ادب ۽ انتھاپسندي, مصنف : عباس ڪوريجو

ادب ۽ انتھاپسندي

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ادب ۽ انتھاپسندي
مصنف : عباس ڪوريجو
ڪيٽيگري : ڪالم / مضمون
ڇپيندڙ : ڪنول پبليڪيشن
شايع ٿيڻ جو سال : 2022
شامل ڪيو ويو : 2023-06-25
ڏِٺو ويو : 440 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 126 ڀيرا

ھي ڪتاب تحقيقي، تنقيدي ۽ معلوماتي مضمونن تي ٻڌل آهي. عباس جي لکڻ جو انداز ڀلو هوندو آهي. هو گهڻي ڊيگهه بجاءِ معلومات، تفريح ۽ ڪم جي ڳالھہ تي وڃي پھچندو آهي. ڪتاب جو شروعاتي مضمون ئي دبئيءَ بابت آهي، جنھن جو موضوع آهي" دبئي: جتي خيال وڪامن ۽ خواب اگهامن ٿا". هڪ زبردست معلوماتي ۽ تجزياتي مضمون آهي. سندس ڪتاب ۾ وائيءَ بابت هڪ اهم مضمون "وائي: ڪلاسيڪيت کان جديديت تائين" پڻ شامل آھي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي عوامي شاعر ڪشنچند تيرٿداس " بيوس" کتري بابت مضمون "جديد سنڌي شاعريءَ جو وليم ورڊس ورٿ" پڻ شامل آھي. ھن دور جي اهم عنوان بابت شامل مضمون "ادب ۽ انتھاپسندي" پڻ پڙهڻ وٽان آهي، جنھن ۾ انتھاپسندي جي مختلف قسمن سان گڏ اديب جي ڪردار ۽ انتھاپسندي جي جمود کي ٽوڙڻ ۾ ادب جي ڪردار تي لکيو آهي.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ڪالم / مضمون مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ