تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ماٺار جي چؤواٽي تي بيٺل سنڌي قومپرستي

عطا محمد شاھاڻي ھڪ سچو ۽ کرو قومپرست ڪارڪن رھيو آھي. ھو وڏي عرصي کان جي ايم سيد جي سياست سان سلھاڙيل رھيو آھي. پنھنجي لکيل ڪتاب ۾ ھن قومپرستن توڙي وفاق پرستن خاص ڪري سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، عبدالواحد آريسر ۽ ذوالفقار علي ڀٽو توڙي ٻين سياستدانن سان ڪا بہ رعايت ناھي ڪئي، شاھاڻي صاحب ڪتاب ۾ مختلف موضوعن خاص ڪري ”سنڌ ۽ سنڌ جي قومپرستي اڄ هڪ جاءِ تي منجمند ٿي چؤواٽي تي بيوس ۽ لاچار “، ”جي ايم سيد جي سنڌوديش جو اعلان“، ” ڇا سنڌي ماڻھو قوم ٿيڻ لاءِ تيار آهن؟“، ”ڇا قوم آزاديءَ لاءِ سنجيدہ آهي“؟ سميت مختلف موضوعن ۽ سوالن تي بحث ڪيو آھي. آخر ۾ ھن خلاصو ۽ نتيجو پڻ پيش ڪيو آھي.

Title Cover of book Mathaar jy Chowaty ty bethal Sindhi Qomparasti

باب پھريون: سنڌ ۽ سنڌ جي قومپرستي اڄ هڪ جاءِ تي منجمند ٿي چؤاٽي تي بيوس ۽ لاچار

اچو تہ ان جا سبب ڳوليون تہ هن ۾ ڪٿي ڪٿي غلطيون ٿيون؟ يا ڪيون ويون؟ يا ڪرايون ويون؟
سنڌي ماڻھو قومپرستيءَ جي فلسفي کان واقف بہ آهن؟ يا ڪٿي هوا ۾ تير هڻن. وقت اچي ويو آهي تہ سنڌ جي قومپرست سياست جي ڪاميابين ۽ ناڪامين تي کلي بحث ڪريون پوءِ ڀلي ڪو پاڪستاني ايجنسين جو ايجنٽ سمجهي يا پگهاردار سمجهي.
اوڻيھين صدي يا ويھين صدي جي يورپي قومي رياستن جي فلسفي کي پاسيرو ڪري پنھنجي خطي جي حالات ۽ واقعات کي مد نظر رکندي ان جو اڀياس ڪريون تہ پاڻ ڪٿي بيٺا آهيون يا ڪٿي بيھاريو ويو آهي.
گهڻو پوئتي بہ نہ ٿا وڃون رڳو 19هين صديءَ کي وٺون ٿا تہ سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت هئي جن سنڌ کي پنھنجي ڀائرن ۾ ورهائي حڪمراني ڪئي ٿي.
سنڌي ماڻھن 712ع ۾ عربن جي قبضي کان وٺي ڪچ جي سومرن، سمن، ارغونن، ڪلھوڙن ۽ ٻروچن تائين ٿيندڙ حڪمرانن پھريان بغداد سلطنت پوءِ دهلي سلطنت جي ماتحت رهي ڏنڊ ڀري حاڪم ٿي حڪمراني ڪندا رهيا. ائين چئجي تہ انھن جا دلال، منشي يا ڪمدار ٿي رهيا. انگريزن جو قبضو سنڌ تي 1843ع ۾ ٿئي ٿو. هڪڙا ڏيھان ڏور وارا لشڪر هتي اچي اوڙي پاڙي وارن قابض قوتن کي قابو ڪري قبضو ڪن ٿا. هو عمل سڄي هندوستان جي خطي ۾ صدين کان ٿيندو پيو اچي. هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو تہ هتان جي اصل باشندن انھيءَ يلغار جي مزاحمت ڇو نہ ڪئي آهي. يا ڪٿي ڪئي بہ هوندي تہ اها ناڪام ڇو ٿي. تاريخ جي مطالعي ڪرڻ بعد خبر پوي ٿي تہ هتان جي رهواسين ٻاهرين لشڪر اڳيان پاڻ کي بيوس سمجهي ٿوري قيمت تي دائمي غلامي جي زنجيرن کي پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجهڻ قبول ڪيو. ان غلامي سبب هتان جي باشندن ڪڏهن مذهب تبديل ڪيو تہ وري ڪڏهن انھن جا دلال ٿي پنھنجن کي مارائي ڌارئي حاڪم کي خوش ڪندا رهيا.
ان ڊگهي غلاميءَ سبب دلالي ۽ غلامي هنن جي ڊين اين اي ۾ شامل ٿي وئي آهي جيڪا فطرت جي خلاف آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڊگهي غلامي قوم جي نسل در نسل رهڻ ڪري سندن رت واري ڪيمسٽري ۾ شامل ٿي ويندي آهي. جيڪا اڳتي وڌي دماغ جي ڪيمسٽري ۾ ملي ويندي آهي پوءِ اهو ماڻھو غلامي کي آزادي ۽ آزاديءَ کي غلامي سمجهندو آهي جيڪو هينئر بہ ٿي رهيو آهي. غلامي هوندي بہ زندہ رهڻ ي نعمت سمجهي ان جو شڪر ادا ڪيو پيو وڃي. اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ سنڌي ماڻھو انگريزن جي ڪالوني ٿي ويا (ٽالپر) ٻروچن کي جيل حوالي ڪيو ويو.
ويھين صدي جي چاليھي واري ڏهاڪي ۾ سنڌ اندر حرن جي روحاني پيشوا پير صبغت ﷲ شاھہ راشدي ٻہ قومي نظريي جي فتني دوران انگريز سمراٽ کي للڪاريو.
ٽيھہ واري ڏهاڪي ۾ پير صاحب انگريز سمراٽ جو جيل جنھن کي ڪارو پاڻي چوندا هئا هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ پنج يا ست سال سزا طور گهاري پنھنجي ڳوٺ ڪنگري اچي پھتو. ڳوٺ اچڻ بعد انگريزن خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ پنھنجي مريدن کي منظم طريقي سان تيار ڪري ٿو. ڪنگريءَ جي ڪچي واري علائقي ۾ چوڌاري لوڙهو لڳائي ڪئمپ هڻي پنھنجي مريدن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ٿو. هڪڙي حصي کي سالم چئجي ٿو جيڪي هٿياربند ويڙھہ نہ ٿا ڪن جن جو ڪم آهي ماڻھن کي سمجهائڻ، پيغام رسائڻ، جنھن کي اڄ جي ٻوليءَ ۾ سياسي ونگ چئبو آهي ۽ ٻئي حصي جو نالو فرقي رکي ٿو جيڪي هٿياربند جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ڪيا وڃن ٿا. جيڪي جان جي پرواھہ نہ ٿا ڪن ۽ ليڊر يا رهبر جي حڪم تي سر تري تي رکي هلن ٿا. ان کي اڄ جي ٻوليءَ ۾ مليٽنٽ فورس چيو وڃي ٿو. ان دوران انگريز سمراٽ پاران 1936ع ۾ هڪ اسڪيم تحت سنڌ کي بمبئي پريزڊنسيءَ مان ڪڍي صوبائي حيثيت ڏني ٿي وڃي. ياد رهي تہ 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو هو تہ ان وقت سنڌ مڪمل طور تي هڪ ملڪ هو پر جڏهن سنڌ جي ملڪ واري حيثيت گهٽائي صوبائي درجو ڏنو ويو تہ ان دور جا سنڌي ليڊر هنبوشيون هڻڻ لڳا ۽ ان کي پنھنجو وڏو ڪارنامو سمجهڻ لڳا پر اهو عمل انگريز سمراٽ جي مستقبل جي رٿابندي هئي.
پر سنڌ جا ڏاها ان کي پنھنجو ڪارنامو سمجهن پيا ۽ هي ڪوتاھہ نظر علم کان عاري پڙهيل لکيل ليڊر ڀائي بندن سميت مستقبل جي تباهي جيڪا ٿيڻي هئي ان کي ڪوهين ڏور ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي چڪر ۾ ڦاٿل رهيا پر حقيقت ۾ اهي ٻئي پارٽيون انگريز سمراٽ جي مستقبل جي پلان تحت ڪم ڪري رهيون هيون. انھيءَ سڄي صورتحال ۾ عام سنڌي ماڻھو بي خبر هيو ۽ ڪنھن جيڪڏهن سھي سڄاڻ ماڻھو ڄاڻ ڏيڻ ٿي چاهي تہ عوام ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونہ هو سمجهڻ تہ پري جي ڳالھہ آهي پر جيئن هاڻي ٿئي پيو صرف جذباتي عقيدي پرست عقل کان عاري ولين کي هيرو ۽ هيرو کي ولين سمجهڻ هن خطي جي عوام جي بلڊ ڪيمسٽري ۾ شامل آهي.
حر تحريڪ نج انگريز خلاف ۽ وطن جي آزادي لاءِ هئي پر ان وقت جا ڏاها انگريزن جي 1935ع واري انڊيا ايڪٽ ۽ بمبئي پريزيڊنسي مان نڪري سنڌ کي صوبائي حيثيت ملڻ جي خوشيءَ ۾ ٻڏل هئا انھيءَ دوران پير صبغت ﷲ جي اڳواڻيءَ ۾ حر تحريڪ پنھنجي صف بندي ڪرڻ ۾ رڌل هئي. پير صاحب کي جڏهن 1935ع ۾ جيل کان آزاد ڪيو ويو تہ پير صاحب پير ڳوٺ پھتو ۽ سندس مريدن شاندار استقبال ڪيو. حيرت جي ڳالھہ اها آهي تہ انگريزن جي ڀؤ کان سنڌ جو ڪو بہ غير مريد سنڌي ماڻھو پير صاحب سان ملڻ نہ آيو جڏهن تہ سنڌ جي حڪومت سنڌين وٽ هئي سواءِ گورنر جي جيڪو هميشہ انگريز هوندو هو. ان دوران انگريزن حرن تي نظر رکڻ لاءِ سنڌ ۾ ڌاري آبادي يعني پنجابي، پٺاڻ ۽ ٻروچن کي سانگهڙ، ميرپورخاص، امر ڪوٽ، نوابشاھہ، خيرپور ۽ سکر ضلعن ۾ آباد ڪري انھن کي زمينون ۽ هٿيار ڏئي سنڌي حرن جي چرپر ۽ سرگرمين تي ڪرڙي نظر رکڻ ۽ انگريز سرڪار کي حرن جي هر چرپر کان آگاھہ ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو. ان ڌاري آبادڪاريءَ ۾ خاص ڪري پھرين جنگ عظيم جا برطانوي سرڪار طرفان وڙهندڙ فوجي بہ شامل هئا انھن فوجن ۾ اهي فوجي بہ شامل هئا.
جن ڪعبي تي گوليون هلايون هيون يروشلم ۽ فلسطين جي جنگين ۾ بہ انگريز سمراٽ سان گڏ هئا. ان ڌاري آبادڪاري خلاف سواءِ حرن جي ٻئي ڪنھن بہ عام سنڌي مخالفت ڪانہ ڪئي.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي خان بھادر ﷲ بخش سومري جي پرائمنسٽرشپ ۾ حر ايڪٽ 20 مارچ 1942ع ۾ پاس ٿيو پر ڌارين جي آبادڪاري خلاف اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ، ڪانگريس يا ٻيون پارٽين نہ بل پاس ڪرائي سگهون نہ وري آواز اٿاري سگهون.
20 مارچ 1943ع پير صبغت ﷲ شاھہ ڦاسي چڙهي ويو پر سڄي سنڌ خاموش رهي سواءِ پير صاحب جي اثر وارن علائقن جي جتي انگريزن خلاف ويڙھہ ٿي رهي هئي ٻن لکن حرن کي جهول کان وٺي ڪلڪتي تائين لوڙهن ۾ بند ڪيو ويو. باقي سنڌي قوم هندو ۽ مسلمان جي چڪر ۾ ڪي ڪانگريس پارٽيءَ ۾ تہ ڪي مسلم ليگ سان وڃي بيٺا پر ان وقت سنڌين ۽ سنڌ سان سواءِ حر تحريڪ جي ڪو بہ بيٺل نہ هو سنڌ سڙي ٻري رهي هئي پر عام ماڻھو لاتعلقي جو اظھار ڪندي تماشبين ٿي ڏسي رهيو هو. جيئن هاڻي ٿي رهيو آهي سڀ ڪجهہ هٿن مان نڪرندو پيو وڃي پر پوءِ بہ زندہ رهڻ کي وڏي ترقي سمجهي رهيا آهيون. ساڳي صوبائي اسيمبلي آهي جنھن ۾ اڳي پرائيميئر هو هاڻي وزيراعليٰ آهي ڪلھہ بہ گورنر ڌاريو هو اڄ بہ ڌاريو آهي مني صدي کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي پر سنڌي پير پاڳاري صبغت ﷲ شاھہ راشدي کي پنھنجو ليڊر ۽ قومي اڳواڻ نہ ٿا مڃن بلڪ صرف سورهيہ بادشاھہ جي لقب سان سڃاتو وڃي ٿو. جنھن اڳواڻ جو لاش سنڌين (حرن) کي نہ ڏنو ويو ۽ نہ وري دفن ڪيل قبر بابت ٻڌايائون جڏهن تہ ڀڳت سنگهہ، راج گرو، هيمون ڪالاڻي ۽ سک ديو جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا پر پير پاڳاري جي آخري آرمگاھہ جو ڪو اتو پتو ڪونھي انھيءَ دوران انگريز سمراٽ پنھنجي پاليل ڇاڙتن کي پارٽيون جوڙي ڏنيون ۽ انھن جي تربيت ڪري پنھنجي منصوبي مطابق هن خطي مان لڏي کڻڻ جي تياري ڪري ٿو.
آگسٽ 1947ع ۾ ٻي مھاڀاري لڙائي کان پوءِ برصغير کي مذهبي بنيادن تي ڌار ڪري ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو ۽ عام ماڻھو يا عوام کان راءِ وٺڻ جي تڪليف نہ ٿي ڪئي وڃي يا ڪنھن بہ قسم جو ريفريڊم بہ نہ ٿو ڪرايو وڃي.
پر مذهبي جنوني انگريز سمراٽ جي دلالن اهو بہ نہ سوچيو تہ هن غلط فيصلي جي قيمت 1971ع ۾ لکين جانين جي نذراني ۽ لکين عورتن جي لڄ لٽجڻ جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پوندي بنگالين بہ ان ڳالھہ جو اندازو ڪونہ لڳايو هو پنھنجي پيرن تي ڪھاڙي وهائي ڪڍي پنجابين بہ ائين ڪيو پنھنجي ماتر ڀومي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو.
صبغت ﷲ شاھہ راشدي انگريز سمراٽ سان هٿياربند جنگ وطن يا ڪفن، آزادي يا موت واري نعري تحت وڙهيو. هڪ سو چار سالن جي ڊگهي غلامي جي زنجيري طوق کي ٽوڙي پنھنجي هٿياربند جٿن کي تيار ڪري موت جي خوف مان ڪڍي ميدان کي چونڊيو هو. جڏهن تہ ان وقت سنڌي دانشور ۽ سياسي ڪلاس مذهبي جنونيت ۾ ورهايل هو ڪي سوشلسٽ ڪميونسٽ جي طرف رهيا ڪي مسلم ليگي ڪي ڪانگريسي، ڪي احراري تہ ڪي درٻاري هئا.
پير صاحب جي ڳالھہ کي سنڌ جو عام ماڻھو سمجهي نہ سگهيو يا وري پير صاحب انھن کي سمجهائي نہ سگهيو. ڇاڪاڻ تہ پير صاحب کي انگريزن خلاف سياسي سجاڳي لاءِ وقت تمام گهٽ مليو ۽ جيڪي وقت مليو بہ سھي اهو پابندين يا محدود علائقن تائين وڃڻ لاءِ هيو. بھرحال ان سڄي صورتحال ۾ يقين سان چئي سگهجي ٿو تہ پير صاحب کي بہ ڪي غلطيون ٿيون هونديون ۽ ڪجهہ ماڻھن سان زياديتون بہ ٿيون هونديون پر ان ۾ ڪو بہ شڪ ناهي تہ پير صاحب يا سندس جماعت سنڌي قومپرستي ۽ سنڌ جي آزاد ملڪ جي حيثيت سان لاڳاپيل سندس موقف عقلي، علمي لحاظ سان چٽو هو.
پير صاحب جي مخالفت ۾ سنڌ سڀني درسگاهن جا گادي نشين جنھن ۾ سندس ڀائر بہ شامل هئا سنڌ جي آزادي خلاف انگريز سمراٽ جي حمايت ۾ درٻاري ڪردار ادا ڪندا رهيا. پير صاحب کي 20 مارڇ 1943ع تي ڦاسي اچڻ کان پوءِ بہ انگريزن سان گڏ هئا ۽ هنن انگريزن جي جوڙيل منصوبي جو نہ رڳو حمايت ڪئي پر هزارن سالن جي رت جي رشتن کي مذهبي جنونيت جي ور چاڙهي پنھنجي ڌرتي کي ڌڪي ڌار ڪيائون تيستائين سڪون سان نہ ويٺا جيستائين ڀينگ نہ ڪيائون.
انھيءَ دوران پرچو وديارٿي جي جوڙيل تنظيم سنڌ سوشلسٽ پارٽي ڪجهہ انگريزن خلاف واقعا ڪيا. پر ان تنظيم جا ڪجهہ همراھہ گرفتار ٿيا. جنھن ۾ هيمون ڪالاڻي کي ڦاسي ڏني وئي ۽ ٻين کي عمر قيد جي سزا اچي وئي. هن تنظيم ڪٿي بہ ڪڏهن منظم طريقي سان سنڌ جي الڳ آزادي جي گهر نہ ڪئي ۽ نہ وري ان کي ماس موومينٽ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ڪاميابي ملي صرف ويھين صديءَ ۾ ايندڙ سوويت يونين جي انقلاب جي چؤگرد پئي ڦريا مارڪس ازم جي ٿيوري ۾ پنھنجي قوم جو ڀلو پئي ڳوليائون پر ساڳي صدي جي پڇاڙيءَ يعني 1991ع ۾ سوويت انقلاب ميخائل گورباچوف جي نگراني ۾ پنھنجي فطرتي موت سان پورو ٿي ويو. انھن ٻنھي نظرين کي سنڌين موٽ ڏيڻ بجاءِ مذهبي انگريزن جي مذهبي پلان يعني ٻہ قومي نظريي کي بهتر سمجهيو.
جڏهن تہ سنڌي سماج جو گهڻو حصو اڻ پڙهيل هو ۽ انھيءَ سڄي هلچل کان ڪٽيل رهيو. سنڌي ماڻھو زرعي ڪرت جي ڪري شھر کان پري رهيو. شھري سنڌي ۽ ڳوٺاڻا سنڌي انگريزن جي غلامي سان سلھاڙجي چڪا هئا ۽ پنھنجي ڌنڌن ۾ مست هئا دولت ڪمائڻ ۾ مصروف هيا جاگيردار مليل قرضي ڪيل زمين وڌائڻ کي قائم رکڻ لاءِ انگريز سرڪار جي خوشامد ۾ گذاريندا هئا. تنھن ڪري انگريز سرڪار جي منصوبن جي حمايت ۾ سندن ذاتي چڱائي هئي باقي عوام وڃي کڏ ۾ پوي ۽ نہ ئي وري مستقبل جي نسلن جي لاءِ هنن وٽ ڪنھن بہ قسم جو ويزن Vision هيو ياد رهي تہ 70ع واري ڪوٽا سسٽم تحت سنڌ جا حاڪم ٻاهرين مسلمانن جو سنڌ حڪومت ۾ ڪامورو مقرر ڪرڻ تي فخر محسوس ڪندا هئا. حالانڪ انھن ڌارين ڪامورن کان وڌيڪ قابل سنڌي ڀائي بند هيا. رياست خيرپور جو مثال جنھن جو رڪارڊ موجود آهي تہ اسيمبلي هوندي ڪابينا جا وزير ڪيترائي ڌاريا هوندا هئا. ممتاز قزلباش خيرپور رياست جو وزيراعظم هوندو هو. جنھن جو خيرپور سان نہ ربيع نہ خريف جو واسطو هو چوڻ جو مطلب تہ مذهبي منافرت ڪيتري حد تائين هئي جو ٽالپر حاڪم بہ خود ڌاريا هئا.
پير صاحب کي ڦاسي ڏيڻ وقت جماعت دربدر ٿي لوڙڻ جي شڪل ۾ وطن اندر ۽ ٻاهر جلاوطني يا قيدخانن جي ور چڙهي وئي. مگر سنڌي سماج انگريز سرڪار جي ڪوڙي پروپينگنڊا کي سچ سمجهي پاڻ کي تحريڪ کان پري رکيو. ائين کڻي چئجي تہ سنڌي قوم باغين جي خلاف ۽ غلامي جي طرف بيٺي رهي. سنڌ جو پير، فقير، سيد وڏيرو، جاگيردار، سيٺ، درگاهون، مندر ۽ مسيتون انگريزن جي حمايت ۾ هيون ۽ قومي آزاديءَ کي غلامي سمجهي رهيا هئا.
سنڌ جو سنڌي زميندار انگريز سمراٽ سان گڏ هو ۽ سنڌي سيٺ پڙهيل لکيل ڀائي بند دولت ميڙڻ ۾ مشغول هيو پر هندو مسلم ورهاست واري حال مستقبل قريب واري فارمولي کان بلڪل اڻ واقف نظر ٿي آيو. هڪڙو مسيت جي پاسي ٻيو مندر جي پاسي هو. پر سنڌ جي پاسي ڪو بہ نہ هو. سڄي سنڌ انگريزن جي رحم و ڪرم تي هلي رهي هئي. اهڙي ماحول ۾ ڪنگري جي پير صاحب جي ڳالھہ ڪير ٻڌندو تہ سنڌ کي انگريز جي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ لاءِ حرن جو ساٿ ڏيو يا اچو تہ گڏجي آزادي جي جنگ وڙهون.
اڄ جي ايڪويھين صدي ۾ سنڌي آزادي جي ڳالھہ ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونھي تہ ويھين صدي ۾ اها ڳالھہ ڪيئن ٻڌندو آزادي نسلن جي جنگ آهي. جنھن ۾ نسلن جي قرباني گهربل آهي ان ڪري هڪڙا هئا ڪانگريس جي پاسي ٻيا هئا مسلم ليگ جي پاسي. سنڌ سان فقط پير صاحب ۽ سندس جماعت بيٺي هئي ۽ اها ساڳي صورتحال موجود سنڌ ۾ اڄ بہ نظر اچي ٿي اڄ بہ هڪڙا پنڊيءَ وارن ج پاسي بيٺا آهن ۽ ٻيا وري وارن جي دلالن پويان جهمريون پيا هڻن سنڌ ڪلھہ بہ ويچاري هئي اڄ بہ ويچاري آهي سنڌ تي غلامي جي ڪارنھن 712ع کان جاري آهي.
هاڻي انگريز جو گريٽ گيم وارو فارمولو ڪامياب ٿي ويو. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ انگريز جي سڪي جا ٻہ رخ هئا. ان ڪري هندوستان جي ورهاڱي کي قبول ڪيائون. باقي عوام جيڪو صدين کان يبوقوف ٿيندو رهيو آهي سو سندن نعرن پويان پنھنجن ماڻھن کي قتل ڪرائي پنھنجي ماڻھن جي لڏپلاڻ ڪرائي ٿو هڪڙا دين ڪارڻ پرائي ڌرتيءَ تي اچن ٿا ٻيا ڌرم ڪارڻ پنھنجي ڌرتي ڇڏي وڃن ٿا ايئن هڪ قوم مذهبي قوم طور تي ورهائجي وڃي ٿي ۽ مذهب کي قومي درجو ملي وڃي ٿو هزارن سالن جي تاريخ تھذيب ۽ تمدن جو ريپ ٿئي ٿو خدا ۽ ڀڳوان اهو تماشو جيڪو سندن نالي تي ٿي رهيو آهي سو ڏسن پيا پر ڪڇڻ کان قاصر آهن ان وقت شايد اهي ماڻھن کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هرگز تيار ڪونہ هئا ڇاڪاڻ تہ اها اسائنمينٽ ڪنھن زميني آقا جي هئي جيڪو شايد مٿين کان بہ ڏاڍو هو.
پاڪستان ٺھي ويو هندوستان انگريزن کان آزاد ٿي ويو. ٻن ڀائرن جي ورهاست ٿي وئي گهر جي ڀينگ ٿي وئي. هڪڙا ماڻھو پنھنجو اباڻو وطن ڇڏي اڻ ڏٺل ڌرتيءَ ڏانھن روانا ٿيا. هڪڙن وري اڻ ڏٺلن جي لوڌ کي آباد ڪرڻ لاءِ پنھنجا گهر انھن جي حوالي ڪري پاڻ ساڳي جهوپڙي طرف روانا ٿي ويا. مذهبي جنونيت سنڌ سان گذريل ڇاهتر سالن ۾ جيڪو حشر ڪيو آهي ان جو اندازو ان وقت جي قيادت جيڪا خود جنوني هئي کي بہ نہ هو.
شروع شروع ۾ سنڌين کان شھر خالي ڪرائي جيڪي پڙهيل لکيل دانشور ماڻھو هئا تن کي هندوستان روانو ڪيو ويو ۽ ڪي وري ڌرم ۾ جيئڻ خاطر ماتر ڀومي کي ڇڏي شرناٿي بڻجي ويا ڏک تہ انھيءَ قيادت جو آهي جيڪا سڀ ڪجهہ ڄاڻيندي پنھنجي وطن لاءِ جان جي قرباني نہ ڏئي سگهيا. باقي سنڌ کي ان جنوني قيادت جو ڏک ڪونھي جيڪي جنوني عقل کان عاري پاڻ کي عرب نسل جي ناجائز اولاد سڏائڻ تي فخر ڪندا هئا اهو بہ سچ آهي تہ اها عقلمند قيادت بہ ڪڌي ڪم ۾ برابر جي شريڪ رهي آهي، انھن جي ڪيل غلطين تي اعتراف ڪرڻ سان هي جرم معاف نہ ٿو ٿي سگهي، ان سان گڏوگڏ پڙهيل لکيل دانشور ڪلاس جي ڀاڙيائپ سبب يا پنھنجي ذاتي مفادن سبب جھان کي ڌوڪو ۽ نقصان ڏنو اهو عمل بہ معاف ڪرڻ جوڳو ڪونھي وڌيڪ سنڌ جي تاريخ پاڻ فيصلو ڪندي اهو پڙهندڙ تي ڇڏيون ٿا.
پاڪستان جو راڳ شروع ڪندڙن جنھن آس ۽ اميد تي پاڪستان ٺاهيو هو. انھيءَ پاڪستان پھريائين ڪراچي شھر کسيو پوءِ سنڌ ٻولي ۽ ثقافت کي شھر ۾ اچڻ تي سختي ڪئي زمينون گهر اوقاف کاتي جي معرفت ٻاهريان آيل اڻ ڏٺل ديني ڀائرن جي حوالي ڪيائون. سنڌ جي ڊيموگرافي تي وار ڪيو ويو. سڀ ايندڙ ديني ڀائي سنڌ طرف روانا ڪيا ويا. جن سنڌ جي شھرن تي قبضو ڪيو ۽ سنڌ حڪومت جي ڪاروهنوار تي قبضو ڪيو هو. اهو خال ڀريو ويو جيڪو ڌرمي ڀائرن جي سنڌ خالي ڪرڻ سان پيدا ٿيو هو ۽ سنڌي مسلمان وائڙن وانگر خوشي يا ڏک جي ڪيفيت ۾ اهو سڀ ڪجهہ ڏسندا رهيا. هوڏانھن سنڌ جا نمائيندا هڪ ٻئي جي سرڪار ڪيرائڻ ۾ مصروف عمل رهيا. ايوب کھڙو، غلام حسين، هدايت ﷲ، مير بندہ علي ۽ ستار پيرزادو ۾ جڳت جاري رهي. ڪنھن بہ سنڌ طرف نہ ڏٺو هي سنڌ سان سنڌي ماڻھن جي مستقبل سان ڇا پيو ٿئي. هي سنڌي سياستدان اقتداري رساڪشي ۾ ڦاٿل رهيا تان جو ون يونٽ جو طوق اسيمبليءَ جي معرفت 1955ع ۾ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو.
سنڌ قلات، سرحد ۽ پنجاب کي ملائي اولھہ پاڪستان جو نالو ڏنو ويو ۽ بنگال کي اوڀر پاڪستان جو نالو ڏنو ويو. بنگالين بنگال جي شناخت کسي وئي ۽ اولھہ پاڪستان جي نالي قلات، سنڌ، سرحد ۽ پنجاب کي غائب ڪيو ويو. هاڻي سنڌ اقتدار جي رساڪشيءَ مان نڪري ون يونٽ واري نظام خلاف ميدان تي نڪتي پر انھيءَ دوران 1958ع ۾ مسلمانن لاءِ ٺاهيل الڳ ملڪ مارشل لا جي ور چڙهي ويو. جنھن فوج کي انگريز سرڪار جنگ عظيم پھرين ۽ جنگ عظيم ٻي ۾ استعمال ڪيو هو.
1946ع ۾ نام نھاد اليڪشن ٿي هئي جيڪا ائين ئي ٿي جيئن اڄڪلھہ اليڪشن ڪرائي وڃي ٿي ان وقت بہ ائين ڪيائون ڇاڪاڻ تہ ان وقت ماڻھن ۾ علم گهٽ هو ۽ اڄوڪي ميڊيا بہ ڪونہ هئي ان ڪري سڀ ڪجهہ هلي ويندو هو. بس صرف واھہ واھہ ٿيندي هئي. سنڌ ۽ پنجاب ۾ مارچ 1946ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن جي نتيجي کي انگريز سرڪار قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ان ڪري آڪٽوبر 1946ع ۾ انگريز سرڪار ٻيھر اليڪشن ڪرائي پنھنجا من پسند نتيجا حاصل ڪيا. ان ڌنڌلي وارن نتيجن جي بنياد تي 1947ع وارو منصوبو ڪامياب ٿيو.
اينٽي ون يونٽ فرنٽ جڙيو چئني ڪالعدم صوبن جا ليڊر گڏ ٿيا، لاهور جي هن بيٺڪ ۾ ون يونٽ خلاف قراردادون پاس ٿيون پر سرڪار انھن قرادادن تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. 1969ع ۾ ملڪ اندر ٻي مارشل لا لاڳو ٿي. جنھن ۾ ڀلو ٿئي جنرل محمد يحيٰ خان جو جنھن ون يونٽ ختم ڪري اولھہ پاڪستان جي صوبن جي پراڻي حيثيت بحال ڪئي ۽ پھريون ڀيرو بلوچن جي صوبن جو نالو خان قلات مان بدلائي بلوچن جو مطالبو منظور ڪندي بلوچستان رکيو ويو. سنڌ کي واپس 1936ع واري حيثيت ملي وئي ان بعد پاڪستان ٺھڻ کان وٺي 1973ع تائين سنڌي قومپرستي حر تحريڪ سميت ڪٿي بہ نظر نہ ٿي اچي. ڪڏهن ڪڏهن هارين مزدورن جي حقن لاءِ اشو وائيز مطالبا ڪندي نظر ايندا هئا نہ تہ باقي خير، سنڌي ماڻھو ڀنگ جا ڪونڊا ۽ لسي پي ستل پيا نظر ايندا هئا سواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي 4 مارچ 1967ع ڪمشنر حيدرآباد مسرور ۽ جي او سي حيدرآباد برگيڊيئر ٽڪا خان جي چوڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي بسن کي موجودہ رجپوتانا اسپتال لڳ پوليس روڪي ڇڏيو. شاگردن احتجاج ڪيو مٿن پوليس لاٺي چارج ۽ آنسو گئس جو استعمال ڪيو. جنھن ۾ ڪجهہ شاگرد زخمي ٿي پيا ۽ ڪيترائي گرفتار ڪيا ويا. اهو احتجاج خالصتن شاگردن جي مسئلن تي هيو نہ ڪي سنڌ جي حقن خاطر نڪتا هئا جنھن ۾ فيس هاسٽل ۾ سھولتون بسن جي کوٽ وارا مطالبا شامل هيا پر ان چار مارچ 1967ع واري واقعي حاڪمن سان گڏ سنڌي شھري ڪلاس کي دهلائي ڇڏيو جنھن اڳتي هلي جيئي سنڌ شاگرد تنظيم کي جنم ڏنو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڍاڪا يونيورسٽي وانگر سياسي سجاڳي ۾ مشھور ٿي ۽ وقت جي حاڪمن لاءِ اک ۾ ڪنڊو ٿيڻ لڳي.
ڄامشوري يونيورسٽي وار زون حيثيت ۾ حاڪمن جي نظر ۾ هوندي هئي هڪ ون يونٽ ۽ ٻيو 4 مارچ واري واقعي سنڌي سياست کي نئون رخ ڏنو. سنڌ جي پراڻن سياستدانن سان گڏ پراڻن دانشورن کي پنھنجي ڪيل گناھہ ورهاڱي جي وڍ جا سور سامھون اچڻ لڳا تہ 1947ع واري ڪيل ڏوھہ کي ڪيئن سلجهائجي پر وقت هٿن مان نڪري چڪو هو. ساحل وسائل زمين هنن جي پيرن هيٺيان کسڪي چڪي هئي پنجابي پناهگير مستقل مفاد سگهارو ٿي چڪو هو پر هنن يارن دير سان اک کولي.
ملڪ اندر ان وقت نيشنل عوامي پارٽي بنگال، سنڌ، بلوچستان، سرحد ۾ ماڻھن جي اڪثريت سان شموليت جي ڪري مقبول پارٽي هئي ليڊرشپ بہ نيشنل عوامي پارٽي وٽ هئي. ان گرمي کي محسوس ڪندي پنجابي اسٽيبلشمينٽ محسوس ڪيو تہ جنرل ايوب هاڻي بوجھہ بڻجي چڪو آهي. ان ڪري هنن 1967ع ۾ سابق وزير خارجه ذوالفقار ڀٽي جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو پنجاب اندر بنياد وڌو جيڪا چئن سالن جي ٿوري عرصي ۾ ملڪ اندر ٿيندڙ اليڪشن ۾ ٻي وڏي پارٽي طور اليڪشن کٽي آئي آهي. اليڪشن 1970ع ۾ ٿي هئي هن اليڪشن ۾ اولھہ پاڪستان جي ٻن صوبن يعني پنجاب ۽ سنڌ ۾ پ پ پ اڪثريت سان کٽيو جڏهن تہ بلوچستان ۾ پ پ پ کي صوبائي يا قومي جي هڪ سيٽ بہ نہ ملي، سرحد وارا هزارا ڊويزن منجھان پ پ پ کي ڪجهہ سيٽون مليون باقي سرحد مان نعپ NAP ۽ مفتي محمود جي مذهبي پارٽي کٽي آئي جماعت اسلامي کي سڄي ملڪ مان ٽي چار سيٽون مليون جڏهن تہ بنگال مان شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ 164 سيٽن مان 162 سيٽون کٽي آئي.
اولھہ پاڪستان اندر سنڌي شاگردن ۾ خاصي سجاڳي اچي چڪي هئي جيڪي قوم پرست سياست کي کڻي ڳوٺن طرف نڪري ويا بلوچ شروع وارن ڏينھن ۾ ئي بلوچستان تي 27 مارچ 1948ع واري فوج ڪشي کان پوءِ ملڪ جي خلاف رهيا. پشتون ڊيورنڊ لائين کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونہ هئا. صوبائي مختياري جا مطالبا زور پڪڙي رهيا هئا ان کان پوءِ 1965ع جي فوجي شڪست ملڪ ۾ اٿل پٿل پيدا ڪري ڇڏي جنھن سبب ملٽري اسٽيبلشمينٽ ذوالفقار علي ڀٽي جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي جوڙي ٿوري عرصي ۾ ان کي چوٽ تي وٺي آيا.
1970ع جي اليڪشن ۾ سنڌ اندر پيپلز پارٽي جي مقابلي ۾ جوڙيل نعپ الائينس کي بري طرح شڪست ملي جنھن ۾ جي ايم سيد پنھنجي سيٽ هارائي ويو. جي ايم سيد پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۾ ۽ ٺھڻ کان پوءِ اليڪشن کٽڻ ۽ هارائڻ واري فارمولي کان خوب واقف هيو. ستر واري چونڊ ۾ سيد جي اليڪشني پمفليٽ ۾ پاڪستان جي فريم ورڪ ۾ رهندي سنڌ جو حقن جي ڳالھہ ڪيل آهي.
ان ۾ ڪنھن بہ قسم جي صوبائيت واري بوءِ نظر نٿي آئي يعني پاڪستان جي حق ۾ 1943ع واري قرارداد کان وٺي ون يونٽ جي ٽٽڻ تائين ڪٿي بہ سيد سنڌ جي علحدگي جو ڪو اشارو نہ ڏنو آهي. ها سيد جي سڄي سياست سنڌ جي حقن جي چوگرد ضرور رهي آهي ان ۾ ڪٿي غافل نظر نہ ٿو اچي ان ڪري سرڪار سان گهٽ ٺھڻ ڪري مختلف ايامن ۾ جيل جي ياترا ڪندو رهيو آهي.
1971ع واري واقعي جنھن ٻہ قومي نظريي کي بي آف بنگال ۾ ٻوڙي ڇڏيو هو جنھن بنگال پاڪستان کي جوڙيو هو. اهو بنگال ساڳين پنجابي مسلمانن هٿان رتو رت ٿي جنسي درندگي جو شڪار ٿيو بري طرح سان بنگالين جي نسل ڪشي ڪئي وئي ان بعد شريمتي اندرا گانڌي بنگالين جي مدد ڪري پاڪستان مان بنگلاديش کي جنم ڏنو ۽ ٻيو اهم ڪردار مڪتي باهني جي گوريلن جو هو جن پاڪستاني فوج کي هٿيار ڦٽي ڪرڻ تي مجبور ڪيو بنگال مان بنگلاديش ٿيڻ ان کان پوءِ ستر واري اليڪشن ۾ جي ايم سيد کي شڪست اچڻ ۽ 1973ع جو آئين پاس ٿيڻ جنھن آئين ۾ صوبائي خودمختياري ڏيڻ بجاءِ ڌارين کي آباد ڪرڻ انھن لاءِ آئيني رستو کولڻ، پاڪستاني شھري کي ڪٿي بہ ملڪيت خريد ڪرڻ جھڙا قانون پاس ٿيل هئا. ان کان سواءِ هر پاڪستاني کي قانوني حق ڏنو ويو تہ ڪنھن بہ علائقي جو ماڻھو ٻئي علائقي ۾ اليڪشن ووٽ ڏيڻ سميت نمائيندي طور اليڪشن ۾ وڙهي سگهي ٿو. ان آئين ۾ ڌرتي ڌڻين جو ڪو بہ خيال نہ ڪيو ويو. مٿان وري اهو ڪيو ويو تہ آبادي واري فارمولي تحت قومي دولت، وسائل ۽ نمائندگي آبادي جي بنياد تي ملندي يا ڏني ويندي ياد رهي تہ بنگال جي آبادي اولھہ پاڪستان کان وڌيڪ هئي يعني 54 سيڪڙو آبادي بنگال جي هئي باقي رهيل چئن صوبن جي آباد 46 سيڪڙو هئي. ان لاءِ ڪراچي جي سرڪار ون يونٽ فارمولو نافذ ڪيو ۽ اوڀر پاڪستان جوڙيو ويو تہ جيئن برابري جي بنياد تي وسيلن جي ورهاست ڪري سگهجي نڪي آبادي جي بنياد تي ورهاست ٿيڻ گهرجي. پر 1973ع ۾ عوامي جهموري پاڪستان ۾ سنڌ جي مقبول ليڊر پنجابين کي خوش ڪرڻ لاءِ آبادي جي بنياد تي ورهاست وارو فارمولو آئين ۾ شامل ڪيو.
انھن ڳالھين جي ايم سيد کي مجبور ڪيو تہ هو ماضي حال مستقبل بابت ڪنھن راھہ جو تعين ڪري ۽ ماضي جي ڪيل غلطين جو ازالو ڪري وٺي، ان حوالي سان جي ايم سيد مختلف حلقن جي ماڻھن سان گڏجاڻيون ڪيون صلاح مشورن بعد ان نتيجي تي پھتو تہ اسيمبلي سنڌ جي مسئلن کي حل نہ ٿي ڪري سگهي سو بهتر آهي تہ شيخ مجيب الرحمان وانگر سنڌ جي آزادي جي ڳالھہ ڪجي نيٺ مئي 1973ع تي سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن جو ڪنويشن منعقد ٿيو جنھن ۾ جي ايم سيد پنھنجي صدارتي تقرير ڪندي سنڌو ديش ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ پارليامينٽري سياست کي رد ڪندي ان جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيائين ان اعلان حاضرين ۽ ناضرين کي حيران ڪري ڇڏيو ماڻھو حيرت مان هڪ ٻئي کي تڪيندا رهيا پر شاگرد جذباتي ٿي نعرن جي گونج ۾ ان اعلان جو خير مقدم ڪيو.
هوڏانھن انھيءَ اعلان ۽ نعرن بعد ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت پنجاب جي پٺڀرائي سان شاگردن تي ڪيس داخل ڪيا ۽ جي ايم سيد کي گرفتار ڪيو ويو ان کان پوءِ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مقابلي آءِ ايس آءِ، بي آءِ ۽ سي آئي ڊي گڏجي سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس جو بنياد وڌو. جيئي سنڌ جي نعري جي مقابلي ۾ جيئي ڀٽو جو نعرو ٺاهيو ويو هن سرڪاري شاگرد تنظيم کي سرڪار جي حمايت حاصل هئي ۽ انھن شاگردن کان مخبري جو ڪم ورتو ويندو. اهي شاگرد يونيورسٽي ۾ سنڌ پرست استادن، پروفيسرن کي تنگ ڪندا هئا. جنھن سبب پروفيسر عمر ميمڻ ۽ پروفيسر عباسي تي ڪيس داخل ٿيا ڪورٽ ڪچھري ۾ آندو ويو جنھن ڪري پروفيسر عمر ميمڻ عرب ملڪ جو رخ ڪيو عباسي صاحب لنڊن هليو ويو. سرڪاري تنظيم جي شاگردن جو نعرو بہ ان وقت ڏاڍو مقبول ٿيو تہ جيئي ڀٽو پيپر ڇٽو، وري انھن ساڳين شاگردن کي سرڪاري عھدن تي ويھاريو ويو. اهڙي طرح سنڌ يونيورسٽي جي تعليمي ماحول کي خراب ڪيو ويو ۽ الزام وري جيئي سنڌ جي شاگردن مٿان لڳايا ويا. ان دور ۾ پريس ۽ ميڊيا سڀ رياست جي ڪنٽرول هيٺ هئا.
1973ع جو آئين پاس ٿيڻ باوجود ملڪ ۾ ايمرجنسي جو نفاذ جاري رهيو. ڊي پي آر جھڙا قانون نافذ ٿيل هئا ۽ اسپيشل ٽروبيونل جوڙيا ويا هئا. جن ڀٽو مخالف سوچ رکندڙ قابل ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. لاڙڪاڻي جي شيخ برداري جو مثال سڀني جي سامھون آهي يا وري ان وقت شاگرد سياست ڪندڙ قمر ڀٽيءَ مٿان ٿاڻي وارا ايترو تشدد ڪندا هئا. جو بقول انھيءَ ٿاڻي جي صوبيدار جي تہ ان وقت جي وزير اعليٰ جي حڪم هيو تہ قمر ڀٽي کي ايترو ڪٽيو جو ان جون دانھون رڙيون فون ذريعي مون ٻڌڻ ۾ اچن. قمر ڀٽي ڪو چور يا ڌاڙيل ڪو نہ هيو پر هڪ باشعور سياسي سنڌ پرست ورڪر هو جيڪو پيپلز پارٽيءَ جي سياست سان اختلاف رکندو هو.
جيستائين ڀٽو حڪومت رهي ايستائين قمر ڀٽي جو ڀاءُ يا ماءُ ٿاڻي ۾ گھلبا هئا تہ قمر ڀٽي کي پيش ڪيو. اهڙي صورتحال ۾ جي ايم سيد جو نعرو تہ هنيو پر ان جي ڪا اڳ ۾ اسٽڊي ٿيل هئي؟ ان جو ڪو انفراسٽڪچر ٿيل هيو؟ يا محض هي نعرو صرف جذباتي عمل هو؟ يا وري اختلاف جو اظھار هو؟ يا ڪنھن کي پيغام ڏيڻو هو؟ ائين بہ ڪونھي تہ ڪو جي ايم سيد نوجوان هيو بلڪ عمر ستر سال کان وڌيڪ هيس تمام گهڻا سياسي لاها چاڙها ڏٺل هيس ٻہ عظيم عالمي جنگيون سندس سامھون ٿيون هيون هي انھن جو اکين ڏٺو شاهد هو برصغير ۾ انگريز سرڪار جو جاھہ جلال ۽ انھن جي ٽپر ويڙهڻ جا منظر بہ ڏٺائين. مسجد منزل گاھہ کان وٺي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ تائين جي ايم سيد جو اهم ڪردار رهيو آهي. سنڌ جي هڪ اڻ ٽٽ حصي کي ٽٽندي ڏٺائين بارڊر جي ٻنھي پار لڏپلاڻ ۾ ٿيل قتل عام کي پنھنجي سمجھہ سوچ آهر ضرور پرکيو هوندائين.