خلاصو Conclusion
ان ڪري گذريل وقت کي زوري تقدير سمجهي قبول ڪيوسين سنڌين وقت کي سڃاڻڻ بجاءِ وقت جو انڪار ڪيو تاريخ کي پنھنجي طرف ڪرڻ بجاءِ هر ٿيندڙ ڏاڍ، جبر ۽ زيادتي کي مقدر جي مرضي سمجهي قبول ڪيوسين ۽ پوءِ تاريخ جا نتيجا ڏاڍا ڀيانڪ نڪرندا ويا. 712ع کان وٺي غلط فيصلن ذهني معذوري ۾ اضافو ڪيو.
جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ جو سماج ڪوڙ، ٺڳي ۽ عناد جي ور چڙهي ويو ڀاءُ ڀاءُ جو ڳلو ڪپڻ لڳو آقائن کي خوش ڪرڻ خاطر هڪ قوم کي قبيلن، ذاتين ۽ پاڙن ۾ ورهائي پنھنجي وجود جا منڪر بڻجي وياسين. تاريخ ۾ بہ ڌارين سان وڙهيا تہ اڪيلا ٿي وڙهيا. مثال طور جيڪڏهن هڪڙي ذات جا ماڻھو ڌارين سان وڙهن پيا نہ ٻي ذات وارا انھن جي مخالفت ۾ ڌارين جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجن ماڻھن کي ماري درياھہ جي حوالي ڪن پيا. سيوهڻ جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي عرب حڪمراني ۾ هن سنڌي ذاتين ڇا ڇا نہ ڪيو اهو سڀ ڪجهہ تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي.
سنڌ جي ويجهي ماضي واري تاريخ ۾ سنڌ تي ٽالپر ڌاريا حڪمران هئا، ميرن جي صاحبي ۾ نائو مل تي تاريخ تمام گهڻي لعنت ملامت ڪئي آهي پر ڪنھن تحقيق ڪئي آهي تہ نائو مل ائين ڇو ڪيو؟ ڇا سنڌ جا ٽالپر حاڪم سنڌ ڄاوا هئا؟ پر حقيقت ۾ ڪلھوڙن کان وڌيڪ سنڌ جي سنڌي هندن سان ٽالپرن جٺيون ڪيون هيون.
ٽالپر حڪومت ۾ نائو مل جي سٺ سالن جي پوڙهي پيءُ هوتچند جي زوري ختنو ڪرائي کيس مسلمان ڪيو ويو. ياد رهي تہ هوتچند ان وقت ڪراچي جو وڏو واپاري هو. جيڪو ميرن جي مالي مدد بہ ڪندو هو. اهڙي نموني هنن سنڌي هندن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. نيٺ نائو مل مجبور ٿي سنڌ مان پاڻ سان سنڌي هندن جو وفد وٺي پنجاب جي راجا رنجيت سنگهہ ڏي دانھن کڻي ويو. جنھن ميرن ڏانھن پيغام موڪليو تہ هاڻي هندن سان گهڻو ٿيو جي وڌيڪ توهان ڪجهہ ڪيو تہ سنڌ تي حملو ڪيو ويندو.
انھيءَ کان پوءِ سنڌي هندن تي ڏاڍ ڏمر ڪجهہ گهٽ ٿيو. اهي هندو ان ڏينھن کان پوءِ گرونانڪ جي ويجهي ويا ۽ پاڻ کي نانڪي هندو سڏائڻ لڳا. اصل ۾ هڪڙن ڌارين کي ڪڍڻ لاءِ ٻئي ڌاريي کي گهرايو پئي ويو جيڪا ڪنھن بہ صورت ۾ سٺي ڳالھہ ڪونہ هئي پر ٻنھي ڪڏهن گڏجي پوجي ماتا کي ڌاريي لعنت کان آزاد ڪونہ ڪرايو ڊگهي ويڙھہ جو آغاز ڪنھن بہ نہ ڪيو.
ساڳئي طرح پير پاڳارو سنڌ جي آزادي جي جنگ وڙهي پيو تہ ٻئي پاسي سنڌ جو پڙهيل لکيل ڀائي بند ڪانگريس سان وڃي بيٺو. سنڌ جا مسلمان وڏيرا ۽ زميندار وري مسلم ليگ سان بيھي رهيا. پر سنڌ جي آزادي جي جنگ سان ٻئي ڌريون ڪونہ بيٺيون پير صاحب ڦاسي چڙهي ويو ۽ سندس لاش کي غائب ڪيو ويو انگريزن طرفان پير صاحب کي سرڪش ۽ حرن کي ڏوهي قرار ڏنو ويو پر مسلم ليگ ۽ ڪانگريس انگريزن جي ان عمل جي خالي مذمت بہ نہ ڪري سگهيا. 1947ع ۾ سنڌي پنھنجي سنڌي ڀاءُ کي گهر خالي ڪري وڃڻ کان روڪي بہ نہ سگهيا. ڌرتي ڇڏڻ مرڻ جھڙو صدمو آهي. پنھنجي جنم ڀومي ڇڏڻ گهر مال ملڪيت ڇڏڻ اذيتناڪ عمل هوندو آهي. پر افسوس اهو آهي تہ ست يا ڏھہ لک ماڻھو وطن ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويا پر وطن بچائڻ لاءِ وڙهي نہ سگهيا زر، زن ۽ زمين تي سر ڏيڻ بجاءِ خالي ڌرم بچائيندي پنھنجي هزارن سالن جي تاريخ مان هٿ ڪڍي ڪنھن اجنبي ڌرتي ڏانھن هليا ويا. پر پنھنجي ڌرتيءَ خاطر ڪا مزاحمت نہ ڪري سگهيا. رڍن جي ڌڻ جيان اڳتي منھن ڪري هليا ويا تہ وري واپس پنھنجي وطن ڏي منھن ورائي نہ ڏٺائون.
سنڌ جو زميندار اڪثر ڪري سرڪار جو دلال هوندو آهي دلاليءَ جي ڪري هن زمينداري هلندي آهي. باقي هتي رهندڙ اسي سيڪڙو کان مٿي مسلمان سنڌي جن ڌرم بدلائي دين جو رخ رکيو انھن ڇا پئي ڪيو؟ انھن هڪ لمحي لاءِ بہ پاڻ کان اهو سوال نہ ڪيو تہ هي ڪيڏانھن ويندا ۽ ڇا ڪندا سواءِ مذهب جي باقي سڀ شيون تہ ساڳيون آهن. اهو ئي وقت هو تاريخ سان ٽڪر کائڻ جو جيڪو ٻنھي ڌرين ٽڪر کائڻ بجاءِ ٺڳيءَ جي حڪم اڳيان پنھنجو سر نمائي تاريخ جي بدترين شڪست کي پنھنجي ڳچيءَ جو هار بڻائي قبول ڪيو ۽ تاريخ جي خطا صدين جي لوڙ ۾ تبديل ٿي وئي. ٻئي ٽولا غلامي کي قبول ڪندي پنھنجي روزمره جي ڪاروهنوار ۾ مصروف ٿي ويا.
سنڌي هوندي ٻنھي ٽولن سنڌ کي راھہ ۾ رولي پوئتي ڪنڌ ورائي ڪونہ ڏٺو انھن ۾ ڪي سيٺ ٿي ويا. ڪي وري ڪامورا ٿي ويا. سنڌ ٻنھي جي شيڊيول مان نڪري وئي رڳو ڪتابي الميو ٿي رهجي وئي. هن مھل تائين ڪنھن ڪوشش بہ نہ ڪئي تہ هي ڇا ٿي ويو. ڪنھن ڪٿي ڪٿي غلطيون ڪيون يا ڀلا اچو تہ ٻيھر جيان جوڙيون اهڙي ڪا بہ ڪوشش ڪڏهن بہ هن مھل تائين ڪونہ ٿي آهي ۽ نہ وري مستقبل قريب ۾ نظر اچي ٿي. گيپ گهڻو ٿي چڪو آهي ان کي ڀرڻ مشڪل نظر اچي ٿو پر ناممڪن ناهي.
ٻنھي طرفن کان ٻولي بہ ڪمزور ٿيندي پئي وڃي اڄ جو نئون نسل سنڌي ٻولي کان آهستي آهستي پري ٿيندو وڃي ٿو ۽ ان کان سواءِ سنڌي هندو ۽ سنڌي مسلمان وچ ۾ مذهبي تضاد اڃان تائين ڪر کنيو بيٺو آهي. سنڌ ۾ سنڌي مسلمان ڪيترو بہ روشن خيال هجي پر ان جي اندر ۾ ڪٽر مسلمان ويٺل هوندو آهي اهڙي طرح ڀائي بند بہ ڪيترو ئي ايڊوانس ڇو نہ هجي.
پر پوءِ بہ سنڌي مسلمان کي ڄٽ سمجهندو آهي انھي لڪير سنڌ جي زخمن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ وري سنڌي مسلمان پنجابي فوجي مذهب جي پوئواري ڪندي هندو ڇوڪرين جي مذهب تبديل ڪرڻ کي هڪ مشغلو بڻائي ڇڏيو آهي. انھي معاملي ۾ رياست، عدالت، پير، گادي نشين ۽ ملو هڪ پيج تي بيٺل آهن ان سان گڏ سنڌي معاشرو بہ ان جي حمايت ڪري ٿو ان سبب هندو ويچارو صرف رڙيون ڪري سگهي ٿو.
جنھن مان رياست ۽ ٻين کي ڪو ڀؤ ڀولو ڪونھي. پر سنڌ جي وحدت کي وڏو نقصان رسي ٿو اهو سڀ اٺين صدي کان هلندڙ ڏاڍ ڏمر جي ڪڙي آهي جنھن جو ننگو ناچ اڃا تائين جاري آهي. جنھن جي رستا روڪ سجاڳي سان گڏ پادر سان ٿيندي اهو عمل اها ڌر ڪري سگهي ٿي جيڪا سنڌ سان بيٺل هوندي باقي ڪٽي کائڻ وارن مان اميد ڪرڻ اجائي آهي اهي انھن حرامين کان بہ وڌيڪ خطرناڪ آهن.
ان سڄي صورتحال کي مدنظر رکندي سنڌي قومپرستن کي گهرجي تہ سنڌي قوم کان معافي وٺڻ پنھنجي ناڪامين جو اعتراف ڪن سنڌ جي اڳيان پنھنجي غلطين جي ازالي طور سڀ پنھنجا عھدا ڇڏي پنھنجا فرقا ختم ڪري هڪ پارٽي ۾ اچن سياڻن ماڻھن جي ڪاميٽي جوڙي نون طريقن موجب پارٽي اندر ۽ پاڻ ۾ ريفارمز آڻين نيئن پارٽي ٺاهڻ جي ضرورت ڪونھي اڳ ۾ ئي گهڻيون پارٽيون موجود آهن ٿيوري سان گڏ پريڪٽيڪل ۾ نتيجا ڏيڻ گهرجن. پارٽي اندر بي رحمانہ ٿيڻ گهرجي ادارن جي سائنسي بنيادن تي نيئن سر سان جوڙجڪ ٿيڻ گهرجي پارٽي جا سڀ پاسا صحتمند هئڻ گهرجن شخصيت پرستي جي ڪابہ گنجائش نہ هجڻ گهرجي ڪردار کي اوليت ڏئي بدڪردار جي ڪا بہ گنجائش ۽ معافي جو عمل مڪمل طور تي نہ هئڻ گهرجي. ڪتاب صرف هٿن جي زينت نہ پر پڙهڻ ۽ پڙهائڻ گهرجي ليڊر ۽ ڪارڪن جي زبردست نظرياتي تربيت هجڻ گهرجي سنڌ جي سياست ۽ رنگ نسل مذهبي متڀيد، جنس، فرقي ۽ تعصب کان پاڪ ڪري سنڌي سماج کي سيڪيولر بنائڻ گهرجي پارٽي اندر ميرٽ جي فارمولي تحت جيڪو محنت سان ڪم ڪري ان کي جمھوري طريقي سان مٿي اچڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ڪلاس کان مٿانھون علم ادب سائنس هاءِ ٽيڪ ڪٽنگ ايج ٽيڪنالاجي جو دور آهي ان مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي سيڪيولر سنڌ اندر مذهب هر ڪنھن جو ذاتي فعل آهي ان جي گهر اندر عمل ڪرڻ جي اجازت آهي باقي بندو ڄاڻي بندي جو خدا ڄاڻي. ڪنھن جي ذاتي زندگي ۾ ٽنگ نہ اڙائجي ٻئي ڪنھن جو واسطو ڪونھي هر ڪو پنھنجي حد ۾ رهي.