو ساڳ يا دال سان ماني کائي مٿان کير جو وٽو پي ڏڪارون ڏيندو گهر مان نڪرندو هو سندس گهر جي ڀرسان ڪنهن اوطاق ۾ پوءِ اتي حُقي جي وزم لاءِ وڃي پاسو وٺندو هو، حقي جي چوڌاري ويٺل ماڻهو واري واري سان ڍُڙڪو ڀري وري نڙ ڀر واري کي ڏيندا هئا. ائين حقي جو نڙ پيو ڦرندو هو ۽ ڪچهري پئي ٿيندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن حقي جي نڙ کي عام رواجي وقت کان وڌيڪ وقت ورتو ته ان کي “پڪي ٽيشن” چوندا هئا. ڪي خاص ماڻهو پڪپو ٽيشنون هوندا هئا. يعني گهڻو وقت نڙ جهلي حقو ڇڪيندا هئا، ڪچهري جي دوران ڀر پاسي جون خبرون چارون، چرچا ڀوڳ، ٽوٽڪا، ڪهاڻيون وغيره مطلب ته محفل متل هوندي هئي. سياري جي موسم ۾ وچ ۾ باھ جو مچ به پيو ٻرندو هو. چوڌاري ڪچهري جا ڪوڏيا مچ جا مور پيا ٽڙندا ۽ ٽلندا هئا. انگريزن جو دور هو. شينهن ٻڪري گڏ کائيندا هئا. سستائي جو زمانو ماڻهو قنائت پسند ۽ سادا هئا. انهي ڪري اهو دور “سونهري دور” ڪري چئجي ته وڌاءُ ڪونهي، ڪن ڪن اوطاقن ۾ جيڪي گهرن کان ٿورو ڀرڀرو هونديون هيون ته اتي راڳ روپ جي محل به ٿيندي هئي. جتي پنهنجي شهر لغاري بجراڻي ڳوٺ جا ڳائڻ جا شوقين ڪافيون ٻڌائيندا هئا. ڪافي ٺاهڻ وارا به پاڻ ۽ ڳائڻ وارا به پاڻ، اسان جي ڳوٺ ۾ نظر حسين عرف نظر سٺو شاعر هو، سندس ڪلام پڪو ۽ طنزيه هوندو هو. ڪي صوفياڻه ۽ نصيحت ڀريا ڪلام به چيائين هو ويچارو پاڻ اڻ پڙهيل هو پر ڪافي ٺاهڻ تي عبور حاصل هوس ويٺي ويٺي ڪافي ٺاهي ويندو هو ۽ اتي جو اتي محفل ۾ ڳائي ٻڌائيندو هو . ڪيتريون ڪافيون قدرت جي رنگ ۽ سونهن بابت چيل اٿس، نظر حسين تمام خوش مزاج صاف گو ۽ حاضر جواب ماڻهو هو. نظر حسين جا هم عصر ياد حسين عرف يادو ۽ شيرل به حاضر جوابي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا. جتي انهن ٽنهي مان ڪوبه هڪ هوندو هو ته محفل گرم هوندي هئي ـ
هندن جي وقت ۾ هندن جون الڳ بيٺڪون ۽ چوپاره هوندا هئا. جتي گهڻو ڪري رڳو هندو پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا هئا. انهن وٽ به چلم جو رواج عام هو. هنن جون چلمون تمام ڀليون ۽ عجيب هونديون هيون. چلم تمام وڏي ۽ ان سان گڏ گهٽ ۾ گهٽ 6 فوٽ کن نڙ، نڙ جي چوڌاري سٺو ڪپڙو ويڙهيل ۽ موتي جڙيل، نڙ جي مٿان ڪپڙو اهڙي طرح ويڙهيل هوندو هو جو ڪٿان به ڦاٽي نڪرڻ جو انديشو نه هجي ڪپڙو انهي لاءِ ويڙهيو ويندو هو جو چلم جو نڙ هميشه ٿڌو رهي. نڙ جي مٿان وقت به وقت پاڻي ڏيندا ويندا هئا. جيئن چلم جي ڦوڪ هميشه ٿڌي رهي. چلم جي هيٺين حصي ۽ مٿئين حصي جي وچ ۾ بلور يا ڇڌا لڳل هوندا هئا. جيئن اڄڪلھ بيرنگ ڪم ڪن ٿا. چلم جو هيٺيون حصو هميشه جامد هوندو هو ۽ مٿئين حصي کي ڦيرائڻ لاءِ رڳو نڙ جو هلڪو اشارو ڏيڻو پوندو هو ته چلم جو مٿيون يعني نڙ وارو حصو ڦري ڇڪڻ واري جي طرف ٿي ويندو هو. چلم جي مٿئين حصي ۾ اڇي رنگ جا لاٽون جڙيل هوندا هئا. جيئن نڙ وسيلي کيس ڦيرائڻ ۾ سهولت ٿئي. سڀني هندن کان وڌيڪ پئسي ۽ پهچ وارو تارومل ۽ سندس ڀاءُ هريمل هوندا هئا. کين هڪ وڏو دڪان به هوندو هو جتي ڪپڙن سميت هر قسم جون گهرو استعمال جون شيون، کاڌي پيتي جو سامان وغيره هميشه موجود هوندو هو. وياج تي قرض به ڏيندا هئا. سندن زمينون ڳوٺ جي پڪي واري ايراضي ۾ هونديون هيون. ڳوٺ جا غريب هاري اڪثر ڪري هندن کان قرض کڻندا هئا پوءِ قرض تي وياج وڌندو ويندو هو تان جو نوبت اتي وڃي پهچندي هئي جو ويچارا غريب قرض ۾ زمين به گروي ڪري هندن کي ڏيندا هئا. ڪي گروي ٿيل زمين پئسا ادا ڪري واپس وٺندا هئا ته ڪي اها گروي ٿيل زمين وڪرو ڪري ڇڏيندا هئا ـ
مردن کان علاوه عورتن جي زندگي پڻ وڏي گهماگهمي ۽ مصروفيت واري هوندي هئي. ان وقت جون عورتون نڊر، بهادر ۽ محنتي هونديون هيون. گهر جو ڪيترو به ڪم ڪار هجي ته ان کي وڏي سليقي سان ڪنديون هيون. جنڊ پيهڻ کان وٺي ڪتر هڻڻ، مال جي سار سنڀال ۽ ڏهائي وغيره سڀ پاڻ ڪنديون هيون. هو صبح جو اَسُر مهل اٿي جنڊ جوٽينديون هيون. هر هڪ گهر ۾ هڪ عدد جنڊ ته ضرور هوندو هو. پوءِ وڏي اَسُر مهل سڄي ڳوٺ ۾ جنڊ پيهڻ جو آواز ۽ پس منظر ۾ ڪڪڙن جون ٻانگون، پکين جي چيچاهٽ عجيب آواز پيدا ڪنديون هيون. اڃان جنڊ پيهڻ جو آواز مس جهيڻو ٿيندو هو ته الله هو الله هو سان ملندڙ جلندڙ آواز مَٽي ۽ مانڌاڻي جو ايندو هو. جو لَسي ولوڙڻ ۽ مکڻ ڪڍڻ واري مانڌاڻي جو ايندو هو. ماٽياڻي پنهنجي ننڍڙي ٻار کي هنج ۾ کنيون ٻنهي هٿن سان مانڌاڻي جون واڳون جهلي واري سان ڇڪينديون هيون ۽ سندن ننڍڙو ٻار جنهن جا ٻئي هٿ ماءُ جي ٿڻن سان گڏ مانڌاڻي جي واڳ ۾ هوندا هئا ۽ ساڳي طرح اڳتي پوئتي ٿيندا هئا. ڄڻ ته ٻار به پنهنجي ماءُ سان ان جي نقش قدم تي هلڻ ۽ ساڻس محبت ۽ شفقت جو اعتراف ڪندو هجي. ڪهڙو نه دلفريب نظارو انهي زندگي ۾ ڏسڻ ۾ ايندو هو. جتي نه صبح جي چانھ ۽ پاپا. بلڪ رات جي بچيل سڪل ماني ۽ ان سان گڏ ڌنورو يا مهي جي لپ ٻارن لاءِ وڌيڪ نعمت واري هوندي هئي. سج اڀرڻ کان پوءِ مرد ڪم ڪار سان هليا ويندا هئا ته عورتون پنهنجي گهر جي صفائي، وٿاڻن جي صفائي، ڇيڻو کڻي ڪنهن ڪنڌي يا ڀت يا ديوار تي ٿڦڻ جو ڪم ڪنديون هيون. ڇيڻو ٿڦي سڪائي گڏ ڪرڻ ان ڪري ضروري هوندو هو جيئن مردن تان ڪاٺيون ڪري اچڻ جو بار گهٽ ٿئي. ڳوٺ جون پڪيون پوڙهيون عورتون دلا مٿي تي رکي ڳوٺ جي اندر ٺهيل کوهن تان پاڻي ڀرينديون هيون. عورتون هڪ دلو مٿي تي ۽ هڪ ڪڇ تي کڻي ٽن چئن ڄڻن جو ٽولو ٺاهي نڪرنديون هيون. هر هڪ پاڙي ۾ هڪ عدد ننڍو کوھ ضرور هوندو هو. جنهن تان مخصوص وقت ۾ صرف عورتون پاڻي ڀرينديون هيون جيڪي پنهنجي عمر آهر برتن کڻي پاڻي ڀرڻ اينديون هيون. ان وقت نلڪن جو رواج ڪونه هو. جيڪڏهن ڪو مرد انهي وقت کوھ مان پاڻي ڀرڻ ايندو هو ته جيستائين سموريون عورتون پاڻي ڀري نڪري نه وڃن تيستائين هو انتظار ڪندو هو. اهڙي طرح جڏهن ڪو مرد پاڻي ڀرڻ لاءِ کوھ تي موجود هوندو هو ته عورتون ٿورو ڀرڀرو بيهي انتظار ڪنديون هيون. ڪڏهن به مردن ۽ عورتن کي کوھ جي گرد گڏ نه ڏٺو ويو . اهو هڪڙي قسم جو مخصوص عهدنامو هوندو هو جنهن تي ٻئي ڌريون رضاڪارانه عمل ڪنديون هيون. اهڙا ٻه ٽي کوھ مخصوص هوندا هئا. هڪ کوھ جيڪو بازار جي وچ ۾ هوندو هو اتي ڪابه عورت پاڻي ڀرڻ ڪونه ايندي هئي. ان کوھ جي ڀرسان هڪ وهنجڻ جي جاءِ به هوندي هئي جنهن جي چوڌاري پڪين سرن جي ٺهيل چارديواري ۽ هيٺ پڪين سرن جو فرش وڇايل به هوندو هو . هندن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ اها چارديواري ڊهي ويئي ۽ پڇاڙي ۾ فقط کوھ وڃي رهيو. هڪ کوھ جيڪو لعل محمد شاھ جي پڙ جي ڀرسان هو، ان کي به هڪ عدد وهنجڻ جي جاءِ هئي. اها به هندن جي وڃڻ کان پوءِ ڊهي ويئي. ان کوھ تي به عورتون ۽ مرد واري واري سان پاڻي ڀريندا هئا. انهن کان علاوه ٻيا به کوھ هوندا هئا، جيئن بجراڻين جي پاڙي ۾ يار محمد جي اوطاق جي ڀرسان، انهن کوهن مان صرف پيئڻ لاءِ پاڻي ڀريو ويندو هو. خدا بخش جي ڳوٺ وارا ماستر ميوو خان جي کوھ مان پاڻي ڀريندا هئا. اهو کوھ آبادي لاءِ پڻ ڪم ايندو هو. ان تي نار چڙهيل هوندو هو. ان کوھ تي بصر، ڀاڄيون ۽ ڪڻڪ جام ٿيندي هئي. هن ڳوٺ جون عورتون بهادر ۽ بي ڊپيون هونديون هيون ـ
هڪڙو اهڙو سچو واقعو جيڪو مون پنهنجي اکين سان ڏٺو اهو هيئن آهي ته ٻوڏ جي وقت جهنگ جون نانگ بلائون پاڻي مان نڪري سُڪي تي گهرن جي ڪنڊ پاسي وڃي پناھ وٺنديون هيون، ڇاڪاڻ ته گهرن جي چوڌاري پاڻي ڦري ويندو هو. هڪ دفعي هڪ گهر ۾ هڪ چڱو موچارو نانگ گهڙي آيو. اهو هڪ عورت ڏسي ورتو هوءَ گهر مان ڏنڊو کڻي ان جي پويان پئي. نانگ هڪ ڪنڌي جي پاڙ ۾ گهڙي ويو. هن عورت ڪنڌي کي هڪ وڏي لٺ ذريعي ڪجھ کليو ڪيو ته ڏٺائين ته نانگ هڪ ڪاٺي تي اهڙي طريقي سان ور هنيون ويٺو هو. جو سندس اڳيون پاسو هڪ ڪاٺي ۾ ويڙهيل ۽ پويون حصو مٿي کليل. سندس گهر وارو گهر ۾ ڪونه هو . صرف ننڍا ٻار هئا. هن ٻارن کي موڪلي پنهنجي ڏير کي گهرايو ۽ نانگ ڏيکاريائين کيس چيائين ته مان نانگ جو پويون حصو هٿ ۾ قابو ڪري ڇڪيان ٿي ته نانگ جيئن اتان نڪري ته تون ان کي ڏنڊي سان مار. انهي عورت نانگ جي پوئين اڌ کي مضبوطي سان جهلي هٿ کي وڪڙ ڏيئي زور سان ڇڪيو نتيجي ۾ نانگ هٿن ۾ ويڙهجي نڪتو، جلدي ۾ ان عورت نانگ کي پٽ تي اڇلايو ۽ سندس ڏير ان نانگ کي ماري وڌو ـ
ڪڻڪ جي لاباري جي موسم ۾ ڳاھ ڳاهڻ کان اڳواٽ هر هڪ هاري ڪڻڪ جا گڏا کڻي گهر ايندو هو. جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي ڪاهيل زمين نه هوندي هئي ته اهو انهي موسم ۾ لابارو ڪندو هو. جنهن مان کيس ڪڻڪ جي گڏن جي صورت ۾ ملندي هئي. اها گهر کڻي ايندو هو. پوءِ باقي ڪم عورتن جو هوندو هو. عورتون انهي مان سنگ الڳ ڪري ڪٽي صاف ڪري ان ڪڍنديون هيون. باقي گڏي جي بچيل حصي مان تيليون ڪڍي گڏ ڪنديون هيون. بعد ۾ انهن تيلين کي پاڻي ۾ پسائي نرم ڪري ان مان دٻڪيون يا پنڊيون ٺاهينديون هيون، جيڪا سندن گهر جي اضافي آمدني هوندي هئي. واندڪائي جي وقت ڳوٺ جا غريب ماڻهو سرن مان “ڍڍو” يا ڪانهن مان هٿيون پٽي کڻي ايندا هئا. جيڪي سندن عورتون پُسائي نرم ڪري، ڪٽي ان مان واڻ به ٺاهينديون هيون، جيڪو کٽن واڻڻ لاءِ سٺي اگھ ۾ وڪامندو هو. پنهنجي گهر جي ڀاتين جا ڪپڙا هٿن سان سبڻ يا ڀرت ڀرڻ ته روايتي طرح هر گهر ۾ هوندو هو. ڪپڙن سبڻ ۽ ڀرٿ ڀرڻ جون مشينون هاڻي عام جام آهن پر اڳ ۾ ٻهراڙي ۾ ورلي ڪنهن وٽ مشين هوندي هئي. نه ته سڄو ڪم هٿ سان ڪيو ويندو هو. اڄ ڪلھ ته ٻهراڙي ۾ هٿ جو ڪيل ڪم جهڙوڪ: گهگا، گج ۽ ٻيا ڀرت ڀريل زنانا ڪپڙا شهرن ۾ به عام جام پاتا وڃن ٿا. ان کان علاوه اعلي کان اعلي قسم جون رليون پڻ هن ڳوٺ ۾ ٺاهيون وينديون هيون. مطلب ته ڳوٺ جون عورتون ڪنهن طرح سان محنت ۾ مردن کان گهٽ ڪونه هونديون هيون. ڪلهوڪلهي ۾ ملائي زندگي جو مشڪل سفر پنهنجي مرد سان گڏ طئي ڪنديون هيون. قدرت طرفان جن کي جهڙي صورت هوندي هئي ان کي سٺي سيرت ۾ بدلائي ڇڏينديون هيون. نڪو ان وقت شهرن وانگر سرخي، پائوڊر لڳائڻ جو رواج ۽ نه ريشم پٽ اوڍڻ جي ضرورت، بس!! سندن زندگي جو مقصد صرف وفاداري خدمت ۽ پنهنجي مرد لاءِ عزت، محبت ۽ اولاد لاءِ پيار ـ